Thursday, May 9, 2019

گومي ٻائي ليڊيز ڪلب لاڙڪاڻو - ذوالفقار راڄپر


ذوالفقار راڄپر
جيڪڏهن ڪنهن به، سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي وٽ موجود، قديم ثقافتي ورثي وارين  جاين جي لسٽ پڙهي هوندي ته اوهان کي ان سڄي لسٽ ۾ ڪٿي به ڪراچي شهر کان سواءِ ڪنهن به ٻئي شهر جي قديم ثقافتي ورثي وارين جاين بابت ڪنهن به هڪ جاءِ بابت  هڪ لفظ به نه ملندو. ان جو سبب اهو آهي ته حڪومت وٽ ان ڳالهه ۽ ڪم جي اهميت ايتري نه هوندي ۽ جن ماڻهن جيئن ياسمين لاري، ڪليم لاشاري ۽ ٻين جيڪو به ڪم ڪيو آهي، انهن جو دائرو ڪراچي شهر رهيو آهي. لاڙڪاڻي کان وٺي شڪارپور، جيڪب آباد کان وٺي حيدرآباد ۽ ٺٽي تائين، سنڌ جا هزارين قديم ورثا يا ته ميسارجي ويا آهن، يا انهن تي قبضي خورن قبضا ڪري، انهن جو تاريخي حسن ۽ نشانيون ختم ڪري ڇڏيون آهن. اها خبر ته لاڙڪاڻي جي ڪمشنر ۽ ڊي سي کي به نه هوندي، نه ته انهن جي موجودگي ۽ انهن جي سامهون لاڙڪاڻي جون قديم عمارتون بي وسي ۾ موجود نه هجن ها، في الحال لاڙڪاڻي ۽ سنڌ ۾ ڪو هاشم ميمڻ جهڙو ڊي سي ته موجود نه آهي.


لاڙڪاڻي ۾ ۱۹۳۴ ۾ ان دور جي عورتن جي تفريح ۽ ميل ملاقات لاءِ جوڙايل ”گومي ٻائي ليڊيز ڪلب“ موجود ضرور آهي، پر اهو ڪلب اڃا تائين سنڌ حڪومت جي قديم ثقافتي جاين جي لسٽ ۾ نه اچي سگهيو آهي ۽ اها پاڪستان ٺهڻ بعد مسلسل ڪيترا ئي سال بي وسي جي حالت ۾ رهي آهي. جيڪا ڪافي ڀيرا ته قبضي خورن جو به نشانو بڻجندي رهي آهي، پر ڪجهه سالن کان ڪنهن بهتر مالڪي هيٺ به اچي وئي آهي. لاڙڪاڻي شهر جي مرڪز، گھنٽي ڦاٽڪ ۽ جناح باغ جي ڀر ۾ ۱۹۳۴ع ۾ موجود، گومي ٻائي ليڊيز ڪلب لاءِ، موجودھ تاريخ موجب، ان دور ۾ عورتن جي لاءِ اها ڪلب ان دور جي هندو برادري سان تعلق رکندڙ ڊپٽي ڪليڪٽر پنهنجي فوت ٿيل ڀيڻ ”گومي ٻائي جواهر مل“ جي ياد ۾ جوڙائي هئي. جنهن جو افتتاح هڪ انگريز عورت مس جيمس ڪيو هو. ان جي پهرين صدر، انگريز ڊپٽي ڪليڪٽر جي زال مقرر ڪئي وئي هئي. بعد ۾، هر ايندڙ ڊپٽي ڪليڪٽر جي گهر واري ڪلب جي صدر ٿيندي رهندي هئي. ڪلب جي هاڻوڪي چيئرپرسن ڊاڪٽر صبيحه مغل جي لکيل هڪ مضمون موجب ”ان ڪلب ۾ ۱۹۴۱ع ۾ آخري وائسراءِ هند جي بيگم ليڊي ماوئنٽ بيٽن کي ڪلب طرفان آجياڻو پڻ ڏنو ويو هو. پاڪستان ٺهڻ بعد، گومي ٻائي ليڊيز ڪلب به سڄي سنڌ وانگر نراسائي جو شڪار رهي، جنهن کي ۱۹۵۲ ۾ شهر جي معزز خاندان جي هڪ وڪيل غلام حيدر مغل جي زال ۽ بيگم يار محمد جوڻيجو، بيگم رعنا لياقت علي خان جي عورتن واري تنظيم اپوا جي پليٽ فارم تان ٻيهر اچي آباد ڪيو هو. ان کان سواءِ ڪلب ۾خان بهادر کهڙو، علي گوهر کهڙو، جمال الدين بخاري، عتيق الزمان، رفيق الزمان، فقير محمد جعفري جي گهر وارين ۽ بيگم اشرف عباسي ڪلب ۾ سرگرم هيون. ڊاڪٽر صبيحه مغل موجب اڄ به کيس ڪلب متعلق ننڍپڻ جون يادون تازيون آهن. ان دور ۾ به اتي مينا بازار، ٿيندڙ دعوتون، عورتن جي نيشنل گارڊ جون تقريبون ٿينديون هيون. ڊاڪٽر صبيحه مغل موجب کيس ننڍپڻ ۾ ان ڪلب ۾ ئي هڪ ڊريس شو ۾ مغل پرنس جو گيٽ اپ ڏنو ويو هو. ان بعد ٻئي دور ۾ بيگم قاضي اختر ڪلب جي جنرل سيڪريٽري ٿي. جڏهن ته بيگم عبدالرزاق سومرو، بيگم رضا محمد ڀٽو، بيگم ايس خان، بيگم فريده مغل، بيگم شڪيلا غالب، بيگم الطاف قادري ۽ آپا ڪنيز قادري اچي ڪلب کي سنڀاليو. ان کانپوءِ سال۱۹۷۰ ۾ ڪلب ويران ٿي ويو. ان جا باغ اجڙي ويا. عمارت هڪ کنڊر بڻجي وئي. گهڻا سال پوءِ، جڏهن ۲۰۰۴ ۾ هڪ بلڊر طرفان ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي، ان تي قبضي جي ڪوششش ڪئي وئي ته شهر جي هڪ سماجي تنظيم ارٿ لورس سوسائٽي طرفان ان جي خلاف مزاحمت ڪندي، شهر جي باشعور ماڻهن ۽ تنظيمن جو اجلاس خاڪسار هائوس ۾ ۸ مئي ۲۰۰۴ تي گهرايو ويو. جنهن ۾ ڪلب کي بچائڻ لاءِ، لاڙڪاڻو بچايو ايڪشن ڪميٽي ٺاهي، ان جو اڳواڻ ڊاڪٽر صبيحه مغل کي مقرر ڪيو ويو. ان پليٽ فارم تان ڪلب کي بچائڻ لاءِ بک هڙتال ڪئي وئي ۽ ريلي ڪڍي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ ڪلب قبضي کان بچي ويو. گومي ٻائي ليڊيز ڪلب ته بچي ويو، پر اڃا تائين ڪلب کي ان جو ممتاز هوٽل وارو حصو واپس نه ٿي سگهيو آهي. بهرحال ڪلب کي بچائڻ بعد، ڪلب جون رونقون ٻيهر موٽي آيون ۽ ان جا ٻيهر قاعدا قانون ۽ باڊيون جڙيون. ۵ آگسٽ ۲۰۰۵ ۾ ڊي سي احمد بخش کوکر، ڪلب کي هلائڻ لاءِ هڪ ايڊهاڪ باڊي جوڙي، جنهن ۾ ڊاڪٽر صبيحه ارشد مغل کي چيئرپرسن، فيروزا کوکر کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪري، ڪلپنا ديوي، ڊاڪٽر فخرالنساءِ جوڻيجو، ڊاڪٽر مهه جبين مغل ۽ ٻين کي تنظيمي ڪميٽي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. جڏهن ۲۰۰۶ ۾ ضلعي ناظم محمد بخش آريجو مقرر ٿيو ته هن مسلم ليگ (ق) سان لاڳاپيل عهديدار عاليه رضوي کي ڪلب جو چيئرپرسن مقرر ڪيو، ۽ نئين باڊي جوڙي. بقول ڪلب جي ميمبرن جي ان تي سخت اعتراض اٿاريا ويا. جڏهن ق ليگ جي حڪومت ختم ٿي ته ۲۰۰۸ ۾ ڊاڪٽر صبيحه مغل کي ٻيهر پنهنجي عهدي تي واپس آندو ويو ۽ ڊاڪٽر اشرف عباسي، ڊاڪٽر فخرالنساءِ، بيگم عبدالرازاق سومرو ۽ ٻين کي تنظيمي ڪميٽي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو، جنهن ۲۰۰۸ع ۾ باقاعدي چونڊون ڪرايون، جنهن ۾ صدر شب روز ميمڻ، جنرل سيڪريٽري شازيا جلباڻي ۽ ٻيا عهديدار چونڊجي آيا.
ڪلب جي موجوده صدر پروين ابڙو ٻڌايو ته اڄڪلهه ڪلب لاءِ هڪ مسئلو پيدا ڪيو ويو آهي، جو ڪلب جي اوڀر ۾ ٺهندڙ هوٽل جي ڪمرن جون دريون ڪلب طرف ٺاهيون ويون آهن، جنهن ڪري ڪلب تي ڪافي غلط اثر پوندا، جنهن جي شڪايت ڊي سي لاڙڪاڻو کي لکت ۾ ڏني وئي آهي. ڪلب جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري شازيه جلباڻي ٻڌايو ته ڪلب کي سال ۲۰۰۸ ۾ رجسٽرڊ ڪرايو ويو هو ۽ ڪلب جا ۲ دڪان اڃا تائين دڪاندارن جي قبضي ۾آهن، جن جو ڪرايو به ڪڏهن ملي ٿو ته ڪڏهن نه ٿو ملي ۽ ڪو به ڪمشنر ۽ ڊي سي اهي دڪان واپس نه ڪرائي سگهيو آهي، جيڪڏهن اهي دڪان واپس ملن ته عورتن ۽ ڇوڪرين لاءِ لائبريري ۽ ڪمپيوٽر سينٽر کولڻ ۾ آساني پيدا ٿيندي. شازيه وڌيڪ ٻڌايو ته پ پ پ جي ٻنهي حڪومتن دوران ڪلب جي ڪا به پرگهور نه لڌي وئي ۽ خود جڏهن ڪلب جي ميمبر توقير فاطمه ڀٽو وزير ٿي ته هن به ڪلب لاءِ ڪجهه نه ڪيو. ڪيترا دفعا سسئي پليجو کي سندس وزارت دوران لکيو ويو، پر هن به ڪو جواب نه ڏنو. هن ٻڌايو ته ڪلب ۾ بسنت کان وٺي سمر گالا، مچ ڪچهريون ۽ ٻيا فيملي ۽ ٻارن جا پروگرام ڪرڻ سان گڏ ۸ مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن به ملهايو ويندو آهي. ان موقعي تي موجود ڪلب جي راندين واري شعبي جي انچارج مسرت صديقي ٻڌايو ته ڪلب اندر راندين جا هفتا به منعقد ڪيا ويندا آهن ۽ اڳتي هلي جڏهن ڪجهه فنڊ مليا ته عورتن لاءِ راندين کيڏڻ جا بهتر بندوبست ڪيا ويندا. هن ٻڌايو ته کين نه ضلعي انتظاميا، نه صوبائي حڪومت، نه ڪو ٻيو ادارو فنڊ ڏئي ٿو. صرف هڪ ڪمشنر عليم لاشاري هو، جنهن ۱۵ لک فنڊ ڏنو هو ۽ ضلعي ناظم خورشيد جوڻيجو ڪلب جي ڪمري جي ڇت ٺهرائي ڏني. هن ٻڌايو ته هڪ سال ڪلب جي بجلي به ڪٽيل هئي. ان جو سبب ڪلب جي ڪنيڪشن ۾ سڄو جناح باغ مليل هو ۽ ڪروڙ کان وڌيڪ بل آيو هو. ڪلب جي هڪ ٻي سرگرم ميمبر جهان آرا ڪلب جي اندر لائبريري جي سوال تي چيو ته ڪلب ۾ لائبريري ضرور هجي، پر اها عوامي لائبريري نه هجي. نثار کهڙي اسان کي پبلڪ وومين لائبريري لاءِ چيو هو، پر اسان کيس انڪار ڪيو هو. اسان کي جيڪڏهن حڪومت ڪا مالي مدد ڪري ته ڪلب ۾ ڪافي ڪم ٿي سگهن ٿا. ڪلب کي ڪينٽين ۽ ٻيا ڪمرا به گهرجن ۽ گهڻيون ٻيون ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ٿيون. سنڌ اندر گومي ٻائي واحد قديم تاريخي عورتن جو ڪلب آهي، جنهن کي بچايو ته ويو آهي، پر ان ڪلب جي قبضي ڪيل دڪانن کي خالي ڪرائڻ، ڪلب جي مکيه دروازي ٻاهران گڏهه گاڏن جو آزار ختم ڪرائڻ، ڪلب جي ڀر ۾ ٺهندڙ هوٽل جي ڪمرن جو دريون بند ڪرائڻ، ڪلب کي مستقبل فنڊ ڏيڻ جو بندوبست ڪرڻ، ڪلب ۾ ڇوڪرين لاءِ لائبريري، ڪپيوٽر سينٽر، نيٽ ڪيفي کولڻ، راندين کيڏڻ لاءِ سهولتون مهيا ڪرڻ، ويهڻ ۽ آفيس سيڪريٽريٽ لاءِ ڪمرا ٺهرائي ڏيڻ جو بندوبست ڪرڻ ۾ ضلعي انتظاميا، صوبائي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي ها. جيڪڏهن لاڙڪاڻي جي ڪا باشعور عورت اسيمبلي ۾ ميمبر موجود نه آهي ته گهٽ ۾ گهٽ روبينا قائمخاني، نصرت سحر عباسي کي ته گومي ٻائي ليڊيز ڪلب لاءِ ڪو آواز اٿارڻ گهرجي.
جيئن ته گومي ٻائي ليڊيز ڪلب لاڙڪاڻي جي داخلا في ۵ هزار آهي ۽ مهيني واري في تمام ٿوري آهي، جنهن سان ڪلب جو ڪاروبار نٿو هلائي سگهجي. ان لاءِ ميمبر پنهنجي کيسي مان پئسا ڪڍندا آهن. ميمبرن جو تعداد به تقريبن هڪ سؤ آهي ۽ ان کان وڌيڪ ميمبر ڪبا ته جاءِ جو مسئلو ٿئي ٿو. ان لاءِ حڪومت سنڌ، جيڪا عورتن جي ترقي لاءِ claim ڪندي رهي ٿي، ان کي گهرجي ته ڪلب لاءِ ساليانو گرانٽ مقرر ڪري. انهي کانسواءِ ضلعي ۽ ڊويزنل انتظاميا ميونسپل ڪارپوريشن، چيمبر آف ڪامرس به هر مهيني جا پئسا مقرر ڪري، جڏهن ته افسوس ٿئي ٿو ته هن وقت تائين ڪلب جي بجلي جو انتظام الڳ ڪو نه آهي ۽ ميونسپل ڪارپوريشن طرفان انتظام ٿيل آهي. گئس جو ڪنيڪشن به نه آهي، جڏهن ڪو مهمان اچي ٿو ته چانهه ٻاهران هوٽل تان گهرائي وڃي ٿي ۽ ڪلب ۾ ڪو ڪچن به ڪم نٿو ڪري. انهي کانسواءِ ڪلب جي خرچن جو حساب ڪتاب رکڻ وارو ڪو ڪلارڪ به نه آهي، جيڪو خط و ڪتاب به ڪري سگهي، ڪلب لاءِ ٻه کن خواتين پٽيواليون هئڻ گهرجن، جيڪي ڪلب جي صفائي ۽ ٻيا ڪم ڪري سگهن، پاڻي جو ڪنيڪشن نه هجڻ ڪري لان سڪندا وڃن ٿا، ڪلب جون ضرورتون تمام گهڻيون آهن، جيڪي آهستي آهستي پوريون ڪيون پيون وڃن. پراڻي عمارت جيڪا هڪ هال وانگر آهي، ان جي حالت مضبوط نه آهي ۽ هر وقت ان جي مرمت ڪرائي وڃي ٿي، پر پوءِ به ان تي رنگ نٿو بيهي ۽ ڪٿان نه ڪٿان جهرندي رهي ٿي، جنهن جي چڱي نموني سان مرمت ڪرائي وڃي يا وري ان جي اصليت بحال رکڻ لاءِ پراڻي طرز جون سرون استعمال ڪيون وڃن.
تقريبن ٻه سال اڳ، هڪ نئين عمارت تي ڪلب اندر موجود جڳهه تي ڪم شروع ڪيو ويو هو، جيڪو ڪافي عرصي کان بند ٿي ويو آهي. هن عمارت ۾ ڪچن، ٽي وي ڪمرو ۽ ڪينٽين شروع ٿيندي، جڏهن ته ڪلب ۾ هڪ ڪمرو وڌيڪ رکيو ويو آهي، جنهن کي ضرورت وقت استعمال ڪيو ويندو. ان کانسواءِ وڌيڪ گنجائش پيدا ڪئي ويندي ته جيئن ڪلب جي ميمبرن کي انگريزي تعليم ۾ مهارت ڏيارڻ لاءِ ڪلاس شروع ڪبا. جڏهن ته عورتن کي سلائي ۽ ڪڙهائي جو هنر سيکارڻ لاءِ، جون ۽ جولاءِ جي موڪلن ۾، ٻه مهينا تربيتي ڪورس ڪرائبو. جيئن ته عورتن لاءِ به واڪ ضروري آهي، ان لاءِ ڪلب اندر هڪ واڪ ٽريڪ ٺاهيو ويندو. جڏهن لاڙڪاڻي جو ڊي سي جاويد جاگيراڻي هيو ته هن ضلعي انتظاميا طرفان هڪ عدد ٽي وي سيٽ ڏنو هو ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر اسلم شيخ طرفان هڪ فرج ڏني وئي آهي. ڪلب ۾ هڪ عدد جنريٽر ته آهي، پر ان کي هلائڻ لاءِ ڊيزل جا پئسا ڪير ڏيندو؟ ڇو جو لاڙڪاڻي ۾ خاص ڪري اونهاري ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۱۶ کان ۱۸ ڪلاڪ هوندي آهي، جيڪو مهانگو پوندو. ڪلب کان پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ واپس اچڻ لاءِ هڪ وين هئڻ گهرجي، ڇو جو هر ميمبر پنهنجي گاڏي کڻي اچي، اهو ڏکيو ٿيندو. ميمبرن ۽ انهن جي ٻارن ۾ ڪتاب پڙهڻ جو شوق پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ سٺي لائبريري پڻ قائم ٿيڻ گهرجي، جنهن لاءِ ڪجهه حڪومت ۽ ڪجهه ٻيا سرندي وارا ماڻهو ڪتاب donate ڪندا. ڪلب جي هڪ سٺي ڳالهه اها آهي ته هتي سياست ڪرڻ ۽ ان تي ڳالهائڻ بلڪل بند آهي.
ڪيترين ئي مشڪلاتن جي هوندي به ڪلب وارن پنهنجا حوصله بلند رکيا آهن ۽ جيڪي ڪم هو عورتن جي ڀلائي لاءِ ڪن ٿيون اهي قابل تعريف آهن، جڏهن ۲۰۱۰ ۽ ۲۰۱۱ع ۾ جيڪي ٻوڏون آيون هيون، ان ۾ ڪيترا ئي ڳوٺاڻا بي گهر ٿي ويا هئا، جن کي لاڙڪاڻي شهر ۽ ٻين شهرن ۾ ترسايو ويو هو، سڀ ڪجهه ختم ٿي وڃڻ ڪري هو پريشان هئا، ڪلب وارن ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ کاڌي/ راشن جو بندوبست، پنهنجي جمع ڪيل رقم مان ڪيو. جڏهن ته ڇوڪرين جي تعليم متاثر ٿي انهن کي وڃي ڪتاب به فراهم ڪيا ۽ ڪلاس به ورتا. جيڪي عورتون ۽ ڇوڪريون بيمار هيون، انهن لاءِ ڊاڪٽرن کي وٺي علاج ۽ چيڪ اپ ڪرايو ويو ۽ دوائون ڏنيون ويون. اهڙي حالت ۾ پاڻ کي متاثرين ڪيئن صاف سٿرو رکن ۽ بيماري کان ڪيئن بچائين، ان لاءِ ڪيترا ئي ليڪچر ڏنا ويا. جيترو به وقت اهي عورتون ۽ ٻار اتي هيون، منجهانئن جيڪي اڻ پڙهيل هيا انهن کي بنيادي لکڻ ۽ پڙهڻ جي سکيا ۽ ڄاڻ ڏني وئي. هر ميمبر پنهنجي طرفان نوان ۽ پراڻا سٺي حالت وارا ڪپڙا گڏ ڪري انهن ۾ ورهايا.
ڪلب جي طرفان غريب ۽ نادار عورتن ۽ ٻارن ۾ تحفه خريد ڪري ورهايا وڃن ٿا، سلائي ۽ ڪڙهائيءَ جو ڪم ايندڙ سامان پڻ هنرمند عورتن کي ڏنو وڃي ٿو، عورتن جي تفريح لاءِ مينا بازار لڳائي وڃي ٿي، جتي کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻيا تفريح جا سامان موجود هوندا آهن، جن ۾ حصي وٺڻ وارين عورتن ۽ ڇوڪرين لاءِ انعام رکجن ٿا. جڏهن ته ڪلب اندر ميمبرن ۽ انهن جي ٻارن لاءِ ۱۴ آگسٽ، ۲۳ مارچ، عورتن جو ڏهاڙي ۸ مارچ ملهايو وڃي ٿو. گرمين جي موڪلن ۾ سمر ڪيمپ لڳي ٿي، ٻارن لاءِ فني شو ۽ ٽيبلو پيش ڪبا آهن، سردي جي موسم ۾ وري Bonfire جو بندوبست ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ميمبر ۽ انهن جا ٻار گيت ڳائن ٿا ۽ اتي لڳل اسٽالن تان شيون وٺي کائن ٿا، جيڪي گهٽ ريٽ تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. شاعري ۽ موسيقي چئي ۽ ٻڌي سڀ ڪو مزو ماڻي ٿو.
ڪلب ۾ گهڻي قدر جيڪي به ڏينهن سال ۾ قومي بين الاقوامي سطح تي ملهائجن ٿا، اهي سڀ ڪلب ۾ ملهائبا آهن، جن ۾ بسنت ۾ لغڙ اڏائجن ٿا. اهڙي موقعي جي نسبت سان ڪپڙا پائي اچبو آهي. هنن پروگرامن ذريعي عورتن جي چهري تي رونق ۽ مسڪراهٽ ڇانئجي وڃي ٿي. هن موقعي تي ٻارن ۾ خود اعتمادي پيدا ٿئي ٿي ۽ اهي دنيا ۽ ملڪ جي رسمن رواجن ۽ تهذيب کان واقف ٿين ٿا. اها ڳالهه تمام سٺي آهي ته ڪلب وارا اسپيشل ٻارن کي نٿا وسارين ۽ انهن کي ڪلب ۾ گهرائي تحفا ڏنا وڃن ٿا، پروگرامن ۾ حصو ڏنو وڃي ٿو، کاڌو کارايو وڃي ٿو، خاص ڪري سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي وڏي رونق هوندي آهي ۽ سڀ ٽوپي اجرڪ پائي پروگرام ۾ حصو وٺن ٿا ۽ سٺا ۽ پيارا گيت ڳائجن ٿا. جنهن مان سنڌي ثقافت ظاهر ٿيندي آهي. ڪلب ۾ ڀٽائي جي ڏهاڙي کي به وڏي چاهه سان ملهائبو آهي، جنهن ۾ ڀٽائي جي شاعري پڙهي وڃي ٿي ۽ ان جا ڪلام ڳايا وڃن ٿا. تقريري مقابلا ڪرايا وڃن ٿا. ڪرڪيٽ جون ميچون رکيون وڃن ٿيون. اهڙن پروگرامن ذريعي اسان نوان شاعر، ليکڪ، رانديگر مقرر وغيره پيدا ڪريون ٿا ۽ ٻارن جي اندر اڳتي وڌڻ جو اتساهه پيدا ٿئي ٿو. غريبن لاءِ همدردي، علم سان محبت ۽ ڪتابن سان چاهه پيدا ٿي وڃي ٿو. غريب ۽ يتيم ڇوڪرين جي شادي لاءِ ڏاج، ميمبر پنهنجي کيسي مان گڏ ڪري ڏين ٿيون، جيڪو تمام بهترين عمل آهي.
ڪلب لاءِ ڪيترا ئي قانون ٺهيل آهن، جن ۾ هڪ سٺي ڳالهه اها آهي ته جيڪي ڇوڪريون ميبمرن جون نياڻيون آهن ۽ انهن جي عمر ۲۰ سالن کان مٿي آهي ۽ هو غير شادي شده آهن ته انهن کان رجسٽريشن في جيڪا ۵ هزار آهي، اها نٿي ورتي وڃي ۽ انهن کي صرف مهيني واري فيس ڏيڻي پوندي آهي. ميمبر ٿيڻ لاءِ تعليم جي حد مئٽرڪ آهي. هن ڪلب جي موجودگيءَ مان وڌ ۾ وڌ عورتن کي فائدو ڏيڻ لاءِ حڪومت سنڌ کي گهرجي ته هن جي مالي مدد ڪري ۽ هر سال گرانٽ ڏني وڃي ته جيئن ڪلب جون ضرورتون پوريون ٿي سگهن. رهيل عمارت جو ڪم جلد شروع ڪرايو وڃي ۽ ڪلب جي اندر اڃا به واڌارو ڪيو وڃي. ڇو جو هاڻي شهر جي آبادي ۱۹۳۴ع واري آبادي کان تمام گهڻي ٿي وئي آهي. عورتون تعليم يافته ٿي ويون آهن ۽ ٿوري گهڻي خوشحالي ۽ شعور آيو آهي، انهي لاءِ ڪلب ۾ گنجائش ۽ سهولتن کي وڌائڻ لاءِ حڪومت ۽ ٻيا ادارا سهڪار ڪن.

No comments:

Post a Comment