Thursday, August 2, 2012

سنڌ جا گاھ - جيئل اوڏ


سنڌ جا گاھ
جيئل اوڏ
سنڌ هڪ زرخيز ۽ زرعي علائقو آهي. هت پوک جا آثار صدين کان ملن ٿا ۽ چوپائي مال جي پالنا جي پروڙ به موهن جي دڙي جي تھذيب کان ٿي ملي. آڳاٽا لوڪ ڌڻ ڌارڻ سکيا ۽ چوپائي مال جي کير، ڏڌ، مکڻ ۽ گوشت تي سندن گذران هو. سنڌيءَ ۾ پھاڪو آهي ته “ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي.” ڌڻي لفظ جي به اصل معنيٰ هئي “ڌڻ وارو” ۽ پوءِ “ڌني”  معنيٰ ته ڌن وارو يا شاهوڪار. ڌڻي معنيٰ مالڪ (ڪھڙي به ملڪيت جو) ۽ ڌنار (ڌڻار) معنيٰ ڌڻ وارو. اڳي  ماڻھو ڀاڳ وارو سمجھندا ئي انھيءَ کي هئا، جنھن وٽ ڳئون، مينھون، رڍون ۽ ٻڪرين جا ڌڻ هوندا هئا. اڄڪلھ به سنڌ جي ٻھراڙين ۾ مال وندن کي ڀاڳيا ( ڀاڳ وارا) به سڏيو ويندو آهي.


ڳوٺ؛ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ “گوشٽ” ۽ بنيادي معني اٿس؛ اهو هنڌ جتي گايون (ڳئون) بيٺيون هجن. ڳئون اتي بيھاربيون جتي سندن لاءِ چارو موجود هوندو، تنھن ڪري ڳوٺ لفظ ۾ چراگاه جي معني به سمايل آهي. اڄ به اکين سان ڏسجي ٿو ته ڪيترا ماڻھو جتي مال لاءِ چارو مئو ڏسن تتي ڀونگيون اڏي مال سميت وڃيو رهن. تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته جتي  گوجرانوالا شھر آباد آهي، اتي اڳ هڪ چوڌري گوجر جو چوپائي مال کي پاڻي پيارڻ لاءِ هڪ کوه هو ۽ لڳ وڏو چراگاه هو. ان ڪري انھي کوه جو نالو گوجرانوالا ٿي ويو، ان بعد اهو کوه وڏي آبادي وارو شھر بڻجي پيو.
گوجر معني ڌنار. ان نالي سان پنجاب ۾ ڪيترا وڏا شھر آباد آهن. مثلًا، گجرات، گوجر ڳڙه، گوجر خان، گوجرانوالا وغيره.
مٿين مثالن مان معلوم ٿيو ته جتي چراگاه هئا اتي آبادي وڌندي ويئي ۽ انھن جڳھن کي تعلقن، ضلعن ۽ ڪمشنرين جي حيثيت ملي.
اهڙيءَ طرح سان سنڌو درياءَ جي حيات بخش پاڻي جي سبب، سنڌو ماٿري جڳن کان سرسبز ۽ آباد رهي آهي ۽ هيءَ ڌرتي انيڪ قسمن جي گاهن ۽ ٻوٽن سان ڇانئي پيئي آهي. لاڙ هجي، اُتر هجي يا سرو، سموري سنڌ اوهان کي سرسبز ۽ شاداب نظر ايندي. ان لاءِ اسان  لطيف سائين جي سنڌ ۽ سموري عالم لاء ِدعا به وساري نه سگھنداسين. جنھن چيو آهي ته:
سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

گاھ ٻن قسمن جا آهن؛ هڪڙا  هٿرادو پو کيل، ٻيا قدرتي. هٿرادو معني اهي گاه جيڪي اسان پاڻ زمين ۾ پوکيون ٿا ۽ ٻيا قدرتي گاه جيڪي قدرتي طور، بنا پوکڻ جي ڦٽي نڪرن ٿا ۽ ڌرتيءَ کي ساوڪ جي سرسبز چادر سان ڍڪي ڇڏين ٿا. خاص ڪري برسات جي وسڪاري کان پوءِ يا وري ڍنڍن ۽ ڍورن جي ڪپن ڪنارن، ڪنڌين ۽ پوسل واري زمين تي جام نسرن ٿا. واضح هجي ته بيٺل پاڻي کي پوسل چيو ويندو آهي. اهو لفظ شڪارپوري لھجي ۾ڪتب اچي ٿو.
هٿرادو گاه ٻج جي صورت ۾ رونبي جي شڪل ۾ پوکيا ويندا آهن. ٻج جي صورت ۾ لوسڻ، برسيم، ڪرنگھ، ڳنڍير ۽ سائون وغيره پوکيو ويندو آهي.
هڪڙا گاه چوپائي مال جي خوراڪ مھيا ڪن ٿا ته ٻئي طرف زمين جي ڪلر ختم ڪرڻ لاءِ به استعمال ۾ آندا وڃن ٿا، جيئن جھنجھڻ يا جنتر ۽ گوار وغيره. طريقو اهو آهي ته جڏهن مٿيان گاه ڪچو گل ٺاهين ته ان وقت ان جي ڏانڊي نرم، ڪچڙي ۽ رس واري هوندي آهي. اهو ئي وقت هوندو آهي ته هر ڪاهي زمين ۾ چڱيءَ طرح ملي ويندو ۽ پئدا ٿيل ڪلر وغيره ختم ٿي ويندو.
سمورا گاه Mineral Salts  ۽ Vitamins, Proteins, Fats & Oils سان ڀرپور ٿين ٿا، جيڪي جانورن جي واڌ، جسم جي بناوٽ  ۽ جوڙجڪ جو ڪم ڏين ٿا ۽ وڌيڪ معلوم هجي ته ڪي ڪي گاه جانورن کي بيماريءَ جي حالت ۾ دوا جو به ڪم ڏين ٿا.
بروڪلس جو بيان آهي ته مون زخمي ٻڪريءَ کي جھنگ ۾ هڪ جڙي ٻوٽي (گاه) کائيندي ڏٺو جا تجربي کان پوءِ انسان لاءِ به مفيد ثابت ٿي ۽ مون ان تي تجربا ڪري ڏٺا.
ڊاڪٽر لارڊ لنڊ ٻڌائي ٿو ته نور جڏهن نانگ سان وڙهندو آهي ته زخمي ٿيڻ تي جھنگلي ٻوٽي گاه کائيندو آهي، جنھن کان هن تي نانگ جي زهر جو ڪو به اثر نه ٿيندو آهي.

گاھ بناوٽ جي لحاظ کان ٽن قسمن ۾ ورهايل آهن.
1.      Broad Leaved     
ويڪري پنن وارا گاه. جيئن ناڙو، لوسڻ، برسيم، ٻڪن ۽ ڀنگ وغيرھ.
2.      Linear Type
سوڙهن ۽ ڊگھن پنن وارا گاه. جيئن ڊڀ، ڳنڍير، ڪرنگھ ۽ سائون وغيره.
3.      Sedges Type
 ٽڪنڊي ٿڙ وارا گاه. جيئن ڪل ۽ ڪڄھ وغيره.

1.    برسيم:
برسيم جو اصل وطن مصر آهي، هتي سنڌ ۾ پھريون ڀيرو 1904ع ۾ ميرپور خاص فارم تي برسيم جي تجرباتي پوک ڪئي ويئي هئي، جيڪا ڪامياب ٿي ۽ پوءِ پوري سنڌ ۾ برسيم جي پوک پکڙجي ويئي.
سنڌ ۾ برسيم جي هاڻ اهميت هي آهي جو هن گاھه کي گاهن جو بادشاھ به چيو وڃي ٿو. اهو صرف ان ڪري جو هي گاھ ذائقي وارو، طاقتور ۽ هاضمي دار ٿئي ٿو ۽ جانورن جي شوقيه گاهن مان هڪ آهي. هن گاھ جي گل جو رنگ اڇو ۽ ان ۾ ڀيني ڀيني خوشبوءِ ٿيندي آهي، جيڪا رستي ويندڙن کي موهيو وجھي.
هن جو سڪل گاھ به سٺو ٿئي ٿو ۽ هن کي سڀ جانور کائين ٿا. هن جو ٻج سرنهن جي داڻي کان وڏو ٿئي ٿو.
ڇٽرالو گاھ به برسيم جھڙو ٿئي ٿو فرق صرف پنن، گل جي رنگ ۽ ٻج ۾ ٿئي. ڇٽرالي گاھ جو پن ڪجھ گول ٿئي جڏهن ته برسيم جو پن ٿورو ڊگھو هرٻي وانگر ٿئي. ڇٽرالي جي گاھ جو رنگ سوسني ۽ اڇي رنگ تي ٿئي ٿو گاھ جي ڏانڊي ٿلهي ۽ لڙي دار ٿيندي آهي. سندس ٻج برسيم جي ٻج کان سنهو ٿيندو آهي. باقي سمورو ڪارج برسيم جھڙو ٿو ٿئي.

2.    لوسڻ:  
هن گاه جو اصل ايران چيو وڃي ٿو. جتان پوءِ گاه جي پوک ساري دنيا ۾ ڪئي وڃي ٿي. هيءُ گاه برسيم کان ٻئي نمبر تي پوکجندڙ آهي. لوسڻ جو گاه خاص طور تي گھوڙن ۽ گڏهن کي کارايو ويندو آهي. هن جون سڌريل جنسون ريزسٽا ڪلر ۽ واريئر آهن.
سندس سوسني رنگ جو گل سڪائي ماکيءَ ۾ گڏي کائبو ته يرقان، ٻرهل، جلندر، پرميل ۽ ٽڪيءَ جي ڦٽ لاءِ مفيد آهي.

3.    ڪرنگھ:
هيءُ گاه چار فوٽ کن ڊگھو، چيڪي مٽيءَ واري زمين ۾ ٿئي، هن کي پاڻي جام کپي. هن جا پن ڊگھا ٿيندا آهن. سندس ڏانڊي ڪارسري رنگ جي ٿيندي آهي ۽ چوٽيءَ تي سنگ ڪڍندو آهي. هن گاه کي ڍڳيون، مينھون، گھوڙا ۽ گڏه کائيندا آهن. هن جي ٻج جو رنگ ڳاڙهو، داڻا ننڍا ۽ سندن ذائقو ڦڪو ٿيندو آهي.
هن جي ماني سيني جي سور لاءِ جگر جي درد، گھاٽي بلغم ۽ ڪچي رطوبت کي پچائي ٻاهر ڪڍي ٿي، ۽ معدي جي ڪينئن کي به ماري ٻاهر ڪڍي ٿي. هن جي لُپري هر قسم جي سور ۽ سوڄ لاءِ چڱي فائديمند آهي. ڏڪر جي وقت ۾ ٿرين جي مکيہ غذا آهي.

4.    ڳنڍير:
هيءُ گاه ڏاڍي زمين ۾ ٿئي جنھن ڪري ڀٽن، دڙن ۽ وارياسي زمين ۾ ڪو نه اڀري. هن گاه جي هيٺين ڀاڱي ۾ ڳنڍيون ڳنڍيون ٿينديون آهن، جيڪي زمين تي لڳي اڀرنديون وينديون آهن ۽ مٿان سنگ ڪڍنديون آهن جو ڦاڪن سان جھيرڻي جھڙو ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح تندون ٿي چوڌاري زمين تي اڀرندو ۽ پکڙجندو ويندو آهي. تندون سنھيون مضبوط ۽ سائي رنگ جون ٿينديون آهن، ٿر ۾ هن گاه کي؛ گنٺيو چوندا آهن. هن گاه کي مينھون ۽ ڍڳيون خوب کائينديون آهن. لطيف سرڪار به هن گاه جو ذڪر پنھنجي بيت ۾ هيٺين ريت ڪيو آهي.
          
جيئن ڳنڍيون منجھ ڳنڍير، تيئن مون من ماروئڙن جو
ڏنيون لس “ لطيف” چئي، هنئڙي کي هير
وڃي منجھ ملير، سڀ ڇوڙيندس سومرا

5.     سائون:
هيءُ گاه سخت زمين ۾ اُڀري. ڊيگھ ۾ 3 يا 4 فٽ کن ٿيندو ٽهي. ان جا پن سنھا ٿيندا آهن، سنگ اٽڪل اڌ فوٽ ٿيندو آهي جنھن ۾ آهر جي داڻي جيڏو ان، ٻاهران پورو ۽ اندران اڇو ٿيندو آهي. ٿري ماڻھو ڏڪر جي وقت هن جي ماني پچائي ۽ ڇڙهي ڀت رڌي کائيندا آهن. هن جو گاه مينھون، ڳئون، گھوڙا ۽ گڏه کائيندا آهن.

6.    سيارڇ:
ٿر ۾ هيءُ گاه وسڪاري جو پوٺن تي ٿيندو آهي. منجھس ڳاڙها گل ٿيندا آهن، ڪچي گاه جي ڀاڄي ڪبي آهي ۽ پچڻ بعد مال کائيندو آهي.

7.    مانڌاڻو:
هيءُ گاه سخت زمين ۾ اُڀري. پاسن کان سنھا ڊگھيرا پن ٿيندا آهن ۽ وچ ۾ ڏانڊي ٿئي جنھن جي چوٽيءَ تي چئن يا پنجن، بعضي ڇھن ڦاڪن سان سنگ ٿيندو آهي، جيڪو هوبھو مانڌاڻي جھڙو ٿيندو آهي. هن گاه کي “جھيرڻو” به چيو ويندو آهي. هيءُ گاه رڍون، ٻڪريون، ڍڳيون، مينھون ۽ گڏه جام کائين.

8.    مکڻي:
هيءُ گاه مانڌاڻي جھڙو پر ڊيگھ ۾ البت وڏيرو، چوٽيءَ وٽ چئن ڦاڪن سان ٿيندو آهي، جڏهن سائو هوندو آهي ته مينھون، ڳئون، گڏه، گھوڙا، ٻڪريون وغيره کائيندا آهن.
هيءُ گاه خاص ڪري برسات جي موسم ۾ پئدا ٿيندو آهي. ان جو ٻج سنھڙي ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگ تي ٿئي ٿو. ان جي ماني قبض آهي. رت جي بند ڪرڻ، معده ۽ دماغ جي رطوبت خشڪ ڪرڻ لاءِ مفيد آهي. ان جي گاه مان پاڻي ڪڍي گرم ڪري ڪن جي سور لاءِ ڪم آڻجي.

9.    کھ:
هيءُ گاه ڦوٽ کن ڊگھو ٿئي. هي سخت زمين ۾ گھاٽو اڀرندو آهي. هن کي ڍڳيون، مينھون، گھوڙا ۽ گڏه کائيندا آهن.
ٿر جي رهواسين کي خاص ڪري ڏڪر جي وقت ۾ سائون، سيارڇ، مکڻي ۽ کھ جو ٻج ماني پچائڻ يا ڀت رڌڻ جي ڪم اچي ٿو، جيڪا ٿرين جي مکيہ خوراڪ ۾ شامل ٿيو پوي ۽ گاه وغيره چوپائي مال جي خوراڪ طور ڪم اچي.
شاعرن جي سرتاج، شاه سائين، پنھنجي بيتن، سُر مارئي ۾ انھن گاهن جي اهميت کي ڏسي هيٺين ريت فرمايو آهي:

هن مند مارو سنرا، کائر ۾ خوشحال،
سائون، سيارڇ، مکڻي، جيڏيون! آڻن جال
ستيءِ جي سيد چئي، ڪا ساڙيھ منجھ سنڀال؟
لڱن تان “ لطيف” چئي، لوئي لاءِ م لال !
ڀلو ڪندو ڀال، مينھن  وسندا، موٽ تون.
                                                             
کھ، مانڌاڻو، مکڻي، قوت جنين جو سائون،
                          مون ماروءَ سين لڌيون،

10.           سِڻ:
هيءُ گاه ٿئٻ ٿئٻ بيٺل هوندو آهي، جنھن ۾ تيليون ٿينديون آهن. تيلين جي پڇاڙي ۾ ڳتيل اڇا سنگ ٿين، جيڪي چار انچ کن ٿين. ٿر ۾ گھوڙي لاءِ سِڻ جھڙو ٻيو ڪوبه گاه ڪو نه آهي. چوندا آهن ته؛ سِڻ گھوڙي لاءِ آمڻ آهي. هن کي گڏھ به جام کائين. شاه لطيف جي هيٺين بيت ۾ سڻ جي تعريف هن ريت آهي!

ڍٽ ڍري پٽ پئيون، ٿيا ولھارن وي.
سج چند ن پاڙيان، سڻن جي شبيھ
جي جاني اندر جيءَ، سي پرين پيهي گھر آئيا.

11.           ڀرٽ:
هيءُ گاه وارياسي زمين ۾ جام ۽ سخت زمين ۾ ٿورو ٿئي، ٻه فوٽ کن ڊگھو ٿئي. هن جا پن دگھا ٿين ۽ هن گاه جون تيليون تيليون ٿين. هر هڪ تيلي جي ڇيڙي تي سنگ ٿيندو آهي. هن کي ڍڳيون، مينھون ، گھوڙا ۽ گڏه کائين.


12.           لنب:
هيءُ گاه مٺي نھري زمين ۾ خاص ڪري سنون پوٺن تي جام ۽ گھاٽو ٿيندو آهي. ڊيگھ ۾ فوٽ ڏيڍ کن ٿئي. ان جون تيليون سنھيون ٿينديون آهن. هن جا پن سنھا ۽ چوٽيءَ وٽ تکا ٿيندا آهن. هن جي کائڻ ڪري مال ۾ کير جام ۽ گھاٽو ٿيندو آهي، جنھنڪري مکڻ جھجھو لھندو آهي. ان ڪري چوندا آهن؛ “ لنب، مکڻ چنب” يعني لنب کائڻ ڪري هر هڪ ڍڳيءَ مان چنبي جيترو مکڻ لھندو آهي. هن کي مينھون، گھوڙا ۽ گڏھ به جام کائين. هن ۾ سنھڙو اَن ٿيندو آهي جيڪو ڏڪر  جي زماني ۾ غريب ٿري کاڌي لاءِ ڪم آڻيندا آهن. لنب لاءِ لطيف سائين فرمائي ٿو:

منجھان لنب “لطيف” چئي، چائر ڪيو چاڙهين،
پُلاءُ نه پاڙيان عمر! آراڙيءَ[1] سين.
                                  
13.           ڊامڻ:
هيءُ گاه سخت زمين تي ٿيندو آهي. ان جي ڊيگھ ٻه فوٽ کن ٿيندي آهي. هن جا پن ڊگھا ۽ نوڪدار ٿين. ڏانڊيءَ مان تيليون نڪرن، جن ۾ سنگ ٿين. هيءُ گاه ڍڳيون، مينھون، گھوڙا ۽ گڏھ کائين. ڊامڻ کائڻ  ڪري مال گھڻو ۽ گھاٽو کير ڏيندو آهي. سر سارنگ ۾ ڊامڻ گاه جي باري ۾ سائين لطيف جن فامايو آهي ته:

ڀري ڀٽ تي آئيو، سانگ سھج منجھان،
ڪڙيون کٽڻ هار جئن، وڄون اُتر واءِ،
سرها سبزا ٿيا، ڊامڻ ڊٻ ڪيا،
پھري پٽئان، ڀريائين ڪن ڪراڙ جا.

14.           چيھو:
هيءُ گاه سخت زمين ۾، خاص ڪري اهڙي هنڌ جتي ڪجھ وقت برساتي پاڻي بيھندو آهي، اتي جام ٿيندو آهي. هن جا پن چپڙا، مني فوٽ تائين ڊگھا ٿيندا آهن. وچ ۾ ڏانڊي ٿيندي آهي، جنھن جي چوٽيءَ تي ڦاڪدار سنگ ٿيندو آهي. هن کي رڍون، ٻڪريون ۽ گڏھ جام کائيندا آهن.
چيھي گاه جي ٻج کي “ٿيگ” چئبو آهي، جيڪو ننگر پارڪر ۾ ڪافي انداز ۾ ٿئي ٿو. ٿيگ آلو ۽ ڪچو کائڻ ۾ ڏاڍو لذيذ ٿيندو آهي. چيھي گاه بابت ڀٽ ڌڻي، سر مارئي ۾ هن ريت چيو آهي؛

1_ جھڙ ڦڙ مٿي ماروئين، جت چيھو ۽ چڪ،
اندر ٿو اُڃ مري، ساه اني جي سڪ.

2_ماڪاڻيءَ تان موٽيو، ڏيئي پٻ پاسو،
خالق ڪيو خاصو، چيھو چکيءَ ڪنڌئين.

3_ چيھو چکيءَ ڪنڌئين، ڪيائين گڙنگ تي گل،
هڏا ڪٽيان هليو، ڀري ترايون تل،
آندائين آب اُڇل، مٿي باغ بھار ٿي.

4_ منھن جو تور تلن ۾، چيھا ٿو چاري،
ڍائي ڍٽ ڌاري، آهم اُٺي مينھڙي.

15.           کوائي:
 هيءُ گاه سخت زمين ۾ گھاٽو اڀرندو آهي، هن جي پاڙ مان تيليون نڪرنديون آهن جيڪي ٻه اڍائي فوٽ کن ٿين. هيءُ گاه سائو هوندو آهي ته کيس ڍڳيون ۽ ٻڪريون شوق سان کائين.

16.           برينڇ: 
هيءُ گاه ڀٽن جي لاهين ۽ ڏرڙن جي ڪپن تي ٿيندو آهي. پاڙ مان ڪيتريون تيليون ٿي، جھگٽي وانگر بيھندو آهي. ڪچڙو ۽ سائو هوندو آهي ته ٻڪريون ۽ ڍڳيون وڏي چاه مان کائينديون آهن.

17.           ٻرو: 
هن گاه جو قسم چار فوٽ کن ڊگھو ٿئي. نرم وارياسي زمين تي ٿئي. چوٽيءَ تي سندس سنگ ۾ ڦاڪون ڦاڪون ٿينديون آهن، جيڪي ٽڙي بيھنديون آهن. پن ٻاجھري جھڙا، پر سنھا. سندس وچئين ڏانڊي ڳاڙهيري رنگ جي ٿيندي آهي، هي گاه ڍڳيون، مينھون، گھوڙا ۽ ٻيا جانور کائيندا آهن. هن جو ان (ٻج) ڏڪر جي وقت ۾ غريب ٿرين جي خوراڪ ۾ شامل آهي.

18.           ڊڀ: 
هيءُ گاه سخت زمين م ٿيندو آهي ۽ پوءِ چوڌاري پکڙبو آهي. هيءُ هيٺان ٿٻ وانگير ٿيندو آهي. هن جي پاڙ هيٺ اونھي ويندي آهي، جيڪا ڪمند وانگر ڳُري دار ٿئي. هن جون پاڙون زمين ۾ اٽڪل 50. کان 60. فوٽن تائين وڃن ٿيون. ڊڀ ايترو ته سخت جان آهي جو پھاڙن کي چيري به اُڀري اچي ٿو.
هن جا پن چپٿرا ڊگھا 3 يا 4 فوٽ کن ٿيندا آهن. وچ ۾ سنھيون ڏنڊيون ٿينديون آهن، جن جي ڇيڙن ۾ ننڍا سنگ ٿيندا آهن.
هن جا ٿٻ سدائين ساوا بيٺا هوندا آهن. جڏهن هي وڏو ٿيندو آهي ته ڏاٽي سان ڪپي ٿر ڏي ۽ پاکڙن جي ٿڙهن جي اندر وجھي ڀرتي ڪندا آهن. هن مان نوڙيون وٽي غريب ماڻھو کٽولا واڻيندا آهن ۽ هن جي ڪتر ڪري مٽيءَ جي گاري سان گڏي جاين کي ليپو ڏيندا آهن جو انڪري نڪي ڦٽندو ۽ نڪو برسات جي ڪري ترته لھندو. سائو هوندو آهي ته کيس مينھون، ڳئون ۽ گڏه کائيندا آهن. ڊڀ مان نار جون مالھون ۽ رسا ٺاهيا ويندا آهن.
هن کي گھوٽي پاڻي ڪڍي ان ۾ ٿورو آفيم گھي، ملائي مصري وجھي پوءِ پيار جي ته وبائي دستن ۽ قي کي روڪي ٿو.
هن کي فقط گھوٽي پيئجي ته رت گھاٽو ۽ صاف ڪري ٿو. هن کي هيڊ ۽ چانورن سان ملائي لپري ٺاهي سخت سوڄ تي ٻڌڻ مفيد آهي.

19.           ڀنگرو:  
پنن ۾ هي گاه واهو جھڙو ٿئي. مال گھڻو ڪو نه کائيس،. ٻوڙو وڏو ٿو ڪري ۽ هي دوائن جي ڪم اچي ٿو.
هن جا پن ذائقي ۾ تيز ٿين ٿا. گل هيڊي رنگ تي اٿس. ان جا پن گھوٽي پيارجن ته ٻرهل کي ڪچي پوءِ ڪڍن ٿا، دستن جي ذريعي.
جذام، قولنج لاءِ مفيد آهي. اڇن وارن کي ڪارو ڪري ٿو. وات پچڻ ڪري گرڙيون ڪجن ته فائدو ٿيندو.
ڏندن جي سور لاءِ مفيد آهي. قوت باه، اکين جي سور، روشنائي، ڌنڌ، خارش، ۽ ڦلي لاءِ مفيد آهي.

20.           واهو: 
هيءُ گاه پاڻيءَ جي ڪنارن تي ٿيندو آهي. سندس پن لوڻڪ وانگر ٿيندا آهن. هيءُ زمين تي گھڻو پکڙجي ٿو. گل نيرڙو ۽ ڳاڙهسرو ٿو ڪري ۽ سندس ٻج ڪارو ٿئي.
هيءُ گاه اُٺ جو قوت آهي. ٻيا جانور بک مرندي کائيندس. هيءُ گاه دوائن جي ب ڪم اچي ٿو.
هن گاه جا پن گھوٽي پيارجن ته پيشاب کي جاري ڪن. گردي ۽ مثاني جي پٿري کي پيشاب ذريعي ٻاهر ڪڍي ٿو. صفرا، بلغم، رت جي جوش ۽ وائي بادي کي تحليل ڪن ٿا. ان جي لپري سخت سوڄ کي نرم ڪري ڦاڙيندي آهي.

21.           ڪوري:
هيءُ گاه ڪنئري نرم ۽ ڪجھ دڙن واري زمين ۾ سٺو ۽ ڀلو ٿيندو آهي. هن جي ڊيگھ فوٽ کن ٿئي. ان جا پن ڊگھا ۽ ڪجھ ويڪرا سائي رنگ جا، اڇاڻ تي مائل ٿيندا آهن ۽ هٿ لائڻ سان نرم نرم ريشم جھڙا پيا لڳندا آهن. ٿڙ مان تيليون نڪرنديون آهن. هر هڪ تيليءَ جي ڇيڙي ۾ سنگ، مانڌاڻي وانگر ڦاڪن وارو ٿيندو آهي. هيءُ گاه گھوڙا، گڏه، مينھون ۽ گابا چاه سان کائيندا آهن.

22.           ويڪر:
هيءُ گاه سخت زمين ۾ جام اُڀري ۽ بلڪل گھاٽو اُسري. ڊيگھ ۾ فوٽ يا ڏيڍ فوٽ کن ٿئي. اُٺ جو ته خاص کاڌو آهي. ڍڳيون، ٻڪريون ۽ رڍون به عام کائين. هيءُ اتر سنڌ ۾ بلڪل گھٽ ٿئي پر ٿر ڏي تمام گھڻو ٿئي.

23.           وينجھل:
هن گاه جون سنھيون تندون وڌي وري ٻئي هنڌ زمين تي پاڙ هڻي وڌنديون وينديون آهن ۽ جلدي چوڌاري پکڙجي ويندو آهي ۽ گھڻو وقت سائو رهندو آهي.
هن کي ٻيا جانور ڪو نه کائين البته اُٺ کائيندو آهي. هن کي موٿو يا موت به چون.

24.           کيلھو:
هي هوبھو بصر جھڙو ٿئي. زمين اندر اڇي ڳنڍ ٿئي ۽ مٿان پن ٿيندا آهن. جنھنڪري کيس جھنگلي بصر به چون. ڳنڍ کائڻ ۾ ڪساري ۽ بيسوادي ٿئي ٿي ان ڪري ڪنھن به ڪم ۾ ڪونه ٿو اچي. مٿيان ساوا پن ٻڪرين ۽ رڍن جي خوراڪ آهن.

25.           ڏنوهي:
هيءُ گاه ڀٽن جي پاسي تي فوٽ کن ڊگھو ٿيندو آهي. پاڙ وٽ جھگٽي سان ٿئي ٿو. کيس رڍون، ٻڪريون، ڍڳيون ۽ گڏه کائيندا آهن.

26.           ساٽھڙو:
هي گاه ڏسڻ ۾ جھڙو واهو پر پن سنھڙا ٿا ٿينس. کيس سڀ مال کائي. هرڻ چپو، کيرول، سونل ول ۽ ڪوُري ان سان دعويٰ ڪين ڪندا، حالانڪ اهي به کير وارا گاه آهن پر ساٽھڙو سڀني کان وڌيڪ آهي.

27.           پڇر:
هن گاه جي ڪاني سنئين نڪري هلي ويندي آهي ۽ مٿي ڳپل ۾ ڪتي جي پڇ وانگر بج ڪندو آهي. هن کي مال ڇڊو ئي کائيندو آهي. ماڻھو منجھانئس ٻڌڻ وٽي، ڪپھ يا وونئڻن جا گڏا ٻڌندا آهن.

28.           چل يا جھل:
هيءَ ٻوٽي گاه آهي. هيءُ گاه چيهي جھڙو پر لامن سان ٿئي. خاص ڪري سخت پوٺي زمين ۾ جتي پاڻي جي گھڻ هجي اتي جام اڀري. ڪڻڪ جي فصل ۽ واڙين ۾ به بلڪل گھڻو اڀرندو آهي. سندس ڪچڙا پن پٽي ساڳ به رڌيو ويندو آهي. هن کي ٻڪريون، رڍون، ڍڳيون، گھوڙا ۽ گڏه کائن. هن جي کائڻ سان کير واري مال جو کير وڌي ٿو.

29.           ڳم:
هيءُ به ٻوڙو هڻي ٿو جو ڏاڍو سھڻو ٿئي ٿو. هن جون ڳُريون بانس وانگر ٿين. ڊيگھ ۾ اٽڪل 7 فوٽ کن ٿئي. ڍور کائن پر بادي ڪري ٿو. جڏهن ڪچو آهي تڏهن ڪونه کائينس مگر پڪي بعد ٿورو ٿورو کائينس.
ڳم جي ڪاٺي نھري ۽ ٽار ڇڊا ٿيندا آهن.

30.           ڌيئر پڇو:
هي گاه شڪل ۾ مانڌاڻي جھڙو ٿيندو آهي. هن جي پڪڙ مضبوط ٿئي. هن کي مال بلڪل گھڻو کائي. هن جي سنگ ۾ ڏه ٻارهن ڦاڪون ٿيون ٿين ۽ هن جو قد گوڏي جيترو ٿيندو آهي.

31.           مونو:
هي گاه ٻوڏ ۾ لٻيل زمين تي ٿئي. پن ڪندو ئي ڪونھي رڳا گونئچ ڪري. انُ ڳري ڳري ۾ ٿئيس ٿو. مال واجبي کائيندس ته کير ۾ پُر ٿي پوندو. جيڪڏهن گھڻو کائيندو ته بيمار ٿي پوندو.

32.           موگر:
هن گاه ۾ سنگن وانگر ان ٿو ٿئي. ول سندس وڻ تي چڙهي ٿي. هي گاه ٿر ۾ تمام گھڻو ٿئي. هن کي مال چاهه سان کائيندو آهي.

33.           مرٽ:
هي هالو چالو گاهه آهي ۽ شڪل ۾ ڳم وانگر ٿئي. وسڪاري بعد مرٽن جي پاڙن ۾ پپون ٿينديون آهن. جي ٿر جو ٻڍو خواهه ٻار، مرد توڙي زال، ڇوڪر توڙي ڇوڪري ڏاڍي محبت سان کائيندا آهن ۽ انھن جي کائڻ مان ڍاپندائي ڪونه آهن.
پپون هڪ قسم جي سائي رنگ جون ڦريون آهن، جيڪي آلوبخارن وانگر سواد ۾ کٽيون هونديون آهن. هيءُ ڊيگھه ۾ 3 انچن کان 8 انچن تائين ٿين. پپون ٿر جا ماڻهو ڪچيون به کائين ۽ ڀاڄي به رڌي کائين. پپون هاضمي لاءِ مفيد آهن.

34.           ٻوهه:
هن گاهه جو ٻوٽو گھاٽو ٿو ٿئي. مال سٺو کائيندو آهي. ٻوهه جا ڦل روڙيو ماڻھو وهاڻن ۾ ڪم آڻيندو آهي. هن جا ڦل تمام ڪونئرا ٿيندا آهن، جيڪي اڇي رنگ جا ٿين.

35.           سنجي:
هي گاھ گھٽ حيثيت رکي ٿو، بنسبت برسيم ۽ لوسڻ جي. هي گاھ رسدار ٿيئي ٿو، جنهنڪري جانورن کي کارائڻ کان پوءِ هميشه خطرو رهي ٿو ته متان جانور آڦرجي پوي. ان ڪري هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ گاھ کي ڪتر ڪري بھ سان ملائي جانورن کي کارئجي.

36.           ڪلورو:
ننگرپارڪر کان 14 ميلن جي مفاصلي، ويرا واھ جي ويجھو سنگھا ڍنڍ جيڪا ويرا واھ جي سوڍن کي جاگير طور مليل آهي، ان ۾ جيئن پاڻي سڪندو آهي تيئن هيرڻ ۽ ڪڻڪ پوکبي آهي. هن ۾ هڪ قسم جو گاھ ٿيندو آهي جيڪو ٽي چار فوٽ ڊگھو ٿئي ٿو، ان کي ڪلورو ڪري چيو وڃي ٿو. هن کي ڪٽي غريب ماڻهو کٽن جو واڻ ٺاهيندا آهن ۽ ان جي ڦرين مان ٻج ڪڍي، ڏڪر جي وقت ٻچن جو قوت ڪندا آهن. ڪلوري جي پاڙ ۾ موٺ ٿين جن کي تتر کوٽي کائين ۽ متارا ٿين.

37.           ٻڪن:
شڪل ۾ ڀنگري جو ڀاءُ ليکبو آهي. هلڪي ڪلراٺي ۽ سيلابي زمين تي ٿيندو آهي. پن ننڍا ۽ ٿلها ٿيندا اٿس. ٻڪن کي اُٺ چاھ سان کائي. هيءُ حڪمت جي ڪم به ايندو آهي. هن جا پن گھوٽي پيارجن ته بند ٿيل پيشاب جاري ٿيندو. مثانه جي ڦٽن لاءِ مفيد آهي. ڦٽن، ڪوڙھ، چٽيءَ جي داڳن، بدن جي خارش، جذام، جلندر، جگر جي ۽ سيني جي بيمارين لاءِ فائديمند آهي. سندس لپري ٺاهي سخت سوڄن ۽ ڳوڙهن تي ٻڌجي ته انهن کي نرم ڪري ڦاڙي صاف ڪري ۽ ڇٽائي ڇڏي ٿو.

38.           للر:
هي گاھ سگھي زمين تي جھڳٽو ڪري ٿو بيهي. اٺ ۽ ٻڪريون گھڻو کائن. ماڻهو ڀاڄي ڪري به کائيندا آهن. سانوڻ جي مند ۾ باغن ۽ واڙين ۾ گھڻو ٿئي. هيءُ حڪمت جي ڪم به اچي ٿو.
سندس پن ۽ ٽاريون  ڪوڙي تيل ۾ ساڙي، اهو تيل مٿي جي ڦٽ ڦرڙي، گنج ۽ وار چرئي لاءِ اڪسير آهي.
پن گھوٽي پيارجن ته پيشاب جاري ڪري، پرميل، مثانه جي ڦٽ لاءِ به مفيد آهي. شاھ صاحب جي بيتن ۾ للر جو ذڪر هن ريت ٿيل آهي.

عمر انهين ڏيھ جا، ڏوٿين ڏنم ڏس
وليون وڻ ڦلايا، للر نڱيو لس
آڻيو وجھن آهرين، سندا ٽوھ طس.
39.           مريڙو:
هي ڀلي زمين تي ٿيندو آهي. هي خاص ڪري واڙين ۾ ۽ باغات ۾ گھڻو ٿئي. هن کي سڀ مال کائي. ماڻهو به سندس ڀاڄي ڪري کائيندا آهن. هيءُ به حڪمت جي ڪم اچي ٿو. مريڙو طبيعت کي نرم ڪري، رت کي وڌائي ٿو. گھڻي اڃ، جگر جي گرمي گھٽ ڪري ٿو ۽ پيشاب جاري ڪري ٿو. مريڙي ۽ للر جا پن پٽي، پاڻيءَ ۾ اٻاري نپوڙي منجھن لوڻ مرچ وجھي مٺيا ٺاهي ٿر جا ماڻهو ڏاڍي شوق سان کائيندا آهن.

40.           ڇٻر:
هي زمين تي پکڙندڙ گاھ آهي. خاص ڪري گھميل آبهوا ۽ مٺي زمين ۾ جام ٿئي ٿو. گھوڙن ۽ گڏهن جي خوراڪ آهي. باغات جي رونق ۽ بنگلن جي زينت لاءِ ڇٻر جا لان لڳائي تفريح جو سامان مهيا ڪيو وڃي ٿو. ڇٻر به حڪمت کان خالي نه آهي. هن کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي، اهو پاڻي مريض کي پيارجي ته پيشاب کي جاري ڪري، مثانه جي پٿري، گردي جي ڦٽ ۽ مثانه جي زخم ۽ گرمي لاءِ مفيد آهي.
نانگ جي چڪ، ڇتي ڪتي جي چڪ ۽ ڦٽ تي ان کي ساڙي خاڪ ڪري ترن جي تيل ۾ گڏي پوءِ رکجي. موڪن ۽ باسير لاءِ اهو مرهم اڪسير آهي.

41.           ڏير:
هي ڍانڍي گاھ آهي. هن جي چوٽيءَ تي گلن جو جھڳٽو ٿئي ٿو. هي ٻوٽو دستڪاري ۽ هنر لاءِ ڪتب ايندو آهي. هن مان تڏا، تنئوريون ۽ ٽوئا ٺهندا آهن. هن کي گڏھ تمام شوق سان کائي.

42.           پن:
هي به ڍانڍي گاھ آهي. هن جي پنن مان تڏا ۽ تنئوريون ٺاهيون وينديون آهن. اوڏڪا پکا، پن جي تيلين مان به ٺاهيا ويندا آهن. هن گاھ کي هاٿي کائي ٿو.
پن جي تيليءَ مٿان هڪ سنگ ٿيندو آهي. جڏهن هو پچي ويندو آهي ته ان مان ڦڪي رنگ جو اٽو ڇڻندو آهي. ڳوٺاڻا اهو اٽو ڇاڻي هٿ ڪري ان مان “ٻوري” تيار ڪندا آهن، جيڪا ٻار تمام شوق سان کائيندا آهن.

43.           ٻوڙو يا سر:
سنڌ ۾ ٻوڙو يا سر به جام ٿيندو آهي. واهن جي ڪنارن، ڍنڍن ڍورن جي ڀر ۾ ڏاڍو اڀري. جڏهن هن جا پن ڪچڙا هوندا آهن ته کين مينهون ۽ ڍڳيون ٿورو وات هڻن، باقي نه ته نه. هيءُ ٻين ڪمن ۾ ڏاڍو ڪم اچي ٿو. سرن جي ڪانن مان پترون جوڙيون وينديون آهن. ويهڻ لاءِ موڙا ۽ دروازن لاءِ چکون به ٺاهيون وڃن ٿيون. سر جي تيلن مان ٻهارا ۽ اوڏڪا پکا به ٺهندا آهن.

44.           ڪل:
ڪل به گاھ آهي. جيڪا سارين ۽ ڪڻڪ  جي فصلن، ڍنڍن ۽ ڍورن جي ڀرسان ٿئي ٿي. جڏهن هي گاھ ڪچڙو آهي ته ٻڪريون، رڍون ۽ ٻيا جانور کائين ٿا ورنه جانور شوق سان ڪين کائين.

آخر ۾ هڪ گذارش ڪندس ته مضمون جي طوالت ڪري ڪيترن گاهن جو ذڪر رهجي ويو اٿم. جيڪڏهن سنڌ جي سمورن گاهن تي روشني وڌي وڃي ته جيڪر هڪ ڪتاب جڙي پوندو.


[1]  اڇن گلن سان هڪ گاه جو قسم

No comments:

Post a Comment