پنهنجو لاڙڪاڻو
(وسريل ماڳ ۽
ڪردار)
جيئل اوڏ
لاڙڪاڻي
جي تاريخ تي گھري نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته هن باغن جي شھر ۽ سندس ماڻھن قدرتي
۽ هٿ ٺوڪي نموني سان ڪھڙيون ڪھڙيون تڪليفون ڏٺيون:
۱۹۲۰ع ڌاري لاڙڪاڻه وچ شھر ۾ باهه لڳي جنھن ۾ وڏو معاشي نقصان ٿيو ۽ لاڙڪاڻي جي
سونھن کي ڪافي ڌڪ لڳو. ان واقعي کانپوءِ لاڙڪاڻي ۾ آنند شيوا منڊلي جو بنياد پيو.
۱۹۲۹ع ۾ قدرتي وبا ڪالرا جي بيماري پئي ۽ ان ۾ لاڙڪاڻي جا ڪيترا ڪونڌر مري ويا
۽ گهرن جا گهر اجڙي ويا. ڪيترائي سماجي ۽ مخلص ڪارڪن هن وبا دوران خدمت ڪندي وفات
ڪري ويا، جن ۾ ريجهو مل به هڪ هو.
ايوبي
دور ۾ شايد ۶۰-۱۹۵۹ع دوران لاڙڪاڻي ۾ برسات سان گڏ طوفان آيو، رات جو وقت هيو، شھر ۾ جيڪي به
روڊن ۽ رستن تي وڏا وڻ ۽ ڇانورا هئا، جيڪي انگريز ڊپٽي ڪليڪٽر فورڊ صاحب پنھنجي
وقت ۾ پوکرايا هئا، جن جو هو شوقين هو سي سڀ پاڙئون پٽجي ويا ۽ بجليءَ جا وڏا وڏا
پول به ڪري پيا ۽ ڪيترن جاين کي نقصان پھتو. پر لاڙڪاڻي جي Wooden Structure تي ٺاهيل جاين کي گهڻو نقصان ڪونه ٿيو. قيامت جو نظارو هيو.
۱۹ آگسٽ ۱۹۶۲ع جيڪو
لاڙڪاڻي لاءِ نڀاڳو ڏينھن هيو جو لاڙڪاڻي جي وڏي ۽ مکيه بازار شاهي بازار کي خطرناڪ
باهه لڳي ۽ مون کي ياد آهي ته اٽڪل ۱۰ کان ۱۵ ڏينھن مسلسل ڪوشش بعد وڃي باهه کي وسايو ويو. باهه
وسائي بيھن پيا ته ٻئي هنڌان باهه ڀڙڪي اٿي پئي. سکر، جيڪب آباد، شڪارپور کان مدد
لاءِ فائر برگيڊون گهرايون ويون هيون. هن باهه ۾ ۲۱ ڪپڙي ۽
سون جا دوڪان ۽ ۵-۶ گهر جيڪي ٻه ماڙيون جايون هيون ۽ بازار جيڪا ڪاٺ جي
پڃرن سان ڍڪيل هئي، جلي خاڪ ٿي ويا. اولھه ۾ عبدالسلام آرائين جي دوڪان وٽ باهه
اچي بيٺي ۽ ڏکڻ ۾ منھنجي ڀاءُ بخت راءِ اوڏ جي گهر وٽ اچي باهه رُڪي جيڪا برهمڻ
حويلي جي مھڙ ۾ آهي.
منڍ کان وٺي شاهي بازار ڪاٺ جي پڃرن سان ڍڪيل هئي. ان
خوفناڪ باهه کان پوءِ سموري بازار تان ڍَڪَ وارا پڃرا هٽايا ويا.
باهه بازار جي ٻنھي پاسن کان دوڪان ۽ گهر ساڙيندي هلي.
آءٌ ان وقت ميٽرڪ جو شاگرد هيس. دوڪانن ۽ گهرن ۾ شھتير، در دريون، ديال ۽ ساگوان
ڪاٺ جون هيون. ان ڪري باهه تي ڪنٽرول ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هيو. هن باهه جا شعلا تمام پري
پري تائين ڏسڻ ۾ ٿي آيا. ان سڙيل بازار کي ٻيھر آمريڪي امداد ذريعي سرڪار ٺھرايو.
ان وقت آمريڪا جو صدر جان ايف ڪينيڊي هيو. پيڙهه جو پٿر رکڻ دوران پاڪستان جو صدر
فيلڊ مارشل ايوب خان ۽ ڀٽو صاحب ٻئي گڏ هئا. صبح جو سوير جيئن مان ڏهي وٺڻ لاءِ
نڪتس ته بازار ۾ مون ٻنھي صاحبن کي ڏٺو. ان وقت بازار ۾ رش ڪانه هئي شايد هي ٻنھي
جو اوچتو پروگرام هيو.
اهو پيڙهه جو پٿر هاڻي به موجود آهي جنھن تي ”Z.A Bhutto Minister of Industrial and Natural Resources,
Govt: of Pakistan 30th Oct 1962” لکيل
آهي ۽ مرحوم شمس الدين شيخ جي پراڻي بوٽن جي دوڪان جي ڀت تي لڳل آهي. ان دوڪان ۾
هينئر ڪپڙي جو دوڪان آهي.
۱۹۷۶ع ۾ غريبو
مقام ۾ ويٺل ۱۱۰ گهرن کي باهه لڳي ۽ سمورا ڪکاوان گهر سڙي خاڪ ٿيا ۽
سرڪار ۱۱۰ ڪوارٽر ۽ ڪجهه دوڪان تيار ڪرائي متاثر ماڻھن کي ڏنا، ان
وقت ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو وزيراعظم هيو. مان اوهان کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته اها غريبو
مقام ڪالوني ڪيئن وجود ۾ آئي.
حقيقت اها آهي ته غريبو مقام تمام وڏو قبرستان هيو. اتر طرف کان مڇي مارڪيٽ
۽ ڏکڻ طرف ۾ بھار شاهه هيو ۽ وچـ۾ سمورو قبرستان هيو. قبرستان جي چوڌاري Compound Wall ڏنل هئي. ماڻھن جي لتڙ
۽ اچ وڃ جي ڪري اتر طرف واريون قبرون ڊهنديون ويون ۽ اوڀر طرف به ميدان ٿيندو ويو.
اتي ”ڪوڏي ڪوڏي“ ۽ والي بال جون ٽورنامينٽون ٿينديون هيون. ساڳي ئي پلاٽ تي ۱۹۶۲ع ۾
ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻه طرفان “District
Fair 1962” ميلو لڳو.
هي وڏي ۾ وڏو ڊسٽرڪٽ ميلو هيو، ان ۾ نجي اسٽال، سرڪاري کاتن جا اسٽال، جهولا، موت
جو کوهه، چڙيا گهر ۽ هڪ سرڪس ”اولمپيا“ جنھن ۾ هاٿي هئا ۽ سرڪس ۾ ڪم ڪرڻ واريون ٻه
غير ملڪي ڇوڪريون جوڊي ۽ سانڊرا هيون، جن ڪيترن نوجوانن کي چريو ڪري ڇڏيو هيو. هي
ميلو تقريباً ۱۵ ڏينھن يا ان کان وڌيڪ هليو. ان ميلي اهو ڪم ڪيو جو رهيل
کھيل قبرون به ماڻھن جي لتڙ ڪري پٽ ٿي
ويون. ميلي بعد ماڻھن اتي اچي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا. ڪچي پڪي اڏاوت ڪري رهڻ شروع ڪيو
۽ وڌي وڌي ۱۱۰ گهر ٿي ويا. چئي نـٿو سگهجي ته انھن گهرن کي قدرتي باهه
لڳي يا هٿرادو ڏياري ويئي ته جيئن سرڪاري پڪا ڪوارٽر ٺھي ملن. ۽ اهڙي طرح سمورو
قبرستان ختم ٿي ويو ۽ هينئر اتي هڪ جديد ڪالوني موجود آهي.
محترمه بينظير ڀٽو کي روالپنڊي ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع ۾ قتل
ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ باهه ٻري ويئي، جنھن ۾ شھر جون سڀ بئنڪون ساڙيون ويون، سرڪاري
آفيسون جن ۾ ٽريزري آفيس، نادرا آفيس، ريلوي اسٽيشن، پوسٽ آفيس وغيره ساڙيا ويا ۽
شھر ۾ هٿيارن جي دوڪانن کي ساڙيو ويو ۽ شرپسند هٿيار به کڻي ويا. شھر ۾ وڏي ڦرلٽ
ٿي. ان وقعي کي پورا ٽي سال ٿيا آهن پر پوءِ به اهي سڙيل جايون ٺھي نه سگهيون آهن.
۽ لاڙڪاڻي جي رونق بحال نه ٿي سگهي آهي.
گورنمينٽ
هاءِ اسڪول لاڙڪاڻه جو ٺـهڻ:
گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي ٻه ماڙ بلڊنگ جي ٺاهڻ لاءِ هڪ لک
روپيه سرڪار طرفان ۱۹۲۵ع ۾ سيٺ لکمي چند ولد نارائڻ داس کي ٺيڪي ۾ مليا. اها
بلڊنگ ۱۹۲۶ع ۾ ٺھي تيار ٿي. اڃان اسڪول جي جاءِ مڪمل ٺھي ڪانه ته
ٺيڪيدار جا پئسا ختم ٿي ويا. ان ڪم کي پوري ڪرڻ لاءِ سيٺ پنھنجي ۱۵-سئو ايڪڙ
زمين ۽ ٻي ملڪيت جن ۾ جايون به اچي وڃن ٿيون، کي کپايو ۽ اسڪول کي راس ڪرايو. ۱۹۲۵ع ۾ زرعي
زمين جي قيمت ۴ روپيه في ايڪڙ هئي.
رتيديري روڊ سان لوهي چمنيءَ وارو سيٺ کي پنھنجو سرن جو
بٺو هيو ۽ سرون به اهي ڪتب آندائين. سرن جو مونوگرام (L.N) لکمي چند نارائڻ داس هوندو هو. اسڪول جي ٻه ماڙ
بلڊنگ آهي، اسڪول جي هيٺين حصي ۾ هيڊ ماستر ۽ ڪلارڪن جي آفيس، ٽيچرس روم، ان سان
گڏ هڪ وڏو آڊيٽوريم ۽ ۱۰ ڪشاده ڪلاس روم آهن. اسڪول جي مٿئين حصي ۾ وڏو
ڊرائنگ هال، سائنس هال، ڪامرس هال ۽ ۸ ڪشاده ڪلاس روم آهن.
اسڪول ۾ مٿي وڃن لاءِ ۽ لھڻ لاءِ ٽي ڪاٺ جون وڏيون
ڏاڪڻيون آهن جيڪي Teak Wood ساڳ وان جي ڪاٺ مان ٺھيل آهن. اسڪول جي
بلڊنگ ڏسڻ وٽان آهي ۽ سندس بيھڪ انگريزي “E” اکر
وانگر آهي، اسڪول کي ٺھي ۸۴ سال ٿيا آهن پر پوءِ به توهان کي ائين معلوم ٿيندو
ته هي تازو ٺھيل آهي. پراڻي اسڪول جي بلڊنگ ڀرسان ٻيا بلاڪ تازا ٺھيا آهن پر پوءِ
به انھن جي ڪنسٽرڪشن زبون معلوم ٿيندي.
سيٺ لکمي چند دڙي محلي جو رهواسي هيو ۽ مُکي ليکبو هيو.
مون سيٺ صاحب کي بچپن ۾ ڏٺو. شڪارپور جو سيٺ خوشيرام، هريجن ٽرسٽ هلائيندو هيو،
هيٺين طبقي جي ٻارن، هريجنن، اوڏن، ڀيلن، سوچين ۽ بازيگرن جي اسڪول پڙهندڙن ٻارن
کي اسڪالرشپ ڏيندو هيو جيڪا ۵ کان ڏهه روپيه ماهيانو ملندي هئي. ۽ سيزن آهر ڪپڙن
لاءِ (اسڪول ڊريس جيڪا پراڻي وقت ۾ مليش هوندي هئي) به ملندا هئا. سيٺ خوشيرام ان
وقت به ۸۰ سالن کان مٿي عمر رکندو هيو ۽ هٿ ۾ وڏي لٺ ٽيڪي هلندو
هيو، لاڙڪاڻي ڌرم شالا ۾ اچي رهندو هيو ۽ نياپو ڪري سڀني پڙهندڙ شاگردن کي گهرائي
اسڪالرشپ ڏيندو هو يا وري ڪڏهن سيٺ لکمي چند جي اوطاق تي به اسڪالرشپ ڏيندو هيو،
مون اتان به اسڪالرشپ ورتي. مرحوم سيٺ
لکمي چند جو پٽ ديوان مرلي رائل سئنيما جو مينيجر ۽ فلمن جو مشھور ڊسٽريبيوٽر رهي
چڪو آهي ۽ هينئر اهو به پوڙهو ٿي چُڪو آهي.
لاڙڪاڻي ۾ حاطا:
حاطو؛ ڪنھن جاءِ جي چوڌاري ڏنل ننڍي ڀت جي اندران آيل ميدان
يا پڌر کي حاطو چيو ويندو آهي. اهڙا حاطا مون پنھنجي سانڀر ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٻن جاين تي
ڏٺا. هڪ جيلس بازار ۾ گڏهن جو حاطو، جيڪو ميونسپل جي ماتحت ۾ هيو ۽ ٺيڪي تي ڏنو
ويندو هيو. منھنجا ڀائر ۽ چاچي جن هفتي ڏهين يا پندرهين ڏينھن جڏھن به ڳوٺ کان
لاڙڪاڻي، گهر جي سامان جي خريداريءَ لاءِ ايندا هئا ته پنھنجا گڏهه ان حاطي ۾ ٻڌي
ايندا هئا ۽ ان خدمت عيوض هڪ آنو يا ٻه آنا رقم وصول ڪندا هئا. سامان خريد ڪرڻ ۾
سمورو ڏينھن لڳي ويندو هيو. زنانو ڪپڙو هڪڙي دوڪان تان ته مرداڻوڪپڙو وري ٻئي
هنڌان خريد ڪبو هيو مرچ هڪ هنڌان ته کار صابڻ وري ٻئي دوڪان تان وٺڻو پوندو هيو ۽
آخر ۾ وارو ايندو هيو سبزي وٺڻ جو. پٽاٽا هڪ هنڌان ته بصر ٻئي هنڌان. اهڙي نموني
سموري بازار گهمي ڦري پوءِ سامان خريد ڪيو ويندو هيو. کائڻ پيئڻ جون شيون چکي پوءِ
ورتيون وينديون هيون. مثلاً ڳڙ، مٺائي، کنڊ ڀڳڙا، نقل، ريوڙيون ۽ لائي وغيره جيڪا
ٻارڙن لاءِ ورتي ويندي هئي.
ڪپڙي وٺڻ جو به فن انھن ۾ نرالو ڏٺم ڇُرَ جو ڪپڙو يا
رنگين ڪپڙو وٺڻ وقت رنگين ڪپڙي کي وات ۾ وجهي چٻاڙي پوءِ پاتل اڇي قميص يا چادر تي
اهو چٻاڙيل ڪپڙو مھٽي ڏسندا هئا ته رنگ لھي ٿو يا نه ؟ جيڪڏهن رنگ لھندو هيو ته ان دوڪان تان جلدي لھي
وري ٻي دوڪان تي چڙهي ان ئي فارمولا کي استعمال ڪري پڪي رنگ وارو ڪپڙو وٺندا
هئا. هونءَ به پراڻي دور ۾ اڄ واري دور
وارا ڪپڙن ڌوئڻ وارا ڊٽرجن پائونڊر ڪونه هئا. سمورا ڪپڙا کار ۾ ڌوپبا هئا. ان ڪري
ڪپڙي جي رنگ تي وڌيڪ خيال ڪيو ويندو هيو.
اَنُ (ڪڻڪ يا ساريون) وٺڻ وقت ڇا ڪبو هيو جو ٿوري چپٽي
کڻي (اناج جي هرهڪ جنس) هٿ جي تِريءَ تي رکي ٻيو هٿ مٿان رکي ان کي ٿورو مَھٽبو
هيو ۽ ان کان پوءِ اُنَ جنس کي خريد ڪبو هيو. خاص ڪري چانور کي ته سنگهي به ڏسبو
هيو ۽ پوءِ خريد ڪيو ويندو هيو. اهڙي نموني انب ۽ گدرو به سنگهي پوءِ خريد ڪيو
ويندو هيو. ان مان اُن جي مٺاڻ جي خبر پوندي هئي. مال متاع خريد ڪبو هيو ته ان کي
به جاچي جوچي پوءِ وٺندا هئا. گهوڙو، گڏهه، ٻڪري، رڍ، مينھن ۽ ڳئون وغيره وٺـڻي
هوندي هئي ته پھريائين ان جا ڏند ڏسبا هئا، پوءِ هڏ ڪاٺ، ان جو رنگ جاچبو هيو (ڏند
ڏسڻ سان سندس عمر جي خبر پوندي هئي.)
ٻيو حاطو عظيم شاهه جي ڀرسان P.V School جي اتر ۾
روڊ جي ڏکڻ طرف هيو جتي ٻيرين جو وڏو باغ هيو ۽ انھن ٻيرين جي وڏن وڻن جي هيٺان
مون ڏاند گاڏيون بيھندي ڏٺيون. آءٌ ان وقت سن ۵۵-۱۹۵۴ع ۾ پي.وي
اسڪول ۾ پڙهندو هيس. هينئر ان جاءِ تي رهائشي جايون ٺھي چڪيون آهن ۽ روڊ جي ڀر ۾
وڏا وڏا فرنيچر جا دوڪان جڙي ويا آهن.
لاڙڪاڻي ۾ واشنگٽن ڊي سي بلڊنگ:
بندر روڊ جتان شروع ٿيو، هن وقت اسان اُن چوڪ کي بئنڪ
اسڪوائر چئون ٿا. نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي بلڊنگ جيڪا هنگامن جي ڪري سڙي ويئي.
(محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت وقت) اُن بلڊنگ جي آمھون سامھون هڪ اڇي رنگ جي بلڊنگ
موجود آهي. ڪافي وقت اڳ ان ۾ حبيب بئنڪ هئي ۽ هينئر ان جڳھه ۾ NIB بئنڪ آهي. اوهان ان جڳھه کي غور سان ڏسندا ته اوهان
کي ان جي بيھڪ واشنگٽن ڊي سي جي عمارت وانگر نظر ايندي ۽ ان جي ڀر ۾ يو بي ايل جي
بلڊنگ آهي. ان پراڻي حبيب بئنڪ جي بلڊنگ امريڪن انجنيئر جي نقشي تي تيار ٿيل
واشنگٽن ڊي سي جي عمارت وانگر ٺھيل آهي ۽ هوبھو ٻاهران جي مشابھت ڏئي ٿي ۽ هي جاءِ
مستري فتح فحمد سومري جي جوڙيل آهي. نواب سر غيبي خان جو پراڻو بنگلو به ان ئي
مستري تيار ڪيو.
ورهاڱي کان اڳ ان جاءِ ۾ ڊاڪٽر پوهو مل ۽ ڊاڪٽر عالم چند
جن جي رهائش گاهه ۽ ڊاڪٽر پوهو مل جي اسپتال هئي. منھنجي مرحوم امڙ جو جڏهن به
هتان گذر ٿيندو هيو ته هن بلڊنگ کي غور سان ڏسندي هئي ۽ هڪ دفعي مون کي ٻڌايائين
ته جڏهن تون ننڍڙو هئين ته توکي پيٽ ۾ تڪليف هئي ۽ تنھنجو پيٽ وڌيل هيو. ان ڪري ان
جاءِ ۾ جيڪو ڊاڪٽر هيو ۽ ان جي وڏي شھرت به هئي ان کي توکي ڏيکاريو سي (هي ورهاڱي
کان اڳ جي ڳالهه آهي). ان تپاسي ٿوري دوا
پنھنجي ڪلينڪ ۾ ئي پيارڻ لاءِ ڏني ۽ چيائين ته هِن ٻار کي هيٺ ويھاريو. ان ٻڌايو
ته دوا پيارڻ سان ئي تون پيٽان ويٺين ۽ سموري اسپتال جنھن جي فرش تي ٽائيلس لڳل
هيون. ڪاري مس جھڙي پاڻيٺ سان خراب ٿي ويئي ۽ ان ڊوز سان ئي تنھن جو پيٽ نارمل پوزيشن ۾ اچي ويو. اهي هيا اڳيان
ڊاڪٽر ۽ سندن علاج، امان وڌيڪ ٻڌايو ته ڊاڪٽر جي اسپتال ۾ وڏن وڏن بـِيڪرن ۾ Pre-mature ٻارڙن جو Dead Bodies موجود هونديون هيون. هن وقت ان جاءِ جو مالڪ مسٽر محمد پناهه شيخ
آهي.
بولس باغ يا ٽاور گارڊن لاڙڪاڻو
چيو وڃي ٿو ته لاڙڪاڻو باغن جو شھر هيو، واقعي لاڙڪاڻو
باغن جو شھر هيو ۽ مون پاڻ اهي باغ اکين سان ڏٺا ۽ انھن ۾ پاڻ کيڏيو آهيان پر هن
وقت اهي موجود ڪونھن. جڏهن پراڻي اناج منڊي ڀرسان ڌنا سنگهه گهٽي ۾ رهائش هئي ته
رهڻ واري جاءِ جي سامھون ميونسپل پارڪ هيو، ان کي ڊاهي ايم سي بي ٺاهي ويئي.
جڏهن ڌنا سنگهه گهٽي ڇڏي برهمڻ حويلي کٽاڻ بازار ۾ رهائش
ٿي ته بولس باغ ۾ کيڏڻ ٿيو پر هن تفريح واري جاءِ کي به ڊاهي ان ۾ ڪئنيڊي مارڪيٽ
ٺاهيو ويو.
بولس صاحب T.J. Bollus اپريل ۱۹۱۷ع کان ۱۹۱۸ع مارچ تائين لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر ۽ ميونسپل ڪميٽي جو
سربراهه رهيو، ٿي سگهي ٿو ته هي باغ بولس صاحب جي وقت ۾ جڙيو يا اهو باغ اڳ ۾ ئي
هيو پر ان کي بولس صاحب وڌيڪ سڌاريو ۽ سنواريو. ان ڪري ان باغ جو نالو بولس باغ
پيو. جيئن لاڙڪاڻي وارو گيان باغ هينئر
باغ ذوالفقار جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
بولس باغ ۾ وري هڪ سھڻو گهنٽا گهر هوندو هيو جنھن جو نالو صاحب سنگهه ٽاور
هو ۽ انھيءَ نالي واري ماڻھوءَ جي يادگيري ۾ ٺھرايو ويو هو ۽ انھيءَ جاءِ تي هينئر
به موجود آهي.
هن گهڙيال کي ۱۹۶۲ع تائين مون صحيح ٽائيم ٻڌائيندي ڏٺو ۽ هرهڪ ڪلاڪ تي
سندس جو بيل وڄندو هيو. ۽ ان بيل جو آواز ڪافي پنڌ تائين ٻُڌڻ ۾ ايندو هو. گهنٽا
گهر جي يادگيريءَ وارو پٿر به لڳل هيو. جڏهن ان باغ کي اُجاڙي ڪئنيڊي مارڪيٽ ٺاهيو
ويو ته ان گهنٽاگهر واري يادگيريءَ واري پٿر کي اُکاڙي ان ئي جاءِ تي ٻيو پٿر هنيو
ويو جنھن جي عبارت هيٺينءَ ريت آهي :
John F Kennedy Market
Mr. Z.A Bhutto
Minister for External Affairs
29th
August 1963.
معلوم
هجي ته ۱۹۶۳ع ۾ آمريڪا جو جيڪو صدر هيو ان جو نالو جان ايف
ڪينيڊي هيو. جنھن جي امداد سان ڪئنيڊي مارڪيٽ ٺاهيو ويو.
فورڊ واهه
سکر
بيراج کان اڳ آبپاشي نظام کي بھتر بڻائڻ لاءِ ۽ گهاڙ واهه کي دريا مان پاڻي مھيا
ڪرڻ لاءِ هڪ نئون واهه (گهاڙ واهه جيترو) لاڙڪاڻي جي هڪ انگريز ڊپٽ ڪليڪٽر Captain St: Clair Ford. عاقل ڳوٺ ڀرسان، محمد
شاهه ڪھيري بزرگ (جنھن کي هنيئر درياء پائي ويو آهي) وٽان کوٽايو. هن واهه جو خاص
ڪم هيو گهاڙ واهه کي ڀرتو ڪرڻ، جڏهن گهاڙ واهه ۾ پاڻيءَ جي لاٿ ٿيندي هئي ۽ ٻيڙن
کي هلڻ ۾ تڪليف محسوس ٿيندي هئي ته ان فورڊ واهه جا منھن وٽان دروازا کوليا ويندا
هئا ۽ گهاڙ واهه بلڪل ڀرجي تار ٿي وهڻ لڳندو هيو. ان وقت ان گهاڙ ذريعي، وڏن ٻيڙن
وسيلي واپار هلندو هو ۽ پاڻي وڌڻ ڪري وڏا ٻيڙا آسانيءَ سان هلندا هئا ۽ پاڻي جي
ضرورت نه پوڻ ڪري مُنھن وٽان دروازا بند ڪيا ويندا هئا.
فورڊ واهه جي منھن وٽ ريگيوليٽر ٺھيل هيو ۽ ان جي ڀر ۾ ۳-۴ وڏا
بنگلا به هئا، جتي سرڪاري ملازمن جي رهائش هوندي هئي. هن وقت اهي سڀ آثار مٽجي چڪا
آهن. صحبت چانڊئي جو ڏاڏو اسحاق چانڊيو ان ريگيوليٽر جو مقدم (بيلدار) هيو. اسحاق
جو پٽ مرحوم دوست علي ۽ ان کانپوءِ ان جو پٽ ليمون چانڊيو به اڃان تائين. ان
سرڪاري نوڪري سان سلھاڙيل آهي. اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته ان فورڊ واهه کي اتان جا
رهواسي ”فورٺ“ سڏيندا آهن ۽ ان فورڊ ۾ وڏي
مڇي مرندي آهي جيڪا چانڊين جي ڪنٽرول ۾ آهي. منھنجا وڏا اصل ان فورڊ واهه جي ڪڙ تي
ويٺل هئا ۽ پوءِ لڏي هيٺ وڃي ويٺا. ان
جاءِ تي پوءِ گبولن ڳوٺ ٻڌو. واهه جي ٻنھي ڪپرن تي ڳوٺ ٻڌجي چڪا آهن. هڪڙي ڪڙ سان
ڳوٺ والي ڏنو خان گبول، رسول بخش حاجاڻو ۽ ٻي ڪڙ سان ڳوٺ قيصر خان چانڊيو ڳوٺ رئيس
رانجهو خان چانڊيو، سامٽيه ڳوٺ جو هڪ حصو آباد آهن.
سامٽين جي ڳوٺ وٽ جتي فورڊ واهه، گهاڙ واهه سان ڇوڙ ڪندو
هيو، پراڻي وقت ۾ اتي ٻيڙين جو مکيه پتڻ هيو، عاقل ۽ سامٽين جا ماڻھو ان پتڻ ذريعي
اچ وڃ ڪري سگهندا هئا. سامٽيه ۽ شاهه يارو ڳوٺن جي وچ مان گهاڙ وهندو هيو جيڪو هن
وقت بلڪل پورجي چڪو آهي ۽ ان جي پيٽ ۾ هينئر زيتونن جا باغ ۽ زرخيز زمين آهي. ۴۰-۵۰ سال اڳ
ان سُڪل گهاڙ کي ”موڙهه“ جي نالي سان ڳوٺاڻا چوندا هئا ۽ ان ۾ مال چرندو هيو ۽ ڪٿي
پاڻي هجڻ ڪري مڇي به مرندي هئي ليڪن هينئر اهي سمورا نشان ميسارجي چڪا آهن.
رسول بخش حاجاڻي جي ڳوٺ ۾ مرحوم مرزو جت هيو جيڪو ”مھري“
اٺ ڌاريندو هيو (ان جو پٽ غلام حيدر مون سان گڏ پڙهندو هيو. هينئر هو پوڙهو ٿي چڪو
آهي ۽ ٽانگو هلائيندو آهي.) مھري اُٺ سواريءَ لاءِ ڪتب آڻبا هئا، انھن تي چڙهي
سرڪاري آفيسر دورا ڪندا هئا. ٻيو مرحوم
علي خان جت به اٺ ڌاريندو هيو جيڪي لاڏائو (بار ڍوئڻ وارا اٺ) هوندا هئا. اِهي جت
سرڪاري پگهاردار هوندا هئا. پراڻي وقت ۾ ماڻھن جو اچڻ وڃڻ ٻيڙين ذريعي پتڻن تان
ٿيندو هيو ۽ اهي پتڻ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي هٿ هيٺ هوندا هئا ۽ ساليانو ٺيڪن ذريعي
نيلام ٿيندا هئا.
هيٺيان پتڻ ۱۵-جون ۱۹۴۰ع تي ٺيڪي
۾ ڏنا ويا انھن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
۱- عاقل
خالد خدا بخش ۽ حاجي ميربحر ۴۰ روپيه
۲- مٺو
کھڙو لونگ ميربحر ۴۰ روپيه
۳- دوسو
دڙا محمد حسن ميربحر ۵۰ روپيه
۴- سڳيون پنجو ميربحر ۲۲ روپيه
۵- ٽڳڙ ابراهيم
ميربحر ۲۰ روپيه
۶- راڄو رسول بخش ۳۰ روپيه
۷- جمالي خان محمد ۱۰۰ روپيه
۸- ڪنڀر خان محمد ۱۲ روپيه
۹- نور پور
دودو ۽ الھه بخش ۴۰ روپيه
۱۰- نئين لاشاري حسن
۽ قادر بخش ۵۰ روپيه
۱۱- چنا
سوئي فضل ۱۰۰ روپيه
سئنيمائن جو ڪمال ۽ زوال
۱۹۶۵ع کان اڳ ۾ ايمپائر ۽ نگار سئنيمائن واري حصي واري ڌرتي شام کان وٺي ڄڻ
ڌڏندي محسوس ٿيندي هئي. اتر کان ڊي. سي اسڪول کان وٺي ڏکڻ ۾ کھڙي جي پراڻي بنگلي
تائين ماڻھن جا اڻ کٽ ميڙ نظر ايندا هئا ۽ ايتري قدر جو رستي تي هلڻ به ڏکيو محسوس
ٿيندو هيو. خاص ڪري انھن ڏينھن ۾ اها حالت رهندي هئي جڏهن ڪا نئين فلم سئنيمائن ۾
لڳندي هئي، حالانڪ ان وقت آدمشماري به گهٽ هئي پر فلمن ڏسڻ وارن جي شوق ڪري وڏي
رونق لڳل هوندي هئي. شھر کان علاوه ٻھراڙي ۽ ٻين شھرن کان به ماڻھو فلم ڏسڻ ايندا
هئا. ان روڊ سان ٻه سئنيما گهر گڏ هئا هڪ نگار ۽ ٻيو ايمپائر.
سئنيما
گهرن جي ٻاهران روڊ تي ريڙهين جي الڳ رش هوندي هئي، جيڪي ڪمند جي ڳنڍيرين، مڱيرن ۽
نيزن سان ڀريل هونديون هيون. ان وقت ڪمند جي ڳنڍيري هڪ آني ۾ هڪ پاءُ، ان تي به
گلاب جو پاڻي ڇڙڪيل.نيزا چئين آني ۾ هڪ آنو، هڪ آني ۾ مڱيرا ايترا ملندا هئا جو
کيسو ڀرجي ويندو هيو. ان کان علاوه پاپڙ وارن جا هوڪا الڳ هوندا هئا. مٺائين ۽
پڪوڙن جا دوڪان الڳ.پان کائڻ وارن لاءِ مانڊليون الڳ هونديون هيون. چانھه وارا
هوٽل الڳ. مطلب ته هر ڪنھن جي روزي سٺي ٿيندي هئي. ان وقت سئنيما تي هر روز، ۳ شو ۽ آچر واري ڏينھن ۾ ۴ شو
ٿيندا هئا، صبح جو مارننگ شو جيڪو ۱۱ بجه
شروع ٿيندو هو، جنھن ۾ گهڻو ڪري انگريزي فلمون هلنديون هيون، سين ڪونري جيمس بانڊ ۰۰۷ جون فلمون ڊاڪٽر نو، ڊاڪٽر نو ڪي قاتل ڪي واپسي. ان وقت جون مقبول فلمون
هيون، ٻيو مئٽني شو جيڪو ساڍا ٽي بجه منجهند جو هلندو هيو. پھريون شو سج لٿي کان
پوءِ ۶ کان پوءِ ۶ کان ساڍا ۶ بجه تائين. ان کان پوءِ آخري
شو ۹ بجي رات جو شروع ٿيندو هيو ۽
رات جو ساڍي ۱۲ ۽ هڪ بجي ختم ٿيندو هيو.
فلمون
اهڙيون جو هرهڪ شو هائوس فل ويندو هو ۽ فلم جي شوقينن کي هڪ ٻه ڏينھن ته عام دريءَ
مان ٽڪيٽ ڪانه ملي سگهندي هئي ۽ پوءِ ٽڪيٽون بليڪ تي وٺڻيون پونديون هيون. رات
وارن شوئن تي هلندڙ فلم جي مشھور گانن تي سئنيما جا دروازا کولي ڇڏيندا هئا ته
جيئن آواز ٻاهر پري پري تائين پھچي ۽ فلم بينن جون دليون هرکائيندا هئا.
رش جي
ڳالهه پئي ڪيم، رش ڇونه هجي، ايمپائر ۾ ويھڻ لاءِ ۱۱- سئو سيٽون هيون، نگار ۾ ۵۱۰ سيٽون
هين ۽ اهڙي طرح هرهڪ شو ۾ ۱۶۱۰ ماڻھو
ٽڪيٽون وٺي ٻئي شو جي ڏسڻ لاءِ تيار بيٺا
هوندا هئا ۽ ان کان علاوه ٻيا واندا ماڻھو جيڪي فلمن جا پوسٽر به ڏسڻ ايندا هئا ۽
انھن جي رش هوندي هئي. اها حالت رائل روڊ سان به هوندي هئي رائل سئنيما ۾ ۶۰۰ ماڻھن جي ويھڻ جي گنجائش هئي ۽ اتي به ماڻھن جي وڏي رش هوندي هئي.
منھنجي
خيال ۾ فلم انڊسٽري جو زوال ۱۹۶۵ع کان
شروع ٿيو، جڏهن هندوستان ۽ پاڪستان جي جنگ
لڳي ۽ ان کان پوءِ هندوستاني فلمون پاڪستان ۾ هلڻ بند ٿي ويون. پاڪستان
ريڊيو تان هندوستاني گانا به نشر ٿيڻ بند ٿي ويا.
وري ٻيو ڪاپاري ڌڪ ضياء جي مارشل لا ۾ فلم انڊسٽري مٿان سينسر بورڊ جي تلوار لڙڪائي ڇڏي ۽ مانھن مان
فلم ڏسڻ واري دلچسپي ختم ٿيندي ويئي. ان کان پوءِ وي سي آر، ٽي وي ۽ ڊش ڪلچر اچي
ويو ۽ فلمي ڪاروبار بند ٿيڻ لڳو. ان ڪري سئنيما مالڪن سئنيمائون ڊهرائڻ شروع ڪيون
۽ ان جي مٿان مارڪيٽ، شاپنگ سينٽر ۽ پيٽرول پمپ ٺھرائڻ شروع ڪيا ۽ اهڙي ريت لاڙڪاڻي جي پنج سئنيمائن مان هڪ
سئنيما ڪلوپيٽرا وڃي بچي آهي باقي نگار ۲۰۰۵ع ۾، ايمپائر ۲۰۰۴ع ۾، رائل ۱۹۹۲ع ۾ ۽ المنظر سئنيما ۲۰۰۶ع ۾
ڊاهي پٽ ڪيون ويون آهن.
هينئر
جڏهن به ايمپائر روڊ سان وڃڻ ٿيندو آهي، جتي اڳ اوج هيو اُتي هينئر ويراني نظر
ايندي آهي. روڊ جي ٻنھي پاسي اوهان کي بجري ۽ سرن جا وڏا ڍير نظر ايندا ۽ اُتي لوهه
جا دوڪان کلي ويا آهن ۽ ايتري وڏي چھل پھل به نظر ڪانه ٿي اچي.
لاڙڪاڻي جا ڪجھه يادگار ڪردار
الهه ڏنو پڙهي وارو
پورو
نالو الھه ڏنو سومرو پٽ عبدالمجيد سومرو، والدجو پيشو کٽڪو هيو. سندس رهائش
ايمپائر روڊ تي کھڙي جي بنگلي جي سامھون گهٽي ۾ محلي علي گوهر آباد ۾ هئي. سندس
اولاد اڃان به ساڳي جاءِ ۾ رهائش پذير آهي.
جڏهن
اڃا مسجدن ۾ لائوڊ اسپيڪرن جي استعمال جو رواج به ڪونه پيو هيو ۽ ان دور ۾ ميڊيا
به ايتري تيز ڪانه هئي ته ان دور ۾ الھه ڏنو پڙهي وارو هٿ ۾ لوهي توتارو کنيو پڙها
ڏيندو نظر ايندو هيو. شروعات ۾ سائيڪل تي سوار ٿي پڙهو ڏيندو هو. ڪو گم ٿيل ٻار
سائيڪل تي کنيو پڙهو ڏيندو ڏٺم ۽ ٻڌم ته هي ٻار ڪنھن جو آهي؟ ۽ اهڙي طرح گم ٿيل
ٻارن کي سندن والدين وٽ پھچائيندو هو. کيس پڙهي ڏيڻ ۾ وڏي مھارت حاصل هئي ۽ پاڻ
ڀوڳائي قسم جي طبيعت جو مالڪ هو ۽ ماڻھن جو توجهه پاڻ ڏانھن ڇڪائڻ جو ماهر هو.
اصل ۾
هي ميونسپالٽي جو ملازم هيو ۽ فانوس ٻارڻ واري طور ڀرتي ٿيو. ان وقت زوار محمد بخش
مڱڻھار لائيٽ انسپيڪٽر هيو (هينئر سندس پونئير پاڻ کي ابڙا سڏائين ٿا) ۽ سندس آفيس
پراڻي پاور هائوس جيڪو ميونسپل هاءِ اسڪول جي آمھون سامھون آهي، ان ۾ هئي. پراڻي وقت
۾ اهو پاور هائوس لاڙڪاڻي شھر کي بجلي پھچائيندو هيو. جتي بجلي نه پھتي اتي اهم
چوراهن تي ۽ اهم پاڙن ۾ فانوس هئا جيڪي رات جي پھر ۾ ٻرندا هئا. زوار محمد بخش جو
گهر نانو پڌر ۾ (برڪت شيخ جي گهر ڀرسان) رهندو هيو ۽ سندس پونئير اڃا تائين به
ساڳي جڳھه ۾ رهن پيا، جتان الھه ڏنو ڏاڪڻ ۽ گاسليٽ کڻندو هيو ۽ وڃي فانوس ٻاريندو
هيو.
گجڻ
پور واري پل جيڪا جيلس بازار جي اتر ۽ اوڀر واري ڪنڊ تي گهاڙ مٿان اڏيل هئي. هن پل
جي وچ تي ٻنھي پاسن کان سنگ مرمر جا ٻه وڏا بورڊ نصب ٿيل هئا ۽ انھن بورڊن مٿان
روشنيءَ لاءِ وڏا فانوس موجود هئا، جيڪي گاسليٽ تي ٻرندا هئا. ان نوڪريءَ هوندي ئي پاڻ کي چاچي الھه ڏني پڙهي
واري طور مشھور ڪرايو، پاڻ سماجي ڪارڪن کان علاوه خاڪسار تنظيم وارن سان به واسطو
هوندو هو. ۵۶-۱۹۵۵ع ڌاري هن کي هڪ ۵-۶ سالن جي ننڍڙي ڇوڪري ملي جيڪا رنگ جي چِٽي هئي، شايد مائٽ پٺاڻ هئا. ڪافي
پڇا بعد به هِن ڇوڪريءَ جو ڪوبه وارث ظاهر نه ٿيو ۽ اها ننڍڙي ڇوڪري چاچا الھه ڏني
سان رهڻ لڳي. ڇوڪريءَ جي ملڻ بعد چاچي سائيڪل تي پڙهو ڏيڻ بند ڪيو ۽ پيادل پڙهو
ڏيندو هيو.
ننڍڙي
ڇوڪري هڪ هٿ ۾ هوندي هئي ۽ ٻئي هٿ ۾ توتارو هوندو هيو ۽ پڙها ڏيندو هو، ڇوڪري هن سان وڙهندي هئي ۽ کيس هٿن ۾
چڪ پائيندي هئي، پر چاچا ڏاڍو صابرين ڏٺو ۽ مارڻ وارو دھمان ڪري ڊيڄاريندو هوس.
وقت ائين گذرندو رهيو، آخر هلندي هلندي اها ڇوڪري اچي جوان ٿي، الھه ڏنو عمر کان
به ڍلجي چڪو هيو ۽ هن جي اڳ ۾ ئي شادي ٿيل هئي ۽ ان مان هڪ پٽ عبدالسميع ۽ هڪ
نياڻي جي اولاد هئي. هن ڪوشش ڪئي ته اِن ڇوڪري جي ڪنھن سان شادي ڪرائجي پر ان کي
کڻڻ لاءِ ڪوبه تيار ڪونه هو. ان بعد جيلس بازار جي جامع مسجد جي پيش امام ۽ مفتي
جي صلاح سان اِن ڇوڪريءَ سان پاڻ شادي
ڪيائين.
الله
سائينءَ جي قدرت ۽ مھرباني سان چاچا الله ڏني کي ان حسنه مائيءَ مان پنج پٽ ۽ هڪ
ڌيءَ ڄائي جيڪي بلڪل نارمل آهن. نياڻي هڪ سٺي گهر ۾ ڏنل آهي، سندس مڙس پوليس آفيسر
آهي، سندس ۵ پٽن جو تفصيل هيٺينءَ ريت آهي.
۱- وڏو پٽ عبدالغفار پوليس ۾ آفيسر آهي.
۲- ٻيو پٽ عاشق حسين پوليس ۾ اي ايس آءِ آهي.
۳- ٽيون پٽ معشوق علي وڊيو جو دوڪان هلائي ٿو.
۴- چوٿون نمبر پٽ ذوالفقار علي ميڊيڪل ريپريزنٽيٽو آهي.
۵- پنجون پٽ عبد الله هيڊ ڪانسٽيبل آهي.
وڏي
گهر واري مان جيڪو پٽ عبدالسميع هيو اهو
زرعي بينڪ ۾ آفيسر هيو (پھريائين سنڌي ماستر پوءِ بينڪ ۾ نوڪري ڪيائين) ۽ روڊ
حادثي ۾ ۱۹۸۶ع ۾ وفات ڪري ويو. چاچو الھه ڏنو پنھنجي پٽ جو اهو حادثو برداشت
نه ڪري سگهيو ۽ ٿوري وقت اندر پاڻ به ۱۹۸۶ع ۾
وفات ڪيائين.
مائي
حسنه هينئر به حيات آهي ۽ سندس پٽن جي چوڻ مطابق هوءَ هينئر بلڪل خاموش رهندي آهي
۽ ٻارن سان ڏاڍو پيار ڪندي آهي.
ياسين خان اڪبر خان پٺاڻ ڪوٽن وارو
پراڻي
طوفان ميل چوڪ (هاڻوڪي پاڪستان چوڪ) جي ڀرسان جتي هينئر ”ڪانڌڙا سينٽر“ ٺھي رهيو
آهي اُتي ياسين ڀائي جو لُنڊي جي ڪوٽن جو دوڪان هيو. رات جي پھر ۾ معتبر ماڻھو،
پڙهيل لکيل طبقو ۽ شاگرد هن کان ڪوٽ وٺڻ ايندا هئا، ان وقت رش به گهٽ هوندي هئي ۽
ڪوٽ به آسانيءَ سان ڳولي سگهبا هئا ۽ ياسين ڀائي به ڳولي ڏيڻ ۾ مدد ڪندو هيو ۽ نين
آيل ڳٺڙين مان، پسند جا ڪوٽ ڪڍي ڏيندو هيو.
پر هونءَ به ياسين ڀائي پنھنجن پراڻن ۽ پيارن دوستن لاءِ نيون ڳٺڙيون کولڻ
وقت چونڊي سٺا سٺا داڻا ڪڍي رکندو هيو ۽ پوءِ نياپو ڪري دوستن کي گهرائيندو
هيو. ڪوٽن جي ڪپڙي متعلق وڏي ڄاڻ رکندو
هيو، ۽ ڪوٽن کي استري به پاڻ ڪندو هو. هن
وٽان مناسب رقم ۾ هر قسم جا ڪوٽ ملي سگهندا هئا جھڙوڪ:
۱- Tweed ٽويڊ (ڪوٽن جو گرم ڪپڙو
مختلف ڊزائينن ۾ ڇپيل).
۲- صوفيني (چتري دار ريشمي ڪپڙو).
۳- ڪشميرو
(لڪيردار ڪپڙو)
۴- سارڪ اسڪن جاپان پلين .
۵- بليزر (بلو، گرين، ميرون ۽ بليڪ ڪلرن ۾)
۶- بُش ٽيڊ
(شوقين ماڻھن جي پسند).
هن وٽان عام ڪوٽ، ڊبل بريسٽ ۽ اوور ڪوٽ به ملندا هئا ۽
ڪوبه گراهڪ خالي ڪونه ويندو هو. پاڻ يار ويس ماڻھو هو. آخر ۾ ڪوٽن جو ڪاروبار ختم
ڪري جنرل اسٽور کوليائين جيڪو ايم. ياسين جنرل اسٽور جي نالي سان آهي. هو ۷۸ سالن جي عمر ۾ جون ۲۰۰۹ع ۾ وفات
ڪري ويو. هن وقت سندس پٽ ايوب ۽ سندس ڀائر جنرل اسٽور هلائين ٿا ۽ اُهي به پيءُ
وانگر يار ويس آهن.
عزيز ڀائي (عزيز جنرل اسٽور وارو)
پاڪستان چوڪ تي قائم ٿيل عزيز جنرل اسٽور، جنھن تي هنيئر
شوڪت سولنگي اوهان کي نظر ٿو اچي، اِن دوڪان جو اصلي مالڪ عبدالعزيز ميمڻ
(ڪاٺياواڙي) هيو ۽ شوڪت اتي ملازم هيو ۽ پوءِ اڳتي هلي بزنيس پارٽنر بڻيو. عبدالعزيز
جي وفات ۱۵-۲۰ سال اڳ ۴۵ سالن جي ننڍي عمر ۾ ٿي. عزيز ڀائي پھريائين سامان ريڙهيءَ تي رکي
کپائيندو هيو ۽ پوءِ دير سان عزيز جنرل اسٽور جي نالي سان دوڪان کوليائين. سادي
طبيعت رکڻ وارو ۽ سچو انسان هيو. گراهڪ ورتل سامان هڪ ٻه ڏينھن رکڻ ۽ استعمال ڪرڻ
بعد به واپس ڪري ويندا هئا. سيل ٽٽل ۽ پئڪيج ڦاٽل به سامان واپس وٺي رکندو هيو.
کيس محمد عارف نالي هڪ ننڍو پٽ هيو جيڪو پنھنجي پيءُ سان انھن ڳالھين ڪري تڪرار
ڪندو هو. پر سندس پيءُ سمجهائيندو هيس ۽ دعائون ڪندو هيس ته توکي الله ڏيندو هي
غريب آهن تون هنن غريبن جي مدد ڪر ۽ سندن سامان تبديل ڪري ڏي يا کين سندن پئسا ڏئي
ڇڏ.
نومبر ۱۹۰۹ع ڌاري شوڪت جي دوڪان تي سامان وٺي رهيو هيس ته ان
وقت دوڪان تي ويٺل هڪ نوجوان ۽ وڏي ڏاڙهيءَ رکيل ماڻھو مون کي هٿ ڏنو ۽ مون کي
چيائين ته چاچا توهان مون کي ڪونه سڃاتو مان عارف آهيان. عزيز جو پٽ توهان بابا وٽ
ايندا هئا ۽ سامان وٺندا هئا. پوءِ معلوم ٿيو ته هينئر محمد عارف ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو
۽ ڪيترن ئي ڪپڙي جي مِلن جو مالڪ آهي ۽ هن جا ڪيترائي ڪنٽينرز هلي رهيا آهن. ان
مان اِهو چِٽو ظاهر ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ڪو
غريبن جي مدد ڪري ٿو نيٺ دير ئي سھي الله پاڪ انھن جي مدد ضرور ڪندو آهي.
**
No comments:
Post a Comment