Sunday, June 24, 2012

لاڙڪاڻي جا ايم فل ۽ مونوگراف - منظور سولنگي


لاڙڪاڻي جا ايم فل ۽ مونوگراف
سنڌي تحقيقي ادب ۾ لاڙڪاڻي جو حصو
منظور سولنگي
انسان اورچائي وسيلي ئي ڪاميابيءَ جي منزل ماڻي ٿو. اها محنت ئي آهي، جنھن جي سھاري سان کوج ۽ لوچ ۾ رات ڏينھن هو رڌل ۽ ريڌل رهي ٿو. تان ته ڪنھن نتيجي تي ترت پھچي، پنھنجي ڪارائتي راءِ سان حقيقت کي آشنا ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهي. هونئن به حقيقت کي حاصل ڪرڻ لاءِ سخت پورهئي ۽ نرمل نظر جي ضرورت پوي ٿي. دنيا ۾ اهي ئي ڪامران ۽ ڪامياب ماڻھو ليکيا وڃن ٿا، جن پگهر جي پورهئي سان حق ۽ سچ جي ڳولھا ڪئي آهي ۽ پاڻ پتوڙيو آهي.

ڪنھن به روايت شيءِ يا ويچار کي تھه تائين جاچڻ لاءِ تندهيءَ کان ڪم وٺي، پيرائتي انداز ۾ پھچڻ پارکن جو ڪم بڻجي ٿو. پارکو  کي عام طور ادبي زبان ۾ تحقيق ڪندڙ يا محقق سڏجي ٿو. دنيا جي دستور موجب سنڌي سٻاجهڙا به هن راهه ۾ رنڊا روڙيندا رهن ٿا.
سنڌ جي سدا سرهي سرزمين تي جتي ٻين ڪردارن کي ڪثرائتو بنايو ويو آهي، اتي علم ادب جي ميدان ۾، محققن جو به مثالي معيار مٿاهون بڻيل آهي. ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي جا محقق پاڻ پتوڙي رهيا آهن. ڪن ته ادبي دنيا ۾ ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون وٺي لاڙڪاڻي جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي ۽ ڪن محققن ايم فل جي سندَ حاصل ڪئي آهي ۽ ڪي ايم فل جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ جاري رکيو اچن ٿا. هيٺ اهڙن نالن جو مختصر تعارف ڏجي ٿو:

ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌ جي هيءَ ڄاتل سڃاتل شخصيت ادبي دنيا ۾ ڪنھن به رسمي تعارف جي محتاج نه آهي، سندس قلم روزانو ۱۲ ڪلاڪ جاري رهندو پيو اچي. سندس سوين ڪتاب ۽ هزارين ليک سنڌي ادبي سرمائي ۾ واڌارو آڻي چڪا آهن، ۽ ۱۹۵۶ع کان بنا ناغي لکندو پيو اچي. ۱۹۷۴ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان، سنڌي ادب ۾ ماسٽر آف فلاسافي (M. Phil) جي سندَ ورتي اٿس. سندس مقالي جو عنوان آهي نواز علي نياز جعفري جي شاعري. مقالو جيتوڻيڪ مختصر آهي، مگر عمدة الشعراءَ نواز علي نياز جعفري جي شاعري ۽ شخصيتن جو ڀليءَ ڀِت احاطو ڪري ٿو. سنڌي ادب ۾ هيءَ پھرين سندَ آهي، جيڪا هن ڊگري لاءِ سنڌ يونيورسٽي طرفان، لاڙڪاڻي جي ليکڪ کي جاري ڪئي وئي آهي. مقالي جو نگران پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب آهي. ازانسواءِ سندس ادبي شخصيت توڙي علمي خدمتن، بابت شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور طرفان ۱۹۹۲ع ۾ ايم اي لاءِ مونوگراف لکرايو ويو آهي. ميمڻ صاحب، انھيءَ اعتبار کان به بيحد ڀاڳ وارو آهي، جو اردو زبان ۾ شايع ٿيل اردو جامع انسائيڪلوپيڊيا ۾ سندس ادب خدمتن جو ڀرپور انداز ۾ اعتراف ٿيل آهي.
**
ٻـَـلـديو بخت راءِ مـَٽلائي
بنيادي طرح لاڙڪاڻي جو رهواسي آهي ۽ هينئر هندستان ۾ رهي ٿو. سڄاڻ ليکڪ، ڪُشادي طبيعت رکندڙ ۽ واضح پسمنظر ۾ عميق واري اک وجهندڙ شخص آهي. هن وقت جئه هند ڪاليج بمبئي ۾ ليڪچرار آهي. سنڌي ٻوليءَ سان والھانه محبت رکي ٿو. سچل سرمست رح جي اساسي شاعري کان گهڻو متاثر آهي. انھيءَ ڪري سچل جون واديون (Dimension of Sancta) عنوان، ايم فل لاءِ منتخب ڪري، فڪر ۽ فھم کي ججهي انداز ۾ استعمال ڪيو اٿس. سندس محنت جي نتيجي ۾ کيس بمبئي يونيورسٽي ۱۹۸۵ع ۾ ماسٽر آف فلاسافي (M. Phil) جي ڊگري ڏني آهي. سندس مقالي جو نگران، پروفيسر رام پنجواڻي آهي. هيءَ ٿيسز درازي درويش، سچل سرمست رح (۱۷۳۹-۱۹۲۹ع) جي درويشانه فڪر ۽ فن بابت پھرين ڪامياب ڪوشش آهي، جنھن کي مٽلاڻي صاحب ڪمال خوبين وسيلي نڀايو آهي. سال ۱۹۹۱ع ۾ هي تحقيقي مقالو تعليم کاتي، هند حڪومت دهلي جي تعاون سان ڇپجي پڙهندڙن تائين پھتو آهي. ڊيمي سائيز ۾ ۱۳۱صفحا ضخامت رکندڙ هن ڪتاب جو مھاڳ پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب لکيو آهي. ڪتاب ۾ جملي ۹ باب (سوانح سچل، سچل جون واديون، طلب، حُسن و عشق، وحدانيت، حيرت، معرفت، سرمستي، فنا ۽ بقا) شامل آهن.
**

منوهر بخت راءِ مٽلاڻي
هي صاحب اصل ۾ لاڙڪاڻي جو آهي. ڳچ سالن کان هندستان لڏي ويو آهي، ۽ اتي تعليمي شعبي سان وابسته آهي. سنڌي ادب سان گھري دلچسپي رکي ٿو. انھيءَ سلسلي ۾ ايم اي کان پوءِ ايم فل لاءِ شاهه جا سورما (Heroes of Shah) عنوان جو انتخاب ڪري، ۱۹۸۹ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ”ماسٽر آف فلاسافي“ (M. Phil) جي ڊگري ورتي اٿس. سندس تحقيقي ڪم جو نگران، ماهر تعليم پروفيسر نارايڻ ڀارتي صاحب آهي. پنجن بابن (شاهه جي شاعري، شاهه جو سير سفر، شاهه جون سورميون ۽ شاهه جا سورما ۽ شاهه جو پيغام) تي مشتمل هيءَ ٿيسز معياري ڪشش رکندڙ آهي. جنھن جو پاڪستان ۾ پھريون ڇاپو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، نوابشاهه طرفان ۱۹۹۲ع ۾ شايع ٿيو آهي. ڪتاب جو مھاڳ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي صاحب جو لکيل آهي. ڊيمي سائيز ۾ بھترين پڪي جلد سان، هيءَ سانڍڻ جھڙي سوکڙي ۲۴۰ صفحن تي پکڙيل آهي(۱) .
انھيءَ لکڻ ۾ شايد مبالغو نه ٿئي ته برصغير ۾ هي پھرين ڇپيل ايم فل ٿـيسز آهي، جيڪا خصوصاً شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح (۱۶۸۹-۱۷۵۲ع) بابت نج سنڌي لپيءَ ۾ لکي وئي آهي.
**

بدر الدين ڌامراهو
لاڙڪاڻي شھر کان ڇھن ميلن جي مفاصلي تي ڳوٺ ڌامراهه تاريخي حيثيت جو حامل آهي. خاص طور تي تحريڪ هجرت دوران سالار ڪاروان، رئيس المھاجرين جان محمد خان جوڻيجو (۱۸۸۶-۱۹۲۱ع) جو مسڪن هجڻ ڪري هن ننڍي کنڊ ۾ مشھور آهي. بدر الدين ڌامراهو صاحب به هتان جو رهاڪو آهي. پاڻ هاءِ اسڪول ٽيچر آهي. سنڌي ٻوليءَ سان والھانه محبت رکي ٿو. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور طرفان کيس ايم فل ڪرڻ لاءِ سنڌي ادبي جماعتون ۽ اشاعتي ادارا جو موضوع مليل آهي جيڪو تقريباً مڪمل ٿي چڪو آهي هاڻ صاحب موصوف رزلٽ جي آسري ۾ آهي. قلمي مواد جي مد نظر چئي سگهجي ٿو ته سندس مقالو معياري ماهيت رکي ٿو. مقالي جي تياريءَ لاءِ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب جون خدمتون حاصل ڪيون اٿس. ڌامراهو صاحب تحقيقي مضمون ۽ مقالا ۽ ڪجهه درسي ڪتاب به لکيا آهن.
**

مس نـظير انور جوکيو
ڳوٺ ڇتو واهڻ، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو جي رهاڪو آهي. سندس تعلق تعليمي شعبي سان آهي. پاڻ ايم اي، ايم ايڊ ۽ ايل ايل بي آهي. هن وقت ڪاڪي ڀيرو مل جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو جائزو عنوان تحت مقالو لکي رهي آهي، جنھن لاءِ نگران طور پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي صاحب جو نالو منتخب ٿيل اٿس. ڪاڪي ڀيرومل سوين ليک ۽ ان سان گڏ ۴۵ ڪتاب ڇڏيا آهن. هي مقالو مڙني خدمتن جو ڀلي ڀت احاطو ڪندو. ڪم دلچسپيءَ سان جاري ۽ ساري آهي.
**

منظور سولنگي
لاڙڪاڻي ساه سيباڻي شھر جي تاريخي گهاڙ واهه جي ساڄي ڪپ تي قديمي آبادي سولنگي ڳوٺ ۾ رهائش پذير آهي، وليد هاءِ اسڪول ۾ هاءِ اسڪول ٽيچر طور فرض ادا ڪري رهيو آهي. لکڻ ۽ پڙهڻ سان والھانه شوق رکي ٿو. گڏوگڏ تعليمي ۽ سماجي سرگرمين ۾ به پاڻ ملھائي رهيو آهي. ان شوق جي تڪميل کيس اعلى تعليم لاءِ اڪسايو، سال ۲۰۰۶ع ۾ عوامي ۽ انقلابي شاعر عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعري فڪر ۽ فن تي ڀرپور انداز ۾ تحقيقي مقالو تحرير ڪري ايم.فل جي سندَ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي آهي. گدائي سنڌ جو ناليرو عوامي ۽ انقلابي شاعر جي حيثيت سان سڃاپرو آهي. هي لکيل تحقيقي مقالو گدائي جي شاعري فڪر فن ۽ ٻين خدمتن جي ڀلي ڀت احاطو ڪري ٿو. مقالي جو نگران اتر سنڌ جو ڏاهو پروفيسر ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو صاحب جو نالو نمايان ٿيل آهي. منظور سولنگي ڪافي تحقيقي مقالا ۽ مضمون پڻ لکندو رهي ٿو. گڏوگڏ سندس جا تحرير ٿيل چار کن ڪتاب جلد منظرعام تي اچڻ وارا آهن. هن وقت پاڻ المنصور سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن لاڙڪاڻوجو صدر، سنڌي ادبي سنگت شاخ سولنگي ڳوٺ جو سيڪريٽري، آل سنڌ سولنگي ويلفيئر ايسوسيئيشن جو بنيادي ميمبر آهي ۽ انھن مڙني پليٽ فارمن تان علمي ادبي تعليمي ۽ سماجي سرگرميون جاري رکندو اچي ٿو. پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ سرگرم عمل آهي.
**

اختيار علي سيال
سيال صاحب شيخ زيد ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي. سندس تعلق تعليمي پيشي سان آهي. پاڻ هڪ اعلى ظرف ۽ وڏي لياقتن وارو انسان آهي. فقيري طبيعت سببان عام توڙي شاگردن ۾ بيحد مقبول آهي. لکڻ ۽ پڙهڻ سان خاص شغف رکي ٿو. ان ڪري سنڌي شاعري ۾ جديد شاعريءَ جي باني ڪشنچند بيوس جي شاعري تي تحقيقي مقالو لکي شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ۲۰۰۶ ۾ ايم فل جي سند ورتي اٿس ۽ هاڻ پي ايڇ ڊي لاءِ جستجو جاري رکيو اچي. گڏوگڏ تاريخي توڙي تحقيقي مقالا ۽ مضمون به سندس قلم جي نوڪ مان نروار ٿيندا، سنڌ جي مختلف مخزنن جي زينت بنجندا رهن ٿا. پاڻ عاشق رسول آهي، ان ڪري سندس طبيعت شاعري طرف مائل ٿي آهي ۽ شاعري ۾ به پسنديده صنف نعتيه شاعري آهي، جنھن سان ڪافي انس رکي ٿو. سندس شاعري جا نعت ريڊيو پاڪستان ۽ مختلف جريدن ۾ پڻ اچي چڪا آهن. مقالي جو نگران پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب جن آهن. تحقيقي مقالو جديد شاعريءَ جي باني شاعر ڪشنچند بيوس جي فن ۽ فڪر جو مڪمل احاطو ڪري ٿو. هن نوجوان اسڪالر مان اسان کي ڪافي اميدون وابسته آهن.
**

غلام حسين ٻگھيو
غلام حسين ولد محمد عثمان ٻگهيو جو جنم ۶۶-۱۱-۰۹ تي ڳوٺ آباد ٻگهيو تعلقي وارهه ۾ ٿيو. سندس خانداني واسطو انقلابي ٻگهين بکر سرڪار وارن سان هيو جتان هجرت ڪري وارهه ۾ رهائش پذير ٿيا. سندس والد ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو جو ميمبر رهيو آهي. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ تحقيق طرف گهڻو ڌيان ڏيڻ ڪري سنڌي ادب ۾ ايم اي ۽ ايم فل ڪري رهيو آهي. سندس تحقيق جو عنوان آهي، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جون علمي ادبي خدمتون. پاڻ ٻگهيو قبيلو تاريخ جي آئيني ۾ ڪتاب به تحرير ڪري چڪو آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم  رڪن هجڻ سان گڏ س ا س ضلعي لاڙڪاڻو جو ضلعي رابطا سيڪريٽري طور هن وقت ڪم ڪري رهيو آهي. ان کان علاوه سنڌ جي ذاتين تي به تحقيق ڪري رهيو آهي جو پڻ جلد ئي منظر عام تي اچي ويندو. سندس لکيل هڪ ڊرامو ڦلن مُٺ ڪي ٽي اين تان نشر ٿيو آهي، جنھن کي به وڏي پذيرائي ملي چڪي آهي. هن وقت ڊي سي هاءِ اسڪول ۾ HST  طور ڪم ڪري رهيو آهي. هن نوجوان محقق مان اسان کي گهڻيون اميدون آهن. پاڻ علمي ۽ ادبي مشغلي سان گڏوگڏ ثاقب پبلڪ اسڪول جو بنياد وجهي قومي خدمت جو اهم ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي.
**

ان کان علاوه لاڙڪاڻي جي ليکڪن جتي ٿيسز لکڻ ۾ پنھنجي چاهت کي چتُ چاڙهيو آهي، اتي مختصر ڪتاب به مونوگراف (Monograph) جي نالي ۾ لکي، نه فقط سنڌي ادب ۾ ايم اي لاءِ شانائتي نموني ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ ڪتاب لکڻ جي بنيادي سکيا هڪ پاسي ورتي آهي ۽ ٻئي طرف پنھنجو يادگار به محفوظ ڪرايو آهي.
هن بنيادي ڪتاب لکڻ سان ڪيترائي ادب جي ميدان ۾ پاڻ ملھائي رهيا آهن ته ڪن اڃان به اڳتي قدم وڌائڻ جي ڪوشش جاري رکي آهي، سچ پچ اهو قلم ئي آهي، جيڪو عَلَم بالقلم بڻجي ماڻهوءَ ۾ ماڻهپو وڌائڻ ۾ مددگار بڻجي ٿو.
مونوگراف لکڻ لاءِ محنت ۽ معيار جي ضرورت پوي ٿي. يونيورسٽين ۾ سانڍيل مونوگراف مختلف قلمڪارن جا بھترين ۽ مثالي ڪتاب چيا وڃن ٿا. انھن ۾ لاڙڪاڻي واسين جو به ججهو حصو نظر اچي ٿو. هيٺ جيڪڏهن انھن جو مختصر تعارف ڏجي ته مضمون ڪافي طوبل ٿي پوندو. انھيءَ لاءِ طوالت خوفان فقط نالن جي نشاندهي ترتيب وار ڪرڻ واجب سمجهان ٿو.

حوالا ۽ حاشيا
لاڙڪاڻي جي ثقافتي تاريخ-عبدالڪريم سنديلو ۱۹۵۶ع.
ڇَتي سانگيءَ جي شاعري -محمد صالح ڀٽو ۱۹۶۲ع.
ڪشنچند بيوس جي شاعري-سيد محمود شاهه بخاري، ۱۹۶۳ع.
ثناءُ الله ثنائي جون ادبي خدمتون - عبدالستار نيڪ محمد سھتو، ۱۹۶۵ع.
حسين ديدڙ جي شاعري - زليخا ميمڻ، ۱۹۶۵ع.
غلام سرور فقير جي شعر و شاعري - شيخ نياز محمد، ۱۹۶۵ع.
مولوي غلام رسول جتوئي جي شعر و شاعري - غلام حسين جوڻيجو، ۱۹۶۵ع.
نانڪ يوسف جي سنڌي شاعري (محمد جمن، ۱۹۶۶ع).
وريل فقير جي سنڌي شاعري (ڪلياڻ داس، ۱۹۶۷ع).
 موهن فقير ارشاد ميمڻ ۱۹۶۶ع.
 رسالي “اديب سنڌ” جو سنڌي علم ادب ۾ حصو (ميمڻ عبدالغفور سنڌي) ۱۹۶۷ع.
 سنڌي صحافت جو علم ادب ۾ حصو (محمد موسى ميمڻ) ۱۹۶۷ع.
 هڪڙو پيارو ماڻھو (قاضي منظر حيات) ۱۹۹۱ع.
 پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي جون علمي ۽ ادبي خدمتون (منظور احمد سولنگي) ۱۹۹۲ع.
 ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جون علمي ۽ ادبي خدمتون (انعام علي پٺاڻ) ۱۹۹۲ع.
 ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جون علمي ادبي خدمتون (اختيار سيال) ۱۹۹۳ع.
 ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جون علمي ۽ ادبي خدمتون (غلام مرتضى ڏهر) ۱۹۹۴ع.
 ڊاڪٽر گربخشاڻي جون علمي ۽ ادبي خدمتون (ڪفيل احمد جتوئي) ۱۹۹۴ع وغيره.
**

ڇپيل ماهوار الصادق ميگزين صفحو: ۱۸ کان ۲۴ شمارو:
۱). پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي جي لفظن ۾ شاهه لطيف جي شعر و شاعري ۽ سوانح عمري تي چڱي انداز ۾ سنڌي ۽ انگريزي ڪتاب شايع ٿيل آهن. سنڌ ۽ هند ۾ شاهه جي نوازش سان ڪن نوجوان عالمن پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. هتي هندستان ۾ موتي لعل جوتواڻي ۽ هنداس جهانگياڻي، انھيءَ سند سان مشرف ٿيا آهن. اهي هڙئي مقالا انگريزي ۾ آهن. دهلي جي شرما به اهو شرف حاصل ڪيو آهي، پر سندس ورق ديوناگري جي لباس ۾ آهن. خوشي جي ڳالهه آهي جو منوهر مٽلاڻي سنڌي ۾ نثر لکي ايم فل جي سندَ سان پاڻ کي سينگاريو آهي. (مھاڳ ۸، ۱۹۹۲ع).

No comments:

Post a Comment