عڪس اجرا آهن
(اَي ائنڊ قِيو آرٽ گئلريءَ جو دَورو)
رياضت ٻرڙو
’ڪُن فيَڪُون‘!
شاعر، موسيقار، مصوّر
سڀ ۾ ساڳيو جوش جنون -
ڪُن فيَڪُون...
(اياز)
اهو جوشُ، اهو جنون ڪهڙن نه خوش نصيب ماڻهن جي حصي ۾ آيو
آهي! شاعرَ لفظن وسيلي هن ڪائنات جو اظهار بڻجن ٿا، موسيقارَ ان اظهار کي ترنم سان
ملائي دنيا-واسين کي جھومائن ٿا ۽ مصور سنسار جي حسناڪيءَ جا روپ پَسائن ٿا.
شاعر، موسيقار ۽ مصوّر حقيقت کان به آگاهه ڪن ٿا، ته تصور
جي دنيا به جوڙن ٿا. هنن وٽ سگهه آهي هن دنيا کي سمجھڻ جي به، ته ان کي سهڻو بڻائڻ
جي به. هنن وٽ نظر آهي ماڻهوءَ جي من جي اونهائين ۾ وڃي ان حسن کي ڏسڻ جي، جيڪو
عشق جِي سونهن کي سمايون ويٺو آهي.
اهڙو ئي هڪ ڀلوڙ مصورُ، منهنجو دوست، انجنيئر شفقت حسين وڌو
به آهي، جيڪو آهي ته آبپاشي جهڙي مصروف کاتي ۾ هڪ وڏي پوسٽ تي مقرر، پر هن پنهنجين
ججھين مصروفيتن مان وقت ڪڍي، نه رڳو ۲۰۰ جي لڳ ڀڳ ننڍن وڏن ڪئنواسن تي خوبصورت
تصويرون چِٽيون آهن، پر پنجن بهترين ڪتابن جا ترجما به ڪيا آهن. جھڙوڪ: خليل جبران
جي پهرئين شعري مجموعي جو ترجمو ”آبشار“، رِيڊرس ڊائجيسٽ جي چونڊ مضمونن جو ڪتاب
”ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟“، فٽز جيرالڊ پاران انگريزي ۾ ترجمو ڪيل عمر خيام جي
رباعين جو سنڌي ترجمو ”ٻه ٽي جام پيئڻ کان پوءِ“، ٽيلر ڪالڊويل جي مشهور ناول جو
ترجمو ”ڳولا“ ۽ سنڌي جي مشهور شاعر شيخ اياز جي دعائن جي مجموعي ”شاعريءَ جو سجدو“
جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ”Prayer of Poetry“.
پهريان قنبر ۾ ۽ پوءِ هتي لاڙڪاڻي ۾ وقتاً فوقتاً شفقت صاحب
سان ملاقاتون ته ٿينديون رهيون، پر مان گذريل هڪ سال کان ارادي ۾ هيس ته لاڙڪاڻي
جي دوستن سميت، پنهنجي مصور ۽ مترجم دوست انجنيئر شفقت حسين وڌي جي آرٽ گئلري
گھمجي، جيڪا هن گھڻي محبت ۽ وڏي محنت سان هڪ ڪُنڊائتي تعلقي شهدادڪوٽ ۾ پنهنجي ڳوٺ
چاڪياڻي ۾ قائم ڪئي آهي. پر گئلري گهمڻ جو اهو ارادو ڪنهن نه ڪنهن ڪارڻ عمل هيٺ نه
پئي آيو. نيٺ دوستن کي چيم ته ڪيئن به ڪري چاڪياڻي هلڻو آهي ۽ گئلري گهمڻي آهي. شفقت
صاحب کي پروگرام ٻڌائي ڇڏيم. ان ريت، آچر تي پنهنجن ٽن اديب دوستن فياض لطيف،
احسان دانش ۽ رضوان گل سميت، فياض جِي ’ڪَلٽس‘ ۾ روانا ٿياسين. سِي اين جِي هڪ
ڏينهن جي بندش کان پوءِ صبح جو کُلي هئي، پر رش گھڻي هئي. اتي ڪلاڪُ ٻه ڪلاڪَ واري
جي انتظار ۾ وقت وڃائڻ بدران پيٽرول ڀرائي روانا ٿياسون. لاڙڪاڻي کان شهدادڪوٽ
ويندڙ ۳ رستا هئا: هڪ قنبر کان شهدادڪوٽ، جيڪو پراڻو رستو آهي ۽ گذريل چئن سالن
کان ٺهي رهيو آهي ۽ ماڻهو مٽيءَ ۽ ڀڳل ٽٽل روڊ جي حالت جي ڪري وڏي عذاب ۾ آهن، ٻيو
ميروخان ۽ سجاول کان ٿيندي رتيديري-شهدادڪوٽ واري موٽر وي وارو روڊ، جنهن سان اسان
جو اڳ ۾ سفر ڪيل نه هو ۽ ٽيون رستو رتيديري کان ئي ساڳو موٽر وي وارو، پر لاڙڪاڻي
کان رتيديري تائين روڊ جي حالت به خراب آهي ۽ اهو روڊ به ”ٺهي“ رهيو آهي. اها سڄي
پ پ پ گورنمينٽ جي مهرباني آهي جو اهي ويهن، ٽيهن ڪلوميٽرن جي ڊيگهه وارا روڊ
گذريل چئن سالن کان ٺهِي نه ٿا ٺهن ۽ ماڻهو ويچارا ويڌن ۾ آهن.
خير، شفقت صاحب جي صلاح موجب ميروخان-سجاول وارو رستو
اختيار ڪيوسين. هن روڊ جي حالت به بيماريءَ جو شڪار ٿيندڙ مريض جهڙي هئي. ڪار ۾
اڳيان ٻئي ”ڊاڪٽر“ صاحب ويٺا. فياضُ سنڌ جي آوازَ شيخ ايازَ جي شاعريءَ ۾ جماليات
جي موضوع تي پِي ايڇ.ڊِي ڪري پيو ۽ احسانُ سنڌ جي ڀٽائي گهوٽَ
شاهه لطيف جي شاعريءَ جي سماجي ڪارج تي پِي ايڇ. ڊِي ڪري رهيو آهي. پُٺينءَ سيٽ تي
اسان ٻئي ”بي ڊاڪٽر“ ليکڪ رضوان گل ۽ مان. رضوان به سٺا ڀوڳ چرچا ڪندو آهي، سو
اسان ٻنهي گڏجي ”ڊاڪٽرن“ تي ڀوڳن جا ڊرون ”حملا“ شروع ڪيا. هُو به جوابي ميزائيل
فائر ڪندا رهيا. ان ريت کِل ڀوڳ ۾ سفر جاري رهيو. اڌ ڪلاڪ کن ۾ ميروخان پهتاسون.
ميروخان جو هڪَ شهر طور ته حال پورو سارو آهي، پر هتان جيڪي نامور شخصيتون ٿي
گذريون آهن، تن مان ”عالمن جو آفتاب“ علامه غلام مصطفى قاسمي صاحب جڳ مشهور عالم
ٿي گذريو آهي، جنهن جو سنڌي علمي ادبي شخصيتن سميت مذهبي عالمن ۾ وڏو رتبو آهي.
اسان سڀني کيس tribute پيش ڪيو. ميروخان ۾ مذهبي انتهاپسندي به
گھڻي آهي، جنهنڪري محرم الحرام مهيني ۾ هن شهر کي حساس شهرن ۾ شامل ڪيو ويندو آهي.
پڇڻا نه منجھڻا. ميروخان مان سجاول جوڻيجي جو رستو
پڇايوسون. ڏَس مليو ته اڳيان گورنمينٽ ڪاليج وٽان، قنبر واري روڊ جي مخالف طرف
ويندڙ رستو وٺون، جيڪو مشرف دَور ۾ ٺاهيل نئين تعلقي سجاول جوڻيجو ڏانهن پئي ويو.
سن ۲۰۰4ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي کي ٽوڙي ”قنبر-شهدادڪوٽ“ ضلعو
سياسي رشوت طور ٺاهيو ويو هو ته نئين ٺاهيل ضلعي ۾ چار تعلقا قنبر، شهدادڪوٽ،
ميروخان ۽ وارهه شامل ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ انهن چئن تعلقن کي وَڍي ٽُڪي ٽي نوان
تعلقا نصيرآباد، قُبو سعيد خان ۽ سجاول جوڻيجو ٺاهيا ويا هئا.
سو، ٻُڌايل ٽِه واٽي کان سجاول جوڻيجي وارو روڊ ورتوسين. ٿورو
اڳيان ئي گورنمينٽ ڪمپوزٽ ڪاليج ميروخان کي گاڏيءَ مان ئي ڏٺوسين. هي ڪاليج به سنڌ
جي ننڍن شهرن جي ڏتڙيل ڪاليجن جيان هڪ عام ڪاليج هو ۽ شهرَ کان ڪافي ٻاهر هو.
رضوان جو چوڻ هو ته ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو به پهريائين صفا ٻاهر هو ۽ هينئر ڄڻ ته وچ
شهر ۾ آهي، ساڳيءَ ريت ميروخان جو ڪاليج به شهر جو حصو بڻجي ويندو. اسان سندس راءِ
سان متفق نه ٿياسين، ڇاڪاڻ ته لاڙڪاڻي ۽ ميروخان جي جاگرافيائي ۽ سياسي حالتن ۾
وڏو فرق هو. وئڪيشن سبب ڪاليج بند هو.
ڪاليج ٽپي، شفقت صاحب کي فون ڪيم. کيس ٻڌايم ته ميروخان ٽپي
چڪا آهيون ۽ سجاول وڌون پيا. هن ٻڌايو ته سجاول کان ۲۰ منٽ کن لڳندا، شهدادڪوٽ شهر
کان چاڪياڻي ڳوٺ ست ڪلوميٽر کن پهرين ايندو، اتي ڪجهه قُبا آهن، جتان لنڪ روڊ تي ۲
ڪلوميٽر کن ڳوٺ ڏي رستو آهي.
تعلقي سجاول جوڻيجي کي ڏسي حيرت ۽ افسوس ٿيو. هڪ ڳوٺُ جيڪو
ٽائون ڪاميٽيءَ جي لائق به نظر نه پئي آيو، ان کي تعلقي جو درجو ڏنو ويو هو! بلڪل
ايئن، جيئن ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سياسي رشوت طور ساڳئي دَور ۾ اُنڙن جي اثر طور باقراڻي
ڳوٺ کي تعلقي جي حيثيت ڏني وئي هئي، جڏهن ته ”حق“ نئين ديري جو هو. پ پ پ گورنمينٽ
به نئين ديري کي الائي ڇو تعلقي جي حيثيت ڏيڻ ۾ ڪا دلچسپي نه ٿي رکي!؟
سجاول وٽان ئي رتيديري-شهدادڪوٽ موٽر وي تي چڙهياسين. هي روڊ
سٺي حالت ۾ هو. اهڙا روڊ پنجاب جي نظرانداز ڪيل ضلعن ۾ ٺهيل آهن، جڏهن ته جن ضلعن
۾ نواز ليگ جو ”انٽريسٽ“ يا ووٽ بئنڪ آهي انهن جا روڊ ۽ رستا گھڻا سٺا ٺهيل آهن.
ٻئي طرف رتوديرو-شهدادڪوٽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو چونڊ تڪ رهيو آهي ۽ هينئر صدر
پاڪستان آصف علي زرداريءَ جي آنسه فريال ٽالپر جو چونڊ تڪ آهي.
گرمي ڏاڍي هئي، پر گاڏيءَ جي ٿڌ ان سان وڙهي رهي هئي. پَري
کان قُبا نظر آيا ته دل کي آٿت ٿيو ته اچي پهتا آهيون. قبن کي موٽندي ڏسڻ جو رٿي،
لنڪ روڊ ورتوسين. ٿورو اڳيان هڪ شاخ پئي وهي، جنهن جي وٽ سان چاڪياڻي ڳوٺ هو. جھٽ
نه گذري ته هڪ گھر جي ٻاهرينءَ ڀت تي وڏن اکرن ۾ A & Q
Art Gallery لکيل نظر آيو. معنى ته اڄوڪي منزل تي پهتا هئاسين.
ٻاهران گئلريءَ جو ”Look“ متاثر ڪندڙ نه
هو، جڏهن ته اڄوڪي دَور ۾ ٻاهرين ٺاهه ٺوهه کي وڌيڪ اهميت ڏني ٿي وڃي. شفقت صاحب ۽
سندس ليکڪ ڀاءُ ۽ منهنجي دوست جاويد حسين وڌي آڌرڀاءُ ڪيو. گئلريءَ اندر آياسين.
اندر جڳهه ٺيڪ ٺاڪ هئي. ساهي پٽڻ لاءِ گئلري ڏسڻ کان اڳ بيٺڪ ۾ ويٺاسين. بجلي هلي
رهي هئي، جيڪا ٿوريءَ دير بعد ”بيوفا سُريت“ جيان هلي وئي. خوش خيريت ٿي، ڪچهريءَ
۽ چانهه جا دَور هليا. شفقت صاحب ڏاڍو خوش پئي محسوس ٿيو. هونئن به سندس طبيعت ۾
نهٺائي ۽ ملنساري آهي، آفيسرن واري اجائي لئه کان پاسائتو رهندو آهي، ڳالهائڻ ۾
ٿڌي لهجي وارو آهي. ساڻس منهنجي پهرين ملاقات سن ۱۹۹۹ع ۾ ٿي هئي، جڏهن سندس ڪتاب
”آبشار“ ڇپائڻ لاءِ جاويد وڌو کيس مان وٽ قنبر وٺي آيو هو. تڏهن کان ڳانڍاپي جي
ڳنڍ مضبوط کان مضبوط تر ٿيندي رهي آهي. شفقت صاحب تمنائي هوندو آهي ته علم، ادب ۽
آرٽ لاءِ وقت ڪڍي ۽ هُو ارادي جي مضبوطيءَ ۽ مصوريءَ سان اڻ مَئي لڳاءَ سبب ان ۾
ڪامياب به ويندو آهي. اسان جي گفتگو ۾ اها ڳالهه به آئي پئي ته ڪيئن هُو ايڏين
مصروفيتن هوندي، مصوريءَ جهڙو وقت وٺندڙ، ڌيان طلب ۽ خاص طور ذهني يڪسوئي وارو آرٽ
جو بهترين ڪم ڪري ٿو. هن ٻڌايو ته هو وقت کي وڃائيندو ناهي، جيڪو وقت به کيس ملندو
آهي ان کي مصوريءَ لاءِ وقف ڪندو آهي. اسان سندس جذبي کي شابس ڏني. ڪير آهي جو
ايئن ڪندو هجي! ماڻهو ته مصوريءَ ۽ شاعريءَ کي چرين جو ڪم سمجھندا آهن ۽ ان کي
پسند جي نظر سان ناهن ڏسندا. ممڪن آهي ته ان ۾ تعليمي سجاڳيءَ جي کوٽ کان سواءِ
معاشي مسئلن ۾ عوام جو ڦاٿل هجڻ به هجي.
ڪچهريءَ ۾ ڳوٺ جو ذڪر به نڪتو. شفقت صاحب کان فياض ڳوٺ جي
نالي بابت پڇيو. هن ٻڌايو ته ڳوٺ آڳاٽو آهي ۽ چاڪين جِي ڪنهن ڪراڙيءَ سان نسبت جي
لحاظ کان نالو پيل اٿس، ڳوٺ پنج سَو کن گھرن تي مشتمل آهي، هتي مختلف ذاتيون رهن
ٿيون، ڳوٺ ۾ ڏيڍ سَو سال آڳاٽو پرائمري اسڪول آهي ۽ هاءِ اسڪول پڻ آهي (جنهن تي
اسان کي حيرت ٿي)، ڳوٺ ۾ پڙهيل ماڻهن جو تعداد وڌيڪ آهي. (شفقت صاحب جو والد احمد
خان پڻ پڙهيل لکيل ماڻهو هو ۽ نالي وارو حڪيم هو. سندس ڀائر پڻ ڊاڪٽر ۽ انجنيئر
آهن.)
احسان جي سوال جي جواب ۾ شفقت صاحب ٻڌايو ته هن ۱۹۷۳ع ۾
پينٽنگس ٺاهڻ جي شروعات ڪئي هئي. کيس ڳوٺ جي مقامي منظرن اتساهه ڏنو ته انهن کي
چِٽجي. ٻهراڙيءَ جا خوبصورت لئنڊاسڪيپ هن جي برشن ۽ رنگن ۾ سنوارجي آيا.
ان موقعي تي ضروري ڄاتوسين ته ”فريش“ ٿي چڪا آهيون، ان ڪري
گئلري گھمجي. بيٺڪ ڀرسان لڳ ڀڳ ۱۰ ضرب ۲۰ جا ٻه ڪمرا شفقت صاحب جي خوبصورت پينٽنگس
سان سينگاريل ۽ سنواريل هئا. ڪيتريون ئي پينٽنگس شاهه لطيف جي بيتن ۽ عمر خيام جي
رباعين تي چِٽيل هيون. ڪيئي پينٽنگس قسمت جي اڻچٽائيءَ ۽ مونجھارن کي ظاهر ڪري
رهيون هيون، ڪي حياتيءَ جي بي ثباتيءَ ۽ اڻ مَداميءَ جا داستان ٻڌائي رهيون هيون،
ته ڪي ڪائنات جي ڦيري جو اظهار هيون. ڪجھ پورٽريٽ به هيا، پر شفقت صاحب جو گھڻو
فوڪس منظرنگاريءَ تي معلوم پئي ٿيو. فطرت هن جي پينٽنگس ۾ پنهنجن مخصوص رنگن ۽
روپن ۾ سمايل هئي، پر شفقت صاحب جي رنگن جي چونڊ ٿڌن رنگن جي نسبت ۾ شوخ ۽ چِٽي
پَٽي وڌيڪ هئي. مان اهي پينٽنگس به خاص شوق سان ڏٺيون جيڪي سندس ڪتابن توڙي ڪجھ
ٻين ٽائيٽلن تي ڇپي چڪو آهيان. رضوان جي پڇڻ تي شفقت صاحب ٻڌايو ته هُو ننڍن وڏن
ڪئنواسن تي ۱۸۵ پينٽنگس ٺاهي چڪو آهي. ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته سندس
گئلريءَ جو پورو نالو ”احمد خان ائنڊ قضبانو آرٽ گئلري“ آهي. سچ پچ ڏاڍو مزو آيو.
سڀ دوست بيحد سرها ٿياسين. آچر جو ڏينهن لاڀائتو گذرندي ڀانيوسين. لاڙڪاڻي ۾ رضوان
عمراڻيءَ جي ”مڌر گئلري“ ته گھڻي مشهور آهي، پر چاڪياڻي ڳوٺ ۾ شفقت صاحب جي هيءَ
”اَي اينڊ قِيو آرٽ گئلري“ به لاجواب هئي. جيڪڏهن سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ههڙيون
گئلريون ۽ علم ادب ۽ مباحثن جا ترقي پسند مرڪز قائم ٿي پون ته سنڌ فڪري ۽ فني طور
ڪيڏي نه حسين وادي بڻجي پوي! اسان مختلف پينٽنگس تي ويچار ونڊيا. هڪ پينٽنگ تي
لکيل هو ”Destination infinity miles“، جنهن تي هڪ
ماڻهو نراس ٿي ويٺل هو، جنهن جي ڀرسان پٿر پيل هئا ۽ رستو لامحدود هو. احسان ان تي
ڏاڍي ڀرپور راءِ ڏني ته اهي پٿر به ماڻهو آهن، جيڪي مايوسيءَ جي ور چڙهي ويا آهن ۽
منزل انهن کان دور ٿي وئي آهي.
تصويرون ايئن ئي ته ڳالهائينديون آهن، ضرورت صرف انهن جي
ٻوليءَ کي سمجھڻ جي هوندي آهي.
گئلري گھمي، ماني کاڌيسين. شفقت صاحب مانيءَ جو ڏاڍو سٺو
انتظام ڪرايو هو. ماني ذائقي ۾ لذيذ هئي.
مانيءَ بعد ڪچهريءَ جو ٻيو دَور هليو. مان دوستن کي چيو ته
شفقت صاحب کان هڪ مختصر گفتگو رڪارڊ ڪيان. منهنجيءَ خواهش تي رضوانَ موبائيل ۾
وڊيو رڪارڊنگ ڪئي.
شفقت صاحب ٻڌايو ته اسڪول ۾ پڙهندي رنگن سان سندس لڳاءُ
ٿيو. پينٽنگس جي موضوعن بابت هن ٻڌايو ته هن انسانن جي زندگيءَ سان لاڳاپيل بنيادي
سوالن کي پنهنجين پينٽنگس ۾ چِٽيو آهي. جيڪي قدرتي نظارا آهن، انهن ۾ به ساڳين
بنيادي سوالن کي کنيو آهي. انسان ڇا آهي، زندگي ڇا آهي، موت ڇا آهي، قسمت ۽ منزل
ڇا آهن، اهي سوال مختلف رنگن ۾ اوهان کي نظر ايندا. اميد ۽ نااميدي به انهن
پينٽنگس ۾ سمايل آهي. پنهنجي شخصيت تي پوندڙ اثرن بابت ٻڌائيندي هن چيو ته تصويرن
۾ جيڪي احساس چِٽيندو آهي، انهن جا اثر مٿس به پوندا آهن. سندس پينٽنگس ۾ ٻه رنگ
بِلو ۽ پِيلو وڌيڪ ڇانيل آهن، جڏهن ته ڳاڙهو رنگ به ڪثرت سان ڪتب آندل آهي. شفقت
صاحب جي تصويرن ۾ حقيقت وڌيڪ آهي يا تصور؟ هن چيو ته انهن پينٽنگس ۾ حقيقت جي نسبت
تصور ان لحاظ کان وڌيڪ آهي ته اهي اصل منظر تي بيهي چٽيل نه آهن. جڏهن ته پينٽنگس
۾ ۹۰ سيڪڙو منظرنگاري سنڌ سان لاڳاپيل آهي. سندس پينٽنگس جي ٿيل نمائشن ۾ وزيٽرس
جي پسندن بابت ڄاڻائيندي هن چيو ته ڀٽائيءَ جي بيتن تي چِٽيل پينٽنگس کي ٻاهرين
وزيٽرس بيحد پسند ڪيو. اسان وٽ فنِ مصوريءَ کي ڪا سرپرستي ناهي، معاشري ۾ بي حسي
آهي، ذاتي لڳاءَ سبب ئي ڪجھ نه ڪجھ ڪم ٿئي پيو. چاڪياڻي ڳوٺ ۾ ئي آرٽ گئلري قائم
ڪرڻ تي مَوقف ڏيندي هن چيو ته هُو سنڌ جي ڳوٺن کي سڃاڻپ ڏيارائڻ چاهي ٿو، اها سوچ
ذهن ۾ رکي هن چاڪياڻيءَ ۾ آرٽ گئلري قائم ڪئي آهي.
شام جا پاڇا وڌڻ لڳا هئا، سج جهڪندو پئي ويو، ان ڪري اسان
موڪلائڻ چاهيو، پر شفقت صاحب چيو ته هُو اسان کي اها خاص جڳهه ڏيکارڻ چاهي ٿو،
جيڪا هن پنهنجي ڳوٺ ڀرسان وهندڙ واهه جي چِٽي آهي ۽ جتي هن گل و گلزاري ڪئي آهي.
ــــ ۽ ڇا ته اها جڳهه هئي! انتهائي خوبصورت. اسان کي يقين
نه پئي آيو ته ان ڳوٺ ۾ ڪا اهڙي حسين قدرتي جڳهه به ٿي سگھي ٿي. هي ته ”جهنگل ۾
منگل“ هو، ڄڻ ”صحرا ۾ گلستان“، ڄڻ ڪلرَ ۾ چمن. شفقت صاحب جي آرٽسٽڪ نظر هڪ عام
ماحول کي لاجواب حسناڪي بخشي ڇڏي هئي: پاڻيءَ جو ننڍڙو تلاءُ، وڻ ٽڻ، گل ڦل، حسين
پيچرو، ننڍن وڏن پٿرن جي ترتيب. هي سنڌ جو ڪو حصو ته نه هو، پر يورپ جو ڪو ٽڪرو هو
جيڪو شفقت صاحب اتان پَٽي اچي هتي لڳايو هو! چَوطرف پُرسُڪون ۽ نيڻ ٺار منظر. ڄڻ
ته ماڻهو اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن جي بي رنگينيءَ مان نڪري هڪ رنگدار جهان ۾ اچي ويو
هو. اسان جا سڀ ٿَڪ جھٽ پل ۾ لهي ويا. هتي ته جيڪر رهي پئجي ها! پر اهو ممڪن نه
هو. اسان کي لاڙڪاڻو سڏي رهيو هو، جتي معمول واري زندگي پنهنجي ڄار ۾ ٻيهر آڻڻ
لاءِ ڇڪي رهي هئي. ڀاڪر پائي موڪلائڻ کان سواءِ ٻِي ڪا واٽ نه هئي، سو اهائي واٽ
ورتيسين.
riazatburiro@yahoo.com
***
No comments:
Post a Comment