لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪجھ ليکڪ
رياضت ٻرڙو
لاڙڪاڻو ضلع، سنڌ جو ھڪ وڏو ۽ اھم،
مردم خيز ضلعو رھيو آھي. منجھس ڪيئي ستارا پيدا ٿيا. منجھانئن نموني جي مٺ طور ڪن
جو مذڪور ھيٺ ڏجي ٿو.
1.
احمد
علي ’صابر‘ چانڊيو
احمد علي ’صابر‘ چانڊيو سينئر
شاعر آهي. هن مضمون، ناول، ڪهاڻيون، رپورٽون ۽ اسٽيج ڊراما پڻ لکيا آهن. احمد علي
ولد نواب خان چانڊيو ۱۴ جولاءِ ۱۹۵۲ع تي، ميرو خان تعلقي جي ڳوٺ ڇاڄڙي ۾ پيدا ٿيو.
۱۹۶۰ع کان ۱۹۷۵ع تائين سندس ڪٽنب قُبي سعيد خان ۾ ۽ ۱۹۷۵ع کان ۲۰۰۰ع تائين
شهدادڪوٽ ۾ رهيو، جنهن کان پوءِ هو لاڙڪاڻي لڏي آيو. ان وچ ۾ هو ۲۰۰۶ع ۾ حيدرآباد
۾ به رهيو. هاڻ هُو لاڙڪاڻي واسي آهي. هن ايم.اي سنڌي، ايم.اي سياسيات ۽
ايل.ايل.بِي جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ مختلف ملازمتون ڪندي، ۲۰۰۸ع ۾ انجنيئرنگ
سپروائيزر طور رٽائر ڪيو.
هن شاعريءَ جي شروعات ۱۹۷۸ع ۾ ڪئي.
سندس ادبي استاد نالي وارو اديب ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ آهي. ’صابر‘ جو تعلق سنڌي ادبي
سنگت شهدادڪوٽ (سيڪريٽري)، سنڌي اردو سنگت، المهراڻ آرٽس ڪلب (چيئرمئن)، انسان
همدرد سنگت، پِي ٽِي سِي ايل (مرڪزي ميڊيا ايڊوائيزر)، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو،
لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي، سنڌ لٽرري فورم، سنڌ ٽيلينٽ آرگنائيزيشن ۽ سنڌي ادبي
سنگت لاڙڪاڻو سان رهيو آهي، جنهن جو هو سيڪريٽري به رهيو.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”گھايل
منهنجا گيت“ (شاعري)، ”پياسي سِپ سمونڊ ۾“ (ڪهاڻيون)، ”ڪُويڄن ڪُٺي آهيان“ (تاريخي
ناول) ۽ ”ڪاڪ ڪڪوريءَ آءُ“ (شاعري) شامل آهن. سندس شاعري ڪيترن ئي مشهور فنڪارن
ڳائي آهي.’صابر‘ چانڊيي کي انيڪ مڃتا سرٽيفيڪيٽ، ميڊل، ايوارڊ ۽ شيلڊون مليون آهن،
جن ۾ ”فقير بخش علي ابڙو شيلڊ“، ”پيرل ادبي ايوارڊ“، ”هندو ڌرم شيوا منڊل“ ۽
”سنگيت فورم شهدادڪوٽ شيلڊ“ ۽ ٻيا ايوارڊ شامل آهن. سندس رهائش شهباز ڪالوني
لاڙڪاڻي ۾ آهي.
2.
غلام
نبي ’گل‘ ٻرڙو
غلام نبي ’گل‘ سنڌ جي بزرگ شاعرن ۾ جديد شاعراڻي لهجي سبب
ڌار سڃاڻپ رکي ٿو. هو ناول نويس ۽ ڪهاڻيڪار به آهي. غلام نبي ولد عبدالواسع ٻرڙو ۱۰ سيپٽمبر ۱۹۳۲ع تي، قنبر تعلقي جي
ڳوٺ گھٽهڙ ۾ پيدا ٿيو. هن سنڌي ورنيڪيولر فائينل ۽ پرائيويٽ گريجوئيشن جي تعليم حاصل
ڪئي ۽ ۱۹۴۸ع کان پرائمري استاد طور تدريس ڏيندي ۱۹۹۲ع ۾ رٽائرمينٽ ڪئي.
هن شاعريءَ جي شروعات ۱۹۵۳ع ۾، روايتي فارسي رنگ
سان ڪئي، جيڪو پوءِ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت سان تبديل ٿيو. هو
جمعية الشعراء شاخ قنبر جو ميمبر به ٿيو ۽ سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ سان به لاڳاپيل
رهيو. هن گھٽهڙ ۾ اسٽيج ڊراما لکيا، جيڪي اتي پيش ڪيا ويا، تن ۾ ”باغي“، ”محبت جي فتح“
۽ ”هير رانجھو“ شامل آهن. هو انهن ڊرامن جو پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر رهيو، جڏهن ته اتي
فلاح و بهبود تنظيم جو خزانچي پڻ رهيو. هو ۱۹۷۵ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو.
هتي هو آل ٻرڙا ويلفيئر ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جو سيڪريٽري رهيو. ۱۹۸۴ع ۾ هن سنڌي ادبي سنگت
شاخ لاڙڪاڻي سان لاڳاپيو، جنهن جو ۱۹۹۲ع ۾ سيڪريٽري به ٿيو.
سندس ڪتاب ۱۹۹۰ع کان ڇپجڻ شروع ٿيا. سندن ڇپيل
شاعريءَ جي ڪتابن ۾ ”رات باقي آ“، ”آواز جي خوشبو“، ”آئينو چُپ آ“، ”اڃا تازي قبر آهي“،
”آخري شام“، ”بِکري منظر“ (اردو)، ”لمحن جو درد“، ”ٻيو جنم“، ”خدا جي سرگوشي“، ”درد
جو چنڊ“ ۽ ”تنهائي“ شامل آهن، جڏهن ته ناولن ۾ ”جيون پياسو سمنڊ“، ”نه راهون ساڻ هلنديون
هِن“، ”جوڳي“، ”فاصلي“ (اردو)، ”ٽٽل شيشو“ شامل آهن ۽ ڪهاڻين جي مجموعن ۾ ”دعا جا پير“،
”مان ڪير آهيان؟“ سرجيل آهن. سندن ڇپيل ڪتابن جو جملي تعداد ۱۸ آهي. کيس جيڪي مڃتا ايوارڊ
مليا آهن، تن ۾ اڪيڊمي آف ليٽرس ڪراچي پاران ايوارڊ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ ۽ سنڌو
ايوارڊ شامل آهن.
هو گذريل ڪيتري ئي وقت کان هاءِ بلڊ پريشر ۽ دل جو مريض آهي.
سندس رهائش رحمت پور محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي.
3.
ذوالفقار
سيال
ذوالفقار
سيال نالي وارو شاعر آهي. هو ۲۸ مئي ۱۹۵۷ع تي ڳوٺ فريد آباد، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي
مان، انٽر حيدرآباد مان ۽ ايم بِي بِي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج (ايل ايم سِي)
ڄامشوري مان ۱۹۸۱ع ۾ ڪئي. هُو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽
ايل ايم سِي ۾ آر ايم او، جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ ميڊيڪل آفيسر ۽ چانڊڪا اسپتال جو
ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ٿي رهيو، جنهن بعد ۱۲ سال
ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۽ جناح اسپتال ۾ ائڊيشنل پوليس سرجن رهيو. هينئر ڪراچيءَ ۾
مقرر آهي.
ذوالفقار
سيال ڪالم نويس پڻ آهي. هن شاعريءَ ۾ گيت، غزل، بيت، دوها، هائيڪو ۽ آزاد نظم ليکا
آهن ۽ ٻاراڻي شاعريءَ جا پڻ ڪيئي ڪتاب سرجيا آهن. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن جا
نالا هن ريت آهن: رڻ سڄو رت ڦڙا، مکڙين
مالها. ڳاڙها هٿ پيلا چهرا، منهنجي
ديس جا ٻار، گلڙن جهڙا گيت، لفظن جا رانديڪا، بارش
کان پوءِ، اکر اکر سرهاڻ ۽ چهرا چنڊ گلابن
جهڙا.
هُو
سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو ٻن سالن (۲۰۰۷-۲۰۰۵) لاءِ جنرل سيڪريٽري ۽ ان کان اڳ مرڪزي خزانچي رهيو. هو هڪ روزاني
سنڌي اخبار جي ادبي صفحي جو انچارج آهي. سندس مستقل رهائش ڳوٺ ۾ آهي.
4.
حافظ
عبدالستار ڪوريجو
حافظ عبدالستار ڪوريجو محقق
آهي. هو ۸
ڊسمبر ۱۹۵۸ع
تي، تعلقي رتيديري جي ڳوٺ، ڳڙهي خدا بخش ڀُٽي ويجهو وَسيل هڪ ڳوٺ ’ڪوريجا‘ ۾، هڪ
هارِي نظام الدين ڪوريجي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ۱۹۷۲ع ڌاري ٻارن کي تعليم ڏيارڻ
واسطي لاڙڪاڻي لڏي آيو. حافظ صاحبَ پرائمري تعليم ڳوٺ مان، مئٽرڪ قنبر مان، انٽر ۽
آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان، ايم.اَي (پرائيويٽ) اِڪنامڪس ۾، ٻيهر ايم.اَي
(پرائيويٽ) اسلامڪ ڪلچر ۾ ۽ ٽيهر ايم.اَي (پرائيويٽ) سنڌي ادب ۾ سچل آرٽس ڪاليج
لاڙڪاڻي مان ڪيون آهن. حافظ صاحب قرآن مجيد ۷۱-۱۹۷۰ع دوران قاري شهاب الدين
ٻُگهيي وٽ مدرسي اشاعت القرآن والحديث لاڙڪاڻي ۾ حِفظ ڪيو، مولوي عالم جو امتحان
سچل آرٽس ڪاليج مان پاس ڪيو جنهن ۾ سکر بورڊ ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. هن پِي.ٽِي.سِي،
بِي.ايڊ ۽ ايم.ايڊ پڻ ڪئي آهي.
هو ۱۹۸۳ع ۾ تعلقي رتيديري جي ڳوٺ
يارو جلباڻي جي اسڪول ۾ پرائمري استاد طور مقرر ٿيو، ۱۹۹۲ع تي ترقي ڪري ايچ.ايس.ٽِي
ڪيو ويو ۽ ۱۹۹۷ع
کان وٺي گورنمينٽ شيخ زيد هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ مقرر آهي.
هن ۸۶-۱۹۸۵ع ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا. هن
چوڌري افضل حق جي ٽن ڪتابن جا ترجما ڪيا، جيڪي اڃا اڻ ڇپيل آهن. ان کان پوءِ سندس
لاڙو تحقيقي مقالن ڏانهن ٿيو. سندس پهريون تحقيقي ڪتاب ”رني ڪوٽ“ يا ”راني ڪوٽ“‘ ۲۰۰۱ع ۾ سندس قائم ڪيل اداري
”روپاهي ڪوريجا پبليڪيشن“ لاڙڪاڻي پاران ڇپيو ۽ ٻيو ڪتاب ’تاريخ سنڌ ساگر‘ ڇپيو.
سندس تعلق اباڻي ڳوٺ ”ڪوريجن“
۾ قائم سماجي تنظيم ”ڳوٺ سڌار سنگت“ سان آهي. کيس ”عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ“ پاران
”تنوير عباسي ادبي ايوارڊ“ سندس هڪ تحقيقي مقالي تي مليل آهي. سندس رهائش لاهوري محلي، لاڙڪاڻي ۾ آهي.
5.
مختيار
سمون
مختيار سمون سنڌ جو نالي وارو شاعر ۽ نامور استاد آهي.
مختيار احمد ولد حڪيم يار محمد سمون ۱۸ آگسٽ ۱۹۶۰ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي
جي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ پيدا ٿيو. هن گريجوئيشن تائين لاڙڪاڻي ۾ تعليم پرائڻ کان پوءِ،
ماسٽرس سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۸۶ع ۾ ۽ بِي ايڊ شاهه عبداللطيف
يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هُو ۱۹۸۷ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾
ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ ۱۹۹۱ع کان وٺي سنڌ زرعي ڪاليج ڏوڪريءَ ۾ اسسٽنٽ
پروفيسر طور پڙهائي رهيو آهي. هن ۱۹۹۲ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ تعليمي اداري ناليج
سينٽر جو بنياد رکيو، جنهن جو ڊائريڪٽر آهي.
مختيار سمي ۱۹۷۴ع ۾ ٻارن جي رسالن ۾ لکڻ سان
شروعات ڪئي. سندس تمام گھڻي شاعري، ڪالم ۽ مضمون ڇپجي چڪا آهن. هن شاعريءَ ۾ غزل ۽
نظم سرجيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”دنيا آهي گول“ (شاعري-۱۹۸۳ع)، ”ڌرتي روشن
ٿيندي“ (شاعري-۱۹۹۰ع)، ”وفائون منتظر آهن“ (شاعري-۱۹۹۷ع) ۽ ”عورت: حق،
حيثيت ۽ تشدد“ (ترتيب ڏنل مضمون-۲۰۰۸ع) شامل آهن. هو سنڌي ادبي سنگت
لاڙڪاڻو شاخ جو سيڪريٽري به رهيو آهي، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو پڻ
هُو ڪيترو وقت سرگرم سيڪريٽري رهيو آهي. هو آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۽
چائيلڊ رائيٽس ڪاميٽي لاڙڪاڻو سان پڻ سلهاڙيل آهي. سندس رهائش
لاهوري محلي
لاڙڪاڻي ۾ آهي.
6.
جواد
جعفري
جواد جعفري مشهور شاعر آهي. جواد حسين ولد انور حسين
جعفري ۶ ڊسمبر ۱۹۶۳ع تي، لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي ۾، ايم
اَي سياسيات (۱۹۹۳ع ۾) سچل آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ ايم ايڊ ۱۹۹۹ع ۾ سنڌ زرعي
يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان آف ڪئمپس پروگرام تحت ڪئي. هُو ۱۹۸۸ع ۾ هاءِ اسڪول بنگل
ديري ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر مقرر ٿيو ۽ ۱۹۹۵ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي
۾ بدلي ٿي آيو ۽ ۱۹۹۸ع ۾ ايڇ ايس ٽِي طور ترقي ماڻي.
جواد جعفريءَ جو نانو نواز علي ”نياز“ جعفري پنهنجي وقت
جو مشهور شاعر هو. جواد جعفري ان نسبت سان گهريلو ماحول ۽ شاعر دوستن جي صحبت ۾ ۱۹۸۷ع کان شاعري ڪرڻ
لڳو. سندس ادبي رهنمائي سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي تنقيدي گڏجاڻين ۾ ٿي، جنهن
جو هُو ۸۸-۱۹۸۷ع کان ئي ميمبر آهي. هن شاعريءَ
۾ سڀني صنفن ۾ لکيو آهي، پر غزل ۽ نوحه وڌيڪ سرجيا آهن. سندس ڪيتري ئي شاعري ڳائي
پڻ وئي آهي. سندس غزلن جو مجموعو ”توکي چاهيوسي“ ڇپيل آهي ۽ شاعريءَ جي هڪ مجموعي
سميت اردو ۾ منقبتن جو مجموعو ڇپجڻ لاءِ تيار آهي. کيس سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي
پاران ”بهترين شاعر“ ۽ ٻيا ايوارڊ مليا آهن. هُو انجمن حسيني مرڪزي امام بارگاهه
جعفريه لاڙڪاڻي
جو سالار ماتمي دسته به آهي. سندس
ناموريءَ جو ٻيو سبب ڪرڪيٽ به آهي، جنهن ۾ هُو لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ جو ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر
۽ ماسٽرس ڪرڪيٽ ڪلب لاڙڪاڻي جو ڪئپٽن (ضلعي ۽ ڊويزن جو پڻ) رهيو آهي. هُو مشهور آل
رائونڊر آهي ۽ ڪيترائي ايوارڊ ۽ ٽرافيون کٽي چڪو آهي. سندس رهائش
جعفري پاڙي لاڙڪاڻي ۾
آهي.
7.
عبدالحق
ساريو
عبدالحق ساريو نثري نظم جو ڀلوڙ
شاعر آهي. عبدالحق ولد فقير راڻو ۹ جولاءِ ۱۹۶۶ع تي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ٻِنڊي ۾
پيدا ٿيو. هن ايم.اي (اردو)، ايم.اي (اڪنامڪس) ۽ بِي ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي آهي.
هُو ۱۹۹۷ع ۾ اردو ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ ۲۰۱۱ع اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. سندس مقرري ڊگري
ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ آهي.
هن لکڻ جي شروعات نالي واري
ڪهاڻيڪار رزاق مهر جي رهنمائيءَ هيٺ ۱۹۹۱ع ۾ ڪئي. هن ڪالم، ڪهاڻيون ۽ نثري نظم
لکيا آهن. سندس شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپي آهي. هُو سنڌي ادبي سنگت شاخ
ڏوڪريءَ جو ميمبر آهي ۽ ۲۰۰۶ع ۾ ڪائونسلر پڻ رهيو. سندس
رهائش ڳوٺ ٻنڊي ۾ آهي.
8.
سعيد
ميمڻ
سعيد ميمڻ نالي وارو شاعر آهي. سندس پورو نالو سعيد احمد
آهي. هو ۸ نومبر ۱۹۶۸ع تي، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ
پَني عاقل ۾، مولوي ۽ استاد بشير احمد ميمڻ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم
عاقل مان، ثانوي لاڙڪاڻي مان، بِي.اَي. (پرائيويٽ) ۽ ايم.اَي. (پرائيويٽ) سنڌي ادب
۾ ۱۹۹۰ع ۾ سچل آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي. هن پِي.ٽِي.سِي
ايليمينٽري ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ بِي. ايڊ ۱۹۹۹ع ۾ علامه اقبال اوپن
يونيورسٽيءَ مان ڪئي آهي. هو ۱۹۸۸ع ۾ پرائمري استاد طور عاقل ۾
مقرر ٿيو، جنهن کان پوءِ مختلف اسڪولن ۾ پڙهايو اٿائين. ۲۰۰۵ع کان پرائمري اسڪول
مٺو گبول ڳوٺ ۾ پڙهائي رهيو آهي.
سعيد ميمڻ جِي ۱۹۸۸ع ۾ پهرين وائي ”عبرت“
مئگزين ۾ ڇپي. شاعريءَ ۾ سندس رهنمائي هاءِ اسڪول استادَ محمد هارون بلوچ ۽ نالي
واري شاعر آتش سنڌيءَ ڪئي. سعيد ميمڻ شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ لکيو آهي. هن نثر
۾ ڪهاڻيون، مضمونَ، خاڪا ۽ مهاڳ لکيا آهن. سندس هي شعري مجموعا ڇپيل آهن: (۱) نيڻ سفر ۾، (۲) ڪاري بَر ۾ چنڊ، (۳) خواب-چارا، (۴) درد جون آيتون، (۵) اسان جو عشق
اڻپورو، ۽ (۶) دل دنبورو.
هن جو ۱۹۹۰ع کان وٺي سنڌي ادبي سنگت
(س.ا.س) لاڙڪاڻي شاخ سان تعلق رهيو آهي، جنهن جو هُو ڪائونسلر، جوائنٽ سيڪريٽري ۽
ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي به رهيو آهي. کيس ”ڪينجهر“ رسالي پاران ”ڪينجهر شاعر
ايوارڊ“، س.ا.س ڄام شوري شاخ پاران ”علڻ فقير ايوارڊ“ ۽ س.ا.س محراب پور شاخ پاران
”استاد محبوب جوکيو ۽ استاد بخاري ايوارڊ“ مليا آهن. سندس مستقل رهائش ڳوٺ پني عاقل، المعروف عاقل ۾ آهي.
9.
عزيز
منگي
عزيز منگي ڀلوڙ شاعر، صحافي ۽ ريڊيو
ڪمپيئر آهي. عبدالعزيز منگي سنڌ جي نالي واري اديب ۽ صحافي هدايت منگيءَ جو پٽ
آهي. عزيز ۱۸ نومبر ۱۹۶۸ع تي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ بگي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اي
(سنڌي)، بِي ايڊ جي تعليم پرائڻ سميت پِي.ٽِي.سِي پڻ ڪئي آهي. هُو نومبر ۱۹۹۰ع کان
وٺي استاد طور سينٽ جوزف هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي پيو ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي
سان پڻ لاپاڳيل آهي.
عزيز لکڻ جي شروعات سائين هدايت
منگيءَ جي رهنمائيءَ هيٺ ۱۹۸۴ع ۾ ڪئي. سندس پهريون نظم ماهوار ”گل ڦل“ ۾ ۱۹۸۴ع ۾
ڇپيو. هن لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ لکيو آهي ۽ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيو آهي. هُن ”عزيز
هدايت منگي“ ۽ ”عينميم“ جي نالن سان پڻ لکيو آهي. هُو ۱۹۸۴ع ۾ سنڌي ادبي سنگت
(س.ا.س) شاخ بگي جو ميمبر ٿيو، ۱۹۹۰ع ۾ س.ا.س شاخ ڏوڪريءَ سان وابسته ٿيو ۽ ۱۹۹۴ع
کان س.ا.س شاخ لاڙڪاڻي سان سلهاڙيل آهي ۽ ٽنهي شاخن ۾ مختلف عهدن تي سرگرم ادبي
ڪارڪن رهيو آهي. کيس س.ا.س ڏوڪري شاخ پاران بهترين ڪارڪن ۽ بهترين شاعر جي شيلڊ
ملي ۽ س.ا.س مرڪز پاران ضلعي لاڙڪاڻي جي بهترين شاخ طور س.ا.س ڏوڪريءَ جي
سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ايوارڊ وصول ڪيو. عزيز ”ساٿي ٻارڙا سنگت“ تعلقي ڏوڪريءَ جو
ميمبر پڻ رهيو آهي ۽ مُهين جو دڙو اڪيڊميءَ جو ۲۰۰۷ع کان باني ميمبر ۽ چيئرمئن طور
سلهاڙيل آهي. عزيز ۱۹۹۱ع ۾
لاڙڪاڻي لڏي آيو. سندس رهائش ايئر پورٽ روڊ تي واقع مينهل آباد ڪالونيءَ ۾ آهي.
10.مدهوش ڀٽو
مدهوش ڀٽو ڀلوڙ شاعر آهي.
مدهوش جو ڇٺيءَ نانءُ الطاف حسين آهي. هُو ۶ نومبر ۱۹۶۹ع تي، تعلقي
رتيديري جي ڳوٺ بنگل ديري ۾، عبدالرحمان ڀُٽي جي گهر ۾ پيدا ٿيو.
هن انٽر سائنس تائين تعليم حاصل ڪئي، پوءِ
والد جي وفات سبب اعلى تعليم پِرائي نه سگھيو. هُو ۱۹۹۵ع کان پاڪستان ٽيلي
ڪميونيڪيشن ڪمپني لميٽيڊ (PTCL) ۾، لاڙڪاڻي ۾،
ملازمت ڪري رهيو آهي. هن وقت ٽيڪنيشن جي عهدي تي فائز آهي.
هن شاعريءَ جي شروعات ۸۴-۱۹۸۳ع ۾
ڪئي. سندس ادبي رهنمائي اسڪولي استاد، غلام نبي ”راهڪ“ ڀُٽي ڪئي. مدهوش شاعريءَ جي
لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ لکيو آهي. سندس سرجيل قصيده، نوحه ۽ غزل گھڻو مشهور آهن. سندس
شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي. هُو سنڌي ادبي سنگت رتي ديري شاخ جو ميمبر پڻ
رهيو آهي. سندس رهائش بنگل ديري ۾ آهي.
11.عادل عباسي
عادل عباسي ڀلوڙ شاعر، نقاد ۽ محقق آهي. سندس ڄم-نالو
عبدالحق ولد محمد آچر ’مجاهد‘ آهي. سندس والد پڻ شاعر ۽ سرگرم هاري اڳواڻ هو، جنهن
جو سياسي تعلق سنڌ هاري ڪاميٽيءَ سان هو. عادل عباسي ۲ جنوري ۱۹۷۰ع تي، تعلقي وارهه
جي ڳوٺ لعلو رائنڪ ۾ پيدا ٿيو، جتي سندس اباڻي رهائش هئي. سندس والد جي ڪراچيءَ
بدلي ٿي ته سڄو ڪٽنب ڪراچيءَ لڏي ويو، جتي عادل عباسيءَ پرائمري ۽ ثانوي تعليم حاصل
ڪئي. هن بِي.اَي ۽ ايم.اَي. (پرائيويٽ)
سنڌي ادب ۾ ۲۰۰۰ع ۾ سچل آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي. هو ۱۹۸۹ع ۾ ڪلارڪ طور بهبود
آبادي کاتي ڪراچيءَ ۾ مقرر ٿيو، ۱۹۹۳ع ۾ سندس بدلي باڊهه ٿي جتي
رهائش پڻ اختيار ڪيائين. ان کان پوءِ هُو ٿورو وقت قنبر ۾ به مقرر رهيو، ۲۰۰۶ع کان هُو لاڙڪاڻي
آفيس ۾ سينئر ڪلارڪ طور ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ۲۰۰۶ع کان ئي لاڙڪاڻي ۾
رهائش اختيار ڪئي اٿائين. هتي هُو ريڊيو ڪمپيئر طور پڻ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي
پروگرام ڪري رهيو آهي.
عادل کي ادبي ۽ سياسي ماحول گهر ۾ ئي مليو. هن ۱۹۹۲ع کان باقاعدي لکڻ
جي شروعات ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس رهنمائي والد محمد آچر ’مجاهد‘ ڪئي. عادل عباسيءَ
شاعريءَ جي لڳ ڀڳ مڙني معروف صنفن ۾ لکيو آهي، جڏهن ته نثر ۾ مضمونَ، ڪهاڻيون،
مهاڳ لکيا آهن ۽ ادبي، سياسي ۽ فڪري ليڪچر پڻ ڏنا آهن. هُو سنڌي ادبي سنگت (س.ا.س)
ڪراچي شاخ ۽ س.ا.س باڊهه شاخ سان لاڳاپيل رهيو جنهن دوران سيڪريٽري، ڪائونسلر،
جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خزانچي پڻ رهيو. هُو جاڳرتا لٽرري فورم باڊهه سان پڻ سلهاڙيل
رهيو ۽ ان جو سيڪريٽري به رهيو. کيس سنڌ ڪلچرل ڪائونسل ڪراچي پاران ۲۰۰۰ع ۾ شاعر ايوارڊ ڏنو
ويو.
عادل عباسيءَ جو سياسي سفر سجاڳ ٻار تحريڪ سان شروع ٿيو
جنهن جو هُو ۱۹۸۲ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جو صدر رهيو. ۱۹۸۳ع ۾ هن باڊهه ۾ ايم
آر ڊِي هلچل ۾ سرگرم حصو ورتو جنهنڪري سندس نالو به ايف آءِ آر ۾ درج ڪيو ويو. ۱۹۸۷ع ۾ لبيا تي آمريڪا
حملو ڪيو جنهن ۾ ڪرنل قذافيءَ جي ڌيءُ شهيد ٿي وئي ته لطيف سنگت ۽ ٻين تنظيمن
پاران احتجاج ڪندي، بندر روڊ ڪراچيءَ تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ عادل عباسيءَ جي
شرڪت سبب کيس اين جَي وِي اسڪول مان ٻن سالن لاءِ خارج (ريسٽيڪيٽ) ڪيو ويو
پر پوءِ اهڙو آرڊر ٽن مهينن اندر اسڪول انتظاميا واپس ورتو. هُو لطيف سنگت اين جَي
وِي اسڪول جو ۱۹۸۷ع ۾ صدر ۽ پوءِ جساف جو اين جَي وِي اسڪول ۱۹۸۹ع ۾ صدر به رهيو. ۹۳-۱۹۹۰ع دوران هُو جيئي
سنڌ محاذ ضلعي ڏکڻ ڪراچيءَ جو سيڪريٽري رهيو، جنهن کان پوءِ هُو باڊهه ۾ جسقم جو
آرگنائيزر ۽ صدر به رهيو، گڏوگڏ سمورو عرصو مرڪزي ڪانگريس جو صدر به رهيو. ۲۰۰۵ع کان عادل عباسي
سياسي سرگرمين کان پاسائتو آهي. سندس رهائش ٽينڪ
چوڪ ڀرسان، لاڙڪاڻي ۾ آهي.
12.رياضت ٻرڙو
رياضت ٻرڙو شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون
نويس، مترجم، ايڊيٽر، پبلشر، تعليمي، ادبي ۽ سماجي ڪارڪن/اڳواڻ آهي. هو نامور اديب
۽ کاهوڙي سپوت ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو ننڍو ڀاءُ آهي. رياضت علي ولد شوڪت علي ”شوق“
ٻرڙو ۲۷ فيبروري ۱۹۷۰ع تي نور شاهه محلي، قنبر شهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم
قنبر، انٽر سائنس ۱۹۸۸ع ۾ لاڙڪاڻي، فزڪس جي شعبي ۾ بِي.ايس سِي. (آنرز) ۽ ايم.ايس
سِي (آنرز) ۱۹۹۵ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پاس ڪئي. هن ايليمينٽري ڊرائنگ ۽
علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد پاران اليڪٽريڪل وائرنگ جو ڪورس پڻ ڪيو ۽
بِي.ايڊ (B.Ed) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڪاليج
آف ايجوڪيشن سکر جِي لاڙڪاڻي برانچ مان پاس ڪئي، ۲۰۰۰-۱۹۹۹ع دوران ايم .يڊ (M.Ed) ساڳئي يونيورسٽي پاران، آف ڪئمپس پروگرام هيٺ مهراڻ آرٽس ڪاليج
قنبر مان ڪئي ۽ ايم اي پرائيويٽ (سنڌي) ساڳئي يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ
پوزيشن سان پاس ڪئي. هن فزڪس ۾ ڪانٽريڪٽ تي ليڪچرار طور گورنمينٽ شاهه لطيف ڪاليج
قنبر ۾، ليڪچرار فزڪس طور سنڌ سائنس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ۽ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾
پڙهايو، جنهن بعد هُو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، فزڪس ۾ ليڪچرار طور ۲۰۰۱ع
۾ گورنمينٽ شاهه لطيف ڪاليج قنبر ۾ مقرر ٿيو ۽ ۲۰۰۸ع کان وٺي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي پيو.
هن لکڻ جي شروعات ۱۹۸۷ع ۾ ترجمن
کان ڪئي. سندس لکڻين ۽ ترجمن جي سنوار ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ڪئي ۽ شاعريءَ ۾ سندس
رهنمائي سرمد چانڊيي ڪئي. سندس پهرين لکڻي ۱۹۸۸ع ۾ ڇپي. ۹۱-۱۹۹۰ع ۾ هُو سنڌي ادبي
سنگت (س.ا.س) سنڌ يونيورسٽي شاخ جو ميمبر ٿيو. ڊسمبر ۱۹۹۱ع ۾ هُن س.ا.س شاخ قنبر
کي، شمع منير سان گڏجي، سرگرم ڪرڻ لاءِ مشاعرو ڪوٺايو. ۱۹۹۱ع ۾ هن ڪجھ ليک ۽ ترجما
قلمي نالا ”جفاڪش جنگجُو“ جي نالي سان به ڪيا. هن ۱۹۹۳ع ـــ ۱۹۹۴ع دوران سنڌ سائنس
سوسائٽي ڄامشوري جي رسالي ماهوار ”سائنس“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. هُو ٽماهي
رسالي ”صحت ۽ ماحول“ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر به رهيو. ۱۹۹۴ع ۾ سندس اٺن ڪهاڻين
تي مشتمل مختصر ڪهاڻي-ڪتاب ”پيار جي ڪهاڻي“ ”ڏاهپ پبليڪيشن“ قنبر پاران پڌرو ڪيو.
سيپٽمبر ۱۹۹۴ع ۾ هُو پهريون ڀيرو سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جو سيڪريٽري چونڊيو ويو.
ان کان پوءِ مارچ ۱۹۹۶ع ۾ ٻيو ڀيرو سيڪريٽري، ۱۹۹۷ع ۾ ٽيون ڀيرو سيڪريٽري، ۱۹۹۸ع ۾
جوائنٽ سيڪريٽري، ۱۹۹۹ع ۾ خزانچي، ۲۰۰۰ع ۾ چوٿون ڀيرو سيڪريٽري، ۲۰۰۲ع ۾ خزانچي، ۲۰۰۶ع
۾ پنجون ڀيرو سيڪريٽري ۽ ڪيئي سال ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي رهيو آهي. هن س.ا.س قنبر
پاران ڪيترن ئي نون پروگرامن جي شروعات ڪئي. هُن فيبروري ۱۹۹۵ع ۾ سنگت قنبر پاران
سلسليوار نيوزليٽر ”لکڻهار“ جاري ڪيو، جنهن جا ۵۰ شمارا پڌرا ٿيا، جن ۾ خاص نمبر
به شامل هئا. ان نيوز ليٽر جو نالو پوءِ ”باک“ رکيو ويو، جنهن جا به ۱۴ شمارا پڌرا
ٿي چڪا آهن. هن سنگت قنبر پاران ۲ ڪتاب پڻ ڇپرايا. هُو ۰۵-۲۰۰۴ع جي مُدي لاءِ سنڌ
سنگت جي مرڪزي اليڪشن ۾ جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي ڪامياب ٿِي، سنڌ سنگت جي تاريخ
۾ لاڙڪاڻي ضلعي جو ٻيو ۽ قنبر تعلقي جو پهريون جوائنٽ سيڪريٽري منتخب ٿيو. سنڌ
سنگت پاران هُو ”سنگت خبرنامي“ (۲۰۰۴ع) جو ايڊيٽر ۽ ٽماهي ”سنگت“ مخزن جو ميمبر
ايڊيٽوريل بورڊ رهيو.
هُن پنهنجن ويجھن دوستن سان گڏجي
فيبروري ۱۹۸۹ع ۾ ”موهن جو دڙو سائنس ڪلب“ قنبر جو بنياد رکي سائنسي، تعليمي ۽
سماجي سرگرمين جي شروعات ڪئي، جنهن جا پوءِ وقتاً فوقتاً نالا ’موهن جو دڙو سائنس
اڪيڊمي‘، ’کيرٿر تعليمي ۽ سائنسي سٿ‘ ۽ ’کيرٿر سائنس اڪيڊمي‘ به رهيا. ان اداري جو
هُو باني ميمبر ۽ وائيس چيئرمئن منتخب ٿيو، پوءِ چيئرمئن، صدر، جنرل سيڪريٽري ۽
خزانچي به رهيو. انهن تنظيمن پاران جاري ڪيل سائنسي پبليڪيشن ”سائنسي سوچ“ جو
ايڊيٽر به آهي. انهن تنظيمن جون سرگرميون اپريل ۱۹۹۶ع تائين جاري رهيون، جنهن بعد ۲۰۰۷ع
۾ تنظيم جو نالو ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“ رکيو ويو. کيس ان جو پهريون جنرل سيڪريٽري
منتخب ڪيو ويو. هُو پوءِ اڪيڊميءَ جو جوائنٽ سيڪريٽري، فنانس سيڪريٽري، ۰۲-۲۰۰۱ع ۾
ٻيو ڀيرو جنرل سيڪريٽري، ۰۳-۲۰۰۲ع ۾ ٽيون ڀيرو جنرل سيڪريٽري، ۲۰۰۴ع ۾ چوٿون ڀيرو
جنرل سيڪريٽري، ۲۰۰۵ع لاءِ پنجون ڀيرو جنرل سيڪريٽري ۽ سال ۲۰۰۶ع ۾ ڇهون ڀيرو جنرل
سيڪريٽري، ۲۰۰۸ع کان ۲۰۱۱ع تائين ڊائريڪٽر ۽ ۲۰۱۲ع ۾ چيئرمئن منتخب ڪيو ويو.
اڪيڊميءَ پاران سندس هڪ اهم ڪم ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا ۱۵ ڪتاب سهيڙڻ ۽ ڇپرائڻ آهي.
هُو اڪيڊميءَ جي ٽماهي نيوزليٽر ”جائزو“ جو ايڊيٽر به رهيو آهي، جنهن جو نالو پوءِ
”اڪيڊميڪا“ رکيو ويو. اڪيڊمي طرفان هن ۳۴ ڪتاب ڇپرايا آهن. هن ”سرت سڀا قنبر“ نالي
سائنسي، تعليمي ۽ ادبي تنظيم جو بنياد ۱۹۹۳ع ۾ رکيو، پر هيءَ سڀا ستت ئي بند ٿي
وئي.
رياضت ”ڏاهپ پبليڪيشن“ کان پوءِ
ٻئي پبلشنگ اداري ”ڏاهپ اڪيڊمي“ قنبر جو بنياد ۱۹۹۵ع ۾ رکيو، جنهن پاران سندس لکيل
سائنسي سوالن ۽ جوابن تي مشتمل بڪليٽس ”سائنسي ڄاڻ“ (آڪٽوبر ۲۰۰۴ع)، ”سڄاڻ“ (نومبر
۱۹۹۴ع)، ”سائنسي معلومات“ (ڊسمبر ۱۹۹۴ع)، ”سائنسي سوال-جواب“ (عبدالخالق ميڻي سان
گڏ) (آڪٽوبر ۱۹۹۵ع) ۽ نامور شاعر سرمد چانڊيي جو شعري مجموعو ”ڪارا ڪڻڇي ريٽا گيت“
ڇپيا. هن لاڙڪاڻي ۾ ۲۰۱۰ع ۾ ”ڏاهپ پبليڪيشن“ جو بنياد پڻ رکيو، جنهن پاران ۱۰ ڪتاب
ڇپجي چڪا آهن. رياضت ٻرڙو ۰۴-۲۰۰۳ع دوران ”لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي“ جو
ميمبر رهيو. هُو ۲۰۰۵ع ۾ ”قنبر-شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي“ جو باني ميمبر
پڻ رهيو. هاڻ هو ”لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي“ جي مينيجمينٽ ڪاميٽي جو ميمبر
پڻ آهي. هُو ”آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي“ جو ۲۰۰۹ع کان ميمبر آهي ۽ ”انڊس
لٽرري فورم لاڙڪاڻي“ جو جوائنٽ سيڪريٽري آهي.
سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”شام
جي هوا“ آگسٽ ۲۰۰۴ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو شعرِي ڪتاب ”ديوانِ رياضت“ آڪٽوبر ۲۰۰۵ع ۾ ڇپيو.
رياضت ٻرڙي جا ٻيا هيٺيان ڪتاب پڌرا ٿيل آهن:
1.
گريٽر ٿل
ڪئنال ۽ ڪالاباغ ڊيم (مرتب. محمد ادريس راجپوت جا مضمون. ۲۰۰۴ع)
2.
تحفو
(مرتب. حَسن علي هَڪڙي جون ڪهاڻيون. جنوري ۲۰۰۶ع)
3.
قنبر: هڪ
اڀياس (ايڊيٽر ۽ سهيڙيندڙ. ڊسمبر ۲۰۰۶ع)
4.
چانڊوڻا
چمڪن (مرتب. سنگت قنبر جي ۱۵ شاعرن جو انتخاب. ۲۰۰۷ع)
5.
موسى کان
مارڪس تائين (ڊاڪٽر محبت سان گڏ مترجم. ۲۰۱۰ع)
6.
ڏات ڏيئا
ٻاريا (مرتب. لاڙڪاڻي ضلعي جي ۱۴ شاعرن جو انتخاب. ۲۰۱۰ع)
7.
ڏاهپ جو
جنم (ڊاڪٽر محبت سان گڏ مترجم. ۲۰۱۱ع)
8.
ڏيئا ڏيئا
ڏات (مرتب. لاڙڪاڻي ضلعي جي وڌيڪ ۱۶ شاعرن جو انتخاب. ۲۰۱۲ع)
کيس سنگت قنبر پاران ڪرايل ڪهاڻي
ويهڪن ۾ مختلف ڪهاڻين تي تعريفي سندون ڏنيون ويون آهن. کيس سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي
پاران بهترين ڪهاڻيڪار جي تعريفي سند، ۲۰۰۰ع ۾ عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ پاران نامور
اديب تنوير عباسيءَ تي مقالو لکڻ تي ”ٻيو ڊاڪٽر تنوير عباسي ادبي ايوارڊ“ ۽ تعريفي
سند ڏني وئي ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهروفيروز پاران ۲۰۰۴ع ۾ شيلڊ ڏني وئي.
رياضت ٻرڙو ۲۰۰۹ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو.
سندس رهائش پروفيسرس ڪالوني ۾ آهي.
13.ڪوڙل قربدار
ڪوڙل قربدار عوامي لهجي وارو شاعر
آهي. ڪوڙل قربدار جو ڇٺيءَ نانءُ ذوالفقار علي ولد جاڙو خان سمون آهي. هُو ۱۵
فيبروري ۱۹۷۱ع تي، ڳوٺ فيض محمد بجراڻي چانڊيي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن ۲۰۰۲ع ۾
گريجوئيشن ڪئي ۽ پرائمري تعليم جي استاد طور ڳوٺ حاجي لاشاري مغيري، يونين ڪائونسل
جيئڻ ابڙي، تعلقي قنبر ۾ پڙهائي رهيو آهي.
هن شاعريءَ جي شروعات نعتيه
شاعريءَ سان ۱۹۸۹ع ۾ ڪئي. هُو زوردار آواز سان شعر پڙهندو آهي. هن چَوسٽا، غزل،
گيت، ڪافيون، وايون ۽ نظم وغيره سرجيا آهن. شاعريءَ ۾ سندس استادَ پيرل قنبر، خير
محمد ’سوز‘ ٻرڙو ۽ سرمد چانڊيو آهن.
سندس سياسي تعلق جساف يونٽ ڳوٺ
ڀنڀي خان چانڊيي (۹۸-۱۹۹۷ع) سان رهيو. هُو بزم-پيرل قنبر شهدادڪوٽ (۹۸-۱۹۹۷ع) جو
ميمبر رهيو ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ قنبر جو ۲۰۰۳ع کان ميمبر آهي جنهن جو ۲۰۱۱ع ۾
ڪائونسلر به رهيو. هو ۲۰۰۶ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو. سندس رهائش منظور آباد محلي ۾ آهي.
14.عزيز قاسماڻي
عزيز قاسماڻي ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي. سندس پورو نالو
عبدالعزيز آهي. هو سنڌ جي نامور شاعر سرمد چانڊئي جو پٽ آهي. عزيز ۱۶ مارچ ۱۹۷۱ع تي تعلقي شهدادڪوٽ
جي ڳوٺ جمعي خان چانڊيي ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم ميرڻ ماڇي ۽ قنبر مان، گريجوئيشن
(پرائيويٽ) شاهه لطيف اورينٽئل ۽ ڊگري ڪاليج قنبر مان ۽ ماسٽرس (ايم.اي) پرائيويٽ
سنڌي ادب ۾ مهراڻ آرٽس ڪاليج قنبر مان ۲۰۰۰ع ۾ ڪئي. هُو
پرائمري استاد طور مختلف اسڪولن ۾ مقرر رهيو. هينئر سنڌي سبجيڪٽ ۾ ڪريڪيولم کاتي ۾
مقرر آهي.
عزيز کي ادبي ماحول گهر ۾ ئي مليو. هن ۱۹۹۰ع ۾ لکڻ جي شروعات
ڪئي. عام طرح مختصر ڪهاڻيون لکيون اٿائين. ڪجهه ڪالم ۽ مضمون پڻ لکيل اٿس. سندس
مختصر ڪهاڻين جي هڪ سهيڙ ”ڪجهه به نه“ ماهوار ”نئون نياپو“ رسالي ۾ ڇپي. جڏهن ته
ساڳئي نالي سان ڪتاب ۲۰۰۷ع ۾ ڇپيو. ٻيو ڪهاڻين جو ڪتاب............ پڻ ڇپيل آهي.
اڻ ڇپيل تخليق ۾ ايم.اي جو مونوگراف ”شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ منظر نگاري“ شامل اٿس.
کيس ۲۰۰۲ع ۾ سنگت قنبر پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو. سنڌي ادبي سنگت
قنبر سان سندس تعلق ۱۹۸۵ع کان آهي. هو سجاڳ ٻار تحريڪ قنبر جو رڪنيت به
رهيو. هن سنگت-قنبر جي سلسليوار ادبي اخبار ”لکڻهار“ جا ۲ شمارا (۱۹۹۵ع) ايڊٽ ڪيا ۽ ٽن
شمارن (۱۹۹۶ع) جو سب ايڊيٽر رهيو.
سندس مستقل رهائش ميراڻي محلي، لاڙڪاڻي
۾ آهي.
15.منصور ابڙو
منصور ابڙو ڀلوڙ شاعر آهي، پر
هو ذاتي مصروفيت سبب شاعريءَ کان پرڀرو رهيو آهي. منصور احمد
ولد انور علي ابڙو
۷ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي، لاڙڪاڻي
شهر ۾
پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي ۾ پِرائي، جنهن بعد بِي ايس
سِي آنرز (سلور ميڊل) ۽ ايم ايس سِي، زولاجي سبجيڪٽ ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان فيڪلٽي
ٽاپ ڪندي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ گولڊ ميڊل ماڻيو. هُو ۱۹۹۷ع ۾، گورنمينٽ ڊگري
ڪاليج ڪنڌڪوٽ ۾ زولاجي جو ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ ۲۰۰۶ع کان وٺي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾
پڙهائي رهيو آهي. هاڻ اسسٽنٽ پروفيسر آهي.
هن شاعريءَ جي شروعات ۱۹۹۰ع ۾ ڪئي.
سندس ادبي رهنمائي نالي واري شاعر جواد جعفريءَ ڪئي. هن شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني
صنفن ۾ لکيو آهي، پر خاص طور غزل پسنديده صنف اٿس. سندس ڪافي مواد مختلف اخبارن ۽
رسالن ۾ ڇپيل آهي. هُو سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي شاخ جو ميمبر ۽ جوائنٽ
سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. هن زولاجيءَ جون ڪيتريون ئي سکيائون ڏنيون ۽ ڪيون پڻ آهن. سندس رهائش سچل ڪالوني، لاڙڪاڻي ۾ آهي.
16.فياض لطيف
فياض لطيف نامور نثر نويس، مترجم ۽ شاعر آهي. سندس ڇٺيءَ
نانءُ بشير احمد ولد محمد حسن چانڊيو آهي. هُو پهرين اپريل ۱۹۷۲ع تي ڳوٺ فقير محمد
چانڊيي، تعلقي ڏوڪري ۾ پيدا ٿيو. هن مئٽرڪ هاءِ اسڪول ڳيريلي مان، انٽر حيدر بخش جتوئي سائنس ڪاليج ڏوڪريءَ مان،
گريجوئيشن (بِي.اي) ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ ايم.اَي سنڌي ادب ۱۹۹۴ع ۾ شاهه عبداللطيف
يونيورسٽي خيرپورميرس مان ڪئي، جتي هُن ۹۶-۱۹۹۵ع ۾ سچل چيئر ۾
ريسرچ ايسوسيئيٽ طور ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ سنڌي مضمون ۾
ليڪچرار رهيو. هُو ۲۰۰۲ع کان ليڪچرار سنڌي طور ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مقرر
آهي. هُو ”شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جماليات“ موضوع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پِي ايڇ.ڊِي ڪري رهيو
آهي. هو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر پڻ آهي.
فياض لطيف ۱۹۹۱ع کان ذاتي شوق سبب شاعريءَ جي
شروعات ڪئي. هن شاعريءَ ۾ نظم، غزل، بيت ۽ وايون لکڻ سميت ڪهاڻيون، مقالا، مضمون ۽
مهاڳ پڻ لکيا آهن. هُو سنڌي ٻوليءَ جو پهريون مترجم آهي جنهن مشهور فلسفِي رجنيش
اوشو جو ڪتاب ”خدا، زندگي، محبت ۽ موت“ نالي سان ترجمو ڪيو. ان کان سواءِ ٻين ڪتابن
۾ اوريانا فلاسي جو ناول ”اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط“، ترجمو ڪيل ”اوشو جي آتم ڪهاڻي“،
شاعريءَ جو مجموعو ”چنڊُ ڪڪر جي اوٽ“ ۽ سندس لکيل ادبي خطن جو مجموعو ”خط، خوشبو،
خواب“ ڇپجي چُڪا آهن. هُو سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جو ميمبر رهيو ۽ لاڙڪاڻو
ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو
۽ انڊس لٽرري فورم لاڙڪاڻو سان لاڳاپيل آهي. کيس ”ڪينجهر ترجمو
ايوارڊ“، انٽرنيشنل صوفي فائونڊيشن لاڙڪاڻي پاران ”فقير بخش علي ابڙو ايوارڊ“ ۽
سچل ادبي مرڪز پاران ”پير حسام الدين راشدي ايوارڊ ملي
چڪا آهن. هُو سن ۲۰۰۰ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو. سندس
رهائش مينهل آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي.
17.پريتم قاضي
’پريتم‘ قاضيءَ جو نانءُ ادبي ۽
آرٽسٽڪ حلقن ۾ هڪ شاعر ۽ هڪ مصور طور ڄاتل سڃاتل آهي. ’پريتم‘
جو ڇٺيءَ نانءُ سڪندر آفتاب قاضي آهي. هُو نالي واري مصور ۽ انجنيئر قاضي خضر حيات
جو پُٽ آهي. پريتم ۱۸ ڊسمبر ۱۹۷۳ع تي، تعلقي رتي ديري جي شهر نئين ديري ۾ پيدا
ٿيو. هن سِوِل ۾ بِي.اِي، بِي.اَي، بِي.ايڊ، اَي.ٽِي.سِي ۽ اَي.ايم.سِي جي تعليم
حاصل ڪئي آهي ۽ گذريل ۱۶ سالن کان تعليم کاتي ۾ ڊرائنگ ٽيچر طور فرض نڀائي رهيو
آهي.
هُو شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ لکيو آهي. ’پريتم‘
جي ادبي رهنمائي نالي واري شاعرن قاضي مقصود گل (سندس چاچو) ۽ عبدالحڪيم ارشد ڪئي
آهي، جڏهن ته مصوريءَ ۽ خطاطيءَ ۾ رهنمائي قاضي خضر حيات ڪئي، جنهن نوابشاهه ۾
سندس نالي سان ”سڪندر آرٽ گئلري“ پڻ قائم ڪئي آهي، جتي هُو ڪيتري ئي وقت کان رهندڙ
آهن. ’پريتم‘ جي شاعريءَ جو مجموعو ”احساسن جا عڪس“ ۲۰۰۵ع ۾ ڇپيو. هن عبدالحڪيم
ارشد جا شعري مجموعا ”آجپي جي گيت جھڙي شاعري“ (ڇپيل) ۽ ”ٽٽل عڪس سونهن جا“ پڻ
مرتب ڪيا آهن ۽ ٽه-ماهي ”مڃتا“ رسالي ۽ رتي ديري مان نڪرندڙ ٻارن جي رسالي
”گلدستو“ سان به سلهاڙيل آهي. هُو سنڌي ادبي سنگت نواب شاهه شاخ جو ميمبر ۽ جوائنٽ
سيڪريٽري پڻ آهي.
18.احسان دانش
احسان دانش مشهور ۽ معروف ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ محقق آهي.
سندس پورو نالو احسان الحق پٺاڻ آهي. هو ۱۵ فيبروري ۱۹۷۴ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾
پيدا ٿيو. هو نالي وارو اديب ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ جو پهريٺو پُٽ آهي. هن ابتدائي
۽ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي مان، بِي.ايس سِي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان، ايم. اَي
(پرائيويٽ) اردو ۾ (۱۹۹۵ع) آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ ٻيهر
ايم.اَي (پرائيويٽ) سنڌي ادب ۾ (۱۹۹۷ع) ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي.
هينئر ۲۰۱۲ع ۾ ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ موضوع تي سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ پِي ايڇ.ڊِي.
ڪري رهيو آهي. هُن روينيو کاتي لاڙڪاڻي ۾، اردو جي ليڪچرار طور پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي
۾ پڙهايو آهي ۽ ۲۰۰۲ع کان وٺي سنڌي جي ليڪچرار طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
لاڙڪاڻي ۾ مقرر آهي. هو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر پڻ آهي ۽ هفتيوار ادبي
پروگرام ”تخليق“ جو ميزبان آهي.
احسان دانش ۱۹۸۸ع کان وٺي مسلسل، گهر ۾ مليل
ادبي ماحول سبب نثر ۽ نظم ۾ لکي رهيو آهي. سندس رهنمائي ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ ڪئي
آهي. سندس لکيل انيڪ ڪهاڻيون، ڪالم، مضمون ۽ مقالا ڇپجي چڪا آهن ۽ شاعري پڻ ڇپجندي
رهي آهي. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”بي سُڪون خواب جو سچ“ (۲۰۰۵ع)، تحقيقي مقالن جو
سهيڙيل ڪتاب ”لاڙڪاڻو: تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“ (۲۰۰۵ع)، شخصيتن بابت
مقالن جي سهيڙ ”ويل نه وسريام“ (۲۰۰۷ع)، شاعريءَ جو ڪتاب ”لفظن جي
خوشبو“ (۲۰۰۹ع) ۽ موهين جي دڙي بابت تحقيقي مقالن جو ايڊٽ ڪيل ڪتاب
”سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو: موهن جو دڙو“ ڇپجي چڪا آهن.
هُو سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل
سوسائٽي، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۽ انڊس لٽرري فورم لاڙڪاڻو سان لاڳاپيل آهي. هُو ”ادبِ پاڪ“ (اردو) انٽرنيشنل ۽ ماهنامي ”بي لاگ“ ڪراچي
(اردو) جو بيورو چيف ۽ نيوزليٽر ”شعور“ لاڙڪاڻي جو ميمبر ايڊيٽوريل بورڊ رهيو آهي.
کيس عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ پاران ٻه ڀيرا بهترين مقالي نگار طور ”ڊاڪٽر تنوير
عباسي ايوارڊ“، سچل ادبي مرڪز پاران”شاهه لطيف ايوارڊ“ ۽ ٻيا تعريفي سرٽيفيڪيٽ ملي
چڪا آهن. سندس رهائش سميع آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي.
19.ابرار ابڙو
ابرار ابڙو ڀلوڙ شاعر آهي. ابرار حسين ولد رضا محمد ابڙو ۲۱ مارچ ۱۹۷۴ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي
جي نئين ٺاهيل تعلقي باقراڻي (اڳ ڏوڪري) جي ڳوٺ ڳيريلي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اي سنڌي
ادب ۲۰۰۸ع ۾، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپورميرس مان ڪئي
آهي. هن ۱۹۹۶ع کان ۲۰۰۱ع تائين سب ايڊيٽر طور روزاني
”عوامي آواز“ ۽ روزاني ”سنڌ سجاڳ“ ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه وقت خانگي اسڪول ۾ به
پڙهايو.
ابرار لکڻ جي شروعات ذاتي لڳاءَ سبب ۱۹۹۶ع ۾ ڪئي ۽ سنڌي ادبي
سنگت ڳيريلي شاخ مان رهنمائي حاصل ڪئي جنهن جو هُو ۱۹۹۶ع ۾ ٿوري وقت لاءِ
سيڪريٽري به رهيو. هن شاعريءَ ۾ بيت،
وايون، نظم ۽ غزل لکيا آهن ۽ نثر ۾ ڪجهه ڪهاڻيون ۽ اڀياس پڻ لکيا آهن. ۲۰۰۷ع کان وٺي سندس
رهائش ڳيريلي ۾ آهي.
20.اقبال کوکر
اقبال کوکر ڀلوڙ شاعر آهي. اقبال علي ولد اللھ ڏنو کوکر ۲۳ فيبروري ۱۹۷۶ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي
جي وڏي ۽ مشهور ڳوٺ باڊهه ويجهو، ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ جي تعلقي نصيرآباد جي هڪ ڳوٺَ
مولوي فيض محمد کوکر ۾ پيدا ٿيو، پر اقبال کوکر سميت سڄي ڳوٺ جو وهنوار ۽ اُٿاويٺي
عملي طور باڊهه سان آهي. اهو ئي سبب آهي ته گريجوئيشن (بِي.اي) ڊگري ڪاليج
نصيرآباد مان ڪرڻ کان پوءِ هُو باڊهه ۾ هڪ دڪاندار طور روزگار ڪري رهيو آهي.
عموماً کيس باڊهه جو ئي سمجهيو ويندو آهي.
هن لکڻ جي شروعات پنهنجي مامي ۽ مشهور سگهڙ-شاعر لقمان
کوکر سان لڳاءَ سبب ۱۹۹۵ع ۾ ڪئي. هن گهڻي ڀاڱي غزل، وايون ۽ بيت لکيا
آهن. هُو سنڌي ادبي سنگت شاخ باڊهه سان ۱۹۹۵ع کان لاڳاپيل آهي، جنهن جو سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر پڻ رهيو. جڏهن
ته سندس تعلق سرواڻ سماجي سنگت بـاڊهه (۹۸-۱۹۹۷ع) ۽ جـيـئـي سـنـڌ قـومي محاذ (۹۸-۱۹۹۵ع) سان پڻ رهيو.
21.ملهار چانڊيو
ملهار چانڊيو ڀلوڙ شاعر آهي. ملهار
جو ڇٺيءَ نانءُ غلام مصطفى آهي. هُو ۲۰ جنوري ۱۹۷۷ع تي، تعلقي
قنبر جي ڳوٺ لشڪري چانڊيي ۾، حسين بخش چانڊيي جي گهر ۾ پيدا ٿيو.
هن سائنس ۾ گريجوئيشن (B.Sc.)، ايل.ايل.بِي.
۽ اليڪٽريڪل ۾ ڊپلوما جي تعليم حاصل ڪئي آهي. هُو ۲۰۰۲ع کان واپڊا ۾،
لاڙڪاڻي ۾، ملازمت ڪري پيو. ان اداري جِي ”هائڊرو يونين“ ۾ هُو سب ڊويزن تي جوائنٽ
سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.
هن شاعريءَ جي شروعات ۱۹۹۳ع ۾،
مشهور شاعر رضا بخاريءَ جي اتساهه ڏيارڻ تي ڪئي، جڏهن ته شاعريءَ ۾ رهنمائي رضا جي
والد سيد مدد علي شاهه ’منظر‘ ڪئي. سندس شاعري سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپي
آهي. هُن ۲۰۰۰ع ۾ هڪ ادبي رسالو ”نئون سفر“ پڻ جاري ڪيو، جنهن جي چيف ايڊيٽر رهيو،
پر مالي مسئلن سبب ٻن شمارن بعد رسالو بند ٿي ويو. هن دعوة اڪيڊمي اسلام آباد
پاران نوجوان ليکڪن لاءِ سڏايل هفت روزه ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪئي. کيس ماهوار ڊائجيسٽن
”هالار“ ۽ ”سنڌ رنگ“ طرفان ”مڃتا سرٽيفيڪيٽ“مليا آهن. سياسي حوالي سان هُو ۲۰۰۱ع ۾
ناظمي نظام هيٺ، يونين ڪائونسل-۲ مان ڪائونسلر طور ڪامياب ٿيو. ملهار چانڊيي جو
ڪٽنب سندس ننڍپڻ ۾ ئي لاڙڪاڻي لڏي آيو. هن وقت سندس رهائش شيخ زيد ڪالوني ۾ آهي.
22.رضوان گل
رضوان گل نثرنويس، شاعر ۽ مترجم آهي. هو ۱۳ فيبروري ۱۹۷۷ع تي، لاڙڪاڻي ۾،
نالي واري اديب ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس ڇٺيءَ نانءُ رضوان
الحق پٺاڻ آهي. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي مان ۽ ايم.ايس سِي جاگرافيءَ ۾ ۲۰۰۰ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ
مان ڪئي ۽ ۲۰۰۱ع کان ليڪچرر طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مقرر
آهي. هو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر پڻ آهي.
رضوان ۹۲-۱۹۹۱ع کان وٺي نثر ۽ نظم
۾ لکي رهيو آهي. لکڻ ۾ سندس رهنمائي ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ ڪئي. سندس تمام گھڻا
ڪالم، مضمون ۽ مقالا ڇپجي چڪا آهن، ان سبب ئي سنڌ ۾ سندس سڃاڻپ نثرنويس طور وڌيڪ
آهي. هن جا هي ڪتاب ڇپيل آهن: (۱) پنج ڏينهن (سعادت حسن منٽو جي
ڪهاڻين جو ترجمو)، (۲) ساهت ڏيهه جا سرجڻهار (سوانحي ليک ۽ تاثر) ۽ (۳) پيار جي پهرين
بارش (شاعري).
هُو سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌ يونيورسٽي هاسٽل جو سيڪريٽري
رهيو آهي ۽ نيشنل جياگرافڪ سوسائٽي واشنگٽن، لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي، سچل ادبي
مرڪز لاڙڪاڻو، انڊس جياگرافيڪل سوسائٽي لاڙڪاڻو، انڊس لٽرري فورم ۽ آرٽس ڪائونسل
آف پاڪستان لاڙڪاڻو سان لاڳاپيل آهي. هُو ”جيو مئگ“ لاڙڪاڻي جو
ايڊيٽر ۽ نيوزليٽر ماهوار ”شعور“ لاڙڪاڻي سان لاڳاپيل آهي. کيس ڪلهوڙا عباسي تنظيم سنڌ پاران بهترين مقالي نگار طور ”ڊاڪٽر تنوير عباسي
ايوارڊ“۽ سچل ادبي مرڪز توڙي س.ا.س قنبر شاخ پاران بهترين ڪهاڻيڪار جا تعريفي
سرٽيفيڪيٽ ملي چڪا آهن. سندس رهائش سميع آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي.
23.جاويد شبير
جاويد شبير مشهور شاعر آهي. هُو ۱۵ آڪٽوبر ۱۹۷۷ع تي، تعلقي قنبر ۾
ميان شاهل محمد جي درگاهه لڳ، ڳوٺ گل محمد جاگيراڻي ۾، غلام شبير جاگيراڻي جي گهر
۾ پيدا ٿيو. سندس والد ۱۹۸۳ع ڌاري نوڪريءَ سانگي لاڙڪاڻي لڏي آيو، جتي جاويد
شبير ابتدائي ۽ ثانوي تعليم پرائي. هن
بِي.سِي.ايس پيٽرومين انسٽيٽيوٽ آف ڪمپيوٽر سائنس لاڙڪاڻي مان ۽ ايم.اَي.
(پرائيويٽ) انگريزي ادب ۾ ۲۰۰۴ع ۾ نور آرٽس ڪاليج نصيرآباد
مان ڪئي، جنهن جو لاڳاپو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس سان آهي. جاويد
شبير سنڌي چئنل ڪي ٽِي اين تي نيوز اسڪرپٽ ايڊيٽر ۽ شفٽ انچارج طور ڪم ڪيو، جنهن
کان پوءِ اين پِي آءِ ڊبليو (NPIW) قنبر ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر طور نوڪري ڪئي. هاڻ ۲۰۰۷ع کان وٺي هُو
انٽرميڊئيٽ بورڊ (BISE) لاڙڪاڻي ۾
ڪمپيوٽر پروگرامر طور مقرر آهي.
اردو شاعريءَ جي مطالعي سان هن ۱۹۹۵ع ۾ شاعريءَ جي
شروعات ڪئي. هن غزل، هائيڪا ۽ آزاد نظم لکيا آهن، جڏهن ته نثر ۾ مضمونَ ۽ ڪالم
لکيا آهن. سندس غزلن جو هڪ مجموعو ”روپ به مايا، پريت به مايا“ڇپيل آهي. هو سنڌي
ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ سان لاڳاپيل رهيو آهي. سندس
رهائش لاڙڪاڻي ۾ آهي.
24.نويد سنديلو
نويد سنديلو مشهور شاعر آهي. نويد
حسين ولد قربان علي سنديلو پهرين نومبر ۱۹۷۷ع تي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ حڪيم
سنديلي ۾ پيدا ٿيو. هُن فلسفي ۾ ايم.اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۹۹ع ۾ ڪئي. هُو ۲۰۰۱ع
۾ ٽماهي ”Excellence“ جو ايڊيٽر رهيو، جنهن کان پوءِ ۲۰۰۲ع کان
وٺي ۲۰۱۱ع تائين آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچيءَ ۾ ڊڪشنري ۽ ٻين تعليمي رٿائن ۾
جونئر ايڊيٽر طور ڪم ڪيو، جتي کيس بهترين ڪم ڪرڻ تي اداري پاران ”ڪارڪردگي ايوارڊ“
پڻ ڏنو ويو. هُو نومبر ۲۰۱۱ع کان سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ فلسفي جي شعبي ۾
ڪانٽريڪٽ تي ليڪچرار طور مقرر آهي.
هن لکڻ جي شروعات ۱۹۹۲ع ۾، گھر ۾
مليل ماحول سبب ڪئي. هن جي ادبي رهنمائي سندس والد قربان علي سنديلي ڪئي، جيڪو
ڪهاڻيڪار آهي. نويد جي شاعريءَ جو مجموعو ”رابيل رُت مايا نگر“ ۲۰۰۷ع ۾ ڇپجي پڌرو
ٿيو. جڏهن ته هڪ ڪتاب يوناني ڪلاسيڪي
فلسفي تي ”Wings of Wisdom“ ۲۰۰۴ع ۾ ڇپيل آهي. ان کان سواءِ هُنَ
پرڏيهي شاعريءَ جا ترجما به ڪيا آهن. هُو ۲۰۰۷ع کان ۲۰۱۱ع تائين سنڌي ادبي سنگت
ڪراچي شاخ جو ميمبر رهيو.
25.حبدار سولنگي
حبدار سولنگي مشهور شاعر آهي. حبدار علي سولنگي پهرين مارچ ۱۹۷۸ع تي، اڳوڻي لاڙڪاڻي
تعلقي ۽ هاڻوڪي باقراڻي تعلقي جي معروف ڳوٺ ڳيريلٖي ۾، علي بخش سولنگيءَ جي گهر ۾
پيدا ٿيو. هن ايم.اَي پرائيويٽ سنڌي ادب ۾ ۲۰۰۸ع ۾ ڪئي آهي، جڏهن
ته ۲۰۰۲ع کان ڳيريلي ۾ خانگي اسڪول ٽيچر طور پـڙهـايـائـيـن ۽
هـاڻي ۲۰۱۰ع کـان پـرائـري اسـڪـول اسـتـاد طــور پــڙهــائــي
رهيو آهي.
حبدار سولنگيءَ لکڻ جي شروعات پنهنجي شوق سبب ۱۹۹۶ع ۾ شاعريءَ سان
ڪئي. نثر ۾ هن مضمون ۽ مقالا پڻ لکيا آهن. سندس ادبي رهنمائي نالي وارن ليکڪن رزاق
مهر ۽ محمد علي پٺاڻ ڪئي آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”سانت جو آواز“ (۲۰۰۴ع) ڇپجي چڪو آهي ۽
سندس شاعري سنڌ جي مختلف ادبي رسالن ۾ ڇپبي رهندي آهي.
حبدار سولنگي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڳيريلو (غير الحاق) جو
باني ميمبر ۽ سيڪريٽري (۱۹۹۷ع) رهيو آهي. هينئر پڻ ۲۰۱۰ع ۾ سيڪريٽري آهي.
سندس رهائش ڳيريلي ۾ آهي.
26.ساجد سنڌي
ساجد سنڌي ڀلوڙ شاعر ۽ صحافي آهي. سندس ڇٺيءَ نانءُ امام
بخش ولد محمد صادق جاگيراڻي آهي. هُو ۵ مارچ ۱۹۷۸ع تي، لاڙڪاڻي تعلقي
جي ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي مان پرائي
۽ بِي.اَي. (پرائيويٽ) ڪئي آهي، ۽ آرمي ڪلارڪ جي ٽريننگ آرمي اسڪول
آف ڪلڊنا ڪوهه مري مان ڪئي آهي. هُو گذريل ڪجھه عرصي کان صحافت سان لاڳاپيل آهي ۽
حيدرآباد ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ روزاني اخبار ”سڪار“ جي هفتيوار ادبي صفحي جو انچارج
آهي.
ساجد سنڌي ۱۹۹۱ع کان نثر توڙي نظم ۾ لکي رهيو
آهي. هن شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني مروج صنفن ۾ لکيو آهي. نثر ۾ ڪهاڻيون، ڪالم، مقالا
۽ مضمون لکيا اٿائين. سندس سَوين تحريرون ڇپيل آهن. سندس هڪ شعري مجموعو ”تون، مان
۽ خدا“ (۲۰۰۴ع) ڇپيل آهي. ساجد سنڌي کي ڪيترائي مڃتا سرٽيفيڪيٽ مليا
آهن. سندس رهائش حيدرآباد ۾
آهي.
27.ياسر قاضي
ياسر قاضي سنڌ جو مشهور شاعر، مصور
۽ براڊڪاسٽر آهي. هو ۱۷ جنوري ۱۹۷۹ع تي رتيديري شهر، ضلعي لاڙڪاڻي
۾، سنڌ جي معروف ادبي گهراڻي ”قاضي خاندان“ ۾ جنم ورتو. سندس والد مقصود گل سنڌ جو
سرموڙ شاعر ۽ نثرنويس آهي ۽ سندس ڏاڏو قاضي عبدالحئي ”قائل“ قادرالڪلام شاعر،
استاد، صحافي، مصور ۽ سماجي ڪارڪن ٿي گذريو آهي. ياسر قاضيءَ ۲۰۰۰ع ۾ قائد عوام
انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جي ڊگري، جڏهن ته سال ۲۰۰۲ع ۾ شاهه عبداللطيف
يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي ادب ۾ ماسٽرس جي ڊگري فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل
ڪئي.
هُن ميڊيا جي مختلف ادارن ۾ ڪامياب ڪيريئر گذاريو، جن ۾
سب ايڊيٽر ۽ انچارج ايڊيٽوريل صفحي جي حيثيت سان روزاني” سنڌ سجاڳ“ ۽ روزاني
”عوامي آواز“ سميت انگريزي رسالي ماهوار Indus سان وابسته رهيو. هن ٻه سال شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي
يونيورسٽيءَ ۾ ”ريسرچ آفيسر“ طور، هڪ سال وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾
استاد طور، ساڍا ٽي سال وفاقي ثقافت کاتي، حڪومت پاڪستان جي اداري پاڪستان نيشنل
ڪائونسل آف دي آرٽس ۾ ”پروگرام ايگزيڪٽوِ“ ۽ ڪراچي دفتر جي سربراهه طور ذميواريون
نڀايُون. ريڊيو سان سندس وابستگيءَ کي ۱۷ ورهه ۽ ٽيليويزن سان وابستگيءَ
کي ۱۰ ورهه ٿي چُڪا آهن. کيس ”ڪي ٽي اين“ جي پهرين مرد ميزبان
۽ سنڌيءَ ٻوليءَ جي پهرين موسيقيءَ جي چئنل ”ڪشش“ ٽي ويءَ جي پهرين ميزبان هئڻ جو
شرف حاصل آهي. هاڻِ ياسر، شاليمار رڪارڊنگ اينڊ براڊ ڪاسٽ ڪمپنيءَ جي ايف ايم
چينل، شاليمار ايف ايم ۹۴.۶ ڪراچيءَ سان پروڊيوسر،
پروگرامر ۽ پريزنٽر (RJ) جي حيثيت سان وابسته آهي. جڏهن ته ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان به
پروگرام پيش ڪندو آهي. سندس ادبي وابستگي پڻ ڪيترين ئي تنظيمن سان رهي آهي.
هن انيڪ ايوارڊ ماڻيا آهن.
ياسر شاعريءَ جي شروعات ۱۹۸۸ع کان ڪئي. شاعريءَ
۾ سندس استادُ مقصود گل آهي. هن تقريباً هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس سنڌي
۽ اردو شاعريءَ جا ٻه ٻه مجموعا ڇپائيءَ جا منتظر آهن ۽ ٻارڙن جي شاعريءَ تي مشتمل
ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهي. نالي واري شاعره ساڀيان سانگي سندس گھر واري آهي. سندس
رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي.
28.ياسين چانڊيو
ياسين چانڊيو ڀلوڙ شاعر آهي. محمد ياسين ولد خادم حسين
چانڊيو پهرين فيبروري ۱۹۸۰ع تي تعلقي باقراڻيءَ جي ڳوٺ آندل خان چانڊيي ۾
پيدا ٿيو. هن گريجوئيشن (BA) تائين تعليم حاصل ڪئي آهي. هُو پرائمري تعليم جي استاد طور
باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ محراب سنديلي ۾ مقرر آهي. پڙهائڻ سان وابستگيءَ سبب کيس
تعليم کاتي پاران بيسٽ ٽيچنگ شيلڊ ڏني وئي آهي.
هن ۰۴-۲۰۰۳ع ۾ شاعريءَ جي
شروعات ڪئي. سندس ادبي رهنمائي مشهور شاعر ۽ ڳيريلي ۾ ادبي ماحول جي سرواڻي ڪندڙ
حبدار سولنگيءَ ڪئي آهي. سندس شاعري ادبي رسالن ۾ ڇپجندي رهي ٿي. سندس رهائش ڳوٺ آندل خان چانڊيي ۾ آهي.
29.رضا بخاري
رضا بخاري مشهور شاعر آهي. سندس پورو نالو سيد علي رضا
شاهه آهي. هُو ۷ آگسٽ ۱۹۸۰ع تي، لاڙڪاڻي ۾، شاعر سيد مدد
علي شاهه ’منظر‘ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس ڏاڏاڻو ڳوٺ قنبر تعلقي ۾ کاهِي مينهون
آهي، جتان سندس ڏاڏو ۱۹۴۲ع جي ٻوڏ ۾ قنبر لڏي آيو، جتان سندن ڪُٽنب ۱۹۶۳ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي اچي
آباد ٿيو. رضا ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي مان، انٽر (پرائيويٽ) ۾ ۽ بِي.اَي.
(پرائيويٽ) ۲۰۰۷ع ۾ سچل سرمست اورينٽئل اينڊ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي
آهي. هُو ۲۰۰۷ع کان ڪمپيئر طور ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪم ڪرڻ سميت،
بهبودِ آبادي کاتي لاڙڪاڻي ۾ سوشل موبلائيزر طور نوڪري ڪري رهيو آهي.
رضا بخاريءَ کي شاعراڻو ماحول والد کان مليو. هُو ۱۹۹۵ع کان شاعري ڪري
رهيو آهي. هن شاعريءَ جي اڪثر صنفن ۾ لکيو آهي، نثر ۾ به ڪجهه ڪهاڻيون ۽ مضمون
لکيائين. سندس ۳ شعري مجموعا ”شاعري تنهنجو بدن“ (۲۰۰۴ع)، ”هوا جي بانسري“
(۲۰۰۶ع) ۽ تروينن جو سنڌي ٻولي ۾ پهريون ڪتاب ”چاندنيءَ جو
آبشار“ (۲۰۱۱) ڇپيل آهن.
رضا بخاري کي ماهوار ”ساٿي“ رسالي پاران ۲۰۰۲ع ۾ ”ٻارن جو بهترين
شاعر“ ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته ڪيترن ئي رسالن پاران مڃتا سرٽيفيڪيٽ مليا اٿس. سندس رهائش شيخ زيد ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ آهي.
30.خالد زخمي چانڊيو
خالد چانڊيو شاعر ابن شاعر آهي.
سندس والد زخمي چانڊيو مزاحمتي شاعر هو، جيڪو جوانيءَ ۾ شهيد ٿي ويو. خالد حسين
ولد ڄام خان ’زخمي‘ چانڊيو ۵ جنوري ۱۹۸۱ع تي، ڳوٺ جواب پور، تعلقي ڳڙهي ياسين،
ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس ڪٽنب ۱۹۹۶ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو. هن ايم.اي سنڌي ۽
بِي.ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ ۲۰۰۹ع کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پروڊيوسر طور
ڪم ڪري رهيو آهي.
هن شاعريءَ جي شروعات ۱۹۹۱ع ۾ ڪئي.
سندس ادبي رهنمائي زخمي چانڊيي ۽ سرڪش سنڌيءَ ڪئي آهي. هن ڪجھ ڪهاڻيون ۽ مضمون پڻ
لکيا آهن. سندس ادبي تعلق سنڌي ادبي سنگت ڊکڻ شاخ، تعلقي ڳڙهي ياسين سان آهي، جنهن
جو هو ڪائونسلر ۽ سيڪريٽري به رهيو آهي.
خالد چانڊيي کي ريڊيو پاڪستان
پاران مختلف موقعن تي بهتر ڪارڪردگيءَ جا سرٽيفيڪيٽ مليا آهن. سندس رهائش سچل
ڪالوني، لاڙڪاڻي ۾ آهي.
31.عيسى ميمڻ
عيسى ميمڻ نوجوان شاعر آهي. هن
مضمون ۽ ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن. محمد عيسى ولد اللھ ڏنو ميمڻ ۹ جولاءِ ۱۹۸۵ع تي، تعلقي ڏوڪريءَ
جي ڳوٺ کوهاري ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اي سنڌي (۲۰۰۶ع) ۽ ايل.ايل.بِي (۲۰۰۷ع) جي تعليم حاصل
ڪئي آهي. هُو ۲۰۱۰ع ۾ رشيد وڳڻ هاءِ اسڪول ۾ استاد (JST) مقرر ٿيو. هينئر شيخ زيد ڪالوني ۾ پڙهائي
پيو.
هن ۲۰۰۰ع ۾، شاعريءَ سان لکڻ جي شروعات
ڪئي. سندس ڪيتريون ئي لکڻيون سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪيون آهن. هن
ٻاراڻو ادب به لکيو آهي. کيس ۲۰۰۰ع ۾ ٻاراڻي ادب ۾ ”بهترين ليکڪ ايوارڊ“ سنڌي
ٻارڙا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڏنو ويو. هُو ۰۷-۲۰۰۶ع ۾ سنڌي ادبي سنگت
(س.ا.س) ضلعي لاڙڪاڻي جي نيوز ليٽر ”سنگت سماچار“ جو جوائنٽ ايڊيٽر ۽ ۲۰۰۷ع کان وٺي موهن جو
دڙو اڪيڊمي جي ترجمان رسالي ”سمبارا“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي. هُو ۹۹-۱۹۹۸ع کان س.ا.س شاخ
ڏوڪريءَ سان لاڳاپيل آهي، جنهن جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ميمبر
ڪاروباري ڪاميٽي رهي چڪو آهي. کيس ۲۰۰۴ع ۾ س.ا.س ڏوڪري پاران بهترين
ورڪر شيلڊ ڏني وئي. هُو موهن جو دڙو اڪيڊمي سنڌ (لاڙڪاڻي) جو باني
ميمبر ۽ سيڪريٽري رهڻ سميت ايڪٽِـوِ اسٽوڊنٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن ڏوڪريءَ جو صدر
رهيو آهي ۽ سياسي طور ۲۰۰۰ع کان وٺي جيئي سنڌ
قومي محاذ (آريسر) سان لاڳاپيل آهي.
عيسى ميمڻ جو ڪٽنب ۱۹۸۸ع ۾ ڏوڪريءَ ۽ ۲۰۰۹ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو.
سندس رهائش لاهوري محلي ۾ آهي.
32.سرمد چانڊيو
سرمد چانڊيو سنڌ جي اهم ۽ مشهور شاعرن مان هڪ آهي. هن
ڪيترا ئي اهم تحقيقي مقالا، مضمون ۽ مهاڳ پڻ لکيا آهن. ان کان سواءِ سرمد چانڊيي
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي زندگيءَ، فڪر ۽ فن تي پڻ هڪ مفصل ناول لکيو آهي (جيڪو اڃا
اڻ ڇپيل آهي).
سرمد جو ڇٺيءَ نانءُ سونو خان ولد جمعو خان چانڊيو آهي.
هُو جولاءِ ۱۹۵۲ع ۾ تعلقي قنبر جي ڳوٺ جمال خان چانڊيي ۾ ناناڻن ۾ پيدا
ٿيو. سندس اباڻو ڳوٺ، تعلقي شهدادڪوٽ ۾، حاجي فقير محمد چانڊيو آهي. هن ابتدائي
تعليم شهدادڪوٽ جي ڳوٺ نيڪ محمد مغيري ۾ ۽ تعلقي ميرو خان ڳوٺ ميرڻ ماڇي ۾ پڙهيو
جنهن کان پوءِ وڌيڪ تعليم پرائي نه سگهيو ۽ هارپو ڪرڻ لڳو. هو روزگار سانگي ڪجھ
وقت سعودي عرب ۾ رهيو (جتي ”سر وينگس“ لکيائين). ۱۹۸۴ع ۾ سرمد چانڊيو
ٻارن جي بهتر تعليم ۽ روزگار لاءِ قنبر لڏي آيو ۽ نصيرآباد ناڪي لڳ اچي ويٺو. هتي
هن مخلتف روزگار ڪيا. ٻارن جي اڃا سٺي تعليم ۽ تربيت جي خيال سان ۱۹۹۶ع ۾ هو لاڙڪاڻي لڏي
اچي، رائيس ڪئنال جي اولهندي/ساڄي ڪپ تي واقع ميراڻي محلي ۾ ويٺو. اتي ئي سندس
مستقل رهائش آهي.
هن ۱۹۷۸ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪافين جي
صنف سان ڪئي پر صحيح طور سندس شاعريءَ جي اوسر ۽ پختگي ۱۹۸۴ع ۾ قنبر ۾ اچڻ کان
پوءِ ٿي، جتي هو سنڌي ادبي سنگت (س.ا.س) شاخ قنبر جو ميمبر ٿيو ۽ نامور اديب ۽
محقق ڊاڪٽر محبت ٻرڙي، عظيم سومري، ميهر مجاهد، پيرل قنبر ۽ ٻين دوستن جو ساٿ
مليس، تنهن کان سواءِ ۱۹۸۴ع ۾ ئي مشهور شاعر سرڪش سنڌيءَ سان دوستي ٿيس.
شاعريءَ ۾ سرمد چانڊيي جا استاد ميهر مجاهد ۽ عظيم سومرو ٿيا جن کان رهبري
ورتائين. هو ۱۹۸۵ع کان ۱۹۸۸ع تائين س.ا.س قنبر شاخ جو
سيڪريٽري، ڊسمبر ۱۹۸۸ع کان اپريل ۱۹۹۲ع تائين س.ا.س قنبر
شاخ جو ڪائونسلر، سيپٽمبر ۱۹۹۴ع کان ڊسمبر ۱۹۹۵ع تائين ميمبر
ڪاروباري ڪاميٽي ۽ پوءِ ڊسمبر ۱۹۹۵ع کان مارچ ۱۹۹۶ع تائين، لاڙڪاڻي
لڏڻ ڪري استعيفا ڏيڻ تائين، سيڪريٽري رهيو، جنهن کان پوءِ س.ا.س قنبر شاخ جو
تاحيات اعزازي ميمبر ڪيو ويو. هو س.ا.س ضلعي لاڙڪاڻي جو ۱۹۹۲ع ۾ ضلعي رابطا
سيڪريٽري به رهيو. ۱۹۸۵ع کان مارچ ۱۹۹۶ع تائين ”سرمد جي
اوطاق“ ادبي سنگت جي سرگرمين جو مرڪز رهي، جتي پورو ڏهاڪو ورهه اديبن جي ادبي
ترتيب ٿي. سنڌي، سرائڪي، بلوچي ۽ اردو ٻوليون ڄاڻيندڙ سرمد چانڊيي جي شاعريءَ جا ۳ ڪتاب ڇپيا آهن: (۱) ”ڪارا ڪڻڇي ريٽا
گيت“ ۱۹۹۵ع ۾ لوڪ گيتن ۽
گيتن تي مشتمل، (۲) ”مون کي سڏ اروڙ جا“ ۱۹۹۹ع ۾ وايون، لوڪ گيت
۽ گيت، (۳) ”سانوڻ پهرين بوند“ ۲۰۰۶ع ۾ غزل، نظم، وايون
۽ لوڪ گيت، (۴) ”جمهوريت جو چنڊ“ (ذوالفقار علي ڀُٽي جي حوالي سان سه
حرفيءَ جي صنف ۾)، (۵) ”جمهوريت جي شهزادي“ (محترمه بينظير ڀُٽو جي
حوالي سان) ۽ (۷) ”جمهوريت ڪِي نوِيد (اردوءَ ۾). هن
ٻه ٽي تخليقي ڪهاڻيون لکڻ سميت روسي اديب پشڪن
جي ناوليٽ ”خدوءَ جي راڻي“ جو ترجمو پڻ ڪيو، جيڪو اڃا اڻ ڇپيل آهي. هن
ڪيترائي ادبي ليڪچر پڻ ڏنا آهن. هو لاڙڪاڻي مان پڌري ٿيل هفتيوار اخبار ”چانڊڪا“
جو ايڊيٽر پڻ رهيو، جيتوڻيڪ ايڊيٽر طور سندس نالو لکيو نه ويو. ان اخبار جو صرف
هڪڙو پرچو پڌرو ٿيو.
سندس سياسي تعلق جيئي سنڌ قومي محاذ قنبر ۽ پوءِ عوامي
تحريڪ قنبر سان رهيو. هو ”سنڌي ڪلاڪار ساريندڙ سٿ“ سان به لاڳاپيل رهيو ۽ ”ڊاڪٽر
محبت اڪيڊمي قنبر“ جو ميمبر پڻ رهيو.
سرمد جو وڏو پٽ عزيز قاسماڻي ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي.
No comments:
Post a Comment