Sunday, June 24, 2012

لاڙڪاڻي جا لعل - منظور سولنگي

لاڙڪاڻي جا لعل
عالم، شاعر ۽ اديب
منظور سولنگي
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، جنھن جي سرسبزي، زرخيزي ۽ شادابي ڪري کيس ”سنڌ جو عدن“ سڏيو وڃي ٿو، تاريخي، ثقافتي حيثيت ۾ پنھنجو مٽ پاڻ رهيو آهي؛ جنھن جي ساک موهن جو دڙو ڀري رهيو آهي. هن مردم خيز مٽيءَ مان قديم زماني کان ڪيئي ناليرا بزرگ، عالم، شاعر، اديب ۽ فنڪار پيدا ٿيا آهن، جن پنھنجن شعبن ۾ محنت ۽ مشقت ڪري پنھنجو ۽ پنھنجي ديس جو نالو روشن رکيو آهي. ”هن ضلعي هر تحريڪ ۾ سنڌ جي اڳواڻي ڪئي آهي. هجرت تحريڪ لاڙڪاڻي مان هلي، مھاجرن جي پھرين اسپيشل ٽرين لاڙڪاڻي مان هلي . پھرين خلافت ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ ٿي. خلافت جي مھاجرن جي پھرين قافلي جو اڳواڻ رئيس جان محمد جوڻيجو لاڙڪاڻي جو هو. سنڌ مُحمدن ايسوسيئيشن، جنھن چاليھه سال سنڌ جي مسلمانن جي سياسي رهنمائي ڪئي، تنھن جو صدر لاڙڪاڻي جو سر شاهنواز ڀٽو هو. سنڌ کي آزاد صوبي بنائڻ جي تحريڪ جو اڳواڻ خان بھادر کھڙو به لاڙڪاڻي جو هو.

سنڌ جي آزاديءَ جي تصور مطابق سندس ڪلاسيڪي ڪتاب A story of the suffering Sindh جنھن پھريون دفعو دنيا کي سنڌ جي عظمت ۽ اهميت کان آشنا ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ لکيو ويو. لاڙڪاڻو جتي  سياستي اعتبار کان پاڪستان جو محور رهيو آهي، اتي علم ادب جي ميدان ۾ به پوئتي نه رهيو آهي. هي شھر سنڌي ادب جو مرڪز ٿي رهيو آهي. سنڌي عروضي شاعريءَ کي هن شھر جي شاعرن جي طفيل ئي عروج حاصل ٿيو. مشاعرن ۽ ڪانفرنسن جو رواج به هن شھر جي شاعرن ئي وڌو. هاڻوڪي ترقي پسند شاعريءَ جو بنياد به هتي جي هڪ شاعر وڌو. هن سري هيٺ لاڙڪاڻي جي چند عالمن، اديبن، شاعرن جو ذڪر مختصراً هتي ڏجي ٿو.

ابو الفيض مفتي غلام عُمر جتوئي (۱۹۳۵-۱۸۳۳ع)
هي صاحب استاد تحريرات، صاحب تقوى، لاڙڪاڻي جو لال ۽ وضعداريءَ جو مجسمو هو. شرافت، لياقت، قناعت ۽ نيابت ۾ ساڻس ڪو ڇڊو لڳندو هو. اشراق ۽ صلواة سڳوريءَ تي مواطبت رکندڙ ۽ سحرخيز ولي الله هو. غلام عمر ولد محمد صادق جتوئي، ڳوٺ سونو جتوئي لاڙڪاڻي جو رهاڪو هو. پاڻ صالحن جي صحبت ۽ صوفياءِ ڪرام جي عزت ڪندو هو. سنڌي، عربي ۽ فارسي ۾ ڪتاب لکيائين. تحقيق، تدقيق ۽ تشخيص سندس اولين ترجيح ۾ شامل رهي. حُسن اخلاق ۽ باطني رعب سان يزداني هو. وڏي ۾ وڏا ماڻھو به وٽس پَٽَ تي ويھندا هئا. جوانيءَ ۾ ججها مولود چيائين. هن حڪمت جي ستاري ۽ فيض جي درياهه مان ڪيئي اڃايل سيراب ٿيا. سدائين سادگي پسند رهيو. سندس سيرت ۽ صورت، قديم سنڌي تھذيب جو مجسمو هئي. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
يا خدا رکجانءِ اندر ۾،
ساڻ سرور جيءَ جڙي.
مير مرسل نور نرمل،
رمز رانجهن سان رهي.
شان هيڏو اي شفيع، قادر ڪيو قرآن ۾،
والشمس، طـھ، والضحى، والليل،
واحد کي وڻي.
**
امرتـراءِ ”سام“ جئسنگھاڻي
ديوان امرتراءِ ولد حشمتراءِ ۳ جون ۱۹۰۳ع تي ڳوٺ طيب، تعلقو رتوديرو، ضلعو لاڙڪاڻو ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم اتان ئي ورتائين، پوءِ قطع تعلقات تحريڪ شروع ٿي جنھن ۾ هن ڀرپور حصو ورتو. ان دوران فرانس جي رهاڪو ميسوپال رچرڊ سان ڏيٺ ويٺ ٿيس ۽ ان جي دعوت تي انگلينڊ، فرانس، مصر، شام، الجيريا، فلسطين ۽ ٻين ملڪن جو سير ڪندي، ديوان صاحب تاريخ ۽ ادب ۾ ڪافي ڄاڻ حاصل ڪري ورتي ۽ انگريزي ۾ ۱۴ کن ڪتاب لکي ورتائين. بعد ۾ ڪراچي مان New Age نالي رسالو ڪڍڻ لڳو ۽ ”اڪبر آشرم“ نالي هڪ تحريري رٿا به مرتب ڪيائين. ۱۹۳۴ع ۾ ڳوٺ واپس وريو ۽ سماجي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو. سندس جيون ساٿي لاڙڪاڻي جي مشھور ڊاڪٽرياڻي سرلا ديوي هئي، جيڪا ۱۹۷۳ع ۾ فوت ٿي وئي. ديوان صاحب غزلن کان علاوه نظم، ڪافيون، رباعيون، قصيدا، وايون ۽ ڀڄن تي به طبع آزمائي ڪئي. ”سام“ تخلص سان شاعري ڪيائين. سنڌي، هندي، سرائيڪي، فارسي، اردو ۽ انگريزي ۾ سندس شاعري ملي ٿي ۽ سنڌي شاعري ۾ ديوان به ملي ٿو، جو ۱۹۳۴ع ۾ انڊيا مان پڌرو ٿيو. فارسي ۾ به هڪ ديوان مرتب ڪيائين، ازانسواءِ نثر تي طبع آزمائي ڪيائين. سندس تصنيفات ۾ پنھون جي ....، آتم باغ، تون ۽ مان، دل جي مام سدا ڀرپور وڏو داد حاصل ڪري چڪا آهن. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو .
بھار آئي هلن ٿيون اڄ چمن ۾،
پيار جون ڳالھيون.
جنون عشق ۾ ناصح نه ڪر،
ويچار جون ڳالھيون.
عام وڪيلن ڊاڪٽرن ۾،
ڪا همدردي ناهي.
جيري خاطر ٻڪري ڪھندا!
چوندا ته ان ۾ ڇاهي.
**
ڊاڪٽر اياز حسين قادري (۱۹۹۷-۱۹۲۷ع):
ڊاڪٽر اياز حسين ولد غلام سرور قادري ۹ جنوري ۱۹۲۷ع تي پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم کان پوءِ ڪراچيءَ مان بي اي (آنرس)، ايم اي (فارسي)، ايم.اي (سنڌي) ۽ ايل ايل بي جون ڊگريون ورتائين. سندس تعلق لاڙڪاڻي جي مشھور علمي ۽ ادبي قادري خاندان سان آهي، جنھن غزل جي اوسر ۾ وڏو ڪم ڪيو. هن جي اک غزل جي دنيا ۾ کُلي، ملازمت سانگي اڪثر ڪراچيءَ ۾ر هيو. هاءِ اسڪول ٽيچر کان وڌي پروفيسر ڪراچي يونيورسٽي ۽ شاهه لطيف چيئر تان رٽاير ٿيو. اردو، سنڌي ۽ فارسي زبانن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکي ٿو. ادب سان والھانه محبت رکندو هو ۽ سخن جو سلسلو وڏن کان ورثي ۾ مليل هيس. سنڌ جي ناميارن شآعرن، محققن ۽ مھان ڪھاڻيڪارن مان هڪ هو. سندس لکڻي لاجواب ۽ مُحققانه مزاج رکي ٿي. سال ۱۹۸۲ع ۾ ”سنڌي غزل جي اوسر“ بابت هڪ ضخيم مقالو تيار ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي سندَ سان پاڻ سينگاريائين. ڊاڪٽر صاحب جي ڪتابي ڪم ۾ عام ڪتابن کان علاوه ”بلو دادا“، ”اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ“ (ترجمو) ۱۹۸۰ع، ”ڪلام شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليھ“، جو اردو نثر ۾ ترجمو چار جلد، ”سنڌي غزل جي ارتقاءَ“، ۽ ”مٽيءَ لڌو مان“، ”سوانح ۽ تحقيق“ مثالي حيثيت رکن ٿا. پاڻ هڪ بلند پايه عوامي ترجمان هجڻ ڪري دانشمنديءَ سان معاشي اوڻاين جي ڀرپور نموني ۾ نشاندهي ڪندو هو. انھيءَ انمول خوبيءَ عيوض شاعراڻي عظمت جو مالڪ پڻ سڏبو هو.
**

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو (۱۹۹۴-۱۹۳۴ع):
ٻوهيو صاحب سنڌ جو هڪ معروف عالم، ڏاهو، دانشور ۽ ماهر لسانيات هو. سنڌ جي ادبي ۽ علمي حلقن ۾ تنقيد ۽ لسانيات جي ميدان ۾ مثالي خدمتن جي حوالي سان سڃاپرو آهي. سندس شخصيت ۾ سنجيدگي ۽ وقار نمايان نظر ايندا هئا. ڊاڪٽر صاحب ڳوٺ پيچوها، تعلقو وارهه ضلعو لاڙڪاڻو ۾ ۱۸ آگسٽ ۱۹۳۴ع تي ڄائو، سندس والد جو اسم گرامي محمد علي ٻوهيو آهي. عملي زندگيءَ جو آغاز ”ماستري“ سان ڪيائين ۽ تعليم کاتي ۾ مختلف عھدن تي رهي آخر ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن جي عھدي تي پھتو. پنھنجي پوري ڄمار علم ادب جي واڌاري لاءِ وقف ڪيائين. تحقيق سندس پسنديده موضوع رهيو ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن سماجي لسانيات ۾ گھري دلچسپي ورتي. سال ۱۹۷۷ع ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ عنوان تحت مقالو تيار ڪري، سنڌي يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتائين. برصغير هند پاڪ ۾ ڪنھن به هڪ زبان جو هي پھريون ڀيرو اڀياس ڪيل آهي ۽ سنڌالاجي طرفان سال ۱۹۷۸ع ۾ هي مقالو ڇپرايو ويو آهي. ازانسواءِ علم تحقيق جي فن جي پيدائشي ڄاڻ ڏني اٿس ۽ ڪجهه ڇپيل ڪتاب: تنقيدون ۱۹۸۰ع سامھون آيل آهن. انھن کان علاوه ٻوهيي صاحب جا اڪيچار مضمون، مقالا ۽ ڪالم رسالن، مخزن ۽ اخبارن جي زينت بڻيل آهن.
**

ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“
ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ ولد در محمد پٺاڻ اپريل ۱۹۴۲ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم اتي ئي حاصل ڪيائين ۽ پوءِ لاڙڪاڻي ۾ مستقل طور رهائش پذير ٿيو. ايم.اي سنڌي فرسٽ ڪلاس ۽ بي ايڊ ڪيائين، پوءِ درس تدريس جي پيشي سان منسلڪ ٿيو ۽ اڃا تائين ان مقدس پيشي سان منسلڪ آهي. ”شاد“ صاحب سمجهدار، سُلجهيل ۽ سنجيده شخص آهي. ادبي ذوق رکي ٿو ۽ نثر سان گڏ نظم ۾ به طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو. علم سان والھانه محبت رکي ٿو. ان سلسلي ۾ سال ۱۹۸۹ع ۾ ”مولانا ثناءُ الله ثنائي جي شاعري جو تنقيدي جائزو“ عنوان هيٺ تحقيقي مقالو لکي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ ڪيائين. سندس قلم ۾ رواني موجود آهي . جنھن ڪري هڪ مصنف، مرتب ۽ مترجم جي حيثيت ۾ سنڌي ادب کي ڪتاب ڏيندو رهي ٿو. امام شامل (ترجمو) ناقة الله (الله جي ڏاچي)، ٻاراڻو ادب، عرفان لطيف، اوجاڳو اکڙين (شعري مجموعو)، شاهه عبداللطيف (ڊاڪٽر اين اي بلوچ) جي مضامين جي سھيڙ، پيھي منجهه پاتال، (لطيفات)، گهريلو هنر جي صنعت (ترجمو) وغيره سنڌي ادب ۾ واڌاري جو سبب بڻيل آهن. ان سان گڏوگڏ تحقيقي مضامين ۽ مقالا پڻ سندس قلم جي نوڪ مان نروار ٿيندا رهن ٿا. هن وقت ”شاد“ صاحب ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ائسوسيئيٽ پروفيسر طور فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي.
**

مولانا ثناءُ الله ”ثنائي“ عباسي (۱۹۷۷-۱۸۹۵ع):
لاڙڪاڻي جو ناميارو عالم في البديھه شاعر، مولانا ثناءُ الله ”ثنائي“ ولد مولوي الله بخش ”صوفي“ عباسي تعلقي ڏوڪري جي ڳوٺ ”اسحاق کوهارو“ ۾ پيدا ٿيو. اردو، سنڌي، عربي ۽ فارسيءَ ۾ ملڪو حاصل هوس. هڪ بلند پايه عوامي شاعر جي حيثيت ۾، معاشي اوڻاين جي ڀرپور نموني سان نشاندهي ڪندو رهيو. ٽيھه اکريون، رباعيون، غزل، ڪافين، مثنويون، مناجاتون، مولود سندس پسنديده اصناف سخن رهيون. واحد جي واکاڻ، عشق رسول صلي الله عليھ وآلھ وسلم، تصوف جا روحاني راز ۽ زمان مڪان بابت باريڪ نُڪتا سندس شاعريءَ جو روح آهي. خوشخطي ۾ به ڪو ڇڊو ساڻس لڳندو. خطبا به اعلى قسم جا چيل اٿس. ٻنھي جھانن جي سردار جي شان ۾ ”مدح“ چوندي مقبول ٿيو ۽ پاڻ کي ”ثنائي“ سڏائڻ لڳو. نثر تي به طبع آزمائي ڪندي ڪافي ڪتاب قلمبند ڪيائين، جن ۾ تاريخ اسلام، اشعار ثنائي، ترڪي ٽوپي، خطبات ثنائي، محمود غزنوي، ليلى مجنون، ديوان ثنائي، سچا موتي، ٽيھه اکري، عقائد نامو، قيامت نامو ۽ ملا موالي شامل آهن. جيتوڻيڪ لفظن جو ذخيرو جهجهو هوس تڏهن به ٻولي سُپڪ، سوادي ۽ عام فھم ڪم آندائين. انھيءَ انمول خوبيءَ کيس ”شاعراڻي عظمت“ سان گڏ مثالي مقام بخشيو ۽ نتيجي ۾ کيس چار چنڊ لڳي ويا. ”ثنائي“ عمر جون ۸۲ بھارون ڏسي راهه رباني وٺي ويو. سندس ڪلام جو نمونو حاضر آهي:
عشق گهر پنھنجو ڇڏائي ٿو رلائي دربدر.
بادشاهن کي ڀلائي، ٿو بنائي دربدر.
هير لئي حيران ٿي ڪيو تخت کي رانجهن ترڪ،
شاھزادو شوق مون مُرلي وڄائي دربدر.
نازنين نامدارن کي نمائي جو وري،
جهوپڙيون ڪانن ڪکن جون ٿو اڏائي دربدر.
عشق عابد ٿو ڀلائي، سڻ قصو صنعان جو،
هن دنيا ۾ نام نيڪي ٿو وڃائي دربدر.
اي ثنائي عشق وارا ڪين چئي ڊڄن،
ٿو نچائي عشق هي ڀولو بنائي دربدر .
**
پـيـرل قـمـبـر (۱۹۳۳-۱۹۹۴ع):
لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ ۾ ”پيرل قمبر“ جو نالو الڳ مقام رکي ٿو. سندس پورو نالو پير محمد ولد امام بخش سومرو آهي. سندس ولادت هڪ غريب گهراڻي ۾ تاريخ ۱۷ جولاءِ ۱۹۳۳ع تي، تعلقي ميروخان جي ڳوٺ ”بٺي“ لڳ ”مبارڪ ڪلھوڙو“ ۾ ٿي. پيرل ننڍپڻ کان ئي ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ هو. پرائمري تعليم کان پوءِ ٽي درجا انگريزي پڙهيو. آخر فائينل پاس ڪري ۱۹۵۴ع ۾ استاد مقرر ٿيو. ۱۹۵۶ع کان شعر سان شغف رکيائين ۽ ان جي اصلاح پنھنجي والد کان وٺندو هو، جو پڻ شاعر هو. سندس شاعري جا ڪجهه ڇپيل ڪتابچا به ملن ٿا، جن مان ”باغ فردوس“، ”تصوير صنم“، ”جذبه دل“ ۽ ”سلام محبت“ قابل ذڪر آهن. اهي ڪافين بيتن ۽ گيتن تي ٻڌل آهن ۽ عام ۾ مقبول آهن. پاڻ ادبي مشاعرن ۾ انعام به حاصل ڪيائين. ۷ نومبر ۱۹۸۵ع تي سندس مان ۾ ملھايل شام ۾ کيس شھدادڪوٽ جي اديبن سونو تاج به پھرايو ۽ گڏوگڏ ۵۰۰ روپيه ماهوار وظيفو به ميونسپل ڪاميٽي طرفان ملندو هيس. کيس في البديھه شعر ٺاھڻ ۾ ملڪو حاصل هو. پيرل ۱۹۷۷ع ۾ لڏي شھدادڪوٽ پھتو ۽ ۱۹۷۹ع جي اوائل ۾ رٽائر ڪيائين. آخر بحر وزن جو هي عمدو شاعر ڊسمبر ۱۹۹۴ع ۾ هميشه لاءِ موڪلائي ويو. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
پروردگارا سڄي جڳ جا والي.
ذات پاڪ تنھنجي سڀ کان نرالي.
مٽيءَ خاڪ مان تو بوتو ٺھايو،
وجهي روح بوتي ۾ آدم بڻايو،
سڏن توکي سڀ ٿا صاحب ڪمالي،
ذات پاڪ تنھنجي سڀ کان نرالي.
ڪڏهن باهه مان تو خليل کي بچايو،
ڪڏهن ڪرٽ سان تو زڪريا چيرايو،
ڪڏهن رحم وارو ڪڏهن آن جلالي،
ذات پاڪ تنھنجي سڀ کان نرالي.
**

فقير ڇتو سانگي (۱۸۹۹-۱۸۹۲ع):
تعلقي ميروخان، ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”محبوب جو بنگلو“ ۾ هن عديم المثال صوفي شاعر، فقير محمد ڇٽل ولد محمد بچل سانگيءَ جي مزار موجود آهي. پاڻ سيد عبدالرسول شاهه صوفي (ساڪن دودائي لاڙڪاڻو) جو معتقد هو. جوانيءَ ۾ مزاج جي چوٽ رسيس پر هي بزرگ ثابت قدم رهيو. سخن  جي سلسلي ۾ سندس ڪافيون ۽ مناظرا، ڪمال جي درجي تي پھتل آهن. ”حُقي ۽ چلم جو جهيڙو“، سنڌي لوڪ شاعريءَ ۾ وڏي اهميت جو حامل آهي. پنھنجي احساسن ۽ جذبن کي عيان ڪرڻ لاءِ هو اکرن ۾ نه ٿو اڙجي بيھي پر لفظ هن جي مرضي جا طابع رهن ٿا. ڇتي فقير جھڙا شاعر قومن جي تاريخ ۾ صدين پڄاڻان پيدا ٿين ٿا. سندس سرائڪي ۽ سنڌي ڪلام ۱۹۷۳ع ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو آهي. هيٺ سندس ڪافي نموني طور ڏجي ٿي:
ڏاڍي مام ڪيا مستانا، ڪين غرض گداءُ ڪرن،
توڏا توڪل شاهه جي ميان، ٿيڙا رند روانا،
سالڪ هئڙا سمجهه جا ميان، درد ڪيا ديوانا،
جوان ٻڍا توڙي ريشن سفيدي، يا ڪي ڦرن يگانا.
هادي بخشين حال حقيقت، منجهه خلق خزانا،
”ڇتا“ شائق شوق مون ميان،ملھائن مئخانا.
**

ميان حامد الله ”حامد حضوري“ تونيو (۱۸۷۳ع - ۱۷۹۸ع)
زماني جو مجتھد، ڪامل ولي الله، صاحب دل، صوفي بزرگ ۽ وقت جو جيد عالم ميان حامد الله ”حامد“ المعروف ”حامد حضوري“ ولد ميان روشن علي تنيو ۱۲ جنوري ۱۷۹۸ع تي ميروخان، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ تولد ٿيو. شروعاتي تعليم پنھنجي والد وٽان پرايائين ۽ عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ خاص مھارت حاصل ڪيائين. سندس زندگي جو مقصد ذڪر الاهي ۽ مالڪ جي مخلوقات جي اصلاح ڪرڻ هو. پاڻ اڪثر قرآن پاڪ جي مطالعي ۾ مصروف رهندو هو ۽ زندگي جو وڏو حصو درس تدريس ۾ صرف ڪيائين. زماني جي ستم ظريفين جو صبر ۽ استقلال سان مقابلو ڪيائين ۽ پوري زندگي زهد، عبادت، رشد، هدايت ۾ گذاريائين. سندن دعا مقبول هئي، زبان مان لفظ نڪتو مس ته الاهي دربار ۾ قبوليت ماڻيندي هئي. تفسير حديث جي وڏي ڄاڻ رکندڙ بزرگ هو. جواني ۾ شاعري به ڪيائين ۽ فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ سندس مداحون مناجاتون، ٽيھه اکريون ۽ مولود چيل ملن ٿا. ان کان علاوه ڪافيون، غزل ۽ مرثيا به مرتب ڪيائين. هڪ روايت مطابق ميان صاحب ٻنھي جھانن جي سردار (صلي الله عليھ وآلھ وسلم) جي ڪچھريءَ ۾ ويندڙ هو، انھيءَ ڪري ”حضوري بادشاهه“ سڏيو وڃي ٿو. هي ڪامل بزرگ عمر جون ۷۷ بھارون ماڻي راهه رباني وٺي ويو. کيس ميروخان ۾ ئي سپرد خاڪ ڪيو ويو، جتي مزار مبارڪ هر خاص عام لاءِ زيارتگاهه آهي.
**

حيدر بخش جتوئي ”حيدر“ (۱۹۰۱-۱۹۷۰ع):
عاشق سنڌ، انقلابي عوامي شاعر حيدر بخش ولد الھداد خان جتوئي ۷-آڪٽوبر ۱۹۰۱ع تي ڳوٺ بکي ديري تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۲۴ع کان روينيو کاتي ۾ ملازمت جو آغاز ڪيائين، جتان ترقي ڪندي ۱۹۳۱ع ۾ مختيارڪار ۽ ۱۹۴۱ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. جلد ئي ان منصب تان مستعفي ٿي قومي ڪمن لاءِ پاڻ کي ارپي ڇڏيائين  ۽ هاري ڪميٽي ۾ شامل ٿيو. جلد ئي کيس پورو وقت ان لاءِ وقف ڪرڻو پيو. ان ڪري کيس ”سنڌ هاري ڪميٽي“ جو صدر چونڊيو ويو، جنھن جي آفيس حيدرآباد ۾ کوليائين. اتان ”هاري حقدار“ نالي اخبار پڻ ڪڍڻ لڳو. سنڌ جي تاريخ ۾ شاهه عنايت شھيد کان پوءِ ”سنڌ هاري ڪميٽي“ پھرين اهڙي تنظيم هئي جنھن عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. ”حيدر“ جي شخصيت  سنڌ جي عوام آڏو هڪ محبِ وطن دلير سياسي اڳواڻ جي حيثيت ۾ اڀري چڪي هئي. سندس ”مزاج فاروق ۽ ارادو حيدري هو ۽ هو سخنور، شاعر ۽ بيخوف اديب هو“. زباني تبليغ کان سواءِ ملڪي اقتصادي ۽ سياسي مسئلن تي متاثر ڪندڙ مضمون، پمفليٽ ۽ بوڪ ليٽ ڇپائي ورهايائين، جن تي کيس سزا به ملي. سندس شهڪار نظمن کان علاوه تصنيف ٿيل ڪتابن، مضمونن ۽ بوڪ ليٽ جو تعداد ۲۱ کان مٿي هو. ڪامريڊ ”حيدر“ ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي لاڏاڻو ڪيو. کيس وصيت موجب غلام شاهه ڪلھوڙي جي مزار جي احاطي ۾ دفنايو ويو. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو .
ڀلي آئين جي آئين، درياهه شاهه!
ٿي راوي اچي تنھنجي ديدار تي.
۽ ستلج ۽ جھلم نمسڪار تي.
ٿين مست ٿيون، تنھنجي للڪار تي.
ٿين توتي قربان، فنا ڪنھن جي ڪجان،
ڏين پنھنجو پاڻ، لھن وطن تنھنجو،
جو ميلو سمايل فنا اندر آهه!“
**
پير حـُسام الدين شاهه راشدي (۱۹۱۱-۱۹۸۷ع):
سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ محب وطن، تاريخ نويسن ۾ مڃتا رکندڙ ۽ سُڄاڻ صحافين، عالمن ۽ محققن ۾ شمار ٿيندڙ پير صاحب لاڙڪاڻي سان تعلق رکي ٿو. پير صاحب لاڙڪاڻي سان تعلق رکي ٿو. پير صاحب کي سنڌ جي ماڻھن ۽ ڌرتيءَ سان عشق هو. اردو، سنڌي ۽ فارسي زبانن ۾ اعلى درجي جون خدمتون سرانجام ڏنيون اٿس. مڊل ايسٽ، يورپ ۽ ٻين ڪيترن ئي بين الاقوامي ڪاميٽين جي نمائندگي حاصل هيس. پاڻ تقريبن پوري دنيا جو سير ڪيائون. پاڪستان جي عيوضي طور ۱۹۶۲ع ۾ بغداد جي هڪ هزاروين سالگره ۾ ۽ ۱۹۶۴ع ۾. ماسڪو ۾ ”افرو-ايشِائي لسانيات جي ماهرن جي ڪانفرنس“ ۾ شريڪ ٿيا. سندن اعلى ادبي ۽ علمي ڪم جي اعتراف طور کين، ۱۹۶۷ع ۾ حڪومت پاڪستان کان ”ستاره امتياز“ ۽ ادبيات فارسيءَ ۾ ڪيل نمايان خدمتن جي قدر شناسيءَ طور حڪومت ايران کان ”نشان سپاس“ ۽ ٻيھر ۱۹۶۶ع ۾ ”نشان سپاس درجه اول“ مليا. ۱۹۶۷ع ۾ پاڻ تھران ۾ ڪوٺايل ايرانالاجي جي ماھرن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائون. ۱۹۶۵ع ۾ اديبن جي وفد سان ۽ ۱۹۷۴ع ۾ دوستي ۽ خير سگالي جي وفد سان عوامي جمھوريه چين ويا. ۱۹۷۰ع ۾ پاڻ ائڪٽا-ايرانيڪا جي سلسلي ۾ تصنيف و تاليف لاءِ قائم ڪيل بين القوامي عالمن جي ڪاميٽي جا رڪن منتخب ٿيا. کين تھران يونيورسٽي طرفان ”ادبيات ۽ علوم انسانيه“ ۾ اعزازي ڊاڪٽوريٽ جي سَنَدَ پڻ پيش ڪئي وئي. پاڻ ڪافي ڪتاب قلمبند ۽ ايڊٽ ڪيائين. سنڌي ۾ مير معصوم بکري ۱۹۷۹ع، هو ڏوٿي هو ڏينھن، اسلامي ڪتبخانا، ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون کان علاوه فارسي ۽ اردو ۾ لاجواب ڪتاب سندس نالي کي زنده رکن ٿا. خاص طور تي فارسي ادب ۾ تاريخي ڪتابن تي اضافي حاشيا ۽ فوٽ نوٽ سندس محققانه ميراث بڻيل آهن. ٿڪائيندڙ ۽ خشڪ معاملو حل ڪرڻ ۾ مھارت رکندو هو. سندس صلاحيتن مان Ph: D. ڪندڙ کي تمام گهڻي مدد ملندي هئي.
**

حاجي خان محمد چنجڻي (۱۸۴۰-۱۹۱۵ع):
حاجي خان محمد عرف حاجي خان چنجڻي ولد سرائي دوست محمد خان، تعلقي وارهه جي ”ڳوٺ ميانداد چنجڻي“ ۾، ۱۸۴۰ع ۾ ڄائو. مُلا مڪتبن مان تعليم حاصل ڪيائين. چنجڻي سنڌي زبان جو بھترين شاعر هو ۽ شاعري جي صنفن ۾ مداحون، مولود، ڪافيون، سھ حرفيون، ڏوهيڙا، بيت، سھرا، ڳيچ وغيره تي طبع آزمائي ڪيائين. ازانسواءِ پنھنجون ڪافيون يڪتاري تي پاڻ سٺي ۽ سريلي انداز ۾ ڳائيندو هو. راڳ سندس پسنديده مشعلو هو، جي راڳ نه ڪندو هو ته دل تي وڏو بار سمجهندو هو. سنڌي زبان ۾ شاعريءَ جو ”ديوان“ به جوڙيو هئائين، جو ڪنھن سبب ڪري ضايع ٿي ويو. سندس شعر پڪو، پختو ۽ ناصحانه آهي. هن ۱۹۱۵ع ۾ وفات ڪئي. اڄ جيتوڻيڪ چنجڻي اسان وٽ موجود نه آهي پر سندس ڪلام وسيلي سندس نالو هميشه پيو ڳائبو. هيٺ سندس ڪلام جو نمونو ڏجي ٿو.
تنھنجو پيغمبر پيار جي آهي اڪيرن ۾ اڪير،
آيو پنڻ پينار ٿي ڏيو دان در تي جو فقير،
تنھنجي سخا سيد! سڻي عاصين بلو آهي اڪير،
جن جو اجهو تون آهين، سي ڪيئن ڪندا دلگير،
بي ثمر بيڪار عاصي، ڪيئن ڇڏين بيابان ۾،
تون اچو ڪل کون ڪثر شافع ٿيو آن شان ۾،
عاصين کي آهي آسرو، عربي تنھنجي احسان ۾.
**

مولوي در محمد ”خاڪ“ ڪانڌلوي (۱۸۹۷-۱۹۸۰ع):
مــولانــادر مـحـمـد صــديـقـي قريشي تاريخ ۱۲ ربيع الاول ۱۳۱۳هه (۱۸۹۷ع) تي ڳوٺ ڪانڌڙا (نصيرآباد تعلقو وارهه) لاڙڪاڻي ۾ تولد ٿيو. گمنامي ۽ گوشه نشيني هوندي به علم ۽ فضل جي حيثيت سان معروف شخصيت جو مالڪ هو. ذڪر و فڪر، زهد و ورع، اولادي اشغال ۾ مصروف هوندي به شعر و شاعري ۽ نثر سان شغف رکيائين. مولوي در محمد خاڪ جو ڪلام عشقيه ۽ اخلاقي آهي. اول تخلص ”خطائي“ پوءِ ”خاڪ“ ڪتب آندائين. لطيفيات، تصوف، فتوى ۽ اسلاميات جي موضوعن تي سٺ-ستر ڪتاب قلمبند ڪيائين، جن مان ”خزانة العارفين“ لطيف جي صوفيانه شرح مقبول آهي. پاڻ انجمن همدرد قوم نصيرآباد ۽ بزم لطيف نصيرآباد جو صدر به رهي چڪو هو. سال ۱۴۰۱هه مطابق ۱۹۸۰ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڇپيل نعت مان نمونو حاضر آهي.
محمد مصطفى صه هادي، همه هادين جو هادي آهي،
نياپي نينھن جو نادي، همه هادين جو هادي آهي.
فاغفر امتي پھريون، ڄمڻ سان ڄام فرمايو،
گهري بخشش جي گادي، همه هادين جو هادي آهي.
**

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب لاڙڪاڻي جي اديبن ۽ محققن مان هڪ آهي. تاريخ ۲۵ مئي ۱۹۴۵ع تي ڳوٺ خير محمد آريجا تعلقي ڏوڪري ۾ ڄائو. ڊاڪٽر صاحب عملي زندگي جي شروعات استاد جي حيثيت سان ڪئي ۽ ان پيشي سان لڳاءُ هئڻ ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ ڪري ترقيءَ جون منزلون آسانيءَ سان طئي ڪندي پروفيسر جي عھدي تي پھتو. ان دوران سنڌجا مختلف ڪاليج به گهميو، ڪجهه وقت سنڌالاجي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور به فرض بجا آندائين ۽ ڪجهه وقت ڏوڪري ڪاليج ۾ پرنسپل به ٿي رهيو آهي. هن وقت ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ فرض بجا آڻي رهيا آهن. سال ۱۹۷۹ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي نگرانيءَ ۾ ”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو“ جي موضوع تحت مقالو لکي، ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتائين. ان کان علاوه تحقيقي مقالا ۽ ڪتاب به سندس قلم جي نوڪ مان نروار ٿيندا رهن ٿا. ادب ۽ ماحول، موتين مُٺ ملوڪ جي، مولانا عبدالله سنڌي، آدرش رنگ، موتي مير ملوڪ جا، جو ڪيو مطالعو مون، ادب ۽ آئينو، ذهني آزمائش ۽ سنڌ ۾ سياسي چرپر وغيره سنڌي ادب ۾ اضافي جو سبب بڻيل آهن. ڊاڪٽر صاحب هن وقت گل حيات انسٽيٽيوٽ (لاڙڪاڻالاجي) جي سرپرست اعلى طور سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪري رهيو آهي .
**

”زيب“ عاقلي (۱۹۲۰-۱۹۹۱ع):
عبدالحق ولد مولوي محمد ”عاقل“ عاقلي، پھرين آڪٽوبر ۱۹۲۰ع تي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل ۾ تولد ٿيو. تعليم پرائڻ کان بعد ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ۱۹۶۲ع ۾ بحيثيت اسٽاف آرٽسٽ ٿي داخل ٿيو ۽ ترقي ڪري پروڊيوسر ٿيو. ازانسواءِ بيشمار تحريرون، تقريرون، ڊراما، فيچر ۽ گيتن ڀريون ڪھاڻيون وغيره لکيائين ۽ گهڻن ئي پروگرامن ۾ پاڻ حصو به ورتائين. ”زيب“ کي علم ادب جي ڏات پنھنجي خاندان کان ورثي ۾ ملي هئي. سندس والد پڻ وڏو شاعر هو. زيب ماکيءَ جھڙو مٺو ۽ هڪ بھترين انسان هو. زندگيءَ ۾ ڪنھن کي به نه رنجايائين. تنگدستي ۽ مفلسي جي دور ۾ به هميشه مک تي مُرڪ هوندي هيس. زيب ۱۲ مئي ۱۹۹۱ع تي راهه رباني ورتي. سندس ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:
ساڳيا ڏوٿي ساڳيا ڏکڙا، ساڳيو آدم ساڳيو ساهه،
ساڳيو مقصد ساڳي منزل، ساڳيا راهي ساڳي راهه،
وقت سندي رفتار سڃاڻو، ڏاڍا هاڻي ڏاڍ ڇڏيو،
ڪانھي لڪڻ جي جاءِ ڪنھين کي، اوڀر اولھه هڪ الله.
**

ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
ڊاڪٽر شاهنواز ولد در محمد سوڍر ۱۰ مئي ۱۹۴۰ع تي ڳوٺ ٿاڻو سوڍر (فيض محمد سوڍر) تعلقي وارهه ۾ پيدا ٿيو ۽ لاڙڪاڻي جي محققن مان هڪ آهي. پرائمري ماستري مان وڌي ڪاليج تائين پھتو آهي. بي ايڊ، ايم اي سنڌي ۽ ايم اي انٽرنيشنل رليشنس سيڪنڊ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. سندس پسنديده موضوع لطيفيات هجڻ ڪري ان ئي موضوع: ”سنڌي ثقافت ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ تي تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ ڪيائين. مٿين موضوع تي اڳ به گهڻو ڪم ٿيل آهي، پر ڪنھن اعلى ڊگري لاءِ سنڌي زبان ۾ لکيل شاهه صاحب تي هي پھرين ٿيسز آهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي به لطيفي ادب ۾ پھرين ٿيسز آهي. ”شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه مرڪز حيدرآباد“ هي مقالو ۱۹۹۱ع ۾ شايع ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب هڪ ئي وقت سٺو نثر نويس، نقاد، ڪھاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس آهي. سندس لکيل ٻه ڊراما پي ٽي وي تان به نشر ٿي چڪا آهن. ازانسواءِ ڪانفرنسن يا سيمينارن ۾ به پنھنجا تحقيقي مقالا پڙهندو رهي ٿو. هن وقت ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ائسوسيئيٽ پروفيسر جي عھدي تي ڪم ڪري رهيو آهي.
**

شاهه  محمد ديدڙ فقير (۱۸۳۰-۱۸۹۲ع):
سونھاري سنڌ جو هي باڪمال شاعر شاهه محمد ولد بھادر خان ذات جو ديدڙ هو. رهائش ڳوٺ ديدڙ تعلقو قمبر هيس ۽ سنڌ جي مشھور شاعر، سرائي حسين فقير ديدڙ جو ڏوهٽو هو. سن ۱۸۳۰ع ۾ تولد ٿيو، ديني خواهه دنيوي علم پرائي ان ۾ مھارت حاصل ڪيائين. فقير صاحب هميشه فقيري خيال ۽ عشق الاهي ۾ مستغرق رهند وهو. گڏوگڏ سٺو شآعر به هو. ”سندس قلم ڪافي قوت رکي ٿو، سنڌي ۽ سرائيڪي زبان ۾ سادو ڪلام چيو اٿس، پر هر هڪ پنھنجي جاءِ تي لاثاني ۽ بينظير آهي. ٻنھي ٻولين تي ملڪو اٿس. فقير صاحب نه رڳو وقت جو مڃيل عالم هو، پر چوٽ جي شاعرن مان هڪ هو. سندس شعر پڪو پختو ۽ رس ڀريو آهي. قريباً هر موضوع تي طبع آزمائي ڪئي اٿس، پوءِ اهو ناصحاڻو هجي يا عاشقاڻو، پر هر پھلو تي نھايت اعلى ۽ نماڻا خيال پيش ڪيا اٿس . سندس ڪلام ناصح به آهي، ته منجهس فقيري جي خوشبوءَ به آهي. شاهه محمد ديدڙ فقير، شعر جي ميدان ۾ ويھون وڄائي ڇڏيون آهن. سندس وفات کي سال گذريا آهن، تڏهن به ائين پيو ڀائنجي ته ڄڻڪ اڄ وفات ڪئي اٿس .
اگهندين وٽ عجيب جي، ڪري هيڻو حال،
نڪي پسند پرين کي، تنھنجي موري مال،
متان رکين زور زُهد تي، اهو خام خيال،
پرين پرچن ڪين ڪي، توڙي ڪرين تسبيح لعل،
جانب جو جمال، مڪر سان ماڻيو نه ٿئي.
**

حاجي ميان علي محمد ”قادري“ (۱۹۴۰-۱۸۵۶عـ)
ميان علي محمد ولد بھاءُ الدين سجاده نشين درگاهه قادريه لاڙڪاڻو سنڌ، جي ولادت ۱۸۵۶ع ۾ ٿي. سندس والد ان درگاهه جو سجاده نشين هو. سندس پيري مريدي جو سلسلو اڄ به قائم آهي. ميان صاحب جي تعليم تربيت ميان غلام محمد ”گدا“ جي نظر هيٺ ٿي، جو پڻ اعلى پائي جو شاعر هو. ميان صاحب کي شاعري ورثي ۾ ملي هئي. شاعريءَ ۾ سندس استاد غلام محمد ”گدا“ هو ۽ سندس ڪلام پڪو ۽ پختو هو. قادري حاذق حڪيم هو ۽ اهو ئي سندس پيشوهو. پاڻ ڪافي حج به ڪيائين. بزم مشاعره لاڙڪاڻو سندس محنت جو نتيجو هو. قادري نه صرف سنڌ ۾ پھريون عوامي مشاعرو قائم ڪيو پر پھرين ڪل سنڌ مشاعره ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ منعقد ڪرڻ جو سھرو به سندس سر تي سونھين ٿو. ان کان پوءِ ادبي ڪانفرنسن ڪوٺائڻ جو رواج پيو. ازانسواءِ ميان غلام سرور فقير سان گڏجي قادريه پرنٽنگ پريس قائم ڪيائين، جنھن مان ٻه رسالا ”الحقيقت“ ۽ ”گلدسته“ سندس ادارت هيٺ نڪرندا رهيا، جن سنڌي غزل کي مقبول بنائڻ لاءِ ڪافي هٿي ڏني. ميان علي محمد فقيرانه اوصافن جو مالڪ هو. سندس انتقال ۱۹۴۰ع ۾ ٿيو . هيٺ سندس ڪلام جو نمونو ڏجي ٿو :
جي نه پيدا ٿئي ها مرسل، مظھر نور خدا،
ڪين خلقي ها خدا، هرگز زمين و آسمان.
خود خدا تنھنجو ثناگر پاڻ محبوب خدا،
”قادري“ جي آهه ٿي تعريف کان قاصر زبان.
**

فقير عثمان سانگي (۱۸۶۰-۱۷۷۸ع):
ٽالپور دور جو مشھور صوفي شاعر، فقير عثمان ولد خير محمد سانگي، لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”ڄاماڻي سانگي“ ۾ ڄائو. شروعات ۾ ان وقت جي دستور موجب فارسي جي تعليم حاصل ڪيائين، بعد ۾ نوشھري جي صوفي بزرگ مخدوم عبدالحئي نقشبندي جي دست بيعت ٿي، صوفياڻي رنگ ۾ رڱجي ويو. ويتر فقير خير محمد هيسباڻي جي صحبت ان کي پختو ڪيو ۽ پوءِ جذبه عشق ۾ اچي شعر چوڻ لڳو. سندس ڪافين جي ڏاڍي مقبوليت ٿي ۽ ماڻھو سندس ڪلام مان روحاني سرور حاصل ڪندا رهيا. عثمان فقير جون ڪافيون اڄ به ڳايون وڃن ٿيون. سندس ڪلام ۾ روحاني راز سمايل آهن. فقير صاحب برابر مني صديءَ کان وڌيڪ ڄمار حاصل ڪري سن ۱۸۶۰ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس ڪلام کي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور ترتيب ڏيئي ڇپايو آهي. سندس ڪافي نموني طور حاضر خدمت آهي:
جن لئي ٿيس مون جوڳياڻي،
دل لٽي ويو آ دلبر جاني.
جانب ڪاڻ جھان ۾، شھر ڦِران ٿي سيلاني،
دل لٽي ويو آ دلبر جاني.
اڳ نه هيس اهڙي، نينھن ڪئي ناداني،
دل لٽي ويو آ دلبر جاني.
اَچي پرين ”عثمان“ سان مولا، گڏ ٿيندين شل گذراني،
دل لٽي ويو آ دلبر جاني.
**

علي خان ابڙو (۱۸۸۸-۱۹۵۴ع):
لاڙڪاڻي جي اديبن ۽ تعليمي آفيسرن ۾ محترم علي خان ولد محمد عمر ابڙو جو نالو نمايان حيثيت جو حامل آهي. هي ۱۹۸۸ع ۾ ميھڙ جي ڀرسان ”ڳوٺ سانگين“ ۾ تولد ٿيو، پوءِ لاڙڪاڻي منتقل ٿي آيو. تعليم کاتي ۾ مختلف عھدن تي فائز رهي پرنسيپال جي عھدي تان رٽائر ٿيو. پاڻ نھايت شريف، ديانتدار ۽ محنتي آفيسر هو. ويھن جي لڳ ڀڳ اسلامي، علمي ۽ ادبي ڪتاب لکيائين. آخر ۾ ”معارف القرآن“ جي طرز تي، قرآن مجيد جو تفسير سنڌي زبان ۾ لکيائين. سندس ڪافي ڪتاب درسي ڪتابن طور پڙهايا وڃن ٿا. سنڌي زبان جو مشھور افسانه نگار محترم جمال ابڙو سندس فرزند آهي. ابڙي صاحب نثر سان گڏ نظم ۾ به طبع آزمائي ڪئي ۽ سندس شاعري علم عروض مطابق آهي. ۱۶ جولاءِ ۱۹۵۴ع تي وفات ڪيائين. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
اچي ٿو غيب مان آواز، لڳائي ڪن،
ٻڌڻ گهرجي.
پڙهي قرآن معنى سان، عمل تنھن تي،
ڪرڻ گهرجي.
چوي هرڪو ته مان عاقل، چڱو سڀ،
کان به مان ئي مان.
ڪلام الله چٽو آهي، پرک تنھن مان،
وٺڻ گهرجي.
**

مولوي عبدالرؤف ”عاصي“ (۱۸۸۹-۱۹۴۸ع)
مولوي عبدالرؤف ولد رئيس فتح محمد ابڙو ۱۸۸۹ع ۾ ڳوٺ کنڊو، تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. قرآن پاڪ غلام محمد ملاح وٽ پڙهيو ۽ عربي، فارسي مولوي عبدالعزيز شاهه وٽ پڙهي دستاربندي ڪيائين. وڌيڪ تعليم مولوي اميد علي جيڪب آبادي ۽ مولوي شمس القمر پنجاب وٽان حاصل ڪيائين ۽ درس تدريس جي پيشي سان منسلڪ ٿيندي ڪافي ناليرا شاگرد پيدا ڪيائين. ”عاصي“ ذهين، جيد عالم، صابرين ۽ عاشق رسول صلي الله عليھ وآلھ وسلم هو. عربي ۾ ايتريقدر ته ماهر هو جو شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو مٿس مفتون هو. مولوي صاحب نه رڳو جيد عالم، پر مدبر سياسي شخصيت جو مالڪ پڻ هو ۽ گڏوگڏ اعلى پائي جو شاعر به. سنڌي کان علاوه عربي فارسي ۾ به طبع آزمائي ڪئي اٿس ۽ تخلص ”عاصي“ ڪتب آندائين. سندس ڪلام ججهو هو پر پوين جي عدم توجھي سبب ضايع ٿي ويو. مولوي صاحب ۸ جولاءِ ۱۹۴۸ع تي هڪ حادثي دوران راهه رباني وٺي ويو. سندس نالو ادبي ۽ قومي خدمتن جي ڪري هميشه ياد رکيو ويندو. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
هلي هوت حبيب ڏي، آءٌ شال ملندياس لو،
وٺي مھارون مين جون ٽڪر تي ٽرندياس لو،
موڙي مڃ ٽاريون چانگن چاريندياس لو،
هلي هوت حبيب ڏي.
لڏان لھرين وچ ۾ تپ، اولو موڙيندياس لو،
هلي هوت حبيب ڏي.
لھريون شال لطف سين لحظي ۾ لنگهندياس لو،
هلي هوت حبيب ڏي.
منارا مرسل جا مان ڏوري شال ڏسندياس لو،
هلي هوت حبيب ڏي.
چار ئي يار رسول صلعم جا پنجتن پاڪ پسندياس لو،
هلي هوت حبيب ڏي.
ماڻڪي محمد مير جي چشمن سان چمندياس لو،
هلي هوت حبيب ڏي.
”عاصي“ عبدالرؤف چئي ڪلمي سان لڏيندياس لو،
هلي هوت حبيب ڏي.
**

ڪامريڊ علي محمد عباسي (۱۹۰۱-۱۹۶۰ع):
ميان علي محمد ولد سعيد خان عباسي، ڳوٺ وليد عباسي لاڙڪاڻو ۾، ۶ جون ۱۹۰۱ع تي تولد ٿيو. پاڻ زميندار هو ۽ هارين جي حقن لاءِ سدائين اوسيئڙو رهندو هوس. اهو ئي ڪارڻ هو جو ”هاري حقدار ڪاميٽي“ جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. پاڻ هيو ته بنيادي زميندار پر سندس دل ۾ قومي جذبو به هو. تنھن ڪري قومي شاعريءَ کي وڌيڪ ترجيح ڏنائين ۽ پنھنجي شعر ذريعي ملڪ جي معاشرتي، معاشي حالتن جي ڀرپور عڪاسي ڪيائين. سال ۱۹۵۲ع ۾ پنھنجي ڪلام جو مجموعو ”پيام سنڌ“ نالي شايع ڪرايائين، جنھن ۾ نظم، بيت ۽ ترانا وغيره شامل آهن. ازانسواءِ ڪجهه وقت سياست ۾ به بھرو ورتائين ۽ وليد يونين ڪائونسل جو ميمبر به رهيو. کيس هارين جي حالت جي ڄاڻ هئي، ان ڪري پنھنجون ڪجهه زمينون وارهه تعلقي ۾ هارين کي مفت ڏنائين؛ ان ڪري ”ڪامريڊ“ سڏيو وڃي ٿو. سندس صحبتين ۾ حاجي امير علي لاهوري، ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي ۽ حيدر بخش جتوئي شامل آهن. هن دردمند انسان ۵-نومبر ۱۹۶۱ع تي وفات ڪئي. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
عمر ساري  جنھن گذاري عيش جي آڌار تي،
سنڌ ۾ ظالم وڏيرپ جو ٿو ٻيڙو غرق ٿئي،
قدرتي آواز تنھن چؤطرف ڦٽڪار تي،
انقلاب آڻڻ ”عباسي“ جي حياتيءَ جو آواز،
عمر ڳاري جنھن پياري حال هاري زار تي.
**

پير علي محمد شاهه راشدي (۱۹۰۵-۱۹۸۷ع):
پــيــر عــلي محمد شاهه ولد پير محمد حامد شاهه راشدي جو جنم ۵ آگسٽ ۱۹۰۵ع تي ٿيو. محدود تعليم جي باوجود شھرت جي بلندين تي پھتو. اردو، سنڌي، انگريزي ۾ ڪتاب ۽ بين الاقوامي شھرت جا حامل مقالا لکيائين. خاص ڪري مادري زبان سنڌي سان بيحد دلچسپي هيس. ”اهي ڏينھن اهي شينھن“ ٽي جلد ۱۹۴۴-۱۹۸۰-۱۹۸۱ع، ادبي دنيا ۾ آشڪار آهن. پير صاحب جي شخصيت گهڻ رخي آهي، جنھن ۾ صحافت، ادب، تاريخ ۽ سياست اچي وڃن ٿا. ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته، هو پنھنجي ذات ۾ ڏات جو ڌڻي هو ۽ ساڳئي وقت پنجاهه سالن جي مڪمل تاريخ پڻ هو. پاڻ سفير ۽ وزير به ٿي رهيو. آزادي جي تحريڪ ۾ بي بھا قربانيون ڏنائين، خاص طور تي ۲۳ مارچ ۱۹۴۰ع تي پاڪستان جو ٺھراءُ پاس ڪرڻ ۾ سرگرم عمل رهيو. ”قلم“ کان هميشه هٿيار جوڪم ورتائين، جنھن ڪري سنڌي قوم جو وقار بلند ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيائين. پير صاحب مڃيل محقق هو. سندس سوچ ۾ محققانه پيش رفت هئي. اهو ئي سبب آهي جو پير صاحب جي تحرير پياري، معياري ۽ نياري آهي .
**

حاجي علي بخش جمالي (۱۹۱۲-۱۹۹۷ع):
سنڌ جو ڪھنه مشق بزرگ شاعر، هميشه فقيري خيال ۾ نظر ايندڙ، سندس ڪنھن به خوبيءَ تي نظر ڪجي ته پنھنجي رنگ ڍنگ ۾ نرالي ۽ بلند پايي تي معلوم ٿيندو، بزرگ شخصيت حاجي علي بخش ولد ڪريم بخش جمالي ۱۹۱۲ع ۾ تعليم صرف ٻه درجا حاصل ڪيائين. شاعريءَ جو شوق ننڍپڻ کان دامنگير رهيس، ويتر مولانا غلام رسول جتوئي، مولوي عبدالله ”اثر“ جي محبت ۽ صحبت ۾ر هي رچي ريٽو ٿي ويو. سندس ڪلام ۾ رواني آهي. ٽيھه اکريون، رباعيون، دوها، غزل، قطعا، ڪافيون، مداحون، مولود، وايون سندس ڪلام جو حصو آهن. حمديه، نعتيه ۽ مسدس سندس پسنديده صنفون رهيون. سنڌ جي هن پورهيت عوامي ۽ معمر شاعر کي، مسدس ۾ سنڌ جو حالي تصور ڪيو وڃي ٿو. شاعري ۾ آسي، جمالي، علي بخش تخلص ڪتب آندائين. حاجي صاحب بزم اثر لاڙڪاڻي جو نائب صدر، بزم سچل لاڙڪاڻي جو سرپرست ۽ سنڌي ادبي سوسائٽي جو ٻانھن ٻيلي رهي چڪو هو. سندس ڪلام جا ڇپيل ٻه مجموعه ملن ٿا. سارا گل گلاب جا، محسن اعظم نعتيه ديوان). کيس ۱۹۹۶ع ۾ صدارتي ايوارڊ جو حقدار مڃيو ويو . سندس ڪلام نموني طور هيٺ ڏجي ٿو :
مڃان ٿو دوستو هاڻي، برائي چوٽ تي آهي،
چئون ٿا جنھن کي غيرت، سا وڪاڻي نوٽ تي آهي.
ٻڌو سندرو اسان ساهي، سراسر کوٽ تي آهي،
اسانجو هر قدم ابتو، اڍنگو اوٽ تي آهي.
**

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو (۱۹۱۹-۱۹۹۰ع):
ڊاڪٽر صاحب کي لاڙڪاڻي جي نامور استادن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. عملي زندگي جو آغاز پرائمري ماستري سان ڪيائين ۽ آخر ۾ پرنسپال جي عھدي تان پينشن تي پھتو. اَورچ، محنتي ۽ لڳاتار لوچ رکڻ سان ڪافي ڪتاب لکي ورتائين. خاص طور تي لوڪ ادب، لغت ۽ لسانيات تي سندس ٿيل ڪم سنڌي ادب ۾ مثالي حيثيت رکي ٿو. سندس لکيل مقالن ۽ ڪتابن تي ايوارڊ ۽ گولڊ ميڊل به مليس. پاڻ ڪيترن ئي ڪميٽين جو ميمبر به رهيو.
”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ عنوان تحت تحقيقي مقالو سندس عرق ريزي ۽ نُور جو نچور ثابت ٿيو ۽ سنڌ يونيورسٽي طرفان انھيءَ عظيم عقل سليم عيوض کيس سال ۱۹۷۴ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏني ويئي. سندس لکيل ڪتابن ۾ لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ (مونو گراف)،وينجهار تحقيق لغات سنڌي، سامي ڌاتو ڪوش، سچل لغات، پھاڪن جي پاڙ، ڏهس نامو ۽ اصطلاحن جي اصلت وغيره، ادبي اهميت جو احساس ڏيارين ٿا. کيس سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيل ادبي خدمتن جي اعتراف طور پاڪستان سرڪار ۱۹۸۵ع م ”تمغه امتياز“ جي اعزاز سان نوازيو .
**

مولوي عبدالله ’اثر‘ (۱۹۳۰-۱۹۷۶ع):
مولوي عبدالله ولد مولوي الھڏنو چانڊيو، ۴ جولاءِ ۱۹۳۰ع تي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو ۾ ڄائو. سال ۱۹۳۶ع ۾ سنڌي فائينل ڪري مسلم اسڪولن ۾ ماستر مقرر ٿيو. اتان ٽريننگ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ استاد ٿي آيو ۽ آخر اي.ڊي.آءِ.ايس مقرر ٿيو. ملازمت سان گڏ تعليم به جاري رکيائين ۽ محنت سان ايم.اي سنڌي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پاس ڪيائين. کيس پي.ايڇ.ڊي ڪرڻ جو شوق هو. انھيءَ سلسلي ۾ ”سنڌي بيت ۾ نعتيه شاعري“ جو عنوان به منظور ڪرايو هئائين. مولوي صاحب تعليمي ماهر، اديب، علم عروض جو ماهر، تصوف ۽ تفسير جو وڏو ڄاڻو هو. ازانسواءِ لاڙڪاڻي جي علمي ادبي ادارن ۽ نصابي ڪميٽين جو ميمبر، سرگرم ڪارڪن ۽ سرپرست هو ۽ بزم سچل لاڙڪاڻي جو صدر. پاڻ نيڪ سيرت ۽ اعلى گڻن جو مالڪ هو. مسدس، مثنوي، مرثيه، قطعات، رباعي، سه حرفي ۽ نعت جي صنفن تي پڻ ججهي طبع آزمائي ڪئي اٿس. سُخن گوئي ۾ ”اثر“ تخلص ڪم آندائين. سندس هڪ ڇپيل نعتيه ديوان ”ذڪر حبيب“ جي نالي سان به ملي ٿو. قصيده بانت سعاد، قصيده غوثيه ۽ قصيده برده جو منظور ترجمو به ڪيائين. تاريخ ۲۶ ڊسمبر ۱۹۷۶ع تي هڪ حادثي دوران لاڏاڻو ڪيائين. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
تنھنجي ته نوازش تي هو ناز اي دلبر،
مخفي نه ڪيئي مون کان ٿي راز اي دلبر.
اف! غير جي گهر کان ٿي گذر ويو تنھنجو،
ارمان جو اڄ آهين نه ساز اي دلبر.
*
آستين ۾ هزارين بت آهن،
ٿي اَجايو جُهڪي جبين نياز.
تيغ ”لا“ جو کپي ٿو طرز عمل،
ورنه ڇا سجده ڇا رڪوع و نماز.
**
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (۱۹۳۰-۱۹۹۲ع)
سنڌ جو ڄاتل سڃاتل اديب، عالم، بھترين مقرر ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڪنھن به تعارف جومحتاج نه آهي. سندس ولادت ۱۹۳۰ع ۾ ٿي. پاڻ اصل شڪارپور جو هو، ورهاڱي کان ٿورو اڳ لاڙڪاڻي ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو. ايم.اي سنڌي ، ايم.اي ثقافت اسلامي، ايم.اي مذاهب عالم جو تقابلي مطالعو ڪيائين، ۽ سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما ڪري پي ڊبليو ڊي کاتي ۾ اوورسيئر ٿيو. جتان پوءِ ليڪچرار ٿيو. ميمڻ صاحب شروعات ۾ ”فائق“ تخلص سان شاعريءَ طرف توجهه ڏنو، پر پوءِ نثر طرف زياده توجهه ڏنائين. نتيجي ۾ ۶۵ جي لڳ ڀڳ تحقيقي ڪتاب لکيائين. ”بيان العارفين سنڌيءَ جي ترتيب ۽ اپٽار“ جي عنوان تحت تحقيقي مقالو لکي سنڌ يونيورسٽي مان ۱۹۷۴ع  ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪيائين ۽ آخر ۾ پرنسپل جي عھدي تان رٽائير ٿيو. سندس تحقيقي تاريخي ڪتابن ۾ ڪريم جو ڪلام، تذڪره شعراءُ سکر، لطيف جو پيغام، لطيفي لات، شڪارپور جي ٻولي، سنڌي ۾ نعتيه شاعري کان علاوه اردو ۾ لکيل ڪتاب لسانيات پاڪستان، نگارشات سنڌ، پاڪستان ۾ صوفيانه تحريڪين ادبي اهميت جون حامل آهن. ان لکڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته ميمڻ صاحب سنڌي زبان ۾ نڪرندڙ ڪا به اخبار يا رسالو نه ڇڏيو آهي، جنھن ۾ سندس تحقيقي مضمون نه ڇپيا هجن. ازانسواءِ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر هجڻ سان گڏ ٻين به ڪيترن ئي ڪميٽين تي نمائندگي هيس. ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس ۱۹۸۶ع ۾ صدارتي ايوارڊ ”تمغه امتياز“ ۽ وفات کان پوءِ ۱۹۹۲ع ۾ کيس ”تمغه امتياز“ مليو. سندس شاگردن جو حلقو وسيع آهي.
**

پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي
محترم ڊاڪٽر ميمڻ صاحب ڪنھن به رسمي تعارف جو محتاج نه آهي. هو پنھنجي اعلى ظرفي، خود اعتمادي ۽ مستقل مزاجي سببان سنڌي ادبي دنيا ۾ امر حيثيت سان مڃتا رکي ٿو. لاڙڪاڻي جي قديم آبادي ميمڻ محلو ۾ ستين پيڙهين آباد آهي. هي پھريون خوشنصيب آهي جنھن سنڌي ادب ۾، سنڌي يونيورسٽيءَ مان ۱۹۷۵ع ۾، ايم فل جي سندَ ورتي آهي. سال ۱۹۷۸ع ۾ ايل ايل بي ۾ ٻيو نمبر آيو ۽ اڻويھين صديءَ جا نثر نويس“ جي عنوان هيٺ تحقيقي مقالو لکي، ۱۹۸۵ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتائين.
ميمڻ صاحب کي پنھنجي ٻوليءَ سان بي انتھا پيار آهي ۽ ان لاءِ پنھنجي حياتي وقف ڪري ڇڏي اٿائين. ۱۹۸۴ع کان لڳاتار لکندو رهي ٿو. ڪافي ڪتاب لکي چڪو آهي ۽ سندس تاريخي ۽ تحقيقي مقالا سنڌ خواه هند جي اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻيل آهن. سنڌي انسائيڪلوپيڊيا (۵ جلد) سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، عظيم سنڌي انسان، ادبي خزانو، حضرت محمد مصطفى صلي الله عليھ وسلم، سچا موتي، ادبي اکيڙ، وغيره سنڌي ادب ۾ مثالي حيثيت رکن ٿا. هن اورچ انسان جا ڪيئي شاهڪار اردو، انگريزي، براهوئي ۽ گجراتي زبان ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن. سندس نثر سادو ۽ سلجهيل آهي. ڀٽائي ڀلاري ۽ سچل سونھاري جي فڪر، فلسفي ۽ فن کي اونھي انداز ۾ بيان ڪرڻ هن ادراڪي انسان جي علمي جستجو جو مظھر بڻيل آهي. وٽس معياري ڪتبخانو پڻ آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو سھڻو شعر جوڙي جس لھي ٿو. قوي اميد آهي ته سندس جاکوڙ صدين تائين ساراهي ويندي.
**

ڊاڪٽر صاحب ڳوٺ ڪاراڻي (موهن جو دڙي لڳ) ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ ۲۸ فيبروري ۱۹۸۰ع تي پيدا ٿيو. هن اَورچائي جي عادت سبب، مشڪل مرحلا طئي ڪندي ڏاڍا ڏاکڙا ڏسندي ساڃاهه جو سفر جاري رکيو. سندس تعلق لاڙڪاڻي سان وابسته آهي. وڏو خوشنصيب آهي جو شمس العلماءُ عمر بن محمد دائود پوٽو صاحب وٽ ورهين جا ورهيه هڪ صحبتي جي حيثيت ۾ علمي راھ متعين ڪندو رهيو. اخبارن ۽ رسالن ۾ تمام گهڻو لکيو اٿس. ويتر انفارميشن کاتي ۾ رهي، صحافت جو آزمودو پڻ ڀلي ڀت حاصل ڪيائين. سال ۱۹۸۳ع ۾ ڊاڪٽريٽ لاءِ لکيل تحقيقي مقالو ”سنڌيصحافت جي ارتقا ۽ تاريخ“ ڇپيل مئي ۱۹۸۸ع، سندس عرقريزي ۽ عُمدي جاکوڙ جو واضح ثبوت مھيا ڪري ٿو. مقالي ۾ سنڌي ادب جو حصو خوبين سان وڌيڪ سرشار نظر اچي ٿو. ٻگهيو صاحب هن وقت پريس انفرميشن ڊپارٽمينٽ اسلام آباد ۾ پبلسٽي جو ڊائريڪٽر آهي .
**

غمدل فقير (۱۸۶۷-۱۹۷۲ع):
عبدالخالق عرف ”غمدل“ فقير ذات جو دايو هو، سندس والد جو نالو پير بخش خان هو، ۽ سندس ولادت پنو عاقل جي ڳوٺ ”ڪچا چاچڙ“ ۾، ۱۸۶۷ع۾ ٿي. شاعريءَ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي دامنگير رهيس. پاڻ صوفي طريقي جو بزرگ ۽ قادر الڪلام شاعر هو. بيت، سه حرفي، ڪافي، مناجات ۽ وصال نامه وغيره صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. هن درويش صفت انسان سنڌ جو سير سفر ڪري آخر رتوديرو ضلعو لاڙڪاڻو کي پنھنجو مسڪن بنايو سندس ڪلام ۾ پختگي، برجستگي، رواني ۽ رنگيني ججهي انداز ۾ موجود آهي. سندس ڪلام جو مجموعو ”ديوان گلزار غمدل“ جي نالي سان سندس فرزند لطف علي ڇپائي منظر عام تي آندو آهي. هن بزرگ ۱۹۷۲ع ۾ طويل عمر ماڻي وفات ڪئي. سندس ڪلام نموني طور هيٺ ڏجي ٿو :
عشق لڳا الحمد لله صد بار شڪر گذار ميان،
وڳڻين وسدا مرشد ميڏا قلندر قربدار ميان،
ڪيتس قرب اياز والا عالم وچ اظھار ميان،
”غمدل“ نال وصال هميشه نينھن ڪيتس نروار ميان.
**

مولوي غلام رسول جتوئي (۱۸۵۸-۱۹۴۹ع):
سنڌ ڌرتي عالمن، صوفين، درويشن جي ڌرتي آهي، جنھن جي ڪُک مان ناميارن اديبن ۽ شاعرن جنم ورتو آهي؛ جن جي امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏيھان ڏيھه مشھور آهي. مولوي غلام رسول ولد بھاول خان جتوئي به انھن ۾ شامل آهي. مولوي صاحب عاشق رسول صلي الله عليھ وآلھ وسليم، عالم، فاضل، خطيب، اديب، ۽ مولود گو شاعر هو. سندس ولادت تعلق ڏوڪري جي ڳوٺ محراب پور ۾ ۱۸۵۸ع ۾ ٿي. مرحوم جو شعر و شاعري سان حد درجي تائين لڳاءُ هو. ڪافي، مولود، مداحون، مناقبا ۽ بيت جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿائين. ڪجهه شاعري جا ڪتاب لاڙڪاڻي جي مشھور ڪتب فروش ”کٽڻ مل ويڙهو مل“ شايع ٿيا. جن ۾ ”ديوان جتوئي“، ”گلش جتوئي“، ”جذبات جتوئي“، ”مولود جتوئي“ وغيره شامل آهن. مولانا صاحب جنوري ۱۹۴۹ع ۾ پنھنجي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي. کيس اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو :
ڏيکار ڌڻي سيگهه ۾ هڪ وار مدينو،
حضرت رسول صه پاڪ جو درٻار مدينو.
قرآن ۾ ساراهه سندس پاڪ خدا ڪئي،
سڀ شھر سندو آهي هي سردار مدينو.
موت توکي ڪڍڻ ساهه ڪين جو ڏيندس،
جيتر نه ڏسان آءٌ اکين ٺار مدينو.
ڀلي بھشت ڪنان جاءِ جتوئي لئه اها آ،
رضوان ڏسي آءُ تون گلزار مدينو.
مشھور مدينو ٿيو هر جاءِ ”جتوئي“،
ڇا فرش، بلڪ عرشي ۾ اظھار مدينو.
**

ميان غلام سرور ”فقير“ قادري (۱۸۸۹-۱۹۳۲ع)
غلام سرور ولد ميان نور محمد قادري ۱۰ جنوري ۱۸۸۶ع تي لاڙڪاڻي ۾ تولد ٿيو. شروعاتي پارسي جي تعليم پنھنجي چاچي غلام محمد ”گدا“ کان ورتائين ۽ بعد ۾ ميان غلام علي محمد قادري سندس رهنمائي ڪئي. فقير صاحب کي ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ سان شوق هو، ان سلسلي ۾ پھريائين ”حنيف“ ۽ بعد ۾ ”فقير“ تخلص ڪم آندائين. سنڌي فائنل ڪري تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ ترقي ڪندي اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشن آفيسر ٿيو. فقير صاحب بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي بانين مان هو ۽ پھرين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ ٿي ته ان جي بانين مان به ”فقير“ هڪ هو. پاڻ طبيعتاً نھٺو ۽ حليم هو. هن خاندان لاڙڪاڻي ۾ شروع کان شعر و شاعري ۽ علم ادب جو ڏيئو روشن رکيو هو. فقير صاحب ۲۸ نــومــبــر ۱۹۳۲ع تــي رحــلــت ڪــئــي. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو .
هي گنج ۽ خزانا ڀاڳ، نيبھه ڪين ڪي ٿيندا،
هي مڏيون مال ۽ اسباب، ڪجهه ڪم ڪين ڪي ايندا،
ايندا ڪم روز محشر ۾، چڱا اعمال سڀ توکي،
مددگار ڪندا آخر ۾، نيڪ افعال سڀ توکي.
**

مولوي غلام حسين عباسي (۱۹۹۳-۱۹۶۸ع):
لاڙڪاڻي جي مشھور ڳوٺ وليد جو مڃيل عالم، مولوي غلام حسين ولد مولوي محمد يوسف عباسي ۱۸۹۳ع ۾ تولد ٿيو. شروعاتي تعليم والد بزرگوار وٽان حاصل ڪيائين ۽ وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ لاءِ ماستر محمد پريل سومرو، مولوي عبدالله رتائي، مولوي محمد قاسم ۽ مولوي مير محمد نورنگي جا در ڀيٽيائين ۽ دستار فضيلت ٻڌائين. پوءِ حافظ محمد ڪامل دايو جي صحبت مان فيضياب ٿي هڪ معلم جي حيثيت ۾ ڪافي مدرسن ۾ درس ڏيندو رهيو. مولوي صاحب  اعلى مدرس، خطيب، ليکڪ، عاشق رسول صه  هو .سادي زندگي گذاريائين ۽ اعلى اخلاق، مھمان نواز، صاحب تقوى۽ پرهيزگار هو. ڪافي ڪتاب به ترجمو ۽ تاليف ڪيائين. سندس شاندار لائبريري به هئي جت ڪافي تعداد ۾ ناياب نسخا موجود هيا، جن مان ڪجهه سنڌالاجي اٿارٽي وارا سندن پوين کان خريد به ڪري ويا، جي اڃا تائين ات موجود آهن. کيس نرينه اولاد به ٿيو پر سندس زندگيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويو. مولوي صاحب جي شاگردن ۾ سيد عبدالفتاح شاهه، ڊاڪٽر عبدالھادي سرهيو ۽ ڊاڪٽر مدد علي قادري جا نالا قابل ذڪر آهن. پڇاڙيءَ ۾ پاڻ قوت سماعت ۽ گويائيءَ کان محروم ٿيو. هن بزرگ زندگي جون ڪافي بھارون ماڻي راهه رباني ورتي، کيس وليدن جي جامع مسجد ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو .
**

علامه  غلام  مصطفى قاسمي (ولادت ۱۹۲۴ع):
علامه غلام مصطفى ولد حافظ محمود چانڊيو اصل ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو، تعلقو ميروخان ضلعو لاڙڪاڻو جو رهاڪو آهي. قاسمي صاحب نيڪ نيت، پرخلوص، فياض ۽ بين الاقوامي شھرت جو حامل آهي. سنڌي، اردو، عربي، فارسي ٻولين ۾ مھارت رکي ٿو. سندس فيض جو درياهه جاري و ساري آهي. حيدرآباد ۾ مستقل رهائش رکي ٿو. چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ رهي چڪو آهي. ڊائريڪٽر شاهه ولي الله اڪيڊمي، اعزازي پروفيسر سنڌ يونيورسٽي، سنڌي ڪائونسل جو رڪن، اقبال اڪيڊمي جو ميمبر ۽ ٻين نصابي، غير نصابي ڪميٽين جو ميمبر آهي ۽ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو ميمبر پڻ آهي. قاسمي صاحب علمي ادبي حلقن ۾ به ڄاتل سڃاتل ۽ مڃيل حيثيت جو مالڪ آهي. ڪافي علمي ادبي ۽ اسلامي ڪتاب سندس محنت ۽ ڪاوشن جو نتيجو آهن. ماهوار ”الرحيم“ سنڌي ۽ ”الولي“ اردو سندس نگراني ۾ نڪرن ٿا. سندس شاگردن جو حلقو به وسيع آهي. سندس رهنمائيءَ ۾ اسلاميات، سنڌي، اردو، عربي، فارسي جي شعبن ۾ ڪيترن شاگردن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي آهي ۽ اڃا ڪي جستجو ڪري رهيا آهن. سنڌين کي سندن ذات تي فخر آهي. حڪومت پاڪستان ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس ۱۹۷۸ع ۾ ”تمغه امتياز“ ڏنو، کيس الله تعالى دراز عمر عطا فرمائي.
**

غلام عباس ”جوش“ (۱۹۰۴-۱۹۶۲ع):
غلام عباس ولد دوست محمد قادري ۱۹۰۴ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ تولد ٿيو. شاعري کيس ورثي ۾ ملي هئي. نوجوان کان آخر دم تائين علم و ادب جي خدمت ڪندو رهيو. بزم مشاعره لاڙڪاڻي جو انتظام هنجي حوالي هوندو هو ۽ لاڙڪاڻي ۾ جيڪي به ادبي ڪانفرنسون ٿينديون هيون، تن جي انتظام ڪرڻ ۾ پيش پيش هوندو هو. ۱۹۴۲ع ۾ ٿيندڙ ستين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻي جي استقبالي ڪميٽيءَ جو چيئرمين هو. ”جوش“ ۲ فيبروري  ۱۹۶۲ع تي انتقال ڪيو. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: 
صد شڪر رخ ٿيو آ، مون ڏانھن يار جو ڪجهه،
مس مس ٿيو آ سامان، اکين جي ٺار جو ڪجهه.
مصري کان وڌ مٺو جيئن، منھن جو مٺو جو آيو،
ويو مرتبو وڌي جهٽ، مصري بازار جو ڪجهه.
ميت ڏسي پو پاسو ڀل ڪيو مگر خدارا،
پت رکجو منھنجي دلبر، هيڏانھن نھار جو ڪجهه.
وعدو ڏئي وئين تون، ڪر ياد سو پيارا،
رک شان مان پنھنجي، تون اعتبار جون ڪجهه.
اي ”جوش“ بار عصيان کان ڏيل هي ڏڪي ٿو،
آٿت فقط آ رحمت پرودگار جو ڪجهه.
**

ڊاڪٽر غلام رسول سومرو
ڊاڪٽر غلام رسول ولد محمد اسماعيل سومرو ۱۹۴۶ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. تعليم جا مرحلا لاڙڪاڻي ۾ ئي طئي ڪيائين ۽ ۱۹۷۳ع ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪري ليڪچرر ٿيو ۽ مستقل طور ڪراچي ۾ آباد ٿيو. سنڌي علم ادب سان چاهه هجڻ ڪري، ”لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ“ جي عنوان هيٺ سنڌيءَ ۾ تحقيقي مقالو لکي ۱۹۹۲ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي سندَ سان پاڻ سينگاريائين. مقالي جي نگران طور نالو ڊاڪٽر اياز قادري جو قائم آهي. لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ بابت لکيل هي ڪتاب وڏي محنت سان مڪمل ڪيائين. ٻين لفطن ۾ ائين چئجي ته منجهس ادب جي حوالي سان لاڙڪاڻي جي مڪمل تاريخ تيار ملي ٿي .
سندس ٻه ڪتاب قائداعظم ۽ علامه اقبال متعلق ترجمي جي صورت ۾ ملن ٿا. سندس لکيل تحقيقي، تاريخي مقالا ادبي رسالن جي زينت بنبا رهن ٿا. ڊاڪٽر صاحب هن وقت دهلي ڪاليج ڪريم آباد ڪراچيءَ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر آهي.
**

ڪشنچند بيوس (۱۸۸۵-۱۹۴۸ع):
سنڌ جو مشھور عوامي شاعر ڪشنچند ”بيوس“ ولد تيرٿداس کتري لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ پختو شاعر هو ۽ سندس شعر مضمون جي لحاظ کان منفرد حيثيت جو حامل هو. ”بيوس“ پنھنجي سليس، سلوڻي، عوامي ۽ فطرتي شاعريءَ جو موجد هو. ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته ”بيوس“ پھريون شخص آهي، جنھن گل ۽ بلبل واري ايراني ۽ اردو رنگ کي ڇڏي، ٺيٺ سنڌي زبان ۾ طبع آزمائي ڪئي ۽ قومي فطري خيال پيش ڪيا. سندس زندگي هڪ آدرشي استاد جي حيثيت سان شروع ٿي ۽ هڪ باڪمال قومي ۽ عوامي شاعر تي اختتام پذير ٿي. جهوپڙي سندس هڪ شاهڪار نظم آهي. پاڪيزه خيال ۽ ويدانتي ويچار سندس شاعري جو محور آهن. ڪانگريس ۽ خلافت جي دؤر سياست ۾ به حصو ورتائين ۽ هندو و مسلم اتحاد جو حامي هو. سندس شاگردن ۾ هوند راج ”دکايل“ ۽ پروفيسر رام ”پنجواڻي“ جا نالا نمايان آهن. حڪمت سندس آبائي پيشو هو. پينشن تي وڃڻ کانپوءِ حڪمت جو دوڪان کوليائين. مارچ ۱۹۳۳ع ۾ سنڌي ساهتيه سميلن سندس صدارت ۾ سڏائي وئي، جنھن ۾ سنڌي زبان، سنڌي تھذيب، ۽ سنڌ جي سلسلي شاعريءَ متعلق، نھايت ڪارائتا خيال پيش ڪيائين. سنڌ خواهه هند جي رسالن ۾ ڪثرت سان سندس ڪلام شايع ٿيو. ”شيرين شعر“ هئمليٽ ڊرامو نصاب ۾ شامل آهن. ازانسواءِ، انڊلٺ، بھارستان، پرت پوڄارڻ، سامونڊي سپون وغيره سندس تصنيفات ۾ شامل آهن. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
رام چئون يا رحيم چئون، مطلب ته سڌو الله سان آهه،
دين چئون يا ڌرم چئون، منشا ته انھيءَ جي راهه سان آهه،
عشق چئون يا پريم چئون، انڇا ته انھيءَ جي چاهه سان آهه،
ساڌو بڻون، يا سالڪ ٿيون، مقصد ته دل آگاهه سان آهه.
اکرن جي اوجهڙ ۾ اڙجي مفت نه دل آزاري ڪر،
جان وجهي بي جان اکر ۾ ڪجهه مطلب تي ڌيان به ڌر.
**

گل حسن ”شاد“ گوپانگ (۱۹۳۳-۱۹۷۷ع):
گل حسن ولد جمع خان گوپانگ، لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي ميروخان جي ڳوٺ ”ڪرم خان گوپانگ“ ۾ ۱-جنوري ۱۹۳۳ع تي پيدا ٿيو. مئٽرڪ ۽ اديب فاضل پاس ڪري پوءِ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد ٿي رهيو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ حڪمت کي ذريعه معاش طور چونڊيائين. شاعري ۱۹۴۲ع کان ڪيائين ۽ ان جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي اٿس، خاص ڪري غزل، گيت ۽ نعت ۾ ملڪو حاصل اٿس. سخن جي سلسلي ۾ ”شاد“ تخلص ڪم آندائين. شاد صاحب جي شاعري عوامي رنگ ڍنگ، ۾ رتل آهي، ان ڪري کيس عوامي شاعر سڏيو وڃي ٿو. سندس ڪلام سنڌي ٻوليءَ جي ادب جي سونھن ۽ سرهاڻ طور هر ادبي شخص ۽ ڪتبخاني ۾ مخصوص جڳھه والاريندو، ڇو ته سندس شاعريءَ ۾ معاشرتي اوڻاين ۽ خوبين جو خزانو ملي ٿو، جنھن ذريعي هڪ طرف اصلاح ڪري سگهجي ٿي ته ٻئي طرف گهڻو ڪجهه پرائي سگهجي ٿو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ تحفئه عشق، شان پنجتن، ڪوثر جا ڍڪ، ديوان شآد ۽ شان رسول صه (نعتيه ديوان) قابل ذڪر آهن. شان رسول صه (نعتيه ديوان) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو طرفان ۱۹۹۳ع ۾ ڇپيو آهي. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ حاضر آهي:
مشڪ و عنبر ۾ ناهي سا خوشبو،
تنھنجي زلفن ۾ آهي جا سرهاڻ.
جا شفق کي ڪري وجهي ٿي شڪي،
آهي تنھنجي لبن جي سا لالاڻ.
**

سيد گل محمد ”شاد“ گل بخاري (ولادت: ۱۹۶۰ع)
سنڌي ٻوليءَ ۾ پھرئين حمديه ديوان جو خالق، گل محمد شاهه ”گل“ بخاري ولد سيد غلام شاهه ۱-آگسٽ ۱۹۶۰ع تي تعلقي شھدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ تولد ٿيو. شاهه صاحب نامور شاعر ۽ اديب آهي. سندس پسنديده موضوع سيرت پاڪ رهيو آهي. وٽس لائبريري پڻ آهي جنھن ۾ ديني ۽ سيرت پاڪ تي ڪتابن جي ڪثرت آهي. شاعري ۾ به حمد ۽ نعت سندس پسنديده صنفون آهن. ڊزن کان مٿي ڪتاب لکي چڪو آهي. شاعري ”گل“ جي تخلص سان ڪري ٿو ۽ نظير احمد جروار مرحوم کي استاد تسليم ڪري ٿو. سبحان جي ساراهه-سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون حمديه ديوان، ذڪر رسول الله صه نعتيه شآعري، شاعري جا مجموعا آهن. مٿين مجموعن مان ذڪر رسول صلي الله عليھ وآلھ وسلم ۽ سبحان جي ساراهه تي کيس ۱۹۹۱ع ۾ صدارتي ايوارڊ ملي چڪو آهي. سندس تازو ڪتاب ثناءِ محمد ڇپجي مارڪيٽ ۾ پھتو آهي. شاهه صاحب هن وقت ڊگري ڪاليج شھدادڪوٽ ۾ ليڪچررآهي ۽ سنڌي ادبي سوسائٽي سنڌ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري پڻ آهي. شھدادڪوٽ سيرت اڪيڊمي جو باني به آهي. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
محمد صه مھ لقا آهي، رسول مجتبى آهي،
حبيب ڪبريا آهي، شفيع روزِ جزا آهي،
مڪمل رهنما آهي، جھان جو پيشوا آهي،
امام النبياء آهي، نبي نور الھدى آهي.
خدا هرگز نه آهي پر خدا جو دلربا آهي،
خدا کان بعد جو آ سو محمد مصطفى آهي.
**

مولوي محمد قاسم مشوري
مولوي محمد قاسم اعلى پايي جو عالم، فاضل ۽ لاڙڪاڻي جي قديم ديني درسگاهه مدرسه اهل سنت الجماعت جو باني، فقھ ۽ فتوى تي دسترس رکندڙ بزرگ هو. ابو الفيض مفتي غلام عمر جتوئي رحمة الله عليھ جي پيارن شاگردن ۾ شامل هو. وٽانئس فيضياب ٿي دين ۽ دنيا جي ڀلائي لاءِ پيغام عام ڪندو رهيو. ويتر غلام صديق ميڪڻ شھدادڪوٽي رحمة الله عليھ وٽان روحانيت جي راهه ملڻ سان پنھنجي وسيع النظري ۽ عقلي سوجهه ٻوجهه جو ڀنڊار ثابت ٿيو. شروعات کان ئي علم طرف توجهه ڏنائين. بلند اخلاقي، سادگي، شرافت، فضيلت ۽ قديم وضع ۾ مرجان مرنج لڳندو هو. کيس تفسير، حديث ۽ منطق جي ڀَلي ڀَت ڄاڻ هئي. اسلامي تحريرن ۽ جادو بيان تقريرن (خاص ڪري ميلاد النبي صه واقع ڪربلا) متعلق سندس بصيرت افروز ڪتاب. سندس پرجوش ۽ وله انگيز حيثيت ۾ قائم رهيا. اهو ئي سبب هو جو هن شيخ المشائخ جي فيض جي سرچشمي مان سيراب ٿي ڪافي ماڻھو انسانيت جي دائري ۾ داخل ٿيا. قدرت سندس قلم ۾ بي پناهه رواني ۽ مقبوليت جو راز رکيو هو. ڪافي ڪتاب قلمبند ڪيائين، خاص طور تي ”معلم الفرائض“ (ورثي بابت ورهاست جا شرعي مسئلا) جامع ۽ وڏي محنت سان ملي ٿو*. مولانا مشوري رحمة الله عليھ جھڙا جليل القدر انسان دير سان پيدا ٿيندا ۽ جڏهن به وارو وڄائي ويندا آهن، ته پنھنجي سيرت فضل ۽ ڪردار جا اهڙا ته اڻ مٽجندڙ آثار ڇڏي ويندا آهن، جو رهندي دنيا تائين يادگار رهندا آهن.
**

مولوي محمد عظيم ”شيدا“ سولنگي (۱۸۸۳-۱۹۸۸ع)
”شيدا“ بھترين مصنف، حڪيم، خلافت تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن، صاحب ديوان، شيرين زبان شاعر ۽ گونان گون خوبين جو خاوند هو. ديني استطاعت، علمي سبقت ۽ فخريه فضيلت سببان لاڙڪاڻي ضلعي  ۾ شاهاڻي شھرت رکندڙ هو. تفسير حديث ۽ فقھ ۾ فراوان رهيو. منطق ۾ ممتاز خصوصيت سان موصل رهيو. سندس بختياري، بزرگي، بسيارگي ۽ بينشي قوت مختلف شھرن ۾ مدرس طور حلقي ۾ خاطر خواه اضافي جو سبب بڻي. نصيرآباد ۾ مستقل طور تي مدرسو قائم ڪري، آخرت لاءِ اجر ڪمائيندو رهيو. علم ادب سان به شغف رکيائين، طب بابت به ڄاڻ رکندو هو. شاعري ۾ ”شيدا“ تخلص ڪتب آندائين. تصنيفات ۾ سيرت مصطفى صلي الله عليھ وآولھ وسلم (صدارتي ايوارڊ طور هن ڪتاب کي ۱۰ هزار روپيه انعام به مليو)، ارشاد السالڪين (قلمي) اصول علم حديث (قلمي)، ديوان شيدا (قلمي) وغيره شامل آهن.
سندس شاعري مان هڪ نعت نموني طور ڏجي ٿي:
محمد کي خدا ڄاڻي، خدا کي مصطفى ڄاڻي،
حقيقت آ ته هڪٻئي کي، خدا ۽ مجتبى ڄاڻي،
اسان کي علم ڇا آهي جو ڪاهي پئون ان ڪـُن ۾،
هو بحر بيڪران آهي، ٿي ذات ڪبريا ڄاڻي،
بشر مولا چيس پر ناهه تون مون جھڙو ڪو انسان،
انھيءَ جي در سندو جبريل خادم آ خدا ڄاڻي،
انسان تي آ لازم ٿي اطاعت مير مرسل جي،
سوا ان ڳالهه جي شيدا ٻين ڳالھين کي ڇا ڄاڻي.
**

حاجي محمود ”خادم“ (۱۸۹۵-۱۹۶۰ع):
سنڌي ادب جو خاموش ۽ مخلص اديب مرحوم ”خادم“ تونيو (علوي) خاندان جو فرد هو. ۲۹ نومبر ۱۸۹۵ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جو تعلقي ميروخان جي ڳوٺ ”بٺي“ ۾، محمد بچل تنيو جي گهر پيدا ٿيو. روينيو کاتي ۾ سپروائيزر جي عھدي تان رٽائير ٿيو. شعر شاعريءَ ۾ اعلى مقام ماڻيائين. سندس خدمتن جي بنياد تي ”باباءِ سنڌي“ ۽ ”مخدوم الشعراءَ“ جا لقب مليس. سنڌ ۾ اعلى پايي جا مشاعرا ۽ ادبي ڪانفرنسون ڪوٺائڻ ۾ سرفھرست رهيو. سندس ڪوششن سان ۱۹۲۱ع ۾، پھرين ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ ٿي ۽ طرحي مشاعرا به سندس ئي ڪوششن سان سنڌ ۾ روشناس ٿيا. پاڻ علم عروض جو استاد شاعر ۽ ناقد تسليم ڪيو ويو آهي. هن مالھيءَ ادبي وڻ کي ايترو ته وڌايو جو اڳتي هلي سڄيءَ سنڌ تي ڇانو ڪري بيٺو. پنھنجي اڻ ٿڪ ڪوششن سان، لاڙڪاڻي مان ماهوار رسالو ”اديب سنڌ“ ۱۹۴۱ع کان ۱۹۵۲ع تائين جاري ڪيائون. شمشير الاسلام، خنجر هلال، ترجمو ڪيل ناول، رياضت البلاغت، اخلاقي خون، ستاره سنڌ ۽ امام مھدي تاليف ڪيل اٿس. اڻ ڇپيل خود نوشته سوانح عمري ۽ محمود اللغات کان علاوه اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مقالا ۽ تبصرا موجود آهن، جي فن جي حيثيت سان اعلى مقام رکن ٿا .
ڪلام جو نمونو :
اي ليڊرو ڪيو ڪم پنھنجي ديار جو ڪجهه،
کائي ڪلر ٿو حصو قومي حصار جو ڪجهه،
ڍڪ ۾ جي ڌڻ پوي ڪنھن جو قصور چئبو،
ڌڻ جو قصور ڪونھي، آهي ڌنار جو ڪجهه.
**

ڊاڪٽر سيد محمود شاهه بخاري (۱۹۲۰-۱۹۹۷ع)
هي صاحب ڳوٺ ”ميڻا“ تعلقو قمبر، ضلعو لاڙڪاڻو سان تعلق رکي ٿو. پھرين جنوري ۱۹۲۰ع سندس تاريخ پيدائش آهي. پرائمري ماستري کان وڌي، پروفيسر جي عھدي تي پھچي رٽاير ٿيو. سٻاجهي طبيعت ۽ عمدن اوصافن جو مالڪ آهي. تعميري ۽ صحتمند ادب کي فروغ ڏيڻ لاءِ جاکوڙ جاري رکيو اچي. سال ۱۹۷۸ع ۾ آزادي جي اڳواڻ سنڌ جي سرموڙ ۽ جيد عالم مولانا تاج محمود امروٽي (۱۸۴۴-۱۹۲۹ع) جي فڪر ۽ فياضيءَ بابت تحقيقي مقالو لکي، سنڌي يونيورسٽيءَ مان ”ڊاڪٽريٽ“ جي سندَ ورتي اٿس. سندس مقالي جو مقرر ٿيل لفظن ۾ عنوان آهي ”مولانا تاج محمود امروٽيءَ جون علمي ۽ قومي خدمتون“. هي ڪتاب ڊسمبر ۱۹۸۴ع ۾ ۴۵۲ صفحن تي ڦھليل وڏي ويڪري سائيز ۾ ڇپيل آهي. ڊاڪٽر صاحب مذڪوره ڪتاب کان علاوه ”عرفان اَمروٽي عرف ڪليات حسن“ (مولانا امروٽي رحمة الله عليھ جي ڪلام ۽ يادگيرين جو مجموعو نمبر: ۱۹۹۱ع) ڪليات بيوس، ”بيوس“ جو ڪلام، ايم اي سنڌي ادب لاءِ لکيل مونوگراف اضافن ۽ واڌاري سان، ڊسمبر ۱۹۹۱ع ۾ پڌرا ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر صاحب جي قلم ۾ راستبازي، راسخ العقيدت ۽ رواني موجود آهي.
**

جتوئي مولا بخش ”مولائي“
عوامي شاعر مولا بخش ”مولائي“ ولد ڪوڙو خان جتوئي، لاڙڪاڻي تعلقي جي ڳوٺ نبي بخش جتوئي عرف لوائي جتوئي ۾ ۲۱ مارچ ۱۹۳۳ع تي پيدا ٿيو. سنڌي اردو فائينل ۽ اديب فاضل پاس هو. قريباً ۱۹۵۰ع کان شاعري ڪندو اچي ۽ ان جي هر صنف، خاص ڪري حمد، نعت، مرثيه، منقبت، قطعات، ابيات ۽ غزل تي ملڪو حاصل اٿس. حيدر بخش جتوئي، نواز علي ”نياز“ جعفري ۽ عبد عاقليءَ کي سخن جي سلسلي ۾ استاد تسليم ڪري ٿو. لاڙڪاڻي جي منظوم تاريخ به رقمطراز ڪيائين. سندس نالي پٺيان ۱۹۷۹ع ۾ بزم ”مولائي“ قائم ٿي، جنھن وڏي پيماني تي سنڌي اردو مشاعرو به ڪرايو آهي. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
اسان جا جوڌا جوان لڙن ٿا، نه گولي بم کان ڪڏهن ڊڄن ٿا،
جي لال ريٽي لھو لڱن تي، اهي اسان مان اسان انھن مان.
اسان جا سورهيه دلير آهن، ننڍ اوڏا سڀ شير آهن،
جو سودو ڪن ٿا سر سرن تي، اهي اسان مان اسان انھن مان.
اسان جو گلشن اباڻو آهي، اسان جو مالھي اڃاڻو آهي،
خزان جو حملو آ جن گلن تي، اهي اسان مان اسان انھن مان.
خزان چمن کي وئي وڪوڙي، بھار به پيئي گلن کي ٽوڙي،
ظلم ٿيو جن آ بلبلن تي، اهي اسان مان اسان انھن مان.
اسان جي پِيُنِ اسان جي مائُن، اسان جي ڀيڻن ۾ روڄ راڙو،
سڄو ڏهاڙو روئن ٻچن تي، اهي اسان مان اسان انھن مان.
مصيبتن تي مصيبتون هن، قدم قدم تي صعوبتون هن،
جتوئي مولائي، جن سنڌين تي، اهي اسان مان اسان انھن مان.
**

عُمدة الشعراءَ نواز علي ”نياز“ جعفري (۱۸۹۲-۱۹۵۹ع)
سنڌ جو مشھور قادر الڪلام غزل گو شاعر نواز علي ”نياز“ جعفري، لاڙڪاڻي جي مردم خيز زمين مان ۸ آڪٽوبر ۱۸۹۲ع تي، سومرن جي مشھور خاندان ۾ گل نو شگفته جيان ٽـڙيو. سندس والد جو نالو محمد آچر خان هو . کيس اهل بيت سڳورن سان بي انتھا محبت هئي، انھيءَ ڪري پاڻ کي ”جعفري“ سڏائڻ لڳو. شاعري سان گڏ حڪمت سان به لڳاءُ رهيس. پھريان استاد ٿيو ۽ پوءِ روينيو کاتي مان مختيارڪاريءَ جي عھدي تان ۱۹۴۷ع ۾ رٽاير ٿيو. سندس ڪلام ۾ مھراڻ جي موجن جيان رواني هئي. خاص ڪري ”صنعتي شعر“ ۾ ڪمال درجو رکندو هو. سندس غزلن جو ديوان به ملي ٿو *. طنز مزاح جي سلسلي ۾ ظريفانه انداز به اختيار ڪيائين. پاڻ جو وقت لاڙڪاڻي ۾ر هيو، شعر و ادب جي خدمت ۾ پيش پيش رهيو. نو آموز شاعرن جي حوصله افزائي ڪندي ڪيئي قادر الڪلام ۽ استاد شاعر پيدا ڪيائين. سندس تربيت ۽ نڪته رس طبيعت هري ”دلگير“، پرڀو ”وفا“ ڇڳاڻيءَ جھڙا چوٽيءَ جا شاعر پيدا ڪيا، جن کي هند خواه سنڌ ۾ سڃاتو وڃي ٿو. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن ۾ ڪلام جا مجموعا وڏي حيثيت رکن ٿا. مداح محمدي ۽ ”جوهر سخن“ قلمي، معراج النبي ﷺ، گل ۽ بلبل تي لکيل مسدس، سندس قلم جي زنيت بڻيا. سندس علمي ادبي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. سندس ڪلام جو نمونو:
ڀلي ڪري آيؤ سڀئي مرد خاص و عام،
واجب هي آهي جو ڪريون اوهان سندو سلام.
(We are happy to see each & everyone)
هر ڪس ڪه آمدست بود خوش و نيڪ نام،
جس ني اٺاڪي رنج غريبون ڪو ڪيا شاد.
اون ڪون ڪريندا ياد هي هر ڪوئي صبح و شام،
فاذڪروني اذڪرڪم قال کبريا،
جيڪو ڪري پيار، اسين انھيءَ جا غلام.
**

نـظام الدين ناظم چانڊيو (۱۹۴۸-۱۹۹۶ع)
نظام الدين ”ناظم“ چانڊيو ولد مولوي عبدالله ”اثر“، لاڙڪاڻي تعلقي جي ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو ۾، ۱-آگسٽ ۱۹۴۸ع تي تولد ٿيو. پاڻ تعليم ايم اي، ايم ايڊ ۽ ايل ايل بي تائين حاصل ڪيائين. پھريائين ڪلارڪي جي نوڪري ورتائين، پوءِ استاد جي مقدس پيشي سان منسلڪ ٿيو ۽ مختلف اسڪولن ۾ نوڪري ڪندي آخر ٻيڙو چانڊيو هاءِ اسڪول پھتو. ”ناظم“ صاحب شاعر ابن شاعر هو. ابتدا ۾ مفتي تخلص ڪم آندائين ۽ پوءِ ”ناظم“ جي نالي سان لکڻ لڳو. ناظم سٺو اديب، شاعر، علم عروض جو ڄاڻو ۽ ماده تاريخ ڪڍڻ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ هو. اردو، سرائڪي، سنڌي ۽ فارسي ٻولين جي ڄاڻ رکندو هو. شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائين، خاص ڪري غزل ۽ نعت سندس پسنديده صنفون هيون. ناظم محبتي، محنتي ۽ لائق انسان هو. بزم ”اثر“ جو سرپرست ۽ جنرل سيڪريٽري ۽ بزم سچل لاڙڪاڻي جو نائب صدر رهيو. سندس ڪلام سنڌ جي هر رسالي ۾ ڇپيل ملندو ۽ ڪجهه ڪتاب به تصنيف ڪيائين. (ڇپيل) اگر مگر، تاجدار ڪربلا، (اڻ ڇپيل) اسرار- حيات، ”غزلن جو ديوان“، گولڊ اسٽريٽ، ”ناول“ انگريزي تان ترجمو ۽ ”ڪراچي ڪي سير“ (اردو مثنوي) قابل ذڪر آهن. سندس ڪلام مان نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
سرسبزي ٿين باغ ٿا محنت،
جي پگهر سان.
ٿو گلشن- تعليم بڻي،
خون - جگر سان.
پرتل اٿي ”ناظم“ سندو اي،
ڪاتب - تقدير.
ڪر قرب قلم ڪوئي اچي،
ابن - اثر سان.
**

واحد بخش ”شاهد“ شيخ
”شاهد“ شيخ جو شمار بھترين استادن ۾ ٿئي ٿو. هي محمد هاشم شيخ جو فرزند آهي. اصل دادو ضلعي جي ميھڙ تعلقي جي ڳوٺ ٻٽ سرائي جو ويٺل هو، ورهاڱي وقت لاڙڪاڻي ۾ اچي آباد ٿيو. ڪيترا ورهيه پائلٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جو هيڊ ماستر ٿي رهيو. آخر ترقي وٺي ڊائريڪٽر جي عھدي تي رسيو ۽ تعليمي بورڊ حيدرآباد جو چيئرمين رهي رٽاير ٿيو. شيخ صاحب اصول پرست، مڃيل تعليمي ماهر ۽ وڙائتو انسان آهي. عمر جو گهڻو حصو درس تدريس ۾ گذاريائين. ايم اي (عربي) ۽ بي ٽي آهي. پاڻ عربي ٻوليءَ سان والھانه محبت رکي ٿو ۽ ان سان گڏ مادري ٻولي سنڌي سان به ڀال ڀلايا اٿس. ادبي ذوق به رکي ٿو. ”شاھد“ تخلص سان شاعري به ڪيائين. نثر به چڱو خاصو لکي ٿو. ”سنڌي ٻولي جو صرف و نحو“ ٻه ڀاڱا -۱۹۵۳ع، سنڌي سکيا-۱۹۷۲ع، سندس تصنيفات ۾ شامل آهن.
**

لعل چند ”مجروح“ (۱۸۸۴-۱۹۴۲ع):
لعل محمد ”مجروح“ لاڙڪاڻي جي سنجوڳي شيخن مان هو. هي ۱۸۸۴ع ۾ ڳوٺ قنبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. عربي، فارسي ۽ اردو حڪيم خدا بخش وٽ پڙهيو. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ماستر ٿيو. ”مجروح“ صاف دل، نيڪ خيال ۽ عاشق مزاج شاعر هو ۽ حڪمت ۾ به ماهر هو، تنھنڪري نوڪري ڇڏي دوا خانو کوليائين. پاڻ هميشه سادگي پسند هو. ”مجروح“ پاڻ کي لعل چند چوائيندو هو. آخر تائين مجروح صاحب ”با مسلمان الله الله با برهمن رام رام“ رهيو ۽ سخي قبول محمد درازي جو طالب هو. سن ۱۹۴۲ع ۾ وفات ڪيائين . سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
سخي شاهه سھڻا سدائين سلامت،
هجين شال قائم ابد تا قيامت.
نه مون روزا رکيا آهن نڪي مون کؤن نمازون ٿيون،
نڪائي حڪم تنھنجي جي ادائي يا رسول الله صه،
اچي مجروح کي دلبر هٿئون پنھنجي سخي سرورصه،
شراب عشق جي پياريو سوائي يا رسول الله صه.
**

فقير هدايت علي نجفي ”تارڪ“ (۱۸۶۰-۱۹۳۹ع)
فقير هدايت علي ولد تراب علي تونيو، ۲۵ محرم الحرام ۱۲۷۷هه مطابق ۲۳-اپريل ۱۸۶۰ع تي، تعلقي وارهه جي ڳوٺ لعلو راونڪ ۾ تولد ٿيو. ديني خواهه دنيوي تعليم حاصل ڪري ان ۾ مھارت حاصل ڪيائين. سدائين عشق الاهي ۾ محو ۽ مستغرق رهندو هو. فارسي، عربي، سنڌي، سرائڪي، اردو، هندي ۽ پنجاب زبانن تي عبور حاصل هئس، هڪ بلند پايه شاعر هئڻ سان گڏوگڏ اعلى پائي جو نثر نويس پڻ هو. شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائين ۽ تخلص ”نجفي“ ۽ ”تارڪ“ ڪتب آندائين. نجفي تارڪ الدنيا هو. هو انسانيت جو پيروڪار، امن آشتيءَ جو ڌرم رکندڙ انسان، ڪيني ۽ ڪلفت کان ڪنارو ڪندڙ شخص، سچ جو ساٿي سڄڻ ۽ قربت وارو ۽ انسان ذات جي خدمت کي افضل سمجهندڙ هو . سندس ڪلام ۾ رنگيني، سلاست، رواني ۽ لفظن جي سادگي آهي. هڪ بھترين خوش نويس هجڻ سبب قرآن پاڪ به ڪتابت ڪيائين. ۵۵ کان وڌيڪ تصنيفون ڇڏيائين. سندس شآگردن ۾ دادن فقير، حڪيم عبدالڪريم قاضي، اجمل بيگ، اظھر گيلاني شامل آهن. سلوڪ جي راهه ۾ نوشھرو فيروز جي نقشبندي بزرگ ميان صفي الله جو مريد هو. سنڌ سونھاري جي ڳوٺ لعلو راونڪ جو هي باڪامل ۽ هفت زبان شاعر، ۹ مارچ ۱۹۳۹ع، بروز خميس، هي فاني جھان ڇڏي دارالبقا ڏانھن راهي ٿيو. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو :
عيش عشرت رنج راحت وصل هجرت چار ڏينھن،
عشق الفت يا عداوت آهي مدت چار ڏينھن،
شعر نجفي، ڪر نه مخفي ڀل ته عرفي ٿئي عيان،
لاءِ شھرت توکي فرصت آهي مھلت چار ڏينھن.
**

هري درياني ”دلگير“
لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ جي نامور شخصيتن کان سواءِ اڻ پوري سمجهي ويندي، انھن ۾ هري درياني پٽ گر ڏنو مل دريانيءَ جو نالو به شامل آهي. سندس جنم ۱۵ جون ۱۹۱۶ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. شاعريءَ سان ننڍپڻ ۾ ئي لڳاءُ رهيس، ويتر حاجي محمود خادم، نواز علي ”نياز“ جعفري جي صحبت ۾ رچي ريٽو ٿيو. سندس ڪلام ۾ بي پناهه رواني ۽ ميٺاڄ موجود آهي. سخن جي سلسلي ۾ ”دلگير“ تخلص ڪم آندائين. سندس ڪلام جا ڪجهه مجموعا منظر عام تي آيل آهن، جن ۾ ”ماڪ ڦڙا“، ”هرشچندر جي ڪوتا“، ”ڪوڏ“، موج ڪئي مھراڻ وغيره شامل آهن. دلگير نھايت حساس طبع ۽ سٺي سوچ رکندڙ انسان هو ۽ هن کي معاشري جي سڌارن ۽ اوڻاين جي هورا کورا دل ۾ لڳل هوندي هئي. هو انسانيت جو قائل هو ۽ سندس نظر ۾ ”سڀ ۾ ان سائين جو پرتوو آهي“. سادگي، سلاست، سنجيدگي هن جي ڪلام جون خاص خوبيون آهن ۽ جديد شاعري طرف به توجهه ڏنائين. ورهاڱي کان اڳ هندستان لڏي ويو. سندس نثر به چڱو ۽ معياري آهي، سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
تنھنجي پيرن هيٺان هماليه،
جهڪي ڪري پرنام.
آسمان جو چنڊ به نوڙي،
توکي ڪري سلام.
ڀلي اڀ ۾ ڊوڙون پائين،
جهنڊي  پنھنجي کي جهولائين.
شاهي تنھنجو شان،
جڳت ۾ تون اوچو انسان.

مددي ڪتاب:
1.      ويا سي وينجهار- غلام محمد گرامي.
2.      ياد رفتگان- مخدوم محمد زمان طالب المولى ”سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد“.
3.      ادبي شخصيتون- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي.
4.      لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو- مرتب: گل محمد گاد.
5.      عظيم سنڌي انسان- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي.
6.      لاڙڪاڻو صدين کان- مرتب: ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘.
7.      سوچن جي سرهاڻ- ميمڻ غلام مصطفى مشتاق ”مھراڻ اڪيڊمي ڪراچي.
8.      سنڌي غزل جي اوسر- ڊاڪٽر اياز قادري.
9.      ٽه ماهي مھراڻ (شاعر سوانح نمبر) سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
10. عثمان فقير جو ڪلام- مرتب: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي.
11. ڪليات حاجي خان چنجڻي- مرتب: ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو.
12. ڪليات شاهه محمد ديدڙ- عبدالڪريم سنديلو ”سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد“.
13. ماهوار الصادق ڪراچي جا مختلف پرچا.
14. ماهوار نئين زندگي جا مختلف پرچا.
15. ماهوار  الرحيم- شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد.
16. سرور عالم صه، نعتيه ديوان، سيد گل محمد شاهه ”گل“ بخاري- سيرت اڪيڊمي شھدادڪوٽ.
**
نوٽ
ھيءُ مقالو ٻن قسطن ۾ ڇپيو؛
·        ڇپيل  ماهور ”نئين زندگي“ شمارو مارچ-اپريل ۱۹۹۹  صفحو ۱۰کان ۱۸ تائين.
·        ڇپيل  ماهور ”نئين زندگي“ شمارو مئي-جون ۱۹۹۹  صفحو  ۳۴ کان  ۳۹ تائين.


No comments:

Post a Comment