Wednesday, May 15, 2019

گورنمينٽ پائلٽ هاير اينڊ سيڪنڊري هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو - آصف رضا موريو


گورنمينٽ پائلٽ هاير اينڊ سيڪنڊري هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو
جشن سوساله ۷ سال يا ست مهينا پهريون ڪرڻ واري تاريخ سان هٿ چراند ڇو؟
آصف رضا موريو
۱۲ فيبروري ۲۰۱۹ع تي ۳ وڳي ڌاري گورنمينٽ پائلٽ هائرسيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو جي انتظاميه طرفان سو سال مڪمل ٿيڻ تي ۱۰۰ ساله جشن شروع ٿيو جيڪو ۴ ڏينهن ملهايو ويو. پربت جيڏي هي شاندار عمارت لاهوري محلي جي لاڙڪاڻو جي وي آءِ پي روڊ تي اولهه طرف واقع آهي جنهن جي پٺيان ايليمينٽري ڪاليج، سينٽ جوزف اسڪول، سرڪٽ هائوس ۽ ضلعي کاتن جهڙوڪ ڊپٽي ڪمشنر آفيس، ججن جا گهر، ڪورٽون وغيره جون بيشمار عمارتون هن وقت به موجود آهن جڏهن ته ان عمارت جي اتر اولهه وارو علائقو لاهوري محلي جو هڪ حصو آهي. اسڪول جي اتر ۾ ڀٽي سردارن ۽ کهڙي سردارن جا بنگلا آهن ۽ ان جي سامهون پڻ ڪنهن دور ۾ ڀٽن جا بنگلا ۽ سرائي ٺاري خان لاهوري طرفان دان ڪيل وڏي علائقي ۾ لاڙڪاڻو جي سول اسپتال آهي. پائلٽ اسڪول اتر اولهه ۽ ڏکڻ وارو سمورو علائقو انگريزن جي دور ۾ سرڪاري ادارن ۽ عمارتن لاءِ مختص ڪيل هوندو هيو جڏهن هاڻي ان سموري علائقي جي گهڻي تڻي حصي کي قبضه خور ماڪڙ جيان ڦٻائي گهر ٺاهي ويٺا آهن.


هي عمارت ۱۹۲۶ع ڌاري تاجِ برطانيه جي دؤر تڏهن جڙي راس ٿي جڏهن سنڌ تي انگريزن جي حڪومت هوندي هئي. برطانوي دؤر جي شروعات ۱ آگسٽ ۱۹۱۹ع ڌاري سر شاهنواز ڀٽو روڊ تي واقع لاڙڪاڻو جي موجودهه گورنمنٽ ميونسپل اسڪول جي عمارت ۾ هڪ انگريزي اسڪول قائم ڪيو ويو هيو جنهنکي بعد ۾ سيڪنڊري اسڪول جو درجو پڻ ڏنو ويوهئو جيڪو بعد ۾ وڌائي هاير سطح تي آندو ويو. ۱۹۲۶ع ۾ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول واري عمارت جي اڏاوت مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ميونسپل اسڪول واري انگريزي اسڪول جو سمورو اسٽاف ۽ سامان هيڏانهن منتقل ڪيو ويو هيو.
جيڪڏهن پائلٽ اسڪول واري هن عمارت جي بيهڪ جو فضائي معائنو ڪبو ته انگريزيءَ جي الفابيٽ جي اکر اِي (E) جو نمونو سامهون ايندو جيڪو تعليم (Education) جي علامت آهي جنهن سان انگريزي قوم جي تعليم سان سياسي، انتظامي ۽ نفسياتي انسيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن اسڪول جي عمارت ۾ ۵۲ ڪلاس، هڪ سائنس هال، بائلوجي ليبارٽري، ٽي ورڪشاپس، هڪ ٽيچرز روم، هڪ ڪلارڪ جي آفيس، هڪ لئبريري، ڊرائينگ هال، تقريبات ۽ چٽا ڀيٽيءَ لاءِ هڪ آڊيٽوريم هال، ۵ باغيچا، ٻه وڏا ميدان ۽ هڪ لاجواب پارڪنگ موجود آهي. ڪنهن دور ۾ هن اسڪول جو معيار پاڪستان جي بهترين اسڪولن ساڻ ڀيٽيو ويندو هيو پر هاڻي هن کي سنڀاليندڙ همراهن ۾ اهو حال ئي ڪونه آهي.
گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول ڪي اولهه ۾ گورنمنٽ ايليمنٽري ڪاليج لاڙڪاڻوجي شاندار تاريخي ڏيک ڏيندڙ خوبصورت اڏاوت واري ٻه ماڙ پر گورنمنٽ ايليمينٽري ڪاليج جي وشال عمارت جي تعمير پن پائلٽ اسڪول سان گڏ ساڳي سال ۱۹۲۶ع ۾ پائلٽ اسڪول هاءِ اسڪول جي هڪ حصي طور ڪرائي وئي هئي جيڪا پنهنجي شروعاتي دور ۾ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول جي شاگردن ۽ استادن جي رهائش لاءِ هاسٽل طور استعمال ٿيندي هئي جتي شهر کان ٻاهران آيل شاگرد رهندا هيا. ماضيءَ ۾ ايليمينٽري ڪاليج لاهوري محلي ۾ (المرتضيٰ هائوس) وٽ هوندو هيو جيڪو ۱۹۸۰ع ڌاري هن جاءِ تي منتقل ٿيو. سندس وسيع و عريض پکيڙ ۾ ڪيتريون ئي سرڪاري تعليمي ادارا هاڻي موجود آهن جن مان خاص پي سي (پريڪٽسنگ) اسڪول فارٽيچرس لرننگ، گورنمينٽ پي سي اسڪول، گورنمينٽ ايليمنٽري اسڪول، علامه دائود پوٽو لئبريري وغيره آهن. انهن عمارتن مان گورنمنٽ ايليمينٽري ڪاليج، سينٽ جوزف هاءِ اسڪول ۽ گورنمنٽ پي سي اسڪول جي ٻاهرين ڀت ۱۹۸۵ع ۾ ٺهي راس ٿي.
اهڙي ريت گورنمينٽ سينٽ جوزف هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو جي عمارت گورنمنٽ پائلٽ هائر سيڪنڊري اسڪول جي اولهه ۾ واقع آهي. هي اسڪول ماضيءَ ۾ خانگي انتظاميه جي هٿ هيٺ هلندو هيو جنهن جو مقصد بهتر تعليم ڏيڻ هيو ۽ انهن ان ڏس ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري. اهو ئي سبب آهي جو توڙي هتي پڙهائي جو معيار اهو ڪونه رهيو آهي پر ضلع جي ٻئي اسڪولن جي ڀيٽ ۾ هن وقت به ان اسڪول جي پڙهائي بهتر مڃي ٿي. ۷۳-۱۹۷۲ع ڌاري جناب ذوالفقارعلي ڀٽو جي دور ۾ هن تعليمي اداري کي قومي ملڪيت ۾ ورتو ويو جنهن کان پوءِ بد قسمتي سان انتظامي واڳ سرڪاري صاحبن جي هٿ چڙهي وئي. ماضي ۾ ڪجهه وقت لاءِ هيءَ عمارت گورنمنٽ پائلٽ هاءِ اسڪول جي ڇهين درجي جي شاگردن لاءِ ڪلاس رومن جو ڪم پڻ ڏيندي رهي. هن وقت سينٽ جوزف هاءِ اسڪول ۾ قريبن چاليهه پنجيتاليهه مرد استاد، پندرنهن ويهه عورتون استاد، ڪجهه ڪمپيوٽر سيکاريندڙ استاد، ڪلارڪ ۽ هيٺان ملازم آهن.
اسان سموري عمر هن عمارت جي ٻاهرئين ڀت اجڙيل ۽ جهرندڙ ۽ سياسي، سماجي پوسٽرن ۽ اشتهارن، سياسي پارٽين جي ڇپيل جهنڊن سان ڀريل ۽ اٽيل ڏٺي. اندر ڪنهن دور ۾ پوکيل وشال وڻن کي ڪيترن ئي سالن کان ڪا مالڪي ۽ ڇانگ ڪونه ڏٺي وئي جو مان ڪنهن دور ۾ جڏهن ان وي آئي روڊ تي واقع پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ رهندو هيم ته وڻن جو شوقين هئڻ ڪري اڪثر ان اسڪول جي پارڪ ۾ ويندو رهندو هيم ته سي ايس ايس جي تيار واري ڏينهن ۾ به ان پارڪ ۾ ويهي پڙهندو هيم.. جتي اڪثر دروازي ٻاهران سائين ادا قاضي سان پڻ ملاقات ٿيندي رهندي هئي. اڄ ڪلهه ته انهن وڻن ۽ ٻوٽن جي حالت ڪنهن يتيم خاني جي ٻارن جهڙو ڏيک ڏيندي رهندي آهي ويهه پنجويهه سالن تائين شاندار عمارت جي ابتڙ هلڪي طوطائي رنگ جو دروازو هن شاندار اڏاوت کان ڌاريو هئڻ جي پاڻ ئي چغلي کائيندو رهندو هيو. ان دروازي جي کاٻي پاسي کان هڪ اجڙيل ٽيلي فون جو کنڀو پڻ بيٺو هوندو هيو جنهن ۾ ڪنهن دور ۾ ضرور زندهه وائريون لڳل هوندو پر اسان ان ويران حالت ۾ ڏسندا آياسين.
اهڙي قسم جو مانائتا جشن ملهائڻ صحتمندي ئي صحيح پر ان جو افتتاح ڪنهن معتبر تعليمي ماهر يا اتي ڪنهن ايماندار هيڊ ماستر کان ڪرائن ها پر اسان جا اهڙا علمي ۽ تعليمي افعال ۽ اخلاقي جرئتون هاڻي ڪاٿي رهيون آهن. هڪ شاندار تدريسي اداري ۾ وزيرن مشيرن جو يا عام سياستدانن جو ڪهڙو ڪم. مون کي ان ڳالهه تي پڻ حيرت آهي ته جڏهن اها عمارت ۱۹۲۶ع ۾ جڙي راس ٿي هئي ته پوءِ ان کي ۲۰۲۶ع ۾ سو سال پورا ٿين ها. هي ست سال اڳ ڪهڙي خوشي ۾ سوساله جشن ملهايو ويو آهي جو گورنمنٽ پائلٽ هاءِ اسڪول ۽ گورنمنٽ ايليمنٽري ڪاليج واري عمارت جي مهاڙي ۾ عمارت جي ٺهڻ وارو سن اڃان تائين لکيل به آهي تنهن ڪري اصولن اهو جشن ۲۰۲۶ع ۾ ملهائڻ گهرجي ها. پر جيڪڏهن انگريزن جي ميونسپل اسڪول واري تاريخ ۱ آگسٽ ۱۹۱۹ع ۾ کي سامهون رکجي تڏهن به هي ۱۰۰ ساله جشن ۶ مهينن کان پوءِ ملهائڻ گهرجي ها جو دنيا ڀر ۾ ڪٿي به ائين ڪونه ٿيندو آهي جو ڪنهن انسان يا اداري جي پيدائش، تڪميل يا شروعات سان سلهاڙيل سالگرهه جو جشن پوءِ چاهي اهو سلور جوبلي هجي، پلاٽينيم جوبلي هجي يا ملينيئم جوبلي هجي تاريخ يا سال جي ريد ڦيد سان ملهائي تاريخ سان هٿ چراند ڪئي وڃي.
هن عمارت جي بدقسمتي اها پڻ آهي ته انگريزن جي دور ۾ جنهن عمارت جو دروازو وزير مشير ۽ حڪومتي ڪارندا اورانگهڻ جي همٿ ڪونه ڪندا هيا ان جي اندر اسان جي دور م مختلف موقعن تي بدعنوان سياستدانن ۽ ڪامورن جا پوسٽر لڳايا ويندا آهن. هن عمارت سان منهنجو بيشمار خوبصورت يادون وابسته هجڻ ۽ لاڙڪاڻو جو شاندار تعليمي ادارو هئڻ سبب مون به شهري طور پنهنجي ذميداري سمجهي ۽ ڪجهه تاريخي انسانن جي متوقع آمد جو اندازو هئڻ سبب انهن کي ڏسڻ يا ملڻ جي لالچ ۾ جشن واري ڏينهن تماشائي طور سهي شرڪت ڪرڻ پنهنجي ذميداري سمجهندي هليو ويم پر ان ڏينهن اتي جشن جي واڳ، پروٽوڪول ۽ معتبرائپ گهڻو تڻو اهڙي ماڻهن کي ملندي ڏسي ڏک ٿيو جيڪي ڪنهن به پاسي کان ان جي اهل ڪونه هيا. مون کي جن ليجينڊري ڪردارن کي اتي مانائتو ڏسڻ جي اميد وٺي وئي هئي سي اتي ٿورڙا ڪي نظر به آيا ته اهي اٻاڻڪا، ويچارا ۽ نماڻا پئي لڳا ان لاءِ ڪلاڪ اڌ کان پوءِ واپس هليو آيم ۽ اندر جي آنڌ مانڌ اچي ڪاغذ تي ڪڍيم......پر ٿورڙي...

No comments:

Post a Comment