فنِ مصوري
۽ لاڙڪاڻي جا مصور
جيئل اوڏ

هي سموري ڪائنات مصوريءَ تي آهي،
آرٽ هڪ بين الاقوامي ٻولي پڻ آهي.
اسلام ۾ الله تعالى جو هڪ صفاتي
نالو ”المصور“ پڻ آهي. الله پاڪ پنھنجي دنيا خوبصورت ۽ رنگين پئدا ڪئي آهي جنھن جي
ڏسڻ سان دل ۽ دماغ کي فرحت محسوس ٿئي ٿي.
فن مصوري فنون لطيفه جي هڪ شاخ آهي.
فنون جمع آهي فن جو ۽ لطيفه نڪتل آهي لطيف مان، لطيف معنى نازڪ، نفيس وڻندڙ ۽ موهيندڙ.
اهڙا هنر جيڪي دل کي موهين اُهي فنونِ لطيفه ۾ شامل آهن.
فنونِ لطيفه جون ڪيتريون ئي شاخون
آهن. مثلاً راڳ، ڊانس، موسيقي، شاعري، ڊراما،
هٿ جا هنر ۽ فن مصوري وغيره.
فن مصوري ذريعي پنھنجي خيالن جي
اظھار کي پينسل ۽ رنگن ذريعي ڪاغذ تي ظاهر ڪرڻو آهي.
برش، پينسل سان ليڪا اهڙي طريقي
سان ڪڍجن جيئن ڪا تصوير ٺھي يا مقصد ظاهر ٿئي. ان کي فن مصوري سڏجي ٿو. وري فن مصوريءَ
جون ٻيون به شاخون آهن جيئن اظھار مصوري هن ۾ پنھنجي خيالن جو اظھار تصوير ذريعي ڪرڻو
آهي. ڊزائين يعني نمونو، تجريدي آرٽ ڪيليگرافي يعني لکائي، جاميٽريڪل ڊرائنگ، فري هينڊ،
پورٽريٽ ۽ مجسمه سازي وغيره.
مصوري جي دنيا ۾ وڏا وڏا نالا آهن،
جھڙوڪ: مائيڪل اينجلو، ونسينٽ وين گاگ، پڪاسو، مارڪ شاگال، سڪسيس بيڪ مين، جين وين
آئڪ ۽ ٻيا وغيره.
مائيڪل اينجلو (Michel Anglo) جو جنم مارچ ۶، ۱۴۷۵ع ۾ ٿيو ۽ هن جي وفات ۸۹
سالن جي عمر ۾ فيبروري ۱۸
۱۵۶۴ع ۾ ٿي. هن کي سينٽ ايپاس چرچ ۾
وڏي شان ۽ مان سان دفنايو ويو. هن جو وڏو ڪم هيو وڏين وڏين گرجا گهرن جي اندر گنبذن
۽ ڇتين ۽ سندس ديوارن تي پينٽنگس ڪرڻ جيڪو تمام ڏکيو ڪم هيو ۽ سالن جا سال ان ڪم ۾
لڳي ويندا هئا.
وفات بعد هن جي نعش کي اُتان چوري
ڪري ۽ اسمگل ڪري فلورنس آندي ويئي ۽ Duke Cosimo
de-Medici جي حڪم سان چرچ سانٽاڪروز ۾
دفنايو ويو ۽ پوءِ ان جي قبر مٿان ۱۵۷۰ع ۾ ماربل پٿر جو قبو جوڙايو ويو.
ونسينٽ وين گاگ (Vincent Van Gogh): ونسينٽ وين گاگ ۳۰
مارچ ۱۸۵۳ع ۾ گروٽ
زنڊرٽ (Groot, Zundert) نالي هڪ ڊچ ڳوٺ ۾ جنم ورتو، هن ۳۷
سالن جي عمر ۾ ۲۷ جولاءِ ۱۸۹۰ع تي پنھنجو پاڻ کي شوٽ ڪري پنھنجي
زندگيءَ جو ڏيئو اُجهائي ڇڏيو.
هن ۲۰۰
کان وڌيڪ ناياب پينٽنگس پويان ڇڏيون. ۱۸۸۸ع ۾ پنھنجي کاٻي ڪـَنَ جو ڪجهه حصو ڪٽي Rachel
نالي هڪ (Prostitute) وئشا کي ڏنو ۽ ان بعد ان ڪٽيل ڪن وارو پورٽريٽ بئنڊيج ٻڌل شيشي آڏو ويھي
پاڻ ٺاهيو.
مشھور مصور آري شغر جي اُها ماءُ
هئي جنھن کيس مصوريءَ جھڙي نازڪ فن حاصل ڪرڻ لاءِ ترغيب ڏني ۽ پنھنجن مشھور پينٽنگس
بئريس ۽ سينٽ مانيڪا ۾ به پنھنجي ماءُ جي سھڻي چھري مان انھن سُھڻين ۽ جادو ڀريل تصويرن
جو عڪس اُتاريو آهي. ماءُ وڌيڪ نصيحت ڪئي هئس ته محنت سان پنھنجو ڪم ڪندو رهه، نئڙت
۽ نيڪ سڀاءَ سان هلندو رهه، جڏهن توکي وڏيون ڪاميابيون ملن ته ڪڏهن به مغرور نه ٿج.
فلمي مقبول اداڪار، ڳائڻو ۽ مزاحيه
اداڪاري ڪندڙ مرحوم محمد سعيد خان المعروف رنگيلو پھريائين مصوري ڪئي ۽ سئنيمائن جا
بورڊس ۽ اشتھار ٺاهڻ جو ڪم ڪيو. ان بعد ۱۹۶۱ع ۾ وڌي وڃي فلم انڊسٽري ۾ پير پاتو.
مرحوم ايم اسماعيل ۽ مرحوم اجمل
جيڪي پاڪستان فلم انڊسٽري جا ماياناز ڪئريڪٽر ايڪٽر رهي چڪا آهن، سي به پھريائين مصوري
ڪندا هئا ۽ سئنيمائن جا بورڊس ٺاهيندا هئا ۽ بعد ۾ وڃي فلم انڊسٽري ۾ داخل ٿيا.
مرحوم عبدالرحمان چغتائي، منشي محمد
يوسف، مرحوم فيضي، مرحوم استاد الله بخش، پروفيسر حسن عسڪري، زين العابدين، انوارالحق،
سيف الدين، شفيع احمد، زبيده آغا، مرحوم صادقين، شفيع الدين، شاڪر علي، خلجي اقبال
مھدي، منظور راهي، مسرت ناهيد، مسرت حاجره، شاهد شجاع، احمد پرويز، حنا حفيظ، هما زيدي،
شاهد جلال پاڪستان جا وڏا ناليوارا آرٽسٽ ليکيا وڃن ٿا.
ان کان علاوه فتاح هاليپوٽو، ع ق
شيخ، محمد علي ڀٽي مرحوم، گل محمد کتري، مرحوم اي آر ناگوري، رضوان عمراڻي (مڌر آرٽ
گئلري لاڙڪاڻو)، ادا قاضي، حفيظ کوهارو (فادر گئلري لاڙڪاڻو)، ظفر ڪاظمي، علي اڪبر
سومرو، امتياز ابڙو، دارا ابڙو، نظير شيخ، ناظم ڏهر، ساجد قريشي، استاد برڪت، (جيڪب
آباد)، قمر کوسو (تنگواڻي)، هارون چنه (چڪ)، ايوب گاد، مختيار کوکر، ارشاد ابڙو ۽ ٻين
آرٽ جي فن ۾ وڏي خدمت ڪئي آهي.
لاڙڪاڻي جا
مصور
۱). استاد ناصر الدين:
هي ميونسپل هاءِ اسڪول جو ڊرائينگ
ٽيچر هو. ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جو ڊرائينگ هال ڏسڻ جھڙو هيو ۽ ان ۾ تمام خوبصورت
هٿ جون ٺاهيل پينٽنگس/ تصويرون جيڪي ان اسڪول جي شاگردن جون ٺھيل هيون، ان ۾ لڳل هيون.
مون ۱۹۶۲ع ۾ ان ئي اسڪول مان ميٽرڪ پاس ڪئي.
استاد ناصر جي سفيد کير جھڙي وڻندڙ
ڏاڙهي هئي، پنج وقت نماز جو پابند، هن وٽ ڪنھن به رنگ نسل ۽ مذهب جو ڀيد ڀاءُ ڪو نه
هيو. سڀني شاگردن کي هڪ جھڙو ڪري ڏسندو هو ۽ پنھنجي اولاد برابر سمجهندو هو، استادي
واري دور مان هن جي شاگرديءَ ۾ ڪافي شاگرد فن مصوري ۾ ماهر ٿي نڪتا. ڪن سرڪاري نوڪريون
ڪيون ۽ ڪن وڃي مصوريءَ جا دوڪان کوليا. اظھر جيڪو استاد ناصر جو شاگرد هو، جڏهن لاڙڪاڻي
۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ٺھيو ته شوڪت ابڙو کي آرٽسٽ طور مقرر ڪيو ويو، هي شيشي تي پينٽ
ڪرڻ جو به ماهر هو. ان کان پوءِ اظھر کي اتي آرٽسٽ جي نوڪري ملي ۽ پنھنجو دوڪان به
”اظھر آرٽ“ جي نالي سان جناح باغ جي اوڀر ۾ ڪُنڊ تي جتي پوءِ سمارا آرٽ وارن به ان
ئي جاءِ تي پنھنجو پراڻو دوڪان کوليو هيو، ان کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ جڏهن لساني جهيڙا
شروع ٿيا (جيڪي ڄاڻي ٻجهي هٿ سان ڪرايا ويا هئا) ته مھاجر لڏي ڪراچي ۽ حيدرآباد هليا
ويا. ان دور ۾ ئي اظھر به شايد ڪراچي لڏي ويو. ناصر صاحب به لاڙڪاڻو ڇڏي وڃي حيدرآباد
وسايو.
۲). عبدالفتاح سومرو:
هي شھدادڪوٽ جو ويٺل هيو. شھدادڪوٽ
هاءِ اسڪول جو ڊرائينگ ٽيچر ٿي رهيو. سٺو مصور ۽ نقاش هيو.
۳). قاضي عبدالحئي مرحوم:
رتيديري جو ويٺل، رتديري هاءِ اسڪول
جو ڊرائينگ ٽيچر رهيو. ڊرائينگ جي فن جو وڏو ماهر هيو.
۴). محمد عالم ابڙو:
مشھور آرٽسٽ اصل ڳوٺ جوڻيجا تعلقه
قمبر جو ويٺل، بمبئي يونيورسٽيءَ مان انٽر ڊرائينگ جو امتحان پاس ڪري ۱۹۳۰ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو جو ڊرائينگ ٽيچر مقرر ٿيو۽ اتان ئي رٽائر ٿيو.
مصوري ۽ نقاشي ۾ کيس ڪمال حاصل هيو.
۵). استاد امداد لاڙڪ:
لاڙڪاڻي جو پراڻو ۽ نالي وارو آرٽسٽ
هيو، سندس دوڪان کھڙي جي پراڻي بنگلي ڀرسان هيو. سندس والد و نالو محمد پريل هو. پاڻ دريش واهڻ وٽ رهندو هيو، جتي تمام گهڻا کجين
جا باغ هئا. سندس گهر جي ڀرسان ۽ گهر ۾ به کجيون هيون. ان ڪري سندس ٽريڊ مارڪ ۾به امداد
نالي سان ٻه کجيون به ڇاپي ڇڏيندو هيو.
دريش واهڻ کان پوءِ لڏي اچي لاهوري
محله لاڙڪاڻي ويٺو. هر قسم جي لکائيءَ جو ماهر هيو. پاڻ سئنيمائن جا بورڊ به ٺاهيندو
هيو، سندس ڪيترائي شاگرد موجود آهن. پاڻ ۱۹۹۵ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ سندس دوڪان به بند ٿي ويو.
۶). استاد مقبول جعفري:
مقبول آرٽ جي نالي سان کھڙي جي پراڻي
بنگلي ڀرسان، استاد امداد جي دوڪان جي ڀر ۾ دوڪان هوس. رهندڙ جعفري امام بارگاهه لاڙڪاڻو.
هي استاد خاص ڪري شيشي تي لکائي ۽ گلڪاري ڪرڻ جو ماهر هو. لاڙڪاڻي کان ڪراچي لڏي ويو
۽ اتي ۱۹۹۰ع ڌاري گذاري ويو.
۷). استاد عبدالحق سومرو:
”انڊس آرٽ“ جي نالي سان وڏي مڇي
مارڪيٽ روڊ تي اتر ۾ دوڪان اٿس. سندس والد عباس علي سومرو کٽڪو ڪم ڪندو هيو. مھراڻ
ڊراءِ ڪلينر نالي سان اسٽيشن روڊ تي دوڪان هيو. استاد نظير سمون وٽ ڪم سکيو، جڏهن ان
جو دوڪان دڙي ٿاڻي وٽ هيو، اُتي هِن ۸ سال ڪم سکيو ۽ ڪيو ان بعد اچي دوڪان کوليو اٿس ۽ هن کي هن فن ۾ ۲۰
سالن جو تجربو آهي.
بورڊ بئنرس، تصويرن ۽ لکائيءَ جو
ڪم ڪندو آهي. سندس رهائش علي گوهر آباد کھڙي
جي پراڻي بنگلي جي اوڀر ۾ آهي.
۸). استاد مقبول سولنگي:
انڊس آرٽ وٽ ڪم ڪندو آهي ۽ يار ويس
ماڻھو آهي ۽ استاد عبدالحق جو دوست آهي. هي سئنيما بئنرس ٺاهڻ جو ماهر رهيو آهي.
جاڙا (Twins)
استاد ارشاد جوکيو ۽ استاد امداد جوکيه جو شاگرد آهي، عمر اٽڪل ۴۰
سال اٿس ڪم جو تجربو ۲۵
سالن جو آهي. جڏهن فلمن جو اوج هيو ته لاڙڪاڻي جي سمورين
سئنيمائن تي ڪم ڪندو هيو ۽ انھن جا بئنرس ٺاهيندو هيو. ڪراچي ۾ به ۳
کان ۴ سالن تائين ڪم ڪيائين. جڏهن فلمي زوال آيو ۽ سئنيمائون ڊاٺيون ويون ۽ هينئر
اهو ڪم ختم ٿي چڪو آهي. ان ڪري هينئر انڊس آرٽ تي ڪم ڪري ٿو ۽ پئنافليڪس جا بئنر ٺاهي
ٿو. سندس رهائش محله غريبو مقام لاڙڪاڻي ۾ آهي. سندس ٺاهيل ڪجهه پينٽنگس ڏسو.
۹). استاد پرويز بلوچ
(مڪراني:
رهواسي ڪمران باغ لاڙڪاڻو. استاد
نظير سمون جو شاگرد هيو. فائن آرٽ ۾ ايم .اي ڪري آيو ۽ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ آرٽسٽ
جي نوڪري ملي. سال ٻه سال ڪم ڪيائين ۽ پوءِ اتان نوڪري ڇڏي پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ نوڪري
ڪئي، ان بعد هن کي هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ملي ۽ نوڪري دوران ۲۰۰۵ع ۾ گذاري ويو.
۱۰). استاد نـظير سمون:
سندس والد جو نالو محمد صالح هيو
جيڪو حجامڪو ڪم ڪندو هيو. استاد نظير پھريون
دوڪان (پنھنجي پيءُ جو دوڪان ۽ حمام ڊاهي) پنھنجو دوڪان نظير آرٽ جي نالي جيلس بازار ۾ لاهوري مٺائي واري جي ڀرسان کوليو. ٿوري عرصي
بعد اتان دوڪان پٽي، ٽائون ٿاڻي جي ڀرسان سندس اوڀر ۾ کوليو ۽ بند ڪيو. ان کان پوءِ
وري ”تصوير گهر“ نالي اسراڻن جي بنگلي ڀرسان پنھنجو دوڪان کوليو. اهوبه ٿورو وقت هلي
بند ٿيو. ان کانپوءِ بئنڪ اسڪوائر ڀرسان ”نيو آرٽ“ نالي دوڪان کوليائين. ٿوري ٽائيم
کان پوءِ اهو دوڪان بند ڪري ڪراچي هليو ويو.
ڪراچي ۾ ڪپڙن جي الخير مارڪيٽ ڀرسان
سفاري باغ جي سامھون ”نظير آرٽ“ جي نالي سان دوڪان کوليو، اُتي ميوزڪ جو ڪم ڪندو هو،
اتي هو ۳ سال رهيو. ڪي ٽي اين تي پڻ
بطور ميوزڪ ڊائريڪٽر ڪم ڪندو رهيو.
ڪراچيءَ مان هجرت ڪري واپس لاڙڪاڻي
آيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ سپنا هوٽل ڀرسان اسٽيشن روڊ تي ”مصور آرٽ“ جي نالي سان دوڪان کوليو.
ٻن سالن بعد وري ڪراچي هليو ويو ۽ هينئر ڪراچي ۾ ڪم ڪري ٿو.
استاد آل رائونڊر هيو. مصوري جو
فن لاهور مان استاد شرافت کان سکي آيو ۽ وري لاڙڪاڻي اچي استاد امداد کان وڌيڪ علم
حاصل ڪيو. سندس عمر ۴۸-۴۹
سال ٿيندي.
۱۱). استاد اياز ميمڻ:
سندس والد جو نالو گلشن ميمڻ، استاد
نظير سمون جو شاگرد، ٽائون ٿاڻي واري دوڪان تائين استاد نظير سان گڏ ڪم ڪيو، جڏهن استاد
نظير جو دوڪان اُتان ختم ٿيو ته هي اچي استاد عبدالحق وٽ ”انڊس آرٽ“ تي ڪم ڪرڻ لڳو.
۵-۴
سال ڪم ڪرڻ بعد پاڻ سعودي هليو ويو. سعودي ۾ ٻه سال رهڻ بعد
لاڙڪاڻي هليو آيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ ”ورلڊ آرٽ“ نالي سان مصوريءَ جو دوڪان کوليو جيڪو شاهه
لطيف مارڪيٽ لاهوري محلي ۾ هيو. دوڪان سال کن هلايائين ۽ پوءِ بند ڪري ڇڏيو ۽ هينئر
ميڊيڪل ريپريزنٽيٽو آهي.
۱۲). استاد مختيار عباسي:
رحمت پور جو رهواسي، استاد امداد
جو شاگرد ۽ اتي ڪم ڪيائين. بعد ۾ سمبارا آرٽ تي ڪم ڪيو ۽ ان بعد استاد نظير سمون وٽ
اچي ڪم ڪيو. سندس تجربي ۾ ۱۵-۱۰
سال کن اچي وڃن ٿا.
هينئر پنھنجو انگلش ڪوچنگ سينٽر
(Friends English Couching Centre) جي نالي سان گرين پئليس هوٽل
لاڙڪاڻو ڀرسان پٺئين پاسي کوليو اٿس.
۱۳). استاد اصغر جوڻيجو:
رهندڙ ڀينس ڪالوني لاڙڪاڻو ولد غلام
حسين جوڻيجو. استاد نظير سمون جو شاگرد،
اتي ڪم سکيو ۽ ڪيو. ان بعد ڪراچي هليو ويو ۽ هن وقت بلاول ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ پنھنجو مصوريءَ
جو دوڪان کوليو اٿائين.
۱۴). استاد عرفان جوڻيجو:
استاد اصغر جوڻيجو جو شاگرد آهي.”اصغر
آرٽ“ جي نالي سان دوڪان اٿس. چانڊڪا پل جي ڀرسان رائيس ڪئنال تي اوڀر واري روڊ سان
دوڪان اٿس.
۱۵). ادا فضل قاضي:
گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ ڊرائينگ
ٽيچر ٿيو ۽ اتان ئي رٽائر ٿيو. بھترين مصور، اديب ۽ پيارو ماڻھو آهي. سندس ڪتابي مجموعن
۾ سام، ڪاري، ٽياس، چَھَر (مزاحيه ڪھاڻيون) ۽ آخري ڪاغذ ڪھاڻين جا مجموعه ڇپجي چڪا
آهن. ان کان سواءِ مختلف سنڌي اخبارن ۾ سندس ڪالم ايندا رهن ٿا.
۱۶). امداد علي ولد خدا
بخش سومرو:
سندس رهائش پراڻي گاهه پڙي. لاڙڪاڻه
اسڪول ۽ ڪاليج جي دور کان فن مصوري سان عشق رکندڙ، پينسل ورڪ ۽ اسٽيچو ٺاهڻ ۽ نيل ورڪ
۾ ماهر هيو. مون سان ڪامرس ڪاليج ۾ گڏ پڙهيو ۽ پيارو دوست نوجوانيءَ ۾ ۷
جولاءِ ۱۹۸۲ع تي وفات
ڪري ويو. ڊاڪٽر مولا بخش ڪلھوڙو ڊان اخبار جو چيف بيورو لاڙڪاڻو جو امداد علي مامون
ٿئي.
۱۷). استاد حفيظ کوهارو:
لاڙڪاڻه گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو
ڊرائينگ ٽيچر تمام پيارو ماڻھو ۽ بھترين مصور آهي. مصوريءَ جو علم ڄمڻ کان ورثي ۾ مليل
اٿس. سندس والد صاحب استاد حامد الله کوهارو مرحوم پاڻ بھترين مصور ۽ خاص ڪري ڪپڙي تي پينٽ ڪرڻ جو
ماهر هيو. جيڪي به سائين حامد الله جا آئل پينٽ ٿيل شھپاره آهن سي حفيظ کوهارو وٽ موجود
آهن ۽ هڪڙي ڪمري ۾ لڳائي ڇڏيا اٿس. ۽ ان کي
”فادر گئلري سان منصوب ڪري ڇڏيو اٿس.
منھنجي ڇپيل ڪتاب ”سنڌ شناسي“ ۾
جيڪي به اسڪيچز آهن جيئن سنڌي دائي، ڀيل قوم، سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگي، خوش خير آفيت وغيره
سڀ حفيظ کوهارو جن جي مھربانيءَ سان ٺاهيل آهن
۱۸). ريحانه منگي (چائـلڊ آرٽسٽ-۲۰۰۳):
لاڙڪاڻي جي رهواسڻ ايليمينٽري ۽
انٽرڊرائينگ جا امتحان سائين حفيظ کوهارو جي رهنمائيءَ ۾ سٺين مارڪن سان پاس ڪيائين،
سندس استاد حفيظ کوهارو آهي.
۲۰۰۳ع ۾ پاپوليشن
ويلفيئر ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻه پاپوليشن ڊويزن اسلام آباد جي هدايتن موجب ٽيم جوڙي لاڙڪاڻي
جي ننڍڙن مصورن کان وڌندڙ آباديءَ بابت پوسٽر ٺھرائي مقابلو ڪرايو ويو، جن ۾ ريحانه
منگي به حصو ورتو ۽ ججز جي فيصلي مطابق سندس پينٽنگ پھرين پوزيشن کڻي ڪيش پرائيز حاصل ڪيو. آءٌ ان وقت
پاپوليشن ويلفيئر آفيس لاڙڪاڻي ۾ ڊيموگرافر هيس.
حفيظ کوهارو صاحب، ريحان منگي صاحبه
لاءِ وڌيڪ ٻڌايو ته هن نيشنل آرٽس ڪاليج لاهور مان فائن آرٽس ۾ ماسٽرس ڪرڻ بعد لاهور
۾ ئي ملازمت ڪري رهي آهي. هن سرڪاري خرچ تي آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جا دورا ڪري پاڪستان
جي نمائندگي ڪئي آهي. حفيظ کوهارو صاحب وڌيڪ ٻڌايو آهي ته ريحانه منگي، وارن (Hairs) مان تصويروڻ ٺاهي ٿي جيڪا اڄڪلهه
هڪ جديد ٽيڪنڪ ليکي وڃي ٿي.
۱۹). عرفان علي جوڻيجو:
استاد زاهد حسين جو شاگرد. سندس
دوڪان ”سمبارا آرٽ“ نالي قاسميه جامع مسجد لاڙڪاڻي جي دوڪانن ۾ هڪ دوڪان آهي، جتي بورڊ
، بئنر، نمبر پليٽ جو ڪم ٿئي ٿو. هن ڪم ۾ عرفان علي کي ۱۰
سالن جو تجربو آهي.
۲۰). علي اصغر ڪلھوڙو:
هي استاد زاهد حسين جوڻيجو جو شاگرد
آهي. وليد محلي جو رهواسي، هن پنھنجي استاد وٽ ۵
سال سکيا ورتي. سندس دوڪان ”فائن آرٽ“ نالي سان جامع مسجد
قاسميه روڊ لاڙڪاڻو جي ڀرسان آهي. مصوريءَ ۾ ۱۸
سالن جو تجربو رکي ٿو. آئل پينٽنگ، پروفيشنل بينرس ۽ سائن
بورڊ جو ڪم ڪري ٿو.
مصوري ۾ رنگن جو استعمال
رنـگ:
هن دنيا ۾ تخليق ٿيل هر شئ رنگ ۽
روپ تي مشتمل آهي، ڪنھن به جسم جي مٿاڇري يعني اها شي ٻاهران ڏسڻ ۾ اچي، ان کي رنگ
چئبو آهي. اهڙي طرح هر شي پنھنجو رنگ ۽ روپ جي لحاظ کان سڃاتي ويندي آهي. جڏهن ڪائنات
وجود ۾ آئي ته اها پاڻ سان گڏ رنگ کڻي آئي. رنگن کان سواءِ هر شي رُکي ۽ اڻ وڻندڙ محسوس
ٿيندي آهي. جنھن جا اسان جي زندگيءَ ۾ ڪافي مثال آهن.
رنگين شيون مرد، عورت، ٻار، پوڙهي
۽ جوان کي وڻنديون آهن ۽ هرهڪ رنگ جو شيدائي آهي.
ڪپڙن جا رنگ، بوٽ جا رنگ. معلوم هجي ته هر ڪنھن کي نيچر مطابق رنگ پسند ايندا
آهن، توهان کي ۴ يا ۵
ٻار آهن، توهان انھن کي بازار وٺي وڃون، ڪپڙا يا رنگن واري
شئ وٺي ڏيو، هرهڪ ٻار جي پسند الڳ هوندي. ڪو ڳاڙهو رنگ پسند ڪندو، ڪو بِلو ته ڪو سائو
۽ ڦڪو هرهڪ جي پسند الڳ هوندي. اهو ان ڪري آهي جو سڀني جي پئدائش الڳ وقت الڳ تاريخن
۾ ٿي هوندي. ان ڪري اها ڳالهه وڃي بُرجن ۽ سِتارن جي علم ۾ وڃيو پيو. ان ڪري آءٌ ان
ڳالهه کي اتي ئي ختم ٿو ڪريان.
هاڻي اچي ڏسو ته مذهبي تھوارن ۾
به رنگن جو استعمال ٿئي ٿو، جيئن هندن وٽ تھوار ”هولي“ دوران به هڪ ٻئي کي رنگ هڻن
ٿا ۽ هن عمل کي خوشيءَ جو تصور ڪري ليکين ٿا. ۽ رنگ هڻڻ خوشي جي علامت آهي، هن موقعي
تي ڪوبه امير ۽ غريب جو فرق ڪونھي.
قدرتي رنگ ”۳“ آهن. ۱. نيرو، ۲. ڳاڙهو ۽ ۳. هئڊرو (ڦڪو) نيرو رنگ پھريائين
پھريائين ايران مان مليو. ان ڪري هِن رنگ کي پرشن بلو چئبو آهي.
ڳاڙهو رنگل ڳاڙهن مرچن، وڻ جي ڇوڏن
۽ چمڙي مان ٺھي ٿو. هيڊو رنگ جبلن مان ملي ٿو، جنھن کي ميٽوڙي به چئبو آهي. جبلن جي
پاڙ ۾ ڳريل صورت ۾ کوٺائيءَ دوران لڀي ٿو.
گرم رنگ:
گرم رنگ اُهي آهن، جن جي ڏسڻ سان
اکين تي بارُ محسوس ٿيندو آهي. اهي رنگ آهن، ڳاڙهو، هئڊو واڱڻائي وغيره.
ٿڌا رنگ:
هي اُهي رنگ آهن، جيڪي اکين کي هلڪ
۽ سٺا لڳندا آهن. انھن کي ٿڌا رنگ به چئبو آهي. مثال طور: نيرو، سائو، فيروزي وغيره. توهان کي معلوم هوندو ته جڏهن اکين جي آپريشن ٿيندي
آهي ته آپريشن بعد ڊاڪٽر آپريسن ٿيل اک مٿان سائي ڪپڙي جو ٽڪرو لڳائيندا آهن.
رنگن جون علامتون:
۱- سفيد رنگ: صفائي، پاڪيزگي ۽ امن جي
نشاني آهي.
۲- ڪارو رنگ:
سوڳ، اونداهي ۽ نا اميدي جي نشاني آهي.
۳- سائو رنگ:
خوشحالي ۽ آبادي جي نشاني آهي.
۴- نيرو رنگ:
تندرستي جي علامت آهي.
۵- ڳارهو رنگ:
خطري، انقلاب، جوش ۽ اسٽاپ جي نشاني آهي.
پنھنجي تجربي موجب آزمايل ٻه ڳالھيون
اوهان لاءِ لکان ٿو ۽ آزمائي فائدو حاصل ڪندا.
۱- جيڪڏهن
اوهان جو ٻار موڳو آهي ته انھيءَ کي ڳاڙهي رنگ جا ڪپڙا (ضروري ناهي ته سڀ ڪپڙا ڳاڙها
هجن پر ڪالرن جو رنگ ۽ ٻانھن جي حصي يا کيسي تي پٽي ڳاڙهي هڻو، بٽڻ ڳاڙها هجن وغيره.)
ٿوري وقت ۾ اوهان کي موڳو ٻار تيز نظر ايندو.
۲- ٻيو ته
پنھنجي ڊريس شلوار قميص/ پينٽ شرٽ ڪٿئي ڪلر (پان واري ڪٿي وارو رنگ) ۾ ڪپڙو وٺي سبرايو
۽ اها ڊريس ان وقت پھريو ۽ آزمايو جڏهن اوهان ڪٿي وڃڻ کان لھرائيندا هجو. اتي وڃڻ بعد
توهان ٻيو ڪجهه محسوس ڪندا يعني ته ”ڪجهه به ڪونھي“ ۽ بلڪل خوف ختم ٿي ويندو. پر هي
ان جاءِ تي نه پھريو جتي اوهان وڌيڪ فخر (Over
proudness) ۾ نه اچي وڃو ۽ ڪم خراب ٿي
پوي.
مطلب ته ڪـَٿئي ڪلر چوندو آهي ته
”ڪا به ڳالهه ڪانھي“ بزدل کي بھادر بڻائي ٿو. توهان ٻيا به ڪلر پايو ۽ هن رنگ وارا
به ڪپڙا پائي ڀيٽ ڪندا رهو، جلدي ۾ فرق معلوم ٿيندو.
No comments:
Post a Comment