Friday, August 3, 2012

لاڙڪاڻي ۾ تترن جو شوق - جيئل اوڏ


لاڙڪاڻي ۾ تترن جو شوق
جيئل اوڏ
لاڙڪاڻي ۾ ۵۰ سال اڳ ”طوفان ميل هوٽل“ هيو ۽ ان هوٽل جي مناسبت سان ان چوڪ کي به ”طوفان ميل چوڪ“ سڏيو ويندو هيو. (هينئر ان چوراهي کي پاڪستان چوڪ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو). هوٽل جي مٿان هڪ بورڊ لڳل هيو ان تي پراڻي وقت واري ريل گاڏي طوفان ميل جي تصوير ٺھيل هئي جنھن کي ڪاري انجڻ لڳل هئي ۽ ڪارو دونھون ڇڏيل ڏيکاريل هو. طوفان ميل هوٽل کان پوءِ اُتي ئي هڪ ٻيو هوٽل جڙيو ۽ اهو ”المدينه“ جي نالي سان مشھور ٿيو. ڪافي وقت هليو، سندس ماني ۽ چانھه تمام سٺي هئي ۽ آخر ۾ اهو هوٽل بند ٿي ويو، هينئر ان جاءِ تي ”سروس شوز“ وارن جو ڪسٽمر سروس سينٽر موجود آهي.


اها ته هئي ۵۰ سال پراڻي هوٽل جي ڳالهه پر هن سائنسي جديد دور ۾ به لاڙڪاڻه ۾ ڪافي چانھه جا هوٽل موجود آهن جن جا نالا عجيب و غريب آهن، جتي تمام سٺي چانهه ملي ٿي ۽ ماڻھن جي بي تحاشا رش موجود هوندي آهي. مثلاً پريمي هوٽل (گجڻ پور چوڪ)، لک پتي هوٽل (نئون ديرو چوڪ) ۽ تيتري هوٽل سامھون (نگينه پينٽ هائوس) لڳ شاهي بازار لاڙڪاڻو. جتي اوهان کي بھترين چانھه ملندي پر ٿورو انتظار ضرور ڪرڻو پوندو. دراصل قصو هيئن آهي ته هوٽل جي مُک دروازي تي هڪ مانڊلي آهي جتي تترن جا پڃرا ٽنگيل ڪپڙن سان ڍڪيل اوهان کي نظر ايندا ۽ تتر پيا ٻوليندا، ان ڪري هوٽل جو نالو به ”تيتري هوٽل“ سان سڏجي ٿو.
مانڊلي وارو استاد بختيار ۷۲ سالن جو پوڙهو ڪارڙن تترن پالڻ جو وڏو شوقين آهي. استاد کان مون جڏهن هن جي شوق بابت پڇا ڪئي ته هن ٻڌايو ته مان هندوستان کان وٺي ڪارڙن تترن جو شوقين آهيان. سندس والد کي به هي شوق هيو. هن جو چوڻ آهي ته؛ لاڙڪاڻي جا وڏا وڏا خفتي جن ۾ مرحوم سردار نبي خان ڀٽو، مرحوم سردار پير بخش خان ڀٽو به مون وٽ ايندا هئا ۽ پاڻ وڏا شوقين هئا ۽ هن شوق جي باري ۾ وڏيون ڪچھريون ٿينديون هيون. ملتان جو رهواسي مستري هدايت الله، ڊاڪٽر نذير ڏوڪري وارو ۽ سيد حامد جيڪو واٽر سپلاءِ ۾ ملازم آهي سي به وڏا شوقين آهن. استاد وٽ گانگس نسل جا ڪارڙا تتر موجود آهن. معلوم هجي ته ڪارڙو تتر به رنگ ۽ وزن ڪري مختلف نسلن ۾ ورهايل آهي. جيئن گانگسي چڻگي، شيدي، ڦُليو وغيره.
تِـتِر کي انگريزي ۾ Partridge، اردو ۾ تيتر، بنگالي ۾ تيتر، بلوچي ۾ ڪـَڪـَئـو، براهوي ۾ ”ڪـَپينجر“، پشتو ۾ تنزري، پنجابي ۾ تِتر، ڪشميري ۾ تيتر، عربي ۾ دراج ۽ فارسي ۾ ”ڪبڪ جهنگلي“ چيو وڃي ٿو.
ان جو گوشت قوت ڏيندڙ دل دماغ ۽ جگر کي، سريع الھضم آهي. قوت باهه ۽ مني وڌائي ٿو. جلندر، وائي بادي ۽ فالج لاءِ مفيد آهي. رت چڱو پئدا ڪري ٿو ۽ بدن کي ٿلھو ٿو ڪري .
سنڌ ۾ تترن جا فقط ٽي قسم ٿيندا آهن. ۱. ڪارا، ۲.ڀورا ۽ ۳.ايراني تتر.
ڪارو (ڪارڙو) تتر جي پاسي وارا کنڀ چٽڪمرا ۽ ڪارا اڇين پُڙين سان هوندا آهن، باقي سينو صاف ڪارو ۽ پٺيءَ ۽ ڪنڌ جا کنڀ به ڪارا ٿيندا اٿس، ڪنن وارا کنڀ ٻنھي پاسي صاف اڇا ٿين ٿا. ڄنگهن تي ڪارڙي کي دُڏ هوندا آهن ليڪن بگڙي يا ايراني کي ڪڪڙ وانگي کڙهون هونديون آهن.  سندس مادي جي بدن جا کنڀ ڀورا ۽ چٽڪمرا، ڀورن تترن جي نموني هوندا آهن. مادي، نر تتر جي مقابلي ۾ حسين ۽ وڻندڙ نه هوندي آهي. ڪارڙي تتر جا نر ٻچا پاليا ويندا آهن ۽ ماديءَ کي ڪونه پالين. ڪارڙو صرف ٻولڻ لاءِ ۽ شڪار لاءِ ٿئي ٿو ۽ ويڙهائڻ لاءِ ڪونھي. هي پکي ولر ڪري نه رهندا آهن پر هرهڪ اڪيلو پنھنجي منھن رهندو آهي. فقط لڳ جي وقت هڪ نر تتر سان ٽي-چار ماديون گڏ ڏسبيون آهن. جڏهن ماديون آنن تي آرو ڪري ويھنديون آهن، تڏهن نر تتر انھن کي ڇڏي اڪيلو پنھنجي منھن وڃي گهمندو آهي ۽ مادين جي خبر نه رکندو آهي. ماديون ٻچن ڦوڙڻ بعد ٻچن کي تيستائين پاڻ سان رکنديون آهن جيستائين لڳ جي موسم اچي ۽ پوءِ ٻچن کي الوداع ڪري وڃي نر کي ڳولي لھن.
ڪارڙو گرمي جو سخت آهي پر ٿڌ جو ڀاڙي آهي ۽ ٿڌ ۾ ٻوليندو به ناهي. هي جيترو ڍڪيل هوندو اوترو ٻوليندو، جيترو کليل هوندو اوترو ٻولڻ گهٽ ڪندو آهي. نر ڪاررڙو تتر جڏهن مستي ۾ ايندو آهي ته پنھنجن آنن کي ۽ ننڍڙن ٻچن کي ماري کائي ويندو آهي. ان ڪري ٻچن واري مادي نر کي ڏسندي ئي ٻچڙن کي ڪُھڙن ۾ لڪائي ڇڏيندي آهي. مطلب ته هي نانگ وانگر پنھنجا ٻچا کائيندڙ آهي.
ڀوري تتر جي نر توڙي ماديءَ جو رنگ هڪ جھڙو هوندو آهي، سيني وارا کنڀ ڀورا ڪجهه اڇاڻ ڏانھن مائل هوندا آهن، جنھن تي ڳاڙهاڻ تي مائل ننڍا چٽا داٻ هوندا آهن ۽ پٺيءَ وارا کنڀ ڀورا ۽ ڳاڙهسرن داٻن وارا هوندا آهن. نر کي ڄنگهن تي ڪڪڙ وانگر چھنبدار کڙهون هونديون آهن. هي پکي گهڻو ڪري ولرن جي صورت ۾ هوندا آهن بعضي ته ڏهه پندرهن پکي ولر ۾ ڏسبا آهن. هي ٻن ٽن پيڙهين تائين گڏ رهندا آهن. هي پکي نر ۽ مادي ٻئي گڏجي ٻوليندا آهن.
ايراني تتر ڀوري تتر جھڙو ۽ ساڳين وصفن وارو هوندو آهي، تفاوت فقط اهو هوندو اٿس ته هي قداور ۽ بدن جو ڳؤرو هوندو آهي. هي وزن ۾ ڪاري تتر کان به زياده وزني ٿئي. هي تتر خاص ڪري ويڙهائڻ لاءِ ڪڪڙ وانگر ڌاربو آهي ۽ هن نسل جا ٻچا به ڪڪڙن وانگر گهر ۾ ڪرايا ويندا آهن.
گانگسي نسل جي تتر جو رنگ ڪارڙي وانگر قد جو وڏو ٿئي ۽ اصيل قسم جو آهي جيڪو منٽ ۾ ۳ يا ۴ لاتيون ڪندو آهي. هي ٿڌي طبيعت وارو نسل آهي. رنگ ڪارو پٺ تي تمام اڇي ڇُرَ ۽ اڇيون ٽڪيون  وڏيون ٿين ٿيون. ٻولڻ جي حساب سان شيدي کان ڪجهه گهٽ آهي، هي ڊڄڻو ناهي.
شيدي نسل جي تتر جو رنگ بلڪل ڪارو ٿئي. ڪلھن تي هلڪيون اڇيون ڦليون، قد بت ۾ تمام ننڍو ۽ ٻول جي حساب سان ٻين جنسن  کان تمام گهڻو تيز ٻوليندڙ آهي. ان جي هڪڙي خاصيت اها آهي ته هي تمام ڊيڄو قسم جو آهي ۽ ٿوري کڙڪي تي ڇرڪ ڀريندو آهي.
ڦُليو نسل وارو تتر اڇو چٽڪن سان ۽ سندس سينو ڳاڙهي رنگ جو ٿئي. هي نسل پنجاب کان آيل ٻڌايو وڃي ٿو.
سنياسي نسل جي تترن جو سينو ڳاڙهو ٿئي. سندس قد پورو پنو ۽ وچولو ٻوليندڙ آهي.
چڻگي تتر شيدي ۽ سنياسي تتر کان وچولي طبيعت جو ۽ قدبت ۾ تمام هلڪو ٿئي. هن ۾ به شيدي تتر وانگر ڊڄ رهي ٿو.
پکين ۾ ڪارڙو تتر واحد پکي آهي جيڪو مسلسل ۱۲ کان ۱۸ ڪلاڪ بغير ڪنھن وقفي جي ٻولي ٿو.
ڪارڙو تتر ۽ ايراني تتر ۾ اهو فرق آهي ته ڪارڙو تتر ڀلي اوهان وٽ ۱۰ سالن کان پاليل هجي جيڪڏهن ڇرڪ آيس ته ڀڙڪو ڏيئي اڏري ويندو ۽ واپس نه ايندو. باقي ايراني تتر ڪيتري به شور شرابي ۾ مالڪ کان ڌار نه ٿيندو.
چيٽ يا فيبروري مھيني جي شروعات کان جهنگلي تترن جو لڳ شروع ٿئي ٿو ۽ مارچ کان آگسٽ مھيني تائين ٻچن ڪرڻ جي مند شروع ٿئي ٿي. ڪڻڪ جا لاب ۽ لوسڻ جي ڦولار اها چـَري مند آهي.
مادي ۷ يا ۸ آنا ۽ ٻن کان وٺي ۶ ٻچا ڦوڙي. آنا ڪُھڙن ۾ لاهيندي آهي. ڪُھڙ (لئي، ڪنڊيءَ يا سـَرَن جي جهڳٽن کي چئبو آهي) ۽ ٻچا به اُتي ڦٽي وڏا ٿين ۽ چوڳي وقت پنھنجي ماءُ سان گڏ ڪُھڙن مان ٻاهر نڪري جهنگ ۾ چوڳو ڪرائيندي آهي. مادي آنن تي ٻه اڍائي هفتا آرو ڪندي آهي ۽ ان بعد ٻچا ڦوڙي اٿندي آ.
شروعات ۾ تتر جي مادي ٻچڙن کي اُڏهي ڇيڻن هيٺان کوٽي ۽ ڪانڊيرن جا نوان گل جيڪي گلابي رنگ جا ٿين ۽ ڀـَتـَرَ جا ڪچڙا پن کارائي ٿي.
ڀَتَر کي عربي ۾ حي العالم ۽ فارسي ۾ هميشھ بھار چيو وڃي ٿو. هن جا پن سائي رنگ تي ڪُڪـڙ جي موڙ وانگر ڦاڪون ڦاڪون ٿيل ڍنڍن ۽ تلاون جي جاين تي پکڙندڙ وَلِ ٿيندي آهي. هي جگر جي سُدن، مقوي معده، ڪيئن آنڊن ۽ رت جي گرمي گهٽائڻ، سنڌن جي سُور ڦٽ ڦرڙين، باد فرنگ جي زخمن، سخت سوڄن جي ڦاڙڻ لاءِ مفيد آهي.
عام چوڻي آهي ته؛ ”تتر پاڻي ملي ته پيئي، نه ته پيئندو ئي ڪونھي“. پر اهو معلوم هجي ته دنيا ۾ ڪو به اهڙو جاندار ڪونھي جيڪو پاڻيءَ کان سواءِ رهي سگهي. باقي جيڪا خوراڪ تتر کائي ٿو جيئن ڀَتر ۽ ڪانڊيري جا گل ۽ انھن تي جيڪا رات جو ماڪ پوي ٿي سا هي اها پي وڃي ٿو. قدرتي طور ڀَتر مان ان کي ڪئلشيم ۽ اُڏهيءَ مان کيس فولاد ۽ ڪانڊيري جي گل مان ان کي پاڻيءَ جو مقدار به ملي وڃي ٿو. ان متعلق هڪ ڳجهارت آهي ته ”گل گلاب جو، پن مھنديءَ جو، جيڪو نه ڀڃي اهو پُٽُ مڱينديءَ جو.“ (جواب: ڪانڊيرو). ڪانڊيري جو گل گلاب جي گل جھڙو ٿئي ۽ سندس پَنَ مھنديءَ جي پَنن جھڙا ٿيندا آهن.
تتر مُندن آهر سال ۾ ٻه يا ٽي تور ڏين ٿا:
۱- جنوري جي آخر ۽ فيبروري جي شروعات ۾، پھريون تُورُ.
۲- مارچ کان مئي مھيني تائين، ٻيو تُور.
۳- آگسٽ جي شروعات کان سيپٽمبر جي پڇاڙي تائين، ٽيون تُور.
آنن ڦوڙڻ جي هفتي يا ۱۵ ڏينھن جي اندر خفتي ٻچڙن کي پڪڙڻ ۾ لڳي ويندا آهن. هڪ مھيني جي اندر ٻچو ڀڙڪيون ڏيڻ شروع ڪندو آهي (ٻچو اُڏرڻ جي قابل ٿي ويندو آهي ۽ اڏرڻ جي مشق شروع ڪندو آهي). وڏن اڏرڻ وارن ٻچن کي خفتي ڄاريءَ ذريعي پڪڙين ۽ شوقينن کي فراهم ڪن. في ٻچو ٽن کان چئن پنجن سَوَن ۾ وڪيو ويندو آهي. معلوم هجي ته نر ٻچا پاليا ويندا آهن ۽ مادين کي ان ڪري ڪونه پڪڙين. خفتي وڏي ڄاڻ رکندا آهن ته هي ٻچو نر آهي يا مادي.   ٻچا ڪيٽي ممتاز ڀٽو مان پڪڙي شوقينن وٽ وڪرو ٿين ٿا.
جيترو ٻچو ننڍو هوندو اوترو مالڪ سان هِري مِري ويندو آهي ۽ ان کي ئي پنھنجي ماءُ سمجهي ٿو ۽ ان کان پري ڪونه ويندو آهي.  شوقين ننڍڙن ٻچڙن کي ڇيڻن جا جيت ۽ اُڏهي کارائيندا آهن، تـِڏَ ننڍي ننڍي پڪڙي يا وڏي تـِڏِ کي ذرڙا ڪري کارائيندا آهن. ٻن مھينن کان پوءِ مُڱن جي دال ڇلڙيءَ واري پاڻيءَ ۾ پسائي ڇِلڙ لاهي اُها کارائبي آهي.
سياري جي مند ۾ دال گهٽ ٻاجهري وڌيڪ ڏني ويندي آهي. سياري ۾ پاڻي  صرف منجهند جو هڪ دفعو اُس تي رکي پياريو ويندو آهي. باقي گرمين ۾ پاڻيءَ جي ڪُپي هميشه ڀريل هوندي آهي. گرمين ۾ ٻچڙن لاءِ مٽي ڪُٽي نرم ڪري ان مٿان پاڻيءَ جو ڇڙڪاءُ ڪري ان ۾ رکندا آهن ۽ مٿان کوٽھڙي وارو وڏو پڃرو رکندا آهن. کوٽھڙي واري پڃري کي ترو نه هوندو آهي.
عام طور ۱۲ مھيني پٺو تيار ٿيندو آهي ۽ ٻولڻ شروع ڪندو آهي. پر ڪٿي ڪٿي مستي وارا ٻچا ۶ مھينن اندر ٻولڻ شروع ڪندا آهن.
خفتين جو چوڻ آهي ته؛ تتر بھشتي پکي آهي ۽ هي هر دم الله پاڪ جو ذڪر ٿو ڪري ۽ چوي ٿو؛ ”سبحان تنھنجي قدرت!“.
تتر جي خوراڪ:
۱- ٻچن کي مڱن جي دال، ڇولا، چڻا پسائي، چٻاڙي کارايو وڃي ٿو.
۲- ٻچن کي ڇيڻي مان اُڏهي هٿ ڪري کارائبي آهي.
۳- وڏي تتر جي خوراڪ ۾ مڱن جي دال، ڪڻڪ جي اٽي جون ڳوڙهيون ٺاهي سياري ۾ کارائبيون آهن. پستا ۽ بادام به وڏي تتر کي شوقين کارائيندا آهن. مربه آورا، مربه صوف، مربه گجر، خميره مرواريد ۽ ماکي به خوراڪ ۾ شامل آهي.
تتر جي بيماري ۽ علاج:
تتر جي عمر تقريبن ۳۰ کان ۴۰ سال ٿئي. هن کي ٻه بيماريون ٿينديون آهن هڪ فالج ٻيو زڪام، زڪام اک، نڪ ۽ ڳلي جو ٿئي. اکين واري مسلسل زڪام ۾ هو پنھنجي نظر وڃائي ويھي ٿو. نڪ ۽ ڳلي جي زڪام ۾ آواز کان محروم ٿيو وڃي. آخر ۾ بينائي ۽ بيھڻ واري سگهه کان محروم ٿيو وڃي. ڄنگهون ڏڪنديون ۽ بيھي نه سگهندو. خفتي کي خبر پوندي ته يار موڪلائڻ وارو آهي.
۱). فالج: اڌ رنگي ۾ ماکي روزانه ٽي يا چار قطره ۽ عام هوا کان تتر کي محفوظ رکڻو آهي ۽ ڪپڙن سان ڍڪڻو آهي.
۲). زڪام: زڪام جي علاج لاءِ نازبو ۽ جاپن، ڦودني جا پن ۽ وڏو ڦوٽو ڪُٽي ڳوڙهيون ٺاهي کارايون وڃن. چڻي جيتريون گوليون ٺاهيو ۽ ڏينھن ۾ ٻه يا ٽي کارائڻ کپن.
تترن جا پڃرا ۽ ٻِٽون:
۱). ايراني تتر واري ٻِٽَ به شوق جي حساب سان ۱۵۰۰ کان ۲۵۰۰ تائين ملي ٿي.
۲). عام شوق وارو پڃرو ۱۵ سئو کان وٺي ۳ هزارن تائين ملي ٿو.
شڪارپور ۾ ٻِٽَ سٺي سھڻي ۽ سـَستي ملندي. ٻِٽَ ٺيڙهي ۾ تمام مھانگي ملي ٿي ۽ ٻٽن ٺاهڻ جا ڀلا ڪاريگر به ٺيڙهي جا آهن. ٻِٽ ۽ پڃرا خيرپور ميرس جي ٺيڙهي، ٻٻرلوءِ، ڪنب ۽ راڻيپور مرڪز آهن. پنجاب ۾ ملتان، خانيوال، ضلع جهنگ، فيصل آباد ۽ اسلام آباد ۾ به ٻِٽون ۽ پڃرا ٺاهڻ جا مرڪز آهن.
تترن جي شڪار جا مکيه ٿاڪ:
ڪارا تتر پوٺن تي گهٽ ۽ ڍنڍن يا گهاٽن هُڙين ۽ ٻيلن وارن هنڌن تي گهڻا هوندا آهن ۽ ان جي برعڪس ڀورا تتر وري پوٺي ۽ خشڪ جهنگل واري ايراضي کي پسند ڪندا آهن لاڙڪاڻي جا ڪجهه ٿاڪ هيٺ ڏجن ٿا.
   ¨ڪيٽي ممتاز ڀٽو، پارو جو ڳوٺ، موريا فقير، موهل، ٻرڙا، ملان اسماعيل جا پِڙَ (هن وقت درياهه جي پار آهن). ڪورائي، شيراڻي، دودو سنھڙي، سونو جتوئي، مڏ فريد آباد، ٻلھڙيجي وغيره .
تترن جو شڪار هيٺين طريقن سان ٿئي ٿو:
۱). پراڻي دور ۾ گهوٻاٽين ۽ گز-ڪمان سان شڪار ڪيو ويندو هيو.
۲). دام يا ڳارين سان شڪار.
سنڌ ۾ دام يا ڳارين سان تتر جو شڪار عام آهي. پھريائين دام جون پٽيون ٺاهيندا آهن جن ۾ بانس جون ٻه ٿلھيون ڪاٺيون هيٺ مٿي ۽ وچ ۾ سنھڙيون سنھڙيون چيرافيون ٻڌندا آهن ۽ انھن جي وچ ۾ گهوڙي جي پڇ جي وارن جا ڳراها وڌا ويندا آهن. ان کي ڳاريون پڻ چيو وڃي ٿو.
۳). ڍٻيءَ ذريعي .
۴). ڀڳوي سان شڪار.
۵). بندوق سان شڪار.
تترن جا ڪجھه ناليوارا شوقين
   ¨سردار عامر ڀٽو
   ¨سرائي لياقت خان کھاوڙ
   ¨وڏيرو محمد رفيق مستوئي شھدادڪوٽ
   ¨استاد بختيار مانڊلي وارو شاهي بازار لاڙڪاڻو
   ¨استاد ارشاد ڪاسائي ڦل روڊ لاڙڪاڻو
   ¨استاد اسد الله جتوئي ڊي.سي اسڪول لاڙڪاڻو
   ¨الله وڌايو خروس ايوب ڪالوني
   ¨والي ڏنو خان جتوئي
   ¨عبدالمجيد جتوئي
   ¨محمد ٺارل ڀٽو فريدآباد،
   ¨وزير علي جتوئي سونو جتوئي،
   ¨شاهه نواز ابڙو ڀينس ڪالوني،
   ¨غلام حسين سولنگي ڀينس ڪالوني.
   ¨غلام حسين سولنگي ڀينس ڪالوني،
   ¨عرس سانگي چنه محله ،
   ¨حميد جلباڻي،
   ¨عبدالرزاق پڪوڙائي علي گوهرآباد،
   ¨ارباب مغيري دريش واهڻ،
   ¨اسد ڪٽپر،
   ¨عبدالله ڀٽو غلام ڀٽو محله ،
   ¨نعيم پيرزادو سامٽيه روڊ،
   ¨محمد اڪرم ماڇي غالب نگر،
   ¨شفيع محمد مڪراني بروهي ڦاٽڪو،
   ¨غازي خان جيھو پراڻه بس اسٽينڊ.
   ¨هدايت الله سومرو مراد واهڻ،
   ¨رميش ڪمار اوڏ ايوب ڪالوني،
   ¨گلشن تونيه ڳوٺ دودائي،
   ¨محمد عرس سانگي ڳوٺ دودائي،
نوٽ: هيٺ ڏنل تترن جي ماهر خفتين کان روبرو معلومات هٿ ڪئي ويئي، جن جو ٿورائتو آهيان.
1.      استاد اسد الله جتوئي (ڊي سي اسڪول لاڙڪاڻو)
2.      استاد بختيار مانڊليءَ وارو (تيتري هوٽل لاڙڪاڻو)
3.      ارشاد ڪاسائي (ڦل روڊ لاڙڪاڻو).
4.      الله وڌايو خروس (ڪني پاڻيءَ جو کوهه نزد ميونسپل اسٽيڊيم لاڙڪاڻو).
5.      رميش ڪمار اوڏ (ميڊيڪل اسٽور ايوب ڪالوني لاڙڪاڻو).

**

No comments:

Post a Comment