Monday, November 12, 2012

ڏوري ڏٺائين ڏيھه - انجنيئر عبدالوهاب سهتو

سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا: ڏوري ڏٺائين ڏيھه - انجنيئر عبدالوهاب سهتو:

ڏوري ڏٺائين ڏيھه



 عاشق منگيءَ جي ڪتاب ”ڏوري ڏٺم ڏيهه“ جو مهاڳ انجنيئر عبدالوهاب سهتو



مھاڳ  پڙھڻ لاءِ مٿي ڏنل لنڪ تي ٽڙڪ ڪيو

 ربِ ڪائنات، چئن عناصر مان جوڙيل جنهن پرٿويءَ...

Sunday, November 11, 2012

موهن جي دڙي کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي - پروفيسر مختيار سمون


موهن جي دڙي کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي
پروفيسر مختيار سمون
سنڌو ماٿريءَ جي عظيم اهڃاڻ، قديم تاريخ ۽ سنڌو سڀيتا جي لڳ ڀڳ پنج هزار سال پراڻي مرڪز موهن جي دڙي جي زبون حال آثارن کي خاص طور تي عيدن جي موقعي تي تفريح جي نالي ۾ سَرت ۽ ساڃاهه کان وانجهيل، اوباش ۽ غير سنجيده تماشبين نوجوانن جو هجوم، جنهن بيدرديءَ ۽ بي خياليءَ سان لتاڙيندو رهي ٿو ۽ وري جنهن لاپرواهي ۽ لاتعلقيءَ سان اهو تماشو لاڳاپيل حڪومتي ادارا صبر ۽ تحمل سان ڏسندا ۽ انهيءَ کي نظر انداز ڪندا رهن ٿا، انهيءَ تي جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي. موهن جي دڙي جا دريافت توڙي اڻ دريافت ٿيل آثار جيڪي تقريبن ۲۵۰ ايڪڙ ايراضيءَ تي ڦهليل آهن، اهي ۽ اتان کوٽائيءَ مان مليل شيون ۽ نشانَ سنڌ جي تهذيب، هتان جي رهاڪن جي رهڻي ڪهڻي، مهذبپَڻي، شهري منصوبا بندي، اناج جي ذخيره اندوزي، ڏيهي ۽ پرڏيهي سطح تي وَڻج واپار، آبپاشي، گندي پاڻيءَ جي نيڪال واري سرشتي ۽ انتظامي بندوبست جو اعليٰ ثبوت پيش ڪن ٿا، انهن حقيقتن جي پيشِ نظر عالمي اداري يونيسڪو، موهن جي دڙي کي ۱۹۸۰ع ۾ ”ورلڊ هيريٽيج سائيٽ“ جو درجو ڏنو، اسان لاءِ اها ڳالهه فخر جو سبب آهي ته اسان انهيءَ عظيم ورثي جا وارث ۽ والي آهيون پر انهيءَ جي تيزيءَ سان ٿيندڙ تباهيءَ کي نه رڳو حڪومتي ادارا پر اسان سڀئي پڻ خاموشي سان ڏسندا ۽ تسليم ڪندا رهيا آهيون، توهان کي اهو ڄاڻي حيرانگي ٿيندي ته موهن جي دڙي جي سائيٽ تي هيٺائين وارو علائقو جيڪو ان وقت هن شهر جو زندگي ۽ هلچل سان ڀرپور رهائشي علائقو هوندو هو ۽ هاڻي ايڇ آر، ڊي ڪي ۽ ڊي ڪي نارٿ ايريا جي نالي  سان سڃاتو وڃي ٿو، اهو تازو ٿيل برساتن ۾ سخت متاثر ٿيو آهي، ان جمع ٿيل برساتي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ حڪومت وٽ ڪو به جوڳو انتظام موجود نه هو، هن جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري دور ۾ اهو جمع ٿيل پاڻي مزدورن جي مدد سان بالٽين ذريعي ڪڍرايو ويو، مزدورن اهو برسات جو پاڻي هڪ جڳهه تان کڻي ساڳئي هنڌ تي ڪنهن ويجهڙائي واري جاءِ تي هاريو، جنهن سان پڻ وڌيڪ آثارن کي نقصان پهتو، ان قسم جي غير سائنسي ۽ بي ڌياني واري رويي سبب سم، ڪلر، اُس ۽ ٻين موسمي اثرن کان ضعيف آثارن کي بچائڻ جو ڪو جوڳو انتظام نه هجڻ ڪري، موهن جي دڙي جي تاريخي جاين جون تقريبن ۱۲۹ ڀِتيون جُهري ۽ جُهڪي پيون آهن، جن جي ڪِري پٽ ٿيڻ سان آثارن جي ميسارجي وڃڻ جو خطرو هميشه رهي ٿو. سنڌ اينيڪيوٽي ائڪٽ ۾ آهي ته آرڪيالاجيڪل ۽ تاريخي اهميت جي حامل اعلانيل ايريا ۾ ڪمرشل مقصد واري ڪنهن به پراجيڪٽ لاءِ کوٽائي نٿي ڪري سگهجي، ڇو ته ان سان تاريخي ماڳن جي اهڃاڻن کي خطرو لاحق هوندو آهي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي، جو ان قانون کي نظر انداز ڪندي موهن جي دڙي جي آثارن واري ايريا ۾ هڪ موبائيل فون ڪمپنيءَ جو ٽاور هنيو ويو آهي، جنهن لاءِ گَهري کوٽائي ڪئي وئي هئي، جيڪا پڻ هنن آثارن لاءِ خطرو بڻيل آهي، ۳ نومبر ۲۰۱۲ع واري ڪاوش اخبار ۾ عمر ڪوٽ جي تاريخي قلعي مان مغل دور جا سون ۽ چانديءَ جا ۳۴۷ ناياب سِڪا ڦُرجڻ جي خبر پڻ لاڳاپيل حڪومتي ادارن جي عدم موجودگي، بي ڌياني ۽ عوامي بيحسيءَ جي چِٽي تصوير پيش ڪري ٿي. موهن جي دڙي جي آثارن کي بچائڻ لاءِ جيڪي ٿوريون ڪوششون ٿيون به آهن ته اهي جديد ۽ ڪنزرويشن جي عالمي تقاضائن ۽ معيار موجب نه هجڻ ڪري، ڪو گهربل لاڀ نه ڏئي سگهيون آهن، مثال طور ڀُرندڙ ۽ ڀَڄندڙ ڀِتين ۽ اهڃاڻن کي بچائڻ لاءِ انهن کي موسمي اثرن کان محفوظ رکڻ لاءِ گاري جو ليپ ڪرايو ويو پر ان ۾ ڪَلراٺي مٽي هجڻ ڪري اهو گارو سڪي پاڻ سان گڏ سِرن جا چاپڙ پڻ لاهي ٿو ڇڏي، پَڪين ۽ ڪَچين سرن سان ٺهيل، هنن ڀِتين مان نڪتل ۽ ڪريل سِرن جي جاءِ تي نيون سرون لڳائي، انهن جي اصليت کي ختم ڪيو وڃي ٿو، موهن جي دڙي جي آثارن جي دريافت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ نامياري آرڪيالاجسٽ سَر جان مارشل جي اها گاڏي جنهن تي چڙهي، هن کوٽائي جي ڪم جي نگراني ڪئي هئي، اُها به هڪ عجوبي طور هتي موجود آهي ۽ بي ڌيانيءَ سبب تباهيءَ جي رستي تي گامزن آهي، جنهن کي پڻ مرمت ڪرائي بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي، وس وارن حڪومتي ادارن، تاريخي ماڳن جي بچاءَ لاءِ ڪم ڪندڙ سمورين تنظيمن ۽ عوام کي التجا آهي ته، هر ماڻهو پنهنجو ڪردار ادا ڪري، سنڌ جي هن عظيم تاريخي ۽ آرڪيالاجيڪل ماڳ کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

Monday, October 1, 2012

موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ ثقافت - ايڇ. ٽي ليمبرڪ


موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ ثقافت
سنڌو تهذيب- عروج ۽ زوال
ترجمو: سومار علي سومار سومرو
سنڌو تهذيب کي ٻين کان نمايان ۽ جدا ڪندڙ انتهائي لاجواب خصوصيت طور تسليم ڪيو ويو آهي، ان جي باوجود جڏهن به ان جو ڪو نئون مثال سنڌو ماٿريءَ جي ”بادشاهي شهر“ کان دور ۽ اڃا به وڌيڪ دور واقع ڪنهن علائقي مان ملندو، تڏهن اهو وري نئين سر آثار قديم جي ڳولائن لاءِ حيران ۽ متعجب ڪرڻ جو سامان مهيا ڪندو. ٺڪر جي ٿانون جي ساڳي شڪل ۽ صورت ۽ مٿن نڪتل ساڳين چٽن ۽ تصويرن جو بار بار ۽ باقائدگيءَ سان ايڏيءَ وڏيءَ ايراضيءَ ۾ ڦهليل شهرن مان لڀڻ، ماڻهوءَ جي دل ۾ الهندي يورپ ۾ ”سامائين“ برتنن جي وسيع ايراضيءَ ۾ دريافت جو خيال پيدا ڪري ٿو، پر ان مان هي نتيجو نٿو ڪڍي سگهجي ته سنڌوءَ جا ٺڪر وارا ٿانو خود سنڌو سلطنت ۾ شامل ٿيل علائقن ۾ تقسيم ڪرڻ جي غرض سان ڪو وڏي پيماني تي ٺاهيا ويندا هئا. مئڪي چوي ٿو ته ٺڪر جي ٿانون جي جنس کي خيال ۾ آڻيندي، معلوم پيو ٿئي ته ”موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي ماڻهن ۾ تخليقي  قوت جي انتهائي حد تائين ڪوتاهي ۽ ڪمي هئي“ (۱) پر حقيقت ۾ انهن وٽ تخليقي قوت جي شايد ايتريقدر ڪمي ڪانه هئي، جيتري اها دٻائي ويندي هئي يا ڄاڻي ٻُجهي ان جي حوصله شڪني ڪئي ويندي هئي. يعني ائين کڻي چئجي ته سنڌو لوڪن جي ماتحت ايراضين مان هر ايراضيءَ ۾، انهيءَ ”صنعت“ جي فن ۽ مهارت جي نظم ۽ ضبط جو ڪو مرڪزي ادارو باقاعدگيءَ سان ڪم هلائيندو هو ۽ سڄيءَ ”سلطنت“ ۾ هڪ مرڪز تان ٺڪر جي ٿانون جي تقسيم نه، بلڪه تربيت يافته ڪاريگرن جي تقسيم  ٿيندي هئي. اها ئي حالت ٽامي ۾ پتل جي اوزارن جي آهي. انهن اوزارن جا هر شهر ۾، جتان به اهي لڌا آهن، ساڳي قسم ۽ ماپ جا نمونا ڪم ۾ آندل ڏٺا ويا آهن ۽ هر هنڌ انهن جي هڪ ئي مقرر نمونن جي حد بندي رائج ملي آهي. اوزارن جي ٺاهڻ جي فن ۾ انهي حيرت انگيز ۽ عجيب هڪ جهڙائيءَ جا به ڪيئي مثال ڏيئي سگهجن ٿا. ان کان علاوه عام استعمال ۾ ايندڙ سڀني قديم شين جي ساخت ۾ ( مهرن وارن ”تعويذن“ کان علاوه) فني ۽ حرفتي مهارت، پروفيسر پگٽ جي قول موجب ڪڏهن به ماهرانه يڪرنگي کان مٿي نٿي پهچي. اهڙيءَ يڪسانيت جو سبب هن قياس ڪرڻ سان نهايت آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ٿو ته سنڌو سلطنت جي دور ۾ سندن هر هڪ هنر ۽ فن جو نظام انهيءَ فن سان وابسته جماعت هلائيندي هئي.

Monday, September 24, 2012

عڪس اجرا آهن - رياضت ٻرڙو


عڪس اجرا آهن
(اَي ائنڊ قِيو آرٽ گئلريءَ جو دَورو)
رياضت ٻرڙو

پهريون پهريون لفظ خدا جو
’ڪُن فيَڪُون‘!
شاعر، موسيقار، مصوّر
سڀ ۾ ساڳيو جوش جنون -
ڪُن فيَڪُون... 
(اياز)
اهو جوشُ، اهو جنون ڪهڙن نه خوش نصيب ماڻهن جي حصي ۾ آيو آهي! شاعرَ لفظن وسيلي هن ڪائنات جو اظهار بڻجن ٿا، موسيقارَ ان اظهار کي ترنم سان ملائي دنيا-واسين کي جھومائن ٿا ۽ مصور سنسار جي حسناڪيءَ جا روپ پَسائن ٿا.

Sunday, September 23, 2012

ڪتي جي قبر


ڪتي جي قبر
(سنڌ جو تاريخي ماڳ)
ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار
اڳوڻي لاڙڪاڻي ضلعي ۽ موجوده قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي جي تعلقي قمبر جي کيرٿر رينج جي ڏاڙهياڙي جبل جي چوٽيءَ تي واقع “ڪتي جي قبر” جي نالي سان هڪ پراڻو تاريخي ماڳ آهي. ڪتي جي قبر وٽ سنڌ ۽ بلوچستان جو دنگ هئڻ سان گڏ چانڊڪا جاگير جو به پڻ دنگ آهي، جيڪو لاڙڪاڻي ۽ قمبر کان اولهه طرف آهي. جتي ڪتي جي وفاداري ۽ فرمانبرداري جي دلچسپ ڪهاڻي آهي. اتي وڏي اهميت واري ڳالهه اها به آهي ته ڏاڙهياڙي جبل جي جنهن چوٽيءَ تي ڪتي جي قبر آهي، اتي جڏهن 1902ع ۾ انگريزن ڪوئٽا کان وٺي ڪراچي تائين کيرٿر جبل جي رينج جي سروي ۽ ماپ ٿي ڪئي ته ڪتي جي قبر واري ڏاڙهياري جبل جي چوٽي تي کيرٿر جبل جي رينج ۾ سطح سمنڊ کان اوچي ۾ اوچي وڏي چوٽي قرار ڏنو هيو، جيڪا ان زماني جي سروي ۽ ماپ موجب 72 سئو فوٽ (ست هزار، ٻه سؤ فوٽ) اوچي آهي. جڏهن ته کيرٿر جبل جي رينج ۾ سڀ کان وڌ ۾ وڌ ٿڌو ۽ سرد علائقو آهي. جيڪو گورک هل اسٽيشن کان به وڌيڪ ٿڌو ۽ سرد آهي ۽ سطح سمنڊ جي لحاظ کان گورک کان به وڌيڪ اوچو ۽ مٿي آهي. پر اسان جي بدقسمت اها آهي ته هن وقت تائين اتي پهچڻ لاءِ ڪو به سٺو ۽ سؤلو رستو ڪو نه آهي، جڏهن ته قمبر کان وڌ ۾ وڌ 60-70 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. جيڪڏهن روڊ رستا هجن ته ڪلاڪ، يا ڏيڍ ڪلاڪ جو فاصلو آهي. ٻي اسان سنڌ وارن جي اها بدنصيبي آهي جو هي علائقو سنڌ ۾ آهي، جنهن جي ڪري اهو علائقو ڪا به ترقي وٺي نه سگهيو آهي.

Saturday, September 22, 2012

نٿر جو دڙو - پروفيسر مختيار سمون

نٿر جو دڙو
لاڙڪاڻي ۾ هڪ اهم اهڃاڻ جي دريافت
پروفيسر مختيار سمون
سنڌ تاريخي طور مالي ذريعن جي شاهوڪاري سميت ثقافت، ٻولي، تاريخ ساز شخصيتن توڙي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن واري حوالي سان مالا مال ۽ دنيا ۾ سرخرو رهي آهي. سنڌو ماٿري جي تهذيب نه رڳو دنيا جي ٻين قديم ۽ مشهور تهذيبن جهڙوڪ ميسوپوٽيميا، مصري ۽ چيني تهذيبن جي همعصر رهي آهي، پر ڪيترن ئي ڳالهين ۾ انهن کان وڌيڪ اهم ۽ نمايان پڻ آهي. هن تهذيب جا اهڃاڻ نه رڳو پاڪستان جي ڌرتيءَ تي پر ان کان به اڳتي اتر افغانستان کان وٺي بمبئي ۽ ايران جي سرحدن کان وٺي دهليءَ جي در تائين ڪيترن ئي جڳهين تي ملن ٿا. سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي ٻن مرڪزن هڙاپا ۽ گهنوار والا (بهاولپور جي چولستان واري علائقي ۾) کان به وڏو مرڪز موهن جي دڙي جي روپ ۾ اڄ به سنڌ جي هنج ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڌرتيءَ تي اوچو ڳاٽ کنيو سنڌ جي خوبصورت تهذيب، شائستگي، ذهانت، پلاننگ ۽ خوشحاليءَ جو ساکي بڻيل آهي، جنهن جي درشن لاءِ دنيا مان ڪيترائي سياح سنڌ ۾ ايندا هئا. لاڙڪاڻي جي ڌرتيءَ تي موهن جو درو ته منڊيءَ ۾ ٽڪ جيان آهي پر ان کان علاوه به هتي تاريخي ۽ آرڪيالاجي جي اهميت وارا ٻيا به ڪيترا ئي دڙا، ماڳ مڪان، ڍنڍون ۽ ڍورا موجود آهن، جن جي مالڪي ۽ سار سنڀال نه پئي ڪئي وڃي. 1901ع کان 2004ع تائين واري لاڙڪاڻي ضلعي ۽ ڊسمبر 2004ع ۾ ان مان نڪتل قمبر- شهدادڪوٽ وارن ضلعن ۾ اڄ به ٽيهن کان وڌيڪ اهڙا ننڍا قديمي دڙا موجود آهن، جن جي کوٽائيءَ سان تاريخ جون ڪيتريون ئي دريون کلي، نون رازن، رمزن ۽ حقيقتن سان آشنا ڪري سگهن ٿيون، جيڪي پڻ هن ڌرتيءَ جي امرتا ۽ مهانتا جو مضبوط دليل ثابت ٿي سگهن ٿا. موهن جي دڙي کان علاوه ٻنهي ضلعن ۾ موجود ڪجهه دڙا جهڙوڪ، جهڪر جو دڙو، نندل شاهه جو دڙو، ولهيءَ جو دڙو، بڊام جو دڙو، دانبيءَ جو دڙو، راٻڙيءَ جو دڙو، پنجون دڙو، ڀنڀري جو دڙو، بگو دڙو، سون دڙو، ڪاروهر دڙو، نوزمان دڙو، ڏنگ ڀٽ جو دڙو، شهپور دڙو، ڏانهڙ دڙو ۽ نانگ دڙو پنهنجي اندر ۾ تاريخ جا ڪيترا ئي قصا سنڀاليو قدرتي آفتن، انساني بي حسي ۽ حڪومتي ادارن جي عدم دلچسپي ڪري تباهي ڏانهن ڌڪجندا رهن ٿا. سنڌ ۾ اهڙن تاريخي اهڃاڻن جي موجودگي جي اڻپوري سروي ۽ لاڳاپيل ادارن وٽ کوجنائي صلاحيت نه هجڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن اتفاق طور تي ظاهر ٿيندڙ تاريخي ماڳ پڻ محفوظ ٿيڻ واري خواب جي تعبير لاءِ منتظر رهن ٿا.

Tuesday, September 11, 2012

جُهڪر جو دڙو - امام راشدي


جُهڪر جو دڙو
امام راشدي
انهيءَ ۾ ڪو به سڪ ناهي ته سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب دنيا جي قديم ترين تهذيب ڄاتي وڃي ٿي. اهڙا هزارين اهڃاڻ سنڌ جي ڌرتيءَ تي موجود آهن، جن جي قدامت جو اندازو کوجنا مان لڳائي سگهجي ٿو. انهيءَ قديم تهذيب جو چٽو ثبوت، ”موهن جو دڙو“ آهي، جيڪو پنج هزار سال پراڻي تهذيب جو پختو دليل آهي.

Sunday, August 5, 2012

قنبر علي خان جون ڪجھ شخصيتون - رياضت ٻرڙو


قنبر علي خان جون ڪجھ شخصيتون
رياضت ٻرڙو
1.     رامچند چمناڻي

سائين رامچند چمناڻي قنبر جو انتهائي لائق ۽ هوشيار استاد ٿي گذريو آهي. رامچند ولد نامو مل ۲۸ آگسٽ ۱۹۱۱ع تي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم قنبر ۾ حاصل ڪئي. هُو ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر ۾ استاد طور مقرر هو ۽ هتان جي هوشيار استاد طور اڳوڻي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ بيحد مشهور هو. اسڪول ۽ امتحان جي نظم ۽ ضبط جو سخت پابند هو ۽ ٻين لاءِ به ايئن چاهيندو هو. هڪ ڀيري اسڪول جي ڪجھ استادن مٿس هڪ ڪُوڙو الزام هڻي، سندس بيعزتي ڪئي، جنهن تان ان ئي حالت ۾ هُو خانصاحب دوست محمد خان هڪڙي وٽ شڪايت کڻي ويو، جنهن ساڻس انصاف ڪيو ۽ ملوث استادن کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ کيس احترام ڏنو، پر پوءِ سائين رامچند چمناڻي قنبر ۾ وڌيڪ ترسي نه سگھيو ۽ رتي ديري هليو ويو، جتي سندس آجيان گلن جي ورکا سان ڪئي وئي. هن پوءِ لاڙڪاڻي ۾ سرڪٽ روڊ لڳ رهائش اختيار ڪئي.

Friday, August 3, 2012

لاڙڪاڻي ۾ تترن جو شوق - جيئل اوڏ


لاڙڪاڻي ۾ تترن جو شوق
جيئل اوڏ
لاڙڪاڻي ۾ ۵۰ سال اڳ ”طوفان ميل هوٽل“ هيو ۽ ان هوٽل جي مناسبت سان ان چوڪ کي به ”طوفان ميل چوڪ“ سڏيو ويندو هيو. (هينئر ان چوراهي کي پاڪستان چوڪ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو). هوٽل جي مٿان هڪ بورڊ لڳل هيو ان تي پراڻي وقت واري ريل گاڏي طوفان ميل جي تصوير ٺھيل هئي جنھن کي ڪاري انجڻ لڳل هئي ۽ ڪارو دونھون ڇڏيل ڏيکاريل هو. طوفان ميل هوٽل کان پوءِ اُتي ئي هڪ ٻيو هوٽل جڙيو ۽ اهو ”المدينه“ جي نالي سان مشھور ٿيو. ڪافي وقت هليو، سندس ماني ۽ چانھه تمام سٺي هئي ۽ آخر ۾ اهو هوٽل بند ٿي ويو، هينئر ان جاءِ تي ”سروس شوز“ وارن جو ڪسٽمر سروس سينٽر موجود آهي.

لاڙڪاڻي جا خفتي ۽ گوئر - جيئل اوڏ


لاڙڪاڻي جا خفتي ۽ گوئر
جيئل اوڏ
لاڙڪاڻي جتي ناميارن سياستدانن، ڏاهن، علم دوستن ۽ ڪلاڪارن کي جنم ڏنو، اُتي وري ڏاندن ۽ ڪُڪُڙن جي شوقينن به جنم ورتو. ڀلا گوئر ڏاند ۽ ڀلي نسل جي ڪُڪُڙن کي ڌارڻ ۽ تيار ڪري وڏن وڏن ميلن ۾ وڏين شرطن تي ويڙهائڻ سندن شوق رهيو. ڪڪڙن جي اهڙن شوقينن کي ”خفتي“ به چيو وڃي ٿو، خفتي جي لغوي معنى آهي (ويڙهائڻ لاءِ پکي پاليندڙ يا سانڍيندڙ)، هونئن به ڏٺو وڃي ته ميل کان سواءِ به ڪڪڙن اسان جي سماجي ۽ معاشرتي زندگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

فنِ مصوري ۽ لاڙڪاڻي جا مصور - جيئل اوڏ


فنِ مصوري ۽ لاڙڪاڻي جا مصور
جيئل اوڏ
الله تعالى جي پوري ڪائنات سج، تارا، ڪتيون، سمنڊ، درياء، ڍنڍون، ڍورا، تلاءِ، زمين، جبل، چشما، آبشار، پھاڙن مٿان ساوڪ، وڻ، ٻوٽا، ماٿريون، خوش نما نظارا، آبي جانور، فضا ۾ پرواز ڪندڙ ننڍا وڏا پکي ۽ ساهه وارا، ساوڪ ڀريا کيت، زمين مٿان خشڪ وارياسا برپٽ، آسمان تي ڪڪر، انھن جي ٽڪرجڻ سان وِڄ جو ٺھڻ، ستن رنگن کي ظاهر ڪرڻ واري برسات دوران انڊلٺ (Rainbow)، تيز طوفان واچوڙا، چانڊوڪي رات (چوڏس) خوش نما باغ باغيچا ۽ ان ۾ قسمن قسمن جا گل، جدا جدا رنگن ۾ هجڻ جن جي ڏسڻ سان انسان تمام خوشي ۽ سرهائي محسوس ڪري ٿو. ان سڄي مانڊاڻ جو خلقڻھار هڪ آهي، ڪي ان کي الله چون ڪي ڀگوان، ڪي ايشور، پرميشور، ڪي رام ته ڪي گاڊ (God) جي نالي سان سڏين. آهي هڪڙو پر سڀ پنھنجي عقيدي مطابق جدا جدا نالن سان ان کي ياد ڪن ٿا.

سنڌي دائي ۽ سندس لوڪ علاج تاريخ جي آئيني ۾ - جيئل اوڏ


سنڌي دائي ۽ سندس لوڪ علاج تاريخ جي آئيني ۾
جيئل اوڏ
سنڌ هڪ زرعي علائقو آهي ۽ ۸۰ سيڪڙو رهواسي هارپ جو ڪم ڪن ٿا، جيڪي شهر کان پري پنهنجي ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ بلڪل خوش نظر اچن ٿا، هينئر ته هر ننڍي ۽ وڏي ڳوٺ ۾ بجلي به پهچي ويئي آهي. روڊ ۽ رستا به ٺهي ويا آهن، هرهڪ ڳوٺ ۾ هوٽل ۽ انهن ۾ T.V ۽ ڊش موجود آهي. پر پوءِ به ڳوٺاڻا ٻين گهربل سهوليتن کان دور آهن.

لاڙڪاڻو- يادن جو سفر - جيئل اوڏ


لاڙڪاڻو- يادن جو سفر
جيئل اوڏ
منھنجو ٻالڪپڻو ڌنا سنگهه گهٽي نزديڪ پراڻي اناج منڊي ۾ گذريو، ٿورو عرصو رهڻ بعد اها جاءِ ڇڏي برهمڻ حويلي نزد کٽاڻ بازار ۾ رهائش ٿي. پنھنجي حياتيءَ ۾ ننڍپڻ کان وٺي هن وقت تائين جيڪو مون ڏٺو، محسوس ڪيو سو هن پيپر ۾ پيش ڪيو اٿم.
لاڙڪاڻي جي سٻاجهڙن، سادن سودن، محنت ڪـَشن جو ذڪر آهي جن هتان جي عوام جي خدمت ڪئي، لاڙڪاڻي کي خوشحال ۽ پُر رونق بنائڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي. ڪردار بلڪل نوان آهن ۽ هِننِ تي اڳ ۾ شايد ڪنھن به قلم نه کنيو آهي، هي سڀ لاڙڪاڻي جي تاريخ جو هڪ حصو آهن، اميد ٿو رکان ته منھنجي هن غريباڻي پورهئي کي پسند ڪيو ويندو.

Thursday, August 2, 2012

سنڌ جا گاھ - جيئل اوڏ


سنڌ جا گاھ
جيئل اوڏ
سنڌ هڪ زرخيز ۽ زرعي علائقو آهي. هت پوک جا آثار صدين کان ملن ٿا ۽ چوپائي مال جي پالنا جي پروڙ به موهن جي دڙي جي تھذيب کان ٿي ملي. آڳاٽا لوڪ ڌڻ ڌارڻ سکيا ۽ چوپائي مال جي کير، ڏڌ، مکڻ ۽ گوشت تي سندن گذران هو. سنڌيءَ ۾ پھاڪو آهي ته “ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي.” ڌڻي لفظ جي به اصل معنيٰ هئي “ڌڻ وارو” ۽ پوءِ “ڌني”  معنيٰ ته ڌن وارو يا شاهوڪار. ڌڻي معنيٰ مالڪ (ڪھڙي به ملڪيت جو) ۽ ڌنار (ڌڻار) معنيٰ ڌڻ وارو. اڳي  ماڻھو ڀاڳ وارو سمجھندا ئي انھيءَ کي هئا، جنھن وٽ ڳئون، مينھون، رڍون ۽ ٻڪرين جا ڌڻ هوندا هئا. اڄڪلھ به سنڌ جي ٻھراڙين ۾ مال وندن کي ڀاڳيا ( ڀاڳ وارا) به سڏيو ويندو آهي.

پنهنجو لاڙڪاڻو - جيئل اوڏ


پنهنجو لاڙڪاڻو
(وسريل ماڳ ۽ ڪردار)
جيئل اوڏ

لاڙڪاڻي جي تاريخ تي گھري نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته هن باغن جي شھر ۽ سندس ماڻھن قدرتي ۽ هٿ ٺوڪي نموني سان ڪھڙيون ڪھڙيون تڪليفون ڏٺيون:

۱۹۲۰ع ڌاري لاڙڪاڻه وچ شھر ۾ باهه لڳي جنھن ۾ وڏو معاشي نقصان ٿيو ۽ لاڙڪاڻي جي سونھن کي ڪافي ڌڪ لڳو. ان واقعي کانپوءِ لاڙڪاڻي ۾ آنند شيوا منڊلي جو بنياد پيو.
۱۹۲۹ع ۾ قدرتي وبا ڪالرا جي بيماري پئي ۽ ان ۾ لاڙڪاڻي جا ڪيترا ڪونڌر مري ويا ۽ گهرن جا گهر اجڙي ويا. ڪيترائي سماجي ۽ مخلص ڪارڪن هن وبا دوران خدمت ڪندي وفات ڪري ويا، جن ۾ ريجهو مل به هڪ هو.

Tuesday, July 31, 2012

فورڊ واهه - جيئل اوڏ


فورڊ واهه
وسريل ورق
جيئل اوڏ
ميان الياس محمد جي وفات کانپوءِ سندس پٽ ميان شاهه علي عرف شاهل محمد ڪلھوڙو مسند نشين ٿيو. هن کي زراعت سان گهڻي دلچسپي هئي، هن لاڙڪاڻي جي ڀرسان وهندڙ قدرتي ڦاٽ کي نئين سر کوٽائي، هڪ وڏو عاليشان واهه بڻايو.
گهاڙ واهه، لاڙڪاڻي ضلعي جو وڏو واهه هيو، جيڪو درياءَ مان نڪري نئون ديرو، ماهوٽا، لھڻو سامٽيه، شاهه يارو، عاقل ۽ گانگڙو ڳوٺن جو پاسو ڏيئي، نانگ وانگر ور وڪڙ ڏيندو، ڪڏهن اوڀر، ڪڏهن ڏکڻ ته ڪڏهن اولهه طرف وهندو، پير شير وٽان ٿيندو لاڙڪاڻي شھر ۾ داخل ٿئي ٿو. ڊي سي اسڪول جو اوڀر وارو پاسو وٺي، جيلس بازار ڀرسان وهي، پراڻي اناج منڊي جو اُتريون پاسو وٺي، گيان باغ جي ڏاکڻي پاسي کي ڇھندو، ميونسپل هاءِ اسڪول جي ڀر وٺي، وهڪرو ڪري اولهه طرف ڏي اڳتي وڌي وڃي ٿو. هي واهه، ضلعي لاڙڪاڻي جي وڏي حصي کي آباد ڪندو هو.

Friday, July 27, 2012

لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪجھ ليکڪ - رياضت ٻرڙو

لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪجھ ليکڪ
رياضت ٻرڙو
لاڙڪاڻو ضلع، سنڌ جو ھڪ وڏو ۽ اھم، مردم خيز ضلعو رھيو آھي. منجھس ڪيئي ستارا پيدا ٿيا. منجھانئن نموني جي مٺ طور ڪن جو مذڪور ھيٺ ڏجي ٿو.

1.     احمد علي ’صابر‘ چانڊيو
احمد علي ’صابر‘ چانڊيو سينئر شاعر آهي. هن مضمون، ناول، ڪهاڻيون، رپورٽون ۽ اسٽيج ڊراما پڻ لکيا آهن. احمد علي ولد نواب خان چانڊيو ۱۴ جولاءِ ۱۹۵۲ع تي، ميرو خان تعلقي جي ڳوٺ ڇاڄڙي ۾ پيدا ٿيو. ۱۹۶۰ع کان ۱۹۷۵ع تائين سندس ڪٽنب قُبي سعيد خان ۾ ۽ ۱۹۷۵ع کان ۲۰۰۰ع تائين شهدادڪوٽ ۾ رهيو، جنهن کان پوءِ هو لاڙڪاڻي لڏي آيو. ان وچ ۾ هو ۲۰۰۶ع ۾ حيدرآباد ۾ به رهيو. هاڻ هُو لاڙڪاڻي واسي آهي. هن ايم.اي سنڌي، ايم.اي سياسيات ۽ ايل.ايل.بِي جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ مختلف ملازمتون ڪندي، ۲۰۰۸ع ۾ انجنيئرنگ سپروائيزر طور رٽائر ڪيو.

Wednesday, June 27, 2012

لاڙڪاڻو شاعرن جي نـظر ۾ - منظور سولنگي


لاڙڪاڻو شاعرن جي نـظر ۾
منظور سولنگي
اگر بيني بھشت اندرزمانه،
بيا سير کن در لارکانه.
“لاڙڪاڻو”، سنڌ جي تاريخ ۾، لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو، “سنڌ جو عدن” طور معروف آهي. نئين تھذيب تمدن ۾ به پنھنجو ثاني نه ٿو رکي. موهن ۽ جُهڪر جا دڙا هن جي شاندار ماضي، تھذيب ۽ زرخيزيءَ جا زنده گواهه آهن. سونھاري سنڌ جو هي زرخيز خطو نه صرف تاريخي حوالي سان، پر علمي ۽ سياسي ميدان ۾ به شاندار ورثو محفوظ رکي ٿو. کيس شھيدن جي ڌرتي سڏيو وڃي ٿو. جيڪڏهن سندس علمي ادبي تاريخ جي ورق گرداني ڪبي ته، هتان جا عالم اديب پنھنجي فڪر، علمي لياقتن ۽ خدمتن جي ڪري ڏيھان ڏيھه مشھور هيا آهن. سندن روشن ڪيل علمي قنديلن جڳ کي منور ڪري ڇڏيو آهي.

Sunday, June 24, 2012

لاڙڪاڻي جا صاحبِ ڪتاب ڪهاڻيڪار - جيئل اوڏ


لاڙڪاڻي جا صاحبِ ڪتاب ڪهاڻيڪار
جيئل اوڏ
لاڙڪاڻي جي ڪھاڻيڪارن جا تمام وڏا نالا آهن، انھن ۾ اهي ڪھاڻيڪار به آهن جن جي ڪھاڻين جا مجموعا شايع ٿي نه سگهيا آهن. انھن ۾ ڪيترا ئي صاحب حيثيت به آهن پر خبر نه آهي ته انھن ڪتاب شايع ڇونه ڪرايا آهن. ۽ انھن جون ڪھاڻيون ماهوار ايندڙ رسالن جي زينت بڻجن ٿيون. خاص ڪري ماهوار ”سوجهرو“ جنھن ۾ محترم اختر جانوري جون ڪھاڻيون لاڳيتو ڇپجنديون رهن ٿيون. پاڻ پراڻا ليکڪ آهن پر سائين جن جو مڪمل ڇپيل ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيل ڪونهي. ڪھاڻيڪار مرحوم انور پيرزادي جو به ڪھاڻين جو ڇپيل ڪتاب موجود ڪونهي. ٻين ڪھاڻيڪارن، جھڙوڪ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ذوالفقار راشدي (پير جو ڳوٺ)، مختيار سمون،  امان راهي، قدير شيخ، انور جوکيو، مختيار جانوري، ممتاز عباسي، اشفاق منگي، اصغر سنڌي، عادل عباسي، رضوان گل، جھانگير عباسي، محمد علي پٺاڻ، غلام مصطفى مشتاق، ممتاز ابڙو، يامين بلوچ، عنايت ميمڻ، عامر ميمڻ، اشتياق انصاري، بدر ڌامراهو، اياز گاد، منظور جوکيو، شبنم موتي ڌيءَ عبدالمنان قاضي وڪيل. ٻن مجموعن جيتريون ڪھاڻيون سرجيندڙ مرحوم غلام سرور منگي ڳوٺ نئين گُڏ ڏوڪري جو رهواسي. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترا ئي ڪھاڻيڪار هوندا جن جا نالا مون کي ملي نه سگهيا ۽ جيڪي ڪھاڻين جا ڪتاب ڇپجي نه سگهيا آهن يا اهي ڪتاب منھنجي نظر مان گذري نه سگهيا آهن، ان لاءِ آءٌ معذرت خواهه آهيان. باقي جيڪي صاحبِ ڪتاب ڪھاڻيڪار آهن تن جو ذڪر هيٺ پيش ڪجي ٿو.

لاڙڪاڻي جا لعل - منظور سولنگي

لاڙڪاڻي جا لعل
عالم، شاعر ۽ اديب
منظور سولنگي
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، جنھن جي سرسبزي، زرخيزي ۽ شادابي ڪري کيس ”سنڌ جو عدن“ سڏيو وڃي ٿو، تاريخي، ثقافتي حيثيت ۾ پنھنجو مٽ پاڻ رهيو آهي؛ جنھن جي ساک موهن جو دڙو ڀري رهيو آهي. هن مردم خيز مٽيءَ مان قديم زماني کان ڪيئي ناليرا بزرگ، عالم، شاعر، اديب ۽ فنڪار پيدا ٿيا آهن، جن پنھنجن شعبن ۾ محنت ۽ مشقت ڪري پنھنجو ۽ پنھنجي ديس جو نالو روشن رکيو آهي. ”هن ضلعي هر تحريڪ ۾ سنڌ جي اڳواڻي ڪئي آهي. هجرت تحريڪ لاڙڪاڻي مان هلي، مھاجرن جي پھرين اسپيشل ٽرين لاڙڪاڻي مان هلي . پھرين خلافت ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ ٿي. خلافت جي مھاجرن جي پھرين قافلي جو اڳواڻ رئيس جان محمد جوڻيجو لاڙڪاڻي جو هو. سنڌ مُحمدن ايسوسيئيشن، جنھن چاليھه سال سنڌ جي مسلمانن جي سياسي رهنمائي ڪئي، تنھن جو صدر لاڙڪاڻي جو سر شاهنواز ڀٽو هو. سنڌ کي آزاد صوبي بنائڻ جي تحريڪ جو اڳواڻ خان بھادر کھڙو به لاڙڪاڻي جو هو.

لاڙڪاڻي جا ايم فل ۽ مونوگراف - منظور سولنگي


لاڙڪاڻي جا ايم فل ۽ مونوگراف
سنڌي تحقيقي ادب ۾ لاڙڪاڻي جو حصو
منظور سولنگي
انسان اورچائي وسيلي ئي ڪاميابيءَ جي منزل ماڻي ٿو. اها محنت ئي آهي، جنھن جي سھاري سان کوج ۽ لوچ ۾ رات ڏينھن هو رڌل ۽ ريڌل رهي ٿو. تان ته ڪنھن نتيجي تي ترت پھچي، پنھنجي ڪارائتي راءِ سان حقيقت کي آشنا ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهي. هونئن به حقيقت کي حاصل ڪرڻ لاءِ سخت پورهئي ۽ نرمل نظر جي ضرورت پوي ٿي. دنيا ۾ اهي ئي ڪامران ۽ ڪامياب ماڻھو ليکيا وڃن ٿا، جن پگهر جي پورهئي سان حق ۽ سچ جي ڳولھا ڪئي آهي ۽ پاڻ پتوڙيو آهي.

لاڙڪاڻي جا عالم ۽ پي ايڇ ڊي - منظور سولنگي


لاڙڪاڻي جا عالم ۽ پي ايڇ ڊي
سنڌي تحقيقي ادب ۾ لاڙڪاڻي جو حصو
منظور سولنگي
سنڌ جي تاريخ ۾ لاڙڪاڻو هڪ منفرد مقام رکي ٿو. هر دؤر ۾ هن خطي جي ماڻھن اعلى بصيرت ۽ سوچ جو عملي ثبوت ڏنو آهي. لاڙڪاڻو جتي سياسي اعتبار کان پاڪستان جو محور رهيو آهي، اتي علم ادب جي ميدان ۾ به هتان سنڌي ساهتيه جو سج اڀريل ڏسڻ ۾ آيو آهي. وڏا قربدار مخلص ۽ اعلى گڻن وارا انسان هن مردم خيز زمين تي آباد آهن، جيڪي نه فقط پنھنجي زبان سان سچا ۽ مخلص آهن پر انسان ذات جي ڪم اچڻ ۽ مدد ڪرڻ ۾ پڻ اڳ کان اڳرا رهيا آهن. هتان جي سڀاڳي سرزمين اهڙا ادبي گوهر پيدا ڪيا آهن، جن جون ڪيل خدمتون سنڌي ادب ۾ مثالي حيثيت جون حامل آهن.

Saturday, June 23, 2012

ڪبوتر ۽ لاڙڪاڻي جا ڪبوترباز - جيئل اوڏ


ڪبوتر ۽ لاڙڪاڻي جا ڪبوترباز
جيئل اوڏ
هي هڪ مشھور پکي آهي. هن کي سنڌي لغات مطابق ڪبوتر، پاريھر، پاريھل، پاريل ۽ پاريلو، اردو ۾ ڪبوتر، هندي ۾ ڪـَپوت، بنگالي ۾ ڪوبُوتور، بلوچي ۾ ڪَپودر، پشتو ۾ ڪونتره، پنجابي ۾ ڪبوتر، ڪشميري ۾ ڪُوتُر، فارسيءَ ۾ ڪبوتر، عربي ۾ حمام، انگريزي “Pigeon” پِجن ۽ براهوي ٻوليءَ ۾ ڪَپوت-پيغام رسيفوڪ چيو وڃي ٿو.
هي امن، پيار ۽ پيغام جو پکي آهي. ڏسڻ ۾ معصوم ۽ نازڪ پر وقت سان وڏو بھادر ۽ دلير آهي. هن جا ڪارناما تاريخ جي بابن ۾ سونھري اکرن سان لکيا ويا آهن. هن پنھنجي ڊيوٽي پيار جو قاصد بڻجي ڏني ۽ پيغام رسانيءَ ذريعي پنھنجي جان جي به پرواهه نه ڪري جنگ دوران پنھنجي قوم جي لکين فوجي سپاهين جون زندگيون بچايون.

Tuesday, June 19, 2012

سنڌي ادب جو بودلو بهار: ذوالفقار راشدي - پروفيسر نذير احمد سومرو


سنڌي ادب ۽ شاعري جو بودلو بهار: ذوالفقار راشدي

پروفيسر نذير احمد سومرو
مختصر تعارف:
پورو نالو:
سيد ذوالفقار علي شاهه،
ادبي نالو:
ذوالفقار راشدي
ولد:
سيد محمد امام شاهه راشدي
جنم ڏڻ:
10 مارچ 1938ع،
جنم ھنڌ:
پير جو ڳوٺ لڳ نئون ديرو (تعلقو رتوديرو ضلعو لاڙڪاڻو)
ابتدائي تعليم:
وڳڻ، لاڙڪاڻو ۽ نئون ديرو مان
تعليم:       
بي اي، ايل ايل بي
سماجي حيثيت:
پنهنجي موروثي گاديءَ جو اٺون پڳدار
ادب ۾ شعبو:     
شاعري ۽ تنقيد
لکڻ جي شروعات:
1949ع، شاعريءَ سان
پهريون ڇپيل شعر:
ماهوار “اسان جي منزل” (دادو) ۾ 1952ع ۾ ڇپيو
صحافتي حيثيت
ايڊيٽر هفتيوار اخبار “هاري” 1953ع کان 1954ع
ايڊيٽر ۽ پبلشر:
هفتيوار “مذهب انسانيت” 1960ع
ڇپيل ڪتاب:
1- سوچ کي لوڇ (شاعري مجموعو) 1982ع   2- ڪسوٽي (تنقيد) 1986ع
وفات:    
26 آگسٽ، 1986ع