جُهڪر جو دڙو
امام راشدي
انهيءَ ۾ ڪو به سڪ ناهي ته سنڌو
ماٿريءَ جي تهذيب دنيا جي قديم ترين تهذيب ڄاتي وڃي ٿي. اهڙا هزارين اهڃاڻ سنڌ جي ڌرتيءَ
تي موجود آهن، جن جي قدامت جو اندازو کوجنا مان لڳائي سگهجي ٿو. انهيءَ قديم تهذيب
جو چٽو ثبوت، ”موهن جو دڙو“ آهي، جيڪو پنج هزار سال پراڻي تهذيب جو پختو دليل آهي.
سنڌ ۾ ٻيا به اهڙا سوين ماڳ، مڪان،
دڙا ۽ ويران وسنديون موجود آهن، جن ڏانهن اڃان آثارِ قديمه جي ماهرن جو ڌيان نه
ويو آهي. پر جي ڌيان ڏنو ويو به آهي ۽ خوش قسمتيءَ سان انهن جي ڪا کوٽائي يا کوجنا
وغيره به ڪرائي وئي آهي، ته پوءِ اها بلڪل اڻپوري ۽ نامڪمل آهي، جنهن مان ان هن جي
صحيح حقيقت جو اندازو لڳائي نٿو سگهجي.
سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جو هڪ اهڙوئي
ماڳ، ”جهُڪر جو درو“ به آهي، جيڪو پنهنجي سيني ۾ هزارن سالن جي تهذيب ۽ ثقافت جا
انمول موتي سانڍيو ويٺو آهي، جيڪو زماني جي بي حسي ۽ آثارِ قديمه وارن جي عدم
توجهي تي ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي.
جهُڪر جو درو، لاڙڪاڻي کان ڇهه
ڪلوميٽر، اولهه ۾ انڊس هاءِ وي جي ساڄي ڪناري تي واقع آهي. هن رستي سان ڏيهي توڙي
پرڏيهي سياحن جو گذر اڪثر ٿيندو رهندو آهي، جيڪي هن تاريخي ماڳ کي نهايت دلچسپيءَ
سان ڏسندا ته هوندا، پر افسوس جو هندڙي جي اڻپوري کوٽائي ۽ مڪمل تحقيق ۽ اتي رهائش
وغيره جو ڪو بنوبدست نه ڏسي مايوس ٿي هليا ويندا آهن.
جُهڪر جي دڙي بابت تاريخي حوالا گهڻا
نه ٿا ملن، ۽ نه وري هن دڙي جي ڪا تسليءَ جوڳي تاريخ ئي ملي ٿي، جنهن مان هن دڙي
جي قدامت جو صحيح اندازو لڳائي سگهجي. البت هيءَ راءِ بلڪل صحيح ڄاتي وڃي ٿي ته
هيءُ دڙو، موهن جي دڙي کان پوءِ برباد ٿيو. يا جُهڪر جو دڙو ۽ موهن جو دڙو ٻئي
همعصر آهن.عام راٰءِ هيءَ آهي ته موهن جي دڙي جي ڦٽڻ کان پوءِ، ”جهُڪر“ جو شهر
آباد ٿيو. اهو به چيو وڃي ٿو ته، موهن جي دڙي جي تباهه ٿيڻ کانپوءِ ساڳين ماڻهن
اچي جحوڪر جو شهر ٻڌو، ۽ اتي به ڌارين جي حملي، ٻوڏ، وبائي بيماري، ڏُڪار يا ڪنهن
ٻئي اهنج ڪري هي وسندڙ شهر به ويران ۽ تباهه ٿي هجي:
حقيقت ۾ جهُڪر جو دڙو، سنڌو سڀيتا جي
آخري دور سان تعلق رکي ٿو. مسٽر ايڇ. ٽي لئمبرڪ، پنهنجي ڪتاب”سنڌ- هڪ عام جائزو“ ۾
لکي ٿو ته ”اها ڳالهه ڌيان جوڳي آهي ته لال ڇَتي ۽ مشاق جي ٻيٽاون ماڳن تان هڪ قسم
جا ٺڪر- ٿانوَ هٿ آيا آهن، جي ٿلهي ليکي جهُڪر ۽ لوهم جي دڙن مان لڌل ٿانون جو سَن
آهن. پويان ٻئي دڙا، کوٽائي ڪرائيندڙ صاحب جي خيال ۾ سنڌو سڀيتا جي آخري دور سان
واسطو رکندڙ آهن.“ (۱)
لئمبرڪ جي انهيءَ حوالي مان ظاهر ٿيو
ته جهُڪر جودڙو، موهن جي دڙي کان پوءِ جو آهي.
اها ڳالهه مڃيل آهي ته موهن جو درو،
هڙپا يا ٻيون قديم تهذيبون دريائن جي ڪناري تي آباد هيون، ڇو ته انسان جي زندگيءَ
لاءِ اناج، چراگاهه ۽ پاڻي وڏي اهميت رکن ٿا. قديم زماني جا رهاڪو به پنهنجي زندگي
گهارڻ لاءِ، دريائن جي ڪنارن تي رهڻ پسند ڪندا هئا، ته جيئن پنهنجي ۽ پنهنجي مال
جي لاءِ زراعت، چراگاهه ۽ پاڻيءَ جو انتظام آسانيءَ سان ڪري سگهن.
قديم دور ۾ سنڌو ندي جهڪر جي ڀرسان
وهندي هئي يا سنڌو نديءَ جو هڪ ڦاٽ، جهڪر جي دڙي وٽان لنگهندو هو. ان کان علاوه هڪ
سَڙڪ آڳاٽي زماني ۾، بولان لڪ کان نڪرندي هئي. اها سرڪ اڳتي هلي ٻن سڙڪن ۾ ورهائجي
ويندي هئي.هڪ اروڙ کان ٿيندي، ملتان تائين ويندي هئي. سنڌ ۾ هن سڙڪ ذريعي ٻاهران
ڪيتريون ئي قومون آيون. هن سڙڪ سان، ٻين ملڪن ۽ شهرن ڏانهن وڻج واپار ٿيندو هو.
ممڪن آهي ته جهڪر جو شهر ان وقت ۾ آباد هجي ۽ پوءِ ڦِٽو هجي! هن سڙڪ جا اهڃاڻ اڄ
به ڪيترن هنڌن تي موجود آهن. (۲)
جهڪر جي دڙي جي پکيڙ ڪيترن ئي ايڪڙن
تي مشتمل آهي. چيو وڃي ٿو ته گهڻن مينهن پوڻ سبب هن دڙي جا ٻه حصا ٿي ويا آهن. هي
هڪ ئي درو هو. هينئر ٻنهي درن جي وچ ۾ تقريباً ٻه سؤ فوٽ مفاصلو ٿي ويو آهي.
پهريون ننڍو دڙو ۱۷
فوٽ بلند ۽ هموار آهي. ٻيو وڏو ۶۳
فوٽ مٿي آهي. ٻنهي دڙن جي اولهه م هڪ ننڍو ڳوٺ ”مِنو ديرو“ آهي. ڳوٺاڻا هنن ٻنهي
دڙن کي جداجدا نالن سان سڏيندا آهن. وڏي کي ”جهُڪر جو دڙو“ ۽ لنڊن کي ”وِلهيءَ
جودڙو.“ چيو وڃي ٿو ته وِلهي راڻي هئي، جيڪا جهڪر راجا جي ڀيڻ هئي. انهن ٻنهي
ڀاءُ- ڀيڻ جي نالن پٺيان هي ٻئي مشهور آهن. وِلهيءَ جي دڙي جي ڪجهه حصي جي کوٽائي
ٿيل آهي، جيڪا جهڪر جي دڙي جي کوٽائيءَ سان گڏ ڪئي وئي هئي. جهڪر جي دڙي جي نالي
بابت ڪئين انومان، ويچار ۽ روايتون ملن ٿيون، جنجو جائزو هيٺ پيش ڪنداسين. پر
پهريائين اچو ته انهن تاريخي شهرن جو پس منظر ڏسون، جيڪي قديم زماني کان سنڌو
ماٿريءَ ۾ موجود آهن.
حقيقت ۾ ڪو به شهر ڪنهن شخصيت جي نالي
سان منسوب هوندو آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ ۾ جيڪي ٻاهريون قومون آيون، تن پنهنجي
نالن سان هتي شهر آباد ڪيا. جيئن ”اُر“ کان آيل قوم جي نالي سان ڪيئي شهر مشهور
آهن. جهڙوڪ، ڪشمور، اروڙ، ڀنڀور وغيره. ڏٺو وڇي ته جهڪر به ان ۾ شامل آهي. خيال
آهي ته هي شهر به انهي۴
دور جو ”اُر“ کان آيل قومن جو ئي ٻڌايل آهي، جنهن سبب اڄ تائين مشهور آهي. (۳)
پهرين روايت: ”گهڻين برساتين پوڻ سبب
دڙي جو ڪافي حصو جهڪي پيو ۽ ان ڪري اهو ’جهڪر جو دڙو‘ سڏجڻ لڳو“. (۴)
ٻي روايت: ”هن شهر ۾ جهڪر نالي راجا
راڄ ڪندو هو ۽ انهيءَ ڪري ’جهڪر جو دڙو‘ سڏجڻ لڳو.“ (۵)
ٽين روايت: ”هي شهر راجا دلوراءِ جي
دور جو آهي. دلوراءِ پنهنجو خزانو هن شهر ۾ پورايو هو. انهيءَ ڪري شهر جو نالو
’جهڪر‘ پئجي ويو.“ (۶)
چوٿين روايت: ”جهڪر ۽ نَڙَ ٻه ڀائر
هئا ۽ ٻئي ڀائر هن شهر جا رهندڙ هئا. آڳاٽي زماني ۾ سنڌو ندي جهڪر شهر جي ڀرسان
وهندي هئي. ان جي بار بار پائڻ سبب هي شهر ويران ٿيندو رهيو. آخر ماڻهن هتان لڏڻ
شروع ڪيو ۽ جهڪر جي دري کان ڪجهه پنڌ تي اولهه طرف، هڪ هنڌ اچي رهيا ۽ گهر اڏي
ويٺا. پر اتي به هو گهڻو وقت نه رهيا. ان جڳهه کي ”نَڙ جو دڙو“ نالو ڏنو ويو. اڄ
به نَڙ جو دڙو، جهڪر جي دڙي کان اَٺ ڪلوميٽر پري ڳوٺ ”خيرپور جوسو“ ۾ واقع آهي.
هينئر ڪي آثار دڙي جا موجود آهن.
نَڙ بابت چيو وڃي ٿو ته ”سنڌ ۾،
”نڙاڻي تُنيا“، راجا نڙ جي اولاد مان آهن. اڄ به، ’نڙاڻي تُنيا‘، تينا قوم ۾ هڪ
معزز گهراڻو ڄاتو وڃي ٿو.“ (۷)
”حقيقت ۾ سنڌو تهذيب جون وسنديون،
حملي ڪندڙ ”آرين“ ئي تباهه ۽ برباد ڪيون. جيڪي سنڌ ۾ ٻاهران آيون، انهن ماڻهن کي
ٽن گروهن، سيميٽري. ايڇ، جهڪر ۽ جهانگر وغيره ۾ ورهايو ويو. انهن ٽنهي گروهن کي
”آريا قبيلا“ قرار ڏنو ويو. انهن چيو وڃي ٿو ته هنن سنڌو ثقافت جي ماڻهن کي لٽي
برباد ڪيو. انهن ماڻهن کي ”دراوڙ“ قرار ڏنو ويو.“(۸)
”آثار قديمه جي ماهرن جو خيال آهي ته
هڙپا ۾، سيميٽري. ايڇ جي ماڻهن ۽ موهن جي دڙي جي جهڪر ماڻهن حملو ڪري، سنڌو سڀيتا
جو انت آندو. اهي حملو ڪندڙ ڪير هئا؟ هنن اهو نظريو ڏنو، ته اهي دهقاني، آريا
ماڻهو هئا. سيميٽري. ايڇ، جهڪر ۽ جهانگر جا ماڻهو پاڻ به سنڌو سڀيتا جا ماڻهو
هوندا هئا. ان سڀيتا جو ڪن سببن جي ڪري زوال ٿيو هو.“ (۹)
مٿين روايتن ۽ حوالن مان معلوم ٿيو ته
”جهڪر“ نالي هڪ قوم هئي، جيڪا موهن جي دڙي ۽ ٻين ماڳن تي رهندڙ هئي. جيئن مٿي ذڪر
ڪيو ويو آهي ته موهن جو درو ۽ جهڪر جو دڙو ٻئي همعصر آهن. يا جهڪر، موهن جي دڙي
کان پوءِ جي دور جو آهي. ٿي سگهي ٿو، ته جهڪر قوم، جهڪر جي شهر ۾ رهندڙ هجي ۽ اهو
شهر پنهنجي دور جو وسندڙ شهر هجي، جيڪو سنڌو دريا جي ڪناري تي آباد هو ۽ پوءِ
ڌارين جي حملي، ٻوڏ، ڏڪار، ۽ بيماريءَ يا ڪنهن ٻئي اَهنج ايذاءَ جي ڪري هن شهر جي
رهواسين کي هي شهر ڇڏڻو پيو هجي پوءِ هي شهر ويران ٿي دڙي جي صورت ۾ تبديل ٿيو
هجي! يا وري موهن جي دڙي جي تباهيءَ کان پوءِ اتان جا ماڻهو اچي هتي رهيا هجن، جن
۾ جهُڪر قوم به شامل هئي ۽ انهيءَ مناسبت سان هن شهر تي ”جهڪر“ نالو پيو هجي. اڃا
ٻيو سبب هي به ٿي سگهي ٿو، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، ته ”موهن جي دڙي تي جهڪر جي ماڻهن
حملو ڪري سنڌو سڀيتا جو انت آندو.“ ممڪن آهي، ته انهيءَ جهڪر قوم، هن شهر تي به
حملو ڪري، هتان جي ماڻهن کي لٽيو، ڦريو ۽ تباهه ڪيو هجي.
مٿين روايتن ۽ حوالن مان معلوم ٿئي ٿو
ته جهُڪر هڪ قوم هئي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ ۾ رهندڙ هئي. خيال آهي ته جهُڪر جي دڙي
تي، جهڪر نالو به انهيءَ قوم جي مناسبت سان پيل آهي، جيڪو صدين کان اڄ تائين هلندو
اچي.
مسٽر لئمبرڪ وري لکي ٿو، ”فاتح قوم جي
ماڻهن جو موهن جي دڙي ۾ آباد ٿي ويهڻ جو ثبوت نه ٿو ملي، حالانڪه اُهي جهڪر، لوهم
جي دڙي ۽ چانهوءَ جي دڙي جي ويران سرزمين آباد ٿي ويا هئا. سنڌو تهذيب جي هن شاهه
شهر کي هنن طرفان ائين نظرانداز ڪرڻ جو سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته هنن کي سابق دارالحڪومت
واري شهر جي آسپاس پوکيءَ راهيءَ جا ڪي آثار نظر نه آيا هوندا. جيتوڻيڪ انهن ماڻهن
لاءِ هيءُ اندازو ئي ڪري سگهجي ٿو ته انهن جي زندگيءَ جي طرز نيم خانه بدوشيءَ
واري هئي ۽ اهي فقط پنهنجي مال جي ڌڻن مان ٿيندڙ اُپت ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ ئي ڪڏهن
ڪڏهن زراعت ڪندا هئا. انهن حملي آور ماڻهن جي دور جا، جن کي اسان ”جهڪر وارن لوڪن“
جي نالي سان ڄاڻون ٿا، جيڪي قديم اوزار مليا آهن، انهن جو گهڻي کان گهڻو تعداد ۽
گهڻي کان گهڻا مختلف نمونا چانهونءَ جي دڙي مان دستياب ٿيا آهن ۽ اهي بلوچستان جي
پري پري تائين منتشر ٿيل هنڌن مان هٿ آيل شين سان به مماثلت رکن ٿا.“ (۱۰)
لئمبرڪ جي انهيءَ ڳالهه مان ظاهر ٿئي
ٿو ته جهڪر ڪنهن ماڳ جو نالو آهي، جتي ٻاهران آيل فاتح قومن پنهنجو آستانو قائم
ڪيو هجي. انهن ٻاهران آيلن موهن جي دڙي ۾ به رهڻ پسند نه ڪيو. ان مان ظاهر ٿيو ته
جهڪر اڳ ۾ به موجود هو: شهر جي صورت ۾ يا وري ويران وسنديءَ جي صورت ۾. لئمبرڪ جي
ان ڳالهه مان اها ثابتي پڻ ملي ٿي ته جهڪر، موهن جي دڙي کان پوءِ جو آهي. انهيءَ
وقت موهن جو دڙو تباهه ٿي چڪو هو ۽ يا وري صفا ويران ٿي ويو هو، جو ٻاهرين قومن هن
شهر کي نظر انداز ڪري، ٻين هنڌن تي رهڻ پسند ڪيو.
باقي دڙي تي خزاني، جهُڪي پوڻ يا
جهُڪر راجا جي نالي سبب، ان تي نالو پوڻ اِهي محض روايتون آهن، پر جيستائين ڪا
واضح صورتحال نظر اچي، تيسين انهن روايتن کي به رد نٿو ڪري سگهجي. اڃان تحقيق ۽
کوجنا جي ضرورت آهي. اڄڪلهه جديد ٽيڪنالاجي ۽ سائنسي بنيادن تي تحقيقي ڪم ٿي رهيا
آهن. ”جهڪر جو دڙو“ به هڪ اهڙوئي ماڳ آهي جنهن جي مڪمل کوٽائي ۽ تحقيق ڪرڻ کان
پوءِ ئي پتو پئجي سگهندو ته هي دڙو ڪيترو پراڻو آهي.
مسٽر لئمبرڪ جي انهيءَ ڳالهه سان اسان
کي متفق ٿيڻو پوندو ته جهڪر، ڪو ماڳ هو، جنهن جي ڪري هي دڙو صدين کان، انهيءَ نالي
سان سڏبو اچي ٿو. باقي جهڪر هڪ قوم هئي، جيڪا آڳاٽي زماني ۾ سنڌ ۾ رهندڙ هئي،
نهايت وزندار ڳالهه آهي. اسان کي اها ئي ڳالهه بلڪل درست لڳي ٿي، ڇو ته ڪنهن به
قوم يا شخصيت جي مناسبت سان شهر ٻڌايا ويندا آهن. اسان کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته
جهڪر هڪ قوم هئي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ ۾ رهندڙ هئي. جهڪر تي نالو به انهيءَ مناسبت
سان پيل آهي.
جهڪر جي دڙي جي سڀ کان پهريائين
کوٽائي، انگريزن جي دور ۾، سن ۱۹۳۵ع
۾ آثار قديمه جي ماهر مسٽر اين جي مجمدار ڪرائي هئي، جتان کيس ٺِڪر جا ٿانو، ٽامي
جا سڪا ۽ ڪجهه مهرون ۽ ٻيون شيون به مليون، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي گپتا خاندان
۽ سفيد هُوڻ جي دور سان واسطو رکن ٿيون.
مسٽر لئمبرڪ جهڪر مان لڌل شين بابت
لکي ٿو ته ”پنجين صدي عيسويءَ جي پهرين اڌ ۾ اُتر الهندي هندستان ۾ ايراني اثر وري
بحال ٿيل نظر اچي ٿو. اها ڳالهه جهڪر جي لڌل ٺڪر جي ٿانون تي نڪتل شڪلين مان نظر
اچي ٿي.“ (۱۱)
مسٽر مجمدار جي کوٽائيءَ کان پنجاهه
سال پوءِ ۷۳- ۱۹۷۴ع ۾ آثار قديمه وارن هن دڙي جي ڪجهه
حصي جي ٻيهر کوٽائي ڪرائي، جنهن مان ڪيتريون ئي اهڙيون شيون مليون آهن، جن مان پتو
پوي ٿو ته موهن جو دڙو ۽ جهڪر جو دڙو هڪ ئي تهذيب جا شهر هئا. اهڙي شهادت، مسٽر
لئمبرڪ جي هن حوالي مان پڻ ملي ٿي ته ”اپر سنڌ ۾ لاڙڪاڻي کان ڪجهه ميل اولهه طرف
جهڪر وٽ هڪ قديم آثار جي قريبي زماني سان واسطو رکندڙ لڳ ڀڳ ساڳيءَ نوعيت ۽ ساڳيءَ
شهادت وارا سڪا لڌا ويا آهن. اتي واسو ديوَ جا سڪا لڌا ويا آهن، پر انهن سڪن کان وڌيڪ
تعداد ۾ اهي مخصوص شڪل ۽ صورت جا سڪا مليا، جيڪي موهن جي دڙي واري (اسٽوپا) جي
قريب ڪُشن گهراڻي جي زوال واري دور سان واسطو رکندڙ آهن. ان کان سواءِ هنن سڪن
جهڙا ڪي سڪا يا ته ٺڪر جي انهن مهرن جي ويجهڙائيءَ ۾ يا ان سان گڏ مليا، جن تي
گپتا دور جي اکرن ۾ ڪجهه تحرير ٿيل هو، جيڪو شايد پنجين عيسوي صديءَ جي زماني کان
گهڻي قدامت جا ناهن.
جهڪر وارين کوٽاين مان مليل چيزن جي
شهادتن جي وڌيڪ جاچنا ڪرڻ کان اڳ ۾، هيءَ ڳالهه بهتر ٿيندي ته انهيءَ دور ۾ زيرين
سنڌ ۾ ظاهر ٿيل واقعن ۽ حالتن تي جيتري قدر به انهن جو سراغ ملي سگهي، غور ڪرڻ
گهرجي.“ (۱۲)
”جهڪر جي دڙي جي کوٽاين مان مليل
شهادتن مان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو، ته هوڻ حمله آور، شِرا جا پوڄاري بڻجي پيا
هئا. پر هن ڳالهه ۾ ذرو به شڪ ٿي نه ٿو سگهي، ته انهيءَ سڄي ڊگهي زماني ۾ سنڌ جا
عام ماڻهو مجموعي طور ٻڌ ڌرم جي پيروي ڪندڙ هئا. (۱۳) جهڪر جي دڙي جي کوٽائي مان معلوم
ٿئي ٿو، ته جاين جي اڏاوت ڪچين سرن سان ٿيل آهي، تڏهن ته موهن جي دڙي جي جاين ۽
بين قديم لڌل آثارن جي جاين جي اڏاوت پڪين سِرن سان ٿيل آهي. جهڪر جي دڙي مٿان هڪ
اسٽوپا نما ٺُل ٺهيل آهي، جيڪو ٿي سگهي ٿو ته ڪا محلات، عبادتگاهه يا ٻي ڪا عمارت
هجي. يا وري جيئن ته گوتم ٻڌ جي جن ٺُلن ۾ رکي وئي ۽ انهن کي يادگار طور اسٽوپا جو
نالو ڏنو ويو. اهڙا اسٽوپا سنڌ ۾ اڃا به گهڻن حصن ۾ موجود آهن. ٿي سگهي ٿو، ته
هيءُ ٺل به اسٽوپا هجي.
جهڪر جي کوٽائي مان هڪ وڏي دروازي جا
ٺهيل ٺل به نظر اچن ٿا ۽ شهر جي چوڌاري ڏنل ديوار، عالم پناهه جا آثار پڻ مليا
آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو، ته هن شهر کي ڌارين جي حملي کان محفوظ رکڻ لاءِ
چوڌاري عالم پناهه ڏنل هئي.
مشهور انگريز محقق، مسٽر وار وِڪ بِري
(Warwick
bray) ۽
مسٽر ڊيوڊ ٽرمٽ (David
Trump) پنهنجي
ڪتاب (A
Dictionary Archaeology)
۾ لکي ٿو ته جهڪر جودڙو پٿر جي پوئين زماني جو ڪلچر آهي، جيڪو
سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب مِٽجڻ بعد سنڌ جي ڪن حصن ۾ وجود ۾ آيو. هن جو بهترين مثال
چانهوءَ جو دڙو آهي. جهڪر مان هٿ آيل شين مان، سنڌو تهذيب، بلوچستان ۽ وچ اوڀر
واري تهذيب جي جهلڪ ملي ٿي. آخري تهذيب جي نشاني مُهرن جي صورت ۾، ٽامي جي ٽاچنين
۽ ڪهاڙي جي ڦر جي صورت آهي. هي ڪلچر ٻي صدي عيسويءَ جي وچ واري حصي جو ئي آهي.“ (۱۴)
مٿين ڪجهه روايتن ۽ حوالن پڙهڻ
کانپوءِ اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ”جهڪر جو دڙو“ محض ڪو مٽيءَ جودرو ناهي،
بلڪه هتي ضرور قديم زماني جي تهذيب ۽ سڀيتا دفن آهي. انهيءَ لٽيل تهذيبي خزاني کي
نروار ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، ته حڪومت ۽ آثار قديمه کاتو هن طرف توجهه ڏئي. روزبروز
پوندڙ برساتون، سم ۽ ڪلر هن دڙي کي نهايت تيزيءَ سان تباهيءَ طرف وٺي وڃي رهيا
آهن. جيڪڏهن هن دڙي جي حفاظت لاءِ ڪي اُپاءَ نه ورتا ويا، ته هي دڙو بلڪل ختم ٿي
ويندو. پر جيڪڏهن مستقبل قريب ۾ حڪومت جي طرفان اهڙو قدم کنيو ويو ۽ هن دڙي جي
مڪمل کوٽائي وغيره ڪئي وئي، ته هن جڳهه تان ضرور دفن ٿيل تاريخ جو نئون باب نروار
ٿيندو. باقاعده تحقيق ۽ تلاش اسان کي حقيقت جي تهه تائين وٺي ويندي. ممڪن آهي، ته
موهن جي دڙي جيان، هتان به ڪو تاريخي ۽ ثقافتي خزانو نڪري نروار ٿئي، جيڪو سنڌي
قوم جي قديم ثقافت جو اُهڃاڻ ثابت ٿئي، جنهن تي سنڌواسي فخر محسوس ڪن.
حوالا
ايڇ. ٽي. لئمبرڪ- ’سنڌ هڪ عام جائزو‘
صفحو ۱۳۸، سنڌي ادبي
بورڊ ڄامشورو سنڌ.
سماجي، ثقافتي سنگت نئون ديرو ۾، نئون
ديري شهر بابت ڇپجندڙ ڪتاب، ”نئون ديري جا نوان ۽ پراڻا ورق“ جي مواد لاءِ، ڊاڪٽر
ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ کان ڪرايل شهر بابت ليڪچر.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي- ”شڪارپور-
ماضي ۽ حال“ صفحو ۱۰،
پبليڪيشن ڪميٽي جشن شڪارپور ۱۹۸۴ع.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي- ”لاڙڪاڻو
ساهه سيباڻو“ صفحو ۲۶،
ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻو.
ايضاً- صفحو ۲۶
ايضاً- صفحو ۲۶ ۽ ۲۷.
هيءَ روايت نامياري ليکڪ، اديب ۽
ڊرامه نويس محترم روشن علي تنيو صاحب ٻڌائي.
ايم. ايڇ. پنهور، ”سنڌ جي تاريخ ۽
آثار قديمه تي تحقيق ۽ اشاعت“ صفحو ۱۵۲،
ٽه ماهي مهراڻ ۲/۱۹۸۴ع (سنڌي ادب سيمينار نمبر) سنڌي ادبي
بورڊ ڄامشورو.
ايضاً- صفحو ۱۷۲.
ايضاً- صفحو ايڇ. ٽي لئمبرڪ، ”سنڌ
مسلمانن جي فتح کان اڳ“ صفحو ۸۸،
سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
ايضاً- صفحو ۲۱۳.
ايضاً- صفحو ۱۰۹.
ايضاً- صفحو ۱۱۸.
‘A Dictionary of Archaeology’ Warwick Bray,
and David Trump.
۽ ڪجهه رسالن، ڳوٺاڻن ۽ ادب دوستن کان
مليل معلومات تي لکيل.
No comments:
Post a Comment