Saturday, June 23, 2012

ڪبوتر ۽ لاڙڪاڻي جا ڪبوترباز - جيئل اوڏ


ڪبوتر ۽ لاڙڪاڻي جا ڪبوترباز
جيئل اوڏ
هي هڪ مشھور پکي آهي. هن کي سنڌي لغات مطابق ڪبوتر، پاريھر، پاريھل، پاريل ۽ پاريلو، اردو ۾ ڪبوتر، هندي ۾ ڪـَپوت، بنگالي ۾ ڪوبُوتور، بلوچي ۾ ڪَپودر، پشتو ۾ ڪونتره، پنجابي ۾ ڪبوتر، ڪشميري ۾ ڪُوتُر، فارسيءَ ۾ ڪبوتر، عربي ۾ حمام، انگريزي “Pigeon” پِجن ۽ براهوي ٻوليءَ ۾ ڪَپوت-پيغام رسيفوڪ چيو وڃي ٿو.
هي امن، پيار ۽ پيغام جو پکي آهي. ڏسڻ ۾ معصوم ۽ نازڪ پر وقت سان وڏو بھادر ۽ دلير آهي. هن جا ڪارناما تاريخ جي بابن ۾ سونھري اکرن سان لکيا ويا آهن. هن پنھنجي ڊيوٽي پيار جو قاصد بڻجي ڏني ۽ پيغام رسانيءَ ذريعي پنھنجي جان جي به پرواهه نه ڪري جنگ دوران پنھنجي قوم جي لکين فوجي سپاهين جون زندگيون بچايون.


۰-۱ ڪبوترن جا قسم:
۱ - اصيل.
۲ - فينسي.
اصيلن ۾ به ٻه قسم آهن، هڪڙا هيٺ اُڏرڻ وارا ۽ ٻيا تمام مٿي اڏرڻ وارا. هن شوق ۾ وڏا وڏا مقابلا ڪرايا ويندا آهن ۽ وڏيون شرطون لڳايون وينديون آهن.
۰-۱ اصيلن ۾ نسل:
۱-۱ ڪل چوچو: اڻ لڀ نسل آهي. هن نسل جي ڪبوترن جو رنگ بلڪل اڇو ٿيندو آهي، پيرن جا نُھن، چنھنب ۽ اکين جا ڀروون ڪاريون ٿينديون اٿن.
۲-۱ ڪل دومون: سڄو اڇو پڇ ڪارو. هي نسل تيز گرميءَ جي مند ۾ منجهند جي هڪ ٻي وڳي تائين آسمان ۾ اُڏار ڪري ٿو.  هڪڙن جون اکيون ڦڪي رنگ ۾ به ٿين ۽ هڪڙن جون گلابي رنگ ۾ ٿين.
۳-۱ دوباز: ڪارو ۳ يا ۴  پر اڇا ۽ مٿي تي اڇو ٽِڪو.
۴-۱ ڇاپ دار: سائي ۽ اڇي نسل جي ملاوٽ.
۵-۱ گولڊن: ڳاڙهي رنگ وارو.
۶-۱ رام پوري زاغ: زاغ ڪاري رنگ کي چيو ويندو آهي. فارسي ۾ ڪانوَ کي به زاغ چيو ٿو وڃي.  ڪاري ننڍي چنھنب، اک ڳاڙهه سُري هي نسل هندوستان (رامپور کان آيل).
۷-۱ شاهه جھان پوري هرو: هي نسل هندوستان کان آيل آهي، هي قد بُت ۾ ننڍا ٿين ٿا.
۸-۱ لِلِ دومون: ڪبوتر پاڻ اڇو ۽ پڇ نيري رنگ وارو.
۹-۱ ڪل سرو: ڪبوتر جي منڍي ۽ پڇ به ڪارو.
۱۰-۱ هاردار: ڪبوتر پاڻ اڇو ۽ ڳچيءَ تي هار وانگر نشان.
۱۱-۱ موتيو: ڪبوتر پاڻ بلڪل اڇو، پير، پيرن جا نھن ۽ چھنب اڇي.
۱۲-۱ ڪانٽاڪش: هي ڪبوتر هر رنگ ۾ آهن ۽ هن نسل واري ڪبوتر جي ڳچي هلندي رهندي آهي.
۱۳-۱ ڪلڪتاتي: ڪلڪتي مان آيل ڪبوتر جو قسم.
۱۴-۱ جونسري:
۱۵-۱ وحشي:
۱۶-۱ بينظير:
۱۷-۱ قصوري:
۱۸-۱ خُتنگ: هيٺيان ڪارو ۽ مٿيون حصو ڳاڙهو. ان ڪبوتر کي ختنگ چيو وڃي ٿو.

۰-۲ فينسي: هي مٿي اڏرندا ناهن، صرف گهر جي زينت لاءِ آهن. ھيٺ ڄاڻايل، قسم اٿس.
۱-۲ لڪو: اڏرڻ وقت ڏوٽيون ڏيندو آهي.
۲-۲ فرشي: هي ڪبوتر فرش تي ئي ڏوٽيون ڏيندو آهي. 
۳-۲ شيرازي: ايران کان آيل نسل.
۴-۲ ارنڊ: اهو قد-بت ۾ باز وانگر هوندو آهي.
۵-۲ غبارو: هي چائنا جو نسل آهي.
۶-۲ موڊينا: وزن ۳ پاءُ اڌ ڪلو، هر رنگ ۾ موجود آهي.
۷-۲ نقاب پوش: هر رنگ ۾ موجود، هن جي اکين تائين کنڀ ٿين ۽ اکيون به ڍڪيل ٿين. ان ڪري کيس نقاب پوش چون.
۸-۲ ڪنگ: وزن ڪلو کان ڏيڍ ڪلو. هر رنگ ۾ موجود، اڇو ناسي وغيره.
۹-۲ مصري: مصر کان آيل نسل ننڍي چنھنب وارو.

ان کان علاوه
۱۰-۲ خطاطي Carier نسل: پيغام پھچائڻ لاءِ ڌاريو ويندو آهي.
۱۱-۲ هومر Homar نسل: فوجي جاسوسيءَ لاءِ پاليندا آهن. يورپي ملڪن ۾ هي نسل ڏاڍو آهي ۽ وڏن شرطن تي هنن ڪبوترن جون اُڏارون Races ڪرايون وينديون آهن. جيڪي ڪبوتر وڏيون ڊوڙون (اڏارڻ ۾) کٽن ٿا، انھن جون قيمتون لکن ڊالرن ۾ ڪٿيون وڃن ٿيون.
ڪبوتر جا پير ڳاڙها ٿيندا آهن. جنھن جو سبب، شاعر وري اهو ٿا ڄاڻائين ته؛ ”جڏهن ڪبوتر خط کڻي روانو ٿئي ٿو ته عاشق ويچاري، سندس پيرن تي روئيندڙ اکين جو رت، ايتري قدر مـَليو جو سندس پير ئي رت سان رڱجي ڳاڙها ٿي پيا.“
تاريخ گواهه آهي ته شھزادي سليم ۽ نورجھان جي عشق جي شروعات، ڪبوتر سان ٿي. قصو هيئن آهي ته نورجھان جو اصلي نالو ”مھرالنساءِ“ هيو. شھزادي سليم، کيس باغ ۾ ڏٺو ۽ ٻه ڪبوتر هٿ ۾ ڏيندي چيائينس؛ ”هي ٻه ڪبوتر قابو ڪر! مان ٿوري دير ۾ موٽي ٿو اچان. ڪبوتر هٿيڪا ڪجانءِ.“ ان دوران هڪ ڪبوتر مھرالنساءِ جي هٿ مان نڪري اڏري ويو. جڏهن شھزادو سليم (جھانگير) موٽي آيو ۽ هڪ ڪبوتر ڏسي پڇا ڪيائين؛ ”ڪبوتر ڪيئن اڏري ويو؟“ مھرالنساءِ ڏاڍي معصوميت سان ٻيو ڪبوتر به اڏائي چيس؛ ”هيئن!“ سليم هن جي ان ادا تي فدا ٿي پيو ۽ دل ۾ پڪو پھه ڪيائين ته مھرالنساءِ کي پنھنجي ملڪہ بڻائيندس. پوءِ اڳتي هلي اها ڳالهه، حقيقت ۾ بدلجي ويئي.

ڪبوتر کي امام حسين عليھ السلام جو پيغام پھچائيندڙ به چيو ويو آهي. ”روضة الشھدا“ ۾ آيل آهي ته هڪ ڪبوتر ڪربلا ۾ آيو، جنھن امام حسين عليھ السلام جي رت ۾ ليٽي دانھون ڪوڪون ڪري پاڻ پئي پڇاڙيو. پوءِ اتان اڏامي مديني ۾ آيو، جتي ڪيھون ڪيون. پيغيمبر صلعم جي روضي جي چوڌاري پئي ڦريو. سندس کنڀن مان رت جا ڦڙا ٽمي روضي جي مٿان پئي پيا.
ماڻھو ڪبوتر کي ڏسي ڏاڍو عجب ۾ پيا پر پوءِ امام حسين جي شھادت جي خبر پين. تڏهن سمجهيائون ته ڪبوتر انھيءَ واقعي جو اطلاع ڏيڻ آيو هو.
قديم يوناني، چيني ۽ روسي ادب ۾ هومر نسل جي ڪبوتر کي معصوميت ۽ محبت جي نشانيءَ طور استعمال ڪندا آهن. دنيا جي ڪيترن مذهبن ۾ هن کي مقدس پکي مڃيو وڃي ٿو. دنيا ۾ هينئر ڪبوتر کي امن جي سڃاڻپ طور پيش ڪيو ٿو وڃي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته چنگيز خان جي منگول دستن سان گڏ قاصد ڪبوتر هوندا هئا. تحقيق مطابق، يورپين هومرز جو نسل پالڻ جو شوق انڊو-پاڪ ۾ انتھا درجي جو هو ۽ اڄ پڻ آهي.
اڪبري دور ۾ وڏا وڏا نواب، جاگيردار ۽ شاهي عملدارن جي حويلين جو ”ڪبوتر خانو“ الڳ شاندار قسم جو ٺھيل هوندو هو. مغليه دور ۾ عھدِ اڪبري دوران، ڪبوتر پروريءَ جو فن، وڏي عروج تي هو. اڪبر بادشاهه، جڏهن به جنگي مھمات تي ويندو هيو ته پنھنجي پسند جا ڪبوتر، پاڻ سان کنيون ويندو هيو. هُن جي وقت ۾ نامي گرامي استاد ڪبوتر باز، شاهي ڪبوترن جي سار سنڀال لاءِ موجود هئا.
شھنشاهه بابر، شروع ۾ ڪبوتر بازيءَ جو سخت مخالف هيو. پر پوءِ هن شوق سان دلي لڳاءُ ٿي ويس. شھنشاهه پنھنجي يادداشت ۾ لکي ٿو ته؛ اڄ اسان ڪبوتر خاني جي ڇت تي ويٺاسين ۽ آفيم کاڌي سين. اِتي تاريخدان آفيم جي معنى ڪبوتر پروريءَ جو شوق لکن ٿا.
روسي جنگجو، پنھنجي فتح جو پيغام Racing ڪبوترن ذريعي، اڳواٽ پنھنجن ڏورانھن علائقن ۾ پھچائي ڇڏيندا هئا. نيپولين بونا پارٽ جي ”واٽر لو“ جي شڪست جو پيغام ”ناٿن روٿ چائلڊ“ نالي تيز ترين ڪبوتر پھريائين پھچايو.
ڪوريا واري جنگ ۾ به، هومر ڪبوترن پيغام رسيءَ جو ڪم ڪيو. ۱۸۷۰ع ۾ فرانس به هزارين هومر ڪبوترن کان جنگي خدمتون حاصل ڪيون.
”ميري“ نالي ڪبوتري، دنيا جي نھايت اهم جاسوس ڪبوتري هئي، جيڪا برٽش آرميءَ جي زيرِ استعمال رهي. ۵ سالن جي جنگ دوران ”ميري“ ۲۲ دفعا زخمي ٿي. مگر اتحادي فوجن لاءِ معلومات حاصل ڪندي رهي. هن ڪبوتريءَ کي، هُن جي بھادريءَ ۽ اهم ڪارنامن سرانجام ڏيڻ تي تاج برطانيه جي وڏي ۽ فوجي اعزاز ”وڪٽوريه ڪراس“ ۽ ”ڊيڪن ميڊل“ سان نوازيو ويو. اِنَ ڪبوتريءَ جو نسل هِن وقت به ملڪہ برطانيه جي ڪبوتر خانن ۾ موجود آهي.
ٻي مھاڀاري لڙائيءَ ۾، بھادريءَ جا عظيم ڪارناما سرانجام ڏيڻ تي ”مرڪري“ نالي ڪبوتر کيءَ به وڪٽوريه ڪراس جو تمغو ۽ ٻيا ميڊل مليا. اهي تمغا برطانيه ۾ ان وقت پنجاهه هزار پائونڊن ۾ خريد ڪيا ويا. هن ڪبوتر کي ۱۹۴۲ع ۾ مقبوضه ڊينمارڪ ۾ موڪليو ويو. جتان هو سمنڊ مٿان ۴۸۰ ميل پرواز ڪري، ڊينمارڪ جي تحريڪ مزاحمت جو اهم پيغام کڻي واپس پھتو. 
برگيڊيئر ڪبوتر (فوجي خدمت جي عيوض کيس برگيڊيئر جو عھدو ڏنو ويو هو) به جرمن فوج لاءِ اهم خدمتون سرانجام ڏيندي، پنھنجي جان جي قرباني ڏني. هن ڪبوتر جي آندل پيغام ذريعي، ڦاٿل ڏهه هزار (۱۰۰۰۰) فوجين جي جان بچائي ويئي. هومر نسل جو هي ڪبوتر، زخمي حالت ۾ ۸۰۰ ميلن جو مفاصلو طئي ڪري، منزل تي پھتو، جنھن ۾ ۳۰۰ ميل سامونڊي رستو هيو.
جرمن فوج، هن زخمي ڪبوتر کي بچائڻ لاءِ، تمام وڏي ڪوشش ڪئي. پر گهڻي رت وهڻ ڪري، هو بچي نه سگهيو. اهڙيءَ طرح هن قومي هيرو کي، حنوط ڪري، ملڪ جي قومي ميوزم ۾ رکيو ويو آهي.
پاڪستان ۾ سڀ کان پھريائين ۱۹۶۰ع ۾ هومر ڪبوتر گهرايا ويا. وڌيڪ معلوم هجي ته هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ۱۹۶۵ع ۽ ۱۹۷۱ع ۾ جيڪي جنگيون لڳيون، ٻنھي جنگين ۾ پاڪستان، جاسوسي/ پيغام رساني لاءِ هومر ڪبوتر استعمال ۾ آندا.
ڪوريا جي جنگ دوران، هڪ صحافي ڪورين انٽيليجنس سروس جي انچارج ڪرنل ڪوپر کان پڇيو ته؛ هن جديد دور ۾ اليڪٽرونڪ ڪميونيڪيشن جي هوندي به ڪبوترن وارو قديمي پيغام رسانيءَ جو ذريعو ڇو ٿا استعمال ڪريو؟ ان جي جواب ۾ ڪرنل ڪوپر چيو ته، ”سموري جنگ واري علائقي کي، اليڪٽرونڪ ڪميونيڪيشن سسٽم سان جوڙڻ تمام مشڪل ۽ مھانگو ڪم آهي. جڏهن ته ٻئي طرف ريڊيو ٽرانسميٽر کي دشمن ڪنھن به وقت جام ڪري سگهي ٿو. ان ڪري ڪبوتر ذريعي پيغام رساني سڀ کان وڌيڪ ۽ آسان ذريعو آهي. اهڙن ڪبوترن کي اشارن ذريعي پيغام سيکاريا ويندا آهن، يا انھن جي پيرن سان ٻڌل ڪاغذ تي لکيل پيغام پڙهي معلوم ڪيا ويندا آهن.
ڪبوتري هڪ ڏينھن هڪ آنو لاهيندي آھي. وري هڪ ڏينھن ڇڏي، ٻئي ڏينھن تي هڪ آنو لاهيندي آھي. ڪُل ٻه آنا لاهي، جيڪي اڇي رنگ تي ٿين. ۲۱ ڏينھن ڪبوتري، ٻن آنن تي آرو ڪندي. ان بعد آنن مان ٻچا نڪرندا، جن جي حالت گوشت جي ٻوٽيءَ جھڙي ٿئي. ۱۲ ڏينھن ۾، ٻچي کي سوئا نڪرڻ شروع ٿيندا آهن ۽ پوءِ انھن مان کنڀ جڙندا آهن. آني ڦٽڻ بعد، سندن ماءُ واتُ واتَ ۾ ملائي، ٻچن کي هوا ڦوڪيندي ۽ پنھنجي پِڪَ کارائيندي آهي. اهو عمل ٻه ڏينھن هلندو آهي. ان کان پوءِ، ماءُ پنھنجي ٻچن کي وات سان چوڳو ڏئي ٿي ۽ ۲۴ ڏينھن ائين گذري ويندا. ۲۵ ڏينھن، ٻچا پاڻ چوڳو ڪندا آهن ۽ کُڏَ اندر کيڏندا رهندا آھن ۽ کُڏَ مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هڪ مھيني کان پوءِ اُڏرڻ شروع ڪندا ۽ ۴۵ ڏينھن اندر هو پرواز لائق ٿين ٿا. هڪ مھيني کانپوءِ، وري ڪبوتري پراڻي عمل تحت ٻه آنا لاهي. آرو ڪري، ٻچا ڦوڙي ٻچا جوان ڪندي رهندي ۽ اهڙيءَ طرح ڪبوتري سال ۾ ۱۲ تُور ڏئي ٿي.
عام ڪبوتر کي پُڇ ۾ ۱۲ پتا ٿين. جڏھن ته ڀلي ڪبوتر کي، ۱۴ پتا ٿا ٿين. جوان ڪبوتر کي کنڀڙاٽيءَ ۾ ۱۰ پـَرَ ٿين ٿا. ڪبوتر جي عمر ۲۵ کان ۳۰ سال ٿئي.
شوقين، ڪبوتر کي خوراڪ ۾ ۱۲ اَنَ ڏيندا آهن. جھڙوڪ؛ ساريون، ڪڻڪ، جوئر، ٻاجهري، چڻو، مٽر، چانور، مُڱَ ۽ سڀئي داليون وغيره.

۰-۳ نـر ۽ ماديءَ جي ڄاڻ:
۱-۳ مادي ڪبوتريءَ جو جوڙ، کليل هوندو آهي.
۲-۳ نر ڪبوتر جو جوڙ، بند هوندو آهي.

۰-۴ ڪبوتري ۽ ڪبوترا:
لغات مطابق ڪبوتريءَ کي نچڻ واري ڪڃري، خوبصورت، سھڻي، ٺاهوڪي ۽ حسين به بيان ڪيو ويو آهي. ڪبوترا ذات وارا، ٿر ۾ ڪافي تعداد ۾ رهن ٿا.

۰-۵ ڪبوترن جو شڪار:
۱-۵ شڪار جي منع:
جتي وڏا سيلر آهن ۽ سارين جي مند ۾ انھن سيلرن جي ڪمپائونڊ وال اندر سارين جا وڏا وڏا پھاڙن جيڏا ڍير نظر ايندا ۽ انھن مٿان اوهان کي هزارن جي تعداد ۾ جهنگلي ڪبوتر اَنُ چڳندا نظر ايندا. هڪڙا ولر چوڳو ڪري ويندا ٻيا پيا ايندا. انھن پکين کي مارڻ منع آهي ۽ مون انھن جاين تي پکين کي اُڏاريندي به ڪو نه ڏٺو آهي.
۲-۵ بندوق سان شڪار:
ٻھراڙيءَ ۾ جڏهن ديرا اُڪلي ويندا آهن ته پوءِ اَن داڻا چڳڻ لاءِ اُتي به جهنگلي ڪبوترن جا ولر اچي لھندا آهن ۽ پوءِ شڪار جا شوقين، بندوق ذريعي اُتي اچي شڪار ڪن. ڇوڪراڻي ٽھي، وري گليلي هٿ ۾ کڻي، پوءِ شڪار ته ڪري ئي ڪري.
۳-۵ ڍٻيءَ سان شڪار:
ان کان علاوه پکين جا شڪاري ڍٻيءَ سان به شڪار ڪن ٿا. ڍٻيءَ سان شڪار لاءِ سخت ڌاڳن وارو رَڇُ (ڄار) جنھن جو رنگ هلڪو ڀورو يا هلڪو ناسي هوندو آهي. سندس ڊيگهه ۶ يا ۷ فوٽ ۽ ويڪر ۵ کان ۶ فوٽ ٿئي. اهو ڄار، ڪاٺين جي چونڪ سان ٻڌل هوندو آهي ۽ چونڪ سنھين ڪاٺين سان تيار ڪبو آهي ۽ اهو چونڪ کُلي ۽ بند ٿي سگهندو آهي. سندس ٻنھي ڇيڙن جي سامھون چوٽين وٽ ٻه ڪليون لڳل هونديون آهن، جن ۾ رَڇَ جون ڏوريون ٻڌل هونديون آهن ۽ هڪ ڊگهي ڏوري وچ ۾ پيل هوندي اٿس، جنھن جي ڇڪڻ سان چونڪ بند ٿي رائنٽي (ننڍو قبو) جي نموني بڻجي ويندو آهي ۽ چوڌاري وچ جو دائرو ڦري ويندو ۽ ڏوري ڍري ڪرڻ سان چونڪ ڌرتي تي ليٽي پوندو آهي ۽ زمين تي پاٿارجي پوندو آهي. ماري، سج اڀرڻ کان ٿورو اڳ ۾، اچي ديري جي ميدان ۾ اڏيندو آهي ۽ ڏسندو ته ڪافي پکي ڍٻيءَ جي ڇڪ ۾ آهن ته پوءِ رسي ڇڪي وٺندو ۽ پوءِ جيڪي ڍٻيءَ ۾ ڦاسندا انھن کي ڪڍي وٺندو. وري شام جي پھر ۾ به پکين جا ولر داڻي جي چوڳي لاءِ اچي خالي ديرن ۾ لھندا آهن ۽ شڪاري شڪار ڪندا آهن.
۴-۵ گز ڪمان سان شڪار:
پراڻي دور ۾ تترن، ڳيرن ۽ ڪبوترن جو شڪار، گز ڪمان سان به ڪيو ويندو هو. منھنجو مرحوم نانو فقير ٽلو مل ۽ سندس سؤٽ مرحوم چوئٿ مل ۽ منھنجو مرحوم مامو دائم مل گز هڻڻ جا ماهر ليکبا هئا. گز ۽ ڪمانون به پاڻ ٺاهيندا هئا، جيڪي مون ننڍپڻ ۾ ڏٺيون. ڪمان، ٻير جي ڪاٺيءَ مان ٺھندي هئي ۽ ان جي ڏوري (زهه) ڇيلي جي آنڊي مان ٺاهيندا هئا. گز ۽ ڪمانون پاڻ ٺاهيندا هئا. معلوم هجي ته گز، اڏرندڙ پکيءَ کي هنيو ويندو هيو ۽ پکيءَ جي ڇاتيءَ ۾ لڳي هيٺ ڪيرائيندو هيس.
۵-۵ ڪبوترن جا ٿاڪ:
مزارن مٿان اڏايل قبن مٿان ۽ اندران مسجدن ۾ اوهان کي ڪبوترن جا وڏا ڪٽڪ نظر ايندا، پراڻين جاين ۾ به پنھنجا وٿاڻ ڪن ٿا. هِنن جي هُو هُو جي لات دل لڀائيندڙ آهي.
۶-۵ ڪبوتر جي گوشت جا فائدا:
ڪبوتر هن مشھور پکيءَ جا ٻه ٽي قسم آهن، جن جو گوشت فالج، لقوه، استرخاء عضون لاءِ ۽ بدن ۾ رت پيدا ڪري ٿو. گردن، مثانه، معده ۽ جگر لاءِ مقوي آهي. قوت باهه کي وڌائيندو آهي. هن جي وِٺ آلت جي طاقت ۽ لذت الطرفين جي لاءِ مفيد آهي. هن جو رت گرم اک جي ڦُلي لاءِ فائديمند آهي. پاريھر جو گوشت، اڌرنگي جي مريض لاءِ حڪيم تجويز ڪندا آهن.
۷-۵ ڪبوتر جي وِٺ جا فائدا:
ڪبوتر جي وِٺ جانور (مناوڻ-لڳ نه جهلڻ) جيڪا لڳ نه جهلي ان لاءِ اڪسير آهي. ڪبوتر جي وِٺِ کي چاري ۾ جانور (مناوڻ) کي کارائي وڃڻ سان ان جانور کي گرمي پئدا ٿئي ٿي ۽ ان بعد هو ميلاپ جي خواهش ظاهر ڪري ٿي ۽ پوءِ اُن مان نسل وٺي سگهجي ٿو.

۰-۶ ڪبوترن بابت ڪلام ۽ گانا:
پراڻي وقت ۾ جڏهن رڪارڊ ۽ فونا هوندا هئا، ان وقت ماسٽر چندر جو گانو؛
”ڪبوتر، ڪبوتر، ڪبوتر، ڪبوتر عقل جا اڪابر“
ڏاڍو مقبول ٿيو ۽ مون پاڻ ٻُڌو. ان کانپوءِ جيڪو گانو ڪبوتر بابت مشھور ٿيو اُهو هُيو پاڪستاني پنجاب فلم دُلاڀٽي جو:
”واسطا اي رب دا- تون جاوين وي ڪبوترا،
چٺي ميري ڍول پجاوين وي ڪبوترا.“
اُها فلم ۱۹۵۶ع ۾ رليز ٿي. گاني کي ڳائڻ واري هئي منور سلطانه، گاني جو موسيقار هيو جي اي چشتي (غلام احمد چشتي). اداڪارن ۾ هئا صبيحه، سڌير، ايم اسماعيل، علاؤ الدين ۽ آشا پوسلي وغيره. فلم جو گيت ڪار هو طفيل هوشيار پوري. هن جھڙو ڪبوتر وارو گانو فلم انڊسٽري جي تاريخ ۾ وري ايترو مقبول ڪونه ٿيو ۽ دلا ڀٽي پنھنجي وقت جي بھترين فلم هئي.

۰-۷ ڪبوترن جا ڪي يادگار:
۱-۷ جنرل جان جيڪب، جيڪب آباد ۾ ڪچي ريزيڊنسي ۽ پنھنجي پالتو پيغامبر ڪبوترن جي لاءِ تقريبن ۳۰ فوٽ اُچو، ۸ فوٽ ويڪرو هڪ چورس ڪمرو ٺھرايو هو جيڪو اڌ ڪچو ۽ اڌ پڪو آهي. هن ۾ چئني طرفن کان هڪ فوٽ اوچي ۽ ڇھه انچ ويڪري خانن جون قطارون ٺھيل آهن ۽ ان کان اڳيان ڏاڪا به ٺھيل آهن. جيئن ڪبوتر آسانيءَ سان رهي سگهن. ۱۹۴۶ع ۾ ڪچي ريزيڊنسي کي ڪرائي موجوده پڪي عمارت ڪئي ويئي ۽ گڏوگڏ ٻيون به آفيسون ٺاهيون ويون. پر ڪبوتر خانو  Dove cote اڃا تائين موجود آهي، جنھن ۾ هن وقت به جهنگلي ڪبوتر رهن ٿا.
۲-۷ مڌيه پرديش جي گواليار شهر ۾، هڪ ننڍو ڪبوتر گهر يا Pigeon House (ڪبوتر خانو)Kabutar Khana موجود آهي جيڪو، ۱۴۰۰ع جي يادگارن ۾ شامل آهن.
۳-۷ پراڻي دهلي- چاندني چوڪ:
ڳاڙهي قلعي جي اوڀر ۾ چاندني چوڪ جي آخر ۾ هڪ ڊگمبرا جين مندر ۽ سنگ مرر سان جڙيل هڪ ننڍو حاطو جيڪو  چوڌاري ڀتين جي قطارن سان گهيريل آهي، جتي هڪ وڻندڙ پکين جي اسپتال آهي جنھن کي جين مت وارا هلائين ٿا. جتي هر قسم جا پکي موجود آهن ۽ پکين جو علاج ٿئي ٿو ۽ کين کاڌ خوراڪ ڏني وڃي ٿي.
۴-۷ ڪبوتري مسجد جيڪب آباد:
ڪبوتري مسجد پراڻي ٽانگه اسٽينڊ لڳ امام بارگاهه جي ڀرسان سن ۱۹۶۹ع ۾ شھر جي هڪ معزز ۽ بزرگ شخصيت نادر علي شاهه جن جي ڪوشش سان تعمير ڪرائي ويئي. نادر علي شاهه جن هينئر وفات ڪري چڪا آهن.
۵-۷ اوڌ جو آخري حڪمران نواب واجد علي خان جيڪو ۱۸۴۷ع ۾ تخت تي ويٺو. هن وٽ ۳۵۰۰۰ جدا جدا نسل ۽ قسم جا پاليل ڪبوتر هئا. سندس ڪبوتر خانو پراڻن يادگارن ۾ شامل آهي.

۰-۸ سرديءَ ۾ احتياطي تدبيرون ۽ نسخا:
۱-۸ ايلوپيٿي نسخو
ڪبوتر جي سٺي صحت لاءِ، هفتي ۾ ٻه ڏينھن Vita Sol پائوڊر جو هڪ ننڍو چمچو، هلڪو ڀريل ٻه ليٽر پاڻيءَ ۾ ملائي، ڪبوتر کي پيارڻ لاءِ ڏجي. ان کان علاوه هفتي ۾، هڪ دفعو Vibramycin وبرامائيسن جو ڪيپسول ٽي ڪلو پاڻيءَ ۾ گڏائي، پيارڻ لاءِ ڏجي. هفتي ۾ هڪ ڏينھن وٽامنA & D سيرپ ٻه چمچا پاڻيءَ ۾ ملائي ڪبوترن کي ڏنا وڃن ته ڪنھن به قسم جي بيماري ڪا نه لڳندن.
۲-۷ ديسي نسخو:
وڏڦ هڪ آنو، اجواڻ هڪ آنو، ڪار مرچ پنجن روپين جا، سنڍ هڪ (ڏنڊي) ڪٽي. ٻن ليٽر پاڻيءَ ۾ ڪاڙهيو. ايترو ڪاڙهيو جو پاڻي وڃي هڪ ليٽر بچي. اهو پاڻي، هڪ صاف بوتل ۾ رکي ڇڏيو.
روزانه هڪ ليٽر پاڻيءَ ۾، ان ڪاڙهيل پاڻيءَ مان هڪ اونس شامل ڪري، پاڻيءَ ۾ ملائي ڪبوترن کي پياريو. ڪبوتر هشاش بشاش ۽ اڏرڻ ۾ به تيز ٿيندا. گرمين ۾ سنڍ جو مقدار گهٽ ڪريو.
پروفيسر عبدالمجيد ڀٽو، پــڳدار استاد لاڙڪاڻو ڊويزن، ۱۹۹۲ع کان ڪبوترن جون ٽورنامينٽون ڪرائيندڙ، ڪبوترن جي صحت متعلق ٻڌائي ٿو ته؛ پکين ڪبوترن کي بنا ڪنھن بيماريءَ جي ظاهر ٿيڻ کان اڳ ڪو به علاج، يوناني هجي يا انگريزي، نه ڏيڻ گهرجي. صحتمند ڪبوتر کي جيڪڏهن دوا ڏني ويندي ته اها دوا جيڪا جنھن مرض جي آهي اهو مرض ان پکيءَ کي لڳي ويندو. ان ڪري منھنجو ڪبوترن جي شوقينن کي اهو مشورو آهي. مان پنھنجي تجربي سان اها ڳالهه اوهان کي ٻڌايان ٿو ته؛ اصل علاج آھي احتياط. صاف ان (کاڌو) ۽ پاڻيءَ جو ٿانءُ، ڏينھن ۾ ٻه ڀيرا صاف ڪجي. جيڪي ڪبوتر، مٿي ڇتين تي آهن ۽ اتي سيمينٽ جو بلاڪ يا سرن جو فرش لڳل آهي ته ان جي ڀرسان، جتي ڪبوتر کي ان ڏنو ويندو آهي، اتي ڪچي مٽي يا ريتي ڪنھن پاٽ ۾ رکجي. اهي ٻئي شيون ڪبوتر کائي، پنھنجو علاج پاڻ ڪري سگهن ٿا. ان سان ڪبوترن جي صحت مضبوط ٿئي ٿي.
۳-۷ علاج يوناني:
وڏف، جيرو سفيد، جيرو ڪارو،  ڪارا مرچ، سنڍ، هرٻي جو ٻج، ٿوم سڪل، ڳڙ پراڻو، مصري، پنير، جاڻ، ماکي اصل، ڦودنو، عڪر ڪره، ڪل جا مٺ، نوشادر، اڇرو، گلقند.
مٿيون ۱۷ شيون، هم وزن، سڀ وزن ۾ هڪ جيتريون ڪُٽي، ڪپڙي ۾ ڇاڻ ڪري، پوءِ سڀئي پاڻ ۾ ملائي، ان ۾ ماکي ايتري ملائجي جو اِهي نرم ٿي وڃن. پوءِ چڻي جيتريون ڳوڙهيون ٺاهي رکجن ۽ اتفاق سان جيڪڏهن ڪو پکي بيمار ٿئي ته روز هڪ، ان بيمار پکيءَ کي ڏجي.

۰-۸ ڪبوترن جا مقابلا (ٽورنامينٽ):
۱-۷ هڪڙا اهڙي قسم جا مقابلا جنھن ۾ ڪبوتر صبح جو ۶ بجي کان رات جو ۷ بجه تائين لاڳيتو اڏرن، ان هڪ ڏينھن واري ٽورنامينٽ کي هڪ ڏينھن واري ٽورنامينٽ چيو وڃي ٿو.
۲-۷ صبح جو ۶ بجه کان وٺي وري سڄو ڏينھن ۽ سڄي رات، ٻيو سڄو ڏينھن مٿي آسمان ۾ لاڳيتو پرواز ڪري، شام جو ۷ بجه واپس گهراچي کـُڏ تي ويھي.
۳-۷ ٻه ڪبوتر باز، پنھنجا ڪبوتر ۲۵ کان ۱۰۰ تائين ۽ ٻيو ڪبوتر باز به پنھنجا ڪبوتر ساڳئي تعداد جيترا، پنھنجي پنھنجي گهر مٿان اڏاريندو ۽ اهڙيءَ طرح سان ٻنھي ڪبوتر بازن جا ڪبوتر آسمان ۾ اڏري وڃي پاڻ ۾ ملي ويندا ۽ ان بعد هر هڪ مالڪ پنھنجن ڪبوترن کي جهنڊي جي زور سان پنھنجي گهر گهرائيندو. اهڙيءَ طرح سان جنھن خفتيءَ جي ڪبوتر، ٻئي خفتيءَ جي ڪبوترن کي ساڻ ڪري، پنھنجي گهر لاٿو ته پوءِ اُن خفتي جنھن جا ڪبوتر ٻئي گهر لٿا، ڄڻ شرط هارائي جيڪا هزارين روپين ۾ ٿئي ٿي.
۴-۸ آسمان ۾ ڪلابازيون (ڏوٽيون): ٻن يا ٽن شوقينن جا ڪبوتر آسمان ۾ ڇڏيا ويندا ۽ ڪبوتر ڏوٽيون ڏيندا ۽ جج ان جون ڏوٽيون ڳڻيندا ويندا ۽ جنھن ڪبوتر جون ڏوٽيون وڌيڪ هونديون، ان ڪبوتر مقابلو کٽيو. معلوم هجي ته اصيل ڪبوتر، هزار کان ۵۰۰۰ ڪلابازيون ڏئي، واپس پنھنجي گهر پھچي ٿو.

۰-۹ لاڙڪاڻي ۾ ڪبوترن جا شوقين:
لاڙڪاڻي ۾ پراڻي وقت ۾ ته وڏا وڏا استاد ڪبوترباز هئا. ھتي فقط موجود ڪبوتربازن جو ذڪر ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو.
۱-۹ استاد ممتاز شيخ ۽ استاد مختيار شيخ، غوثپور محلو، باقراڻي روڊ لاڙڪاڻو.
ٻئي پاڻ ۾ ڀائر آھن. سندن عمر ۶۵ کان ۷۰ سال يا اڃا به مٿي ٿيندي. ننڍڙي عمر کان وٺي ڪبوترن جو شوق اٿن. وڏين وڏين ٽورنامينٽن ۾ حصو ورتل ۽ انعام کٽيل اٿن. پھريائين وٽن ڪل چوچا نسل جا ڪبوتر هوندا هئا ۽ هينئر ڪاري اک وارا هاردار نسل وارا ڪبوتر موجود اٿن.
۲-۹ پروفيسر عبدالمجيد ڀٽو، مراد واهڻ محلو، لاڙڪاڻو:
عمر تقريباً ۵۵ سال، ۲۵، ۳۰ سالن کان ڪبوترن جو شوق اٿس. هي پاڻ وڏين وڏين ٽورنامينٽن ۾ حصو وٺندو آهي ۽ ان ۾ سندس ڪبوترن انعام کٽيا آهن. ڪبوترن ۾ زاغ، پٽي وارا، موتيا، ڳاڙها سرخا، ختنگ (هيٺان ڪارا ۽ مٿان ڳاڙها) چانديءَ وارا ھومر موجود آهن.
۳-۹ غفور شاهه، لاهوري محلو، لاڙڪاڻو:
۴۰ سالن کان ڪبوترن جو شوق آهي. ديھڙ ڪارا (زاغ ۽ ڪل چوچي اڇي جو ڪراس) نسل موجود آهي.
۴-۹ حفيظ ديدڙ، نوحاڻي گھٽي (ايـمپائر سئنيما جي پويان):
۴۰-۴۵ سالن کان ڪبوترن جو شوق آهي. ڪاري اک وارا هرا ۽ شاهه جھان پوري نسل موجود آهي. ڪبوتر خانو سندس جاءِ جي مٿئين پورشن تي آهي، جنھن ۾ ڪبوترن لاءِ وڏا پڃرا موجود آهن.
۵-۹ محرم وڪو مراد واهڻ:
پروفيسر عبدالمجيد ڀٽو جو شاگرد، ۳۰ سال شوق کي ٿيا اٿس. ڪبوترن خريد ڪرڻ ۽ وڪڻڻ وارو دوڪان اٿس. سندس پسنديده نسل ڪاسني ڇاپ دار ڦڪا ڪبوتر آهن.
۶-۹ ثناءُ الله ڀٽو ڳوٺ ڇڄڙا ضلعو قمبر:
عمر ۴۲ سال اٿس، ۲۸ سالن کان ڪبوترن جو شوق رکي ٿو. سرخا چينا، اڇا ڦڪي اک ۾ اک مٽ، هڪ اک ڪاري ۽ ٻي ڦڪي اک وارو نسل اٿس.
۷-۹ سيد گل شاهه جيلس بازار:
۴۵- سال عمر، ۳۵ سالن کان ڪبوترن جو شوق. ڇاپ دار، هرا ڪارسرا نسل موجود آهي.
۸-۹ محمد خان تونيه ڳوٺ گنجا تونيه:
عمر ۴۰ سال اٿس. ۲۰ سالن کان ڪبوترن جو شوق، پٽيءَ وارو نسل ۽ هيٺ اُڏار وارا ڪبوتر موجود آهن.
۹-۹ قاضي طارق حسين وڪيل:
لاڙڪاڻي جو معتبر ماڻھو آهي. پي پي پي PPP ٽاور جي لڳ آغا خان ليبارٽري واري بلڊنگ ۽ راحيله ليبارٽري واري وڏي بلڊنگ جيڪا قاضي صاحبن جي ملڪيت آهي، انھيءَ بلڊنگ جي مٿان ڇت تي ڪبوترن لاءِ وڏا وڏا پڃرا/ ٺھيل آهن ۽ ان ۾ ڪيترن قسمن جا ڪبوتر موجود آهن. هر هڪ ايندڙ ويندڙ ماڻھو آرام سان اهي ڪبوتر ڏسي سگهن ٿا. اها ئي قاضي صاحبن جي شوق جي نشاني آهي.
۱۰-۹ ڪامريڊ ڪريم بلوچ:
عمر ۵۰-۵۵ سال اٿس، پاڻ پرائمري استاد آهي. ۳۰-۴۰ سالن کان ڪڪڙن ۽ ڪبوترن جو شوق رکي ٿو. هن مھانگائيءَ واري دؤر ۾ شوق ختم ڪيو اٿس. هن وٽ دوباز (ڪارو ۽ ۵ پري اڇا)، ڪل چوچو ۽ ڪل دومو، هرو شاهه جھان پوري نسل جا ڪبوتر موجود هئا.
۱۱-۹ استاد محمد عارف اعواڻ:
ڪبوترن جا شوقين مون ڪيترا ڏٺا. ساڻن ملاقاتون ٿيون. سندن ڪبوترن جون رهائشگاهون به ڏٺيون پر جڏهن مان هن خفتيءَ سان ملڻ ويس ته دنگ رهجي ويس. ڏاڪڻ تي چڙهي، جاءِ جي مٿئين پورشن تي وڃي ڪچھري به ڪئيسين. ڪبوتر به ڏٺم، جاءِ ننڍي، هيٺ مٿي، هيٺئين پورشن ۾ اعواڻ صاحب جي آڪھه ۽ ٻار ٻچا وڏي سوڙهه ۾ ٿا رهن. ٻارڙا ڪاليج ۾ ويندڙ ۽ پڙهيل لکيل فيملي آهي. جاءِ جي مٿئين پورشن ۾، سندس شوق ٿو رهي. يعني مٿئين پورشن ۾ ڪبوتر ڌاريل آهن. وڏي خلوص وارو ۽ سچو ماڻھو. اعواڻ صاحب وٽ، ڪارا ڇاپ دار نسل وارا ڪبوتر آهن.
مٿين شوقين کان علاوه ڪبوتر پالڻ جي شوقينن ۾ قطب الدين راجپوت، محمد شريف ابڙو بقاپور، رياض احمد چانڊيو، حاجن سولنگي، اياز پيرزادو، سليم سانگي، جمال، فخر الدين راجپوت، زبير احمد ڀٽو، سرائي الطاف کوکر، استاد لعل بخش چھواڻ، عمران مغيري، رحيم خان مغيري ۽ جميل ملڪ وغيره ڪبوترن جا وڏا شوقين آهن.


No comments:

Post a Comment