Sunday, June 24, 2012

لاڙڪاڻي جا عالم ۽ پي ايڇ ڊي - منظور سولنگي


لاڙڪاڻي جا عالم ۽ پي ايڇ ڊي
سنڌي تحقيقي ادب ۾ لاڙڪاڻي جو حصو
منظور سولنگي
سنڌ جي تاريخ ۾ لاڙڪاڻو هڪ منفرد مقام رکي ٿو. هر دؤر ۾ هن خطي جي ماڻھن اعلى بصيرت ۽ سوچ جو عملي ثبوت ڏنو آهي. لاڙڪاڻو جتي سياسي اعتبار کان پاڪستان جو محور رهيو آهي، اتي علم ادب جي ميدان ۾ به هتان سنڌي ساهتيه جو سج اڀريل ڏسڻ ۾ آيو آهي. وڏا قربدار مخلص ۽ اعلى گڻن وارا انسان هن مردم خيز زمين تي آباد آهن، جيڪي نه فقط پنھنجي زبان سان سچا ۽ مخلص آهن پر انسان ذات جي ڪم اچڻ ۽ مدد ڪرڻ ۾ پڻ اڳ کان اڳرا رهيا آهن. هتان جي سڀاڳي سرزمين اهڙا ادبي گوهر پيدا ڪيا آهن، جن جون ڪيل خدمتون سنڌي ادب ۾ مثالي حيثيت جون حامل آهن.

هن ضلعي جا لائق ليکڪ پنھنجي صلاحيتن عيوض پوري هند، سنڌ ۾ سُڃاتا وڃن ٿا. منھنجو اشارو اُنھن معتبر هستين ڏانھن آهي جن سنڌي علم و ادب جي کيتر ۾ سڦلي خدمت ڪري مثالي ۽ من پسند مقام ماڻيو آهي.
سنڌي ادب جي جن لائق محققن ادب جي مختلف شعبن ۾ پنھنجي عرقريزي وسيلي عَطائي بنجڻ جو مثالي ثبوت ڏنو آهي، اُنھن ۾ لاڙڪاڻي جو حصو مڙني کان ممتاز درجو رکي ٿو. جاچي ڏسبو ته هڪ طويل فھرست سامھون ايندي . اُهي مُحقق اسان جي نظرن کان اوجهل نه آهن جن سنڌي زبان لاءِ پنھنجي زندگي وقف ڪئي آهي. اهڙن ادارڪي انسانن، زِڪاوت جي صاحبن ۽ هم صفت هيرن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.

علامه غلام مصطفى قاسمي
اصل ۾ ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو تعلقو ميرو خان ضلعو لاڙڪاڻو (ھن وقت ضلع قمبر-شھدادڪوٽ) جو آهي. وڏو عالم، فاضل ۽ ڪمال خوبين جو خاوند آهي. هڙئون توڙي وڙئون عام انسانن سان ڀال ڀلائيندو رهي ٿو.
سندس فيض جو درياهه جاري ۽ ساري آهي، جنھن مان ڪيترائي علم جا اُڃايل پنھنجي اُڃ اُجهائين ٿا. عربي فارسي ۽ سنڌي زبانن تي مڪمل دسترس رکي ٿو. ڪافي ڪتاب لکيا اٿس، منجهائن تفسير سورت صبا ۱۹۴۷ع، شاهه جو رسالو ٻه جلد ۱۹۵۱ع، بنيادي لغت ۱۹۷۴ع ۽ ٻيا ڪافي ڪارائتا ڪتاب، ادبي سرمايي ۾ اضافي جو سبب بڻيل آهن. هي پرڪشش شخصيت، انتھائي شفيق ۽ فياض رهي آهي، شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد جي منتظم جي حيثيت ۾ الرحيم (سنڌي) ۽ الولي (اردو) ورهين تائين باقائدگيءَ سان ايڊٽ ڪيائين. ازانسواءِ تحقيقي، علمي ۽ مذهبي مقالا لکندو رهي ٿو. وڏي خوبي جيڪا هن ممتاز مُحقق جي حق ۾ رهي آهي، ته وٽائنس ايم فل (M Phil) ۽ ڊي فل (D Phil) لاءِ رهنمائي ملندي رهي ٿي، خاص طور تي سنڌي ادب ۾ حاصل ٿيل ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون سندس ئي نيڪ نظر ۽ فيض اثر جو ثمر آور نتيجو بڻيل آهن. سچ پچ سنڌين کي سندن ذات تي فخر آهي حڪومت  پاڪستان سندس قدر ۾ صدارتي ايوارڊ تمغه امتياز سان کيس نوازيو آهي.
**
پـير علي محمد راشدي (۱۹۰۵-۱۹۸۷ع ):
لاڙڪاڻي جو اديب سياستدان صحافي ۽ مُحقق هو، اردو، سنڌي، انگريزيءَ ۾ ڪتاب ۽ مقالا لکيائين. خاص ڪري مادري زبان سنڌيءَ سان بيحد دلچسپي هيس اُهي ڏينھن، اُهي شينھن (ٽي جلد، ۱۹۴۴، ۱۹۸۵، ۱۹۸۱) ادبي دنيا ۾ آشڪار آهي، سفير ۽ وزير به ٿي رهيو. آزاديءَ جي تحريڪ ۾ بي بھا قربانيون ڏنائين، خاص طور تي ۲۳ مارچ ۱۹۴۰ع تي پاڪستان جو ٺھراءُ پاس ڪرڻ ۾ سرگرم عمل رهيو. قلم کان هميشه هٿيار جو ڪم ورتائين، جنھن ڪري سنڌي قوم جو وقار بلند ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيائين.
پير صاحب پنھنجي ذات ۾ ڏات جو ڌڻي هو. سندس سوچ ۾ محققانه پيش رفت هئي. اهو ئي سبب آهي جو پير صاحب جي تحرير پياري، معياري ۽ نياري آهي.
**

پير حسام الدين راشدي (۱۹۱۱-۱۹۸۷ع):
سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ مُحب وطن تاريخ نويس جي حيثيت ۾ مڃتا رکندڙ ۽ سُڄاڻ صحافين، عالمن ۽ محققن ۾ شمار ٿيندڙ ۽ لاڙڪاڻي سان تعلق رکي ٿو، پير صاحب کي سنڌ جي ماڻھن ۽ ڌرتي سان عشق هو. اردو، سنڌي ۽ فارسي زبانن ۾ اعلى درجي جون خدمتون سرانجام ڏنيون اٿس.
مڊل ايسٽ، يورپ ۽ ٻين ڪيترن بين الاقوامي ڪاميٽين جي نمائندگي حاصل هيس. سندس علمي خدمتن عوض صدارتي ايوارڊ ستاره امتياز سان نوازيل هو. ايراني حڪومت به کيس نشان سپاس درجه اول ڏنو. ڪافي ڪتاب قلمبند ۽ ايڊٽ ڪيائين. سنڌي ۾ مير معصوم بکري ۱۹۷۹ع، هو ڏوٿي هو ڏينھن، اسلامي ڪتبخانا، ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون کان علاوه فارسي ۽ اردو ۾ لاجواب ڪتاب سندس نالي کي زنده رکن ٿا. خاص طور تي فارسي ادب ۾ تاريخي ڪتابن تي اضافي حاشيا ۽ فوٽ نوٽ وغيره سندس مُحققانه ميراث بڻيل آهن. ٿڪائيندڙ ۽ خشڪ معاملا حل ڪرڻ ۾ وڏي مھارت رکندو هو. سندس صلاحيتن مان پي ايڇ ڊي ڪندڙن کي تمام گهڻي مدد ملندي هئي.
**

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو (۱۹۱۹-۱۹۹۰ع):
لاڙڪاڻي جي نامور استادن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو. عملي زندگي جو آغاز پرائمري ماستري سان ٿيو ۽ آخر ۾ پرنسپال جي عھدي تان پينشن تي پھتو. اَورچ محنتي ۽ لڳاتار لوچ رکڻ سان ڪافي ڪتاب ترتيب ڏنائين. خاص طور تي لوڪ ادب ۾ مثالي حيثيت رکي ٿو. سندس لکيل مقالن ۽ ڪتابن تي ايوارڊ ۽ گولڊ ميڊل به مليس. پاڻ ڪيترن ئي ڪميٽين جو ميمبر به رهيو. لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو عنوان تحت تحقيقي مقالو سندس عرقريزي ۽ نُور جو نچور ثابت ٿيو. سنڌي يونيورسٽيءَ طرفان انھيءَ عظيم عقل سليم عيوض سال (۱۹۷۴ع) ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري کيس ڏني وئي. سندس لکيل ڪتابن ۾ وينجهار، تحقيق لغات سنڌي، سامي ڌاتو ڪوش، سچل لغات، پھاڪن جي پاڙ، ڏهس نامو ۽ اصطلاحن جي اصليت وغيره، ادبي اهميت جو احساس ڏيارين ٿا. کيس سنڌي ٻولي ۾ ڪيل ادبي خدمتن جي اعتراف طور پاڪستان سرڪار ۱۹۸۵ع ۾ تمغه امتياز جي اعزاز سان نوازيو.
**

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
ناميارو عالم، مُحقق، دانشور ۽ ماهر لسانيات هيو، ميمڻ صاحب جي شخصيت ڪنھن به تعارف جي محتاج ناهي. اصل شڪارپور جو، ورهاڱي کان ٿورو اڳ لاڙڪاڻي لڏي آيو. سندس ولادت ۱۹۲۰ع جي آهي. پاڻ مڃيل مقرر، عالم ۽ سنڌي زبان جو دلداده هو.
تقريباً پنجاهه جي لڳ ڀڳ ڪتاب لکيا اٿس. بيان العارفين سنڌيءَ جي ترتيب ۽ اپٽار جي عنوان هيٺ تحقيقي مقالو لکي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۷۴ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتائين. پرنسپال جي عھدي تان رٽاير ٿيو، سندس تاريخي ۽ تحقيقي ڪتابن ۾ ڪريم جو ڪلام ۱۹۶۳ع، تذڪره شعراءِ سکر ۱۹۶۵ع، لطيف جو پيغام ۱۹۸۹ع، سنڌي ثقافت تي اسلامي اثرات ۱۹۸۹ع، لطيفي لات، شڪارپور جي ٻولي، سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، سنڌيءَ ۾ نعتيه شاعري، کان علاوه اردو زبان ۾ لکيل ڪتابن لسانيات پاڪستان نگارشات سنده وغيره وڏي اهميت جا حامل آهن. ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس ۱۹۲۰ع ۾ صدارتي ايوارڊ تمغه امتياز مليو آهي. سندس شاگردن جو حلقو تمام وسيع هو.
**

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو (۱۹۳۴-۱۹۹۴ع):
ڳوٺ پيچوها، تعلقو وارهه، ضلعو لاڙڪاڻو (ھن وقت ضلع قمبر-شھدادڪوٽ) سندس آبائي مسڪن آهي. هن پنھنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ماستريءَ سان ڪيو ۽ تعليم کاتي ۾ مختلف عھدن تي رهي آخر ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن جي ڪرسي تائين پھتو. ٻوهيو صاحب سٺو ڪھاڻيڪار ناول نگار، تنقيد نگار، لسانيات ۽ ماهر تعليم هو. هن پنھنجي پوري ڄمار علم ادب جي واڌاري لاءِ وقف ڪئي. تحقيق سندس پسنديده موضوع هيو، اهو ئي سبب آهي جو هن سماجي لسانيات ۾ گھري دلچسپي ورتي. سال ۱۹۷۷ع ۾ پي ايڇ.ڊي لاءِ ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ عنوان تحت مقالو تيار ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي. برصغير هند پاڪ ۾ ڪنھن به هڪ زبان جو هي پھريون ڀيرو اڀياس ڪيل آهي. ازانسواءِ علم تحقيق جي فن جي پيرائتي ڄاڻ ڏني اٿس. ٻيا ڪجهه ڪتاب ۽ تحقيقي مضمون پڻ لکيا اٿس.
**

ڊاڪٽر سيد محمود شاهه بخاري
هي صاحب ڳوٺ ميڻا تعلقو قمبر ضلعو لاڙڪاڻو سان تعلق رکي ٿو. تاريخ پھرين جنوري ۱۹۲۰ع سندس پيدائش آهي، پرائمري ماستري کان پروفيسر جي عھدي تان رٽائر ٿيو آهي سٻاجهي طبيعت ۽ عُمدن اوصافن جو مالڪ آهي، تعميري ۽ صحتمند ادب کي فروغ ڏيڻ لاءِ جاکوڙ جاري رکي ٿو. سال ۱۹۷۸ع ۾ آزاديءَ جي اڳواڻ سنڌ جي سَرموڙ ۽ جيد عالم مولانا تاج محمود امروٽي رح ۱۸۴۴-۱۹۲۹ع جي فڪر ۽ فياضيءَ بابت تحقيقي مقالو لکي سنڌي يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي اٿس. سندس مقالي جو مقرر ٿيل لفظن ۾ عنوان آهي “مولانا تاج محمود امروٽي جون علمي ۽ قومي خدمتون” هي ڪتاب ڊسمبر ۱۹۸۴ع ۾ ۴۵۲ صفحن تي ڦھليل وڏي ۽ ويڪري سائيز ۾ ڇپيل آهي. ڊاڪٽر موصوف مذڪوره ڪتاب ڪليات حسن (مولانا امروٽي رح جي ڪلام ۽ يادگيرين جو مجموعو نومبر ۱۹۹۱ع ۽ ڪليات بيوس ”بيوس جو ڪلام“ ايم اي لاءِ لکيل مونوگراف (اضافن ۽ واڌارن سان، ڊسمبر ۱۹۹۱ع ۾ پڌرا ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر صاحب جي قلم ۾ راست بازي، راسخ العقيدت ۽ رواني موجود آهي.
**

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
لاڙڪاڻي جي مُحققن ۾ شمار ٿئي ٿو. تاريخ ۲۵ مئي ۱۹۴۵ع تي ڳوٺ خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ۾ ڄائو. عملي زندگيءَ جو آغاز سيڪنڊري ماستريءَ کان ڪيائين ۽ ترقي ڪندي پروفيسر جي عھدي تي پھتو. ڪجهه وقت سنڌالاجي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور به ڪم ڪيائين ۽ ڏوڪري ڪاليج ۾ پرنسپال به ٿي رهيو. هن وقت ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي. سال ۱۹۷۹ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي نگراني هيٺ ”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻولي۽ علم ادب جي ترقي ۾ حصو“ جي موضوع تحت مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي سندَ ورتائين. ان کان علاوه مقالا ۽ ڪتاب به لکندو رهي ٿو. ادب ۽ ماحول، موتين مُٺ ملوڪ جي، مولانا عبيد الله سنڌي، آدرش رنگ، موتي مير ملوڪ جا، جو ڪيو مطالعو مون، ادب ۽ آئينو، ذهني آزمائش ۽ سنڌ ۾ سياسي چرپر وغيره سنڌي ادب ۾ اضافي جو سبب بڻيل آهن. هن وقت گل حيات انسٽيٽيوٽ (لاڙڪاڻالاجي) سرپرست اعلى طور سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪري رهيو آهي.
**

ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگھيو
ڳوٺ ڪاراڻي، موهن جي دڙي لڳ، هاريءَ جي گهر ۾ ۲۸ فيبروري ۱۹۳۰ع تي پيدا ٿيو. هن اَورچ انسان نھايت ناسازگار حالتن ۾ پر علم سان الفت ۽ اورچائي جي عادت سبب، مشڪل مرحلا طئي ڪندي، ڏاڍا ڏکڙا ڏسندي ساڃاهه جو سفر جاري رکيو، سندس تعلق لاڙڪاڻي سان آهي. بنيادي طرح سان صحافت جي شعبي سان وابسته آهي. وڏو خوش نصيب آهي جو شمس العلماءُ ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب وٽ ورهين جا ورهيه هڪ صحبتي جي حيثيت ۾ عملي راهه متعين ڪندو رهيو. اخبارن ۽ رسالن ۾ تمام گهڻو لکيو اٿس. ويتر انفارميشن کاتي ۾ رهي، صحافت جو آزمودو پڻ ڀلي ڀت حاصل ڪيائين. سال ۱۹۸۳ع ۾ ڊاڪٽريٽ لاءِ لکيل تحقيقي مقالو ”سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ“ ڇپيل مئي ۱۹۸۸ع عرقريزي ۽ عُمدي جاکوڙ جو واضع ثبوت مھيا ڪري ٿو. مقالي ۾ سنڌي ادب جو حصو خوبين سان وڌيڪ سرشار نظر اچي ٿو. ٻگهيو صاحب هن وقت پريس انفرميشن ڊپارٽمينٽ اسلام آباد ۾ پبلسٽي جو ڊائريڪٽر آهي.
**

ڊاڪٽر اياز حسين قادري
سندس مَسڪن، ميان جي ڳڙهي لاڙڪاڻو آهي ۽ تعلقي لاڙڪاڻي جي مشھور درويش صوفي، علمي ۽ ادبي قادري خاندان سان آهي، جنھن غزل جي اوسر ۾ وڏو ڪم ڪيو. هن جي اک غزل جي دنيا ۾ کُلي. ملازمت سانگي اڪثر ڪراچيءَ ۾ رهيو آهي. پروفيسر ڪراچي يونيورسٽي ۽ شاهه عبداللطيف چيئر تان رٽاير ٿيو آهي. اردو، فارسي ۽ سنڌي زبانن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکي ٿو، سنڌي ادب سان والھانه محبت اٿس ۽ سخن جو سلسلو وڏن کان ورثي ۾ محفوظ ڪندو اچي ٿو. سنڌ جي نامياري شاعرن ۽ محققن مان هڪ آهي.
سندس لکڻي لاجواب ۽ محققانه مزاج رکي ٿي، سال ۱۹۸۲ع ۾ سنڌي غزل جي اوسر بابت هڪ صخيم مقالو لکي سنڌي يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتائين. ڊاڪٽر صاحب جي ڪتابي ڪم، عام ڪتابن کان علاوه ”اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ“ (ترجمو)
۱۹۸۰ع ۽ ”ڪلام شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح“ جو اردو نثر ۾ ترجمو (چار جلد ۱۹۹۳ع) مثالي حيثيت رکن ٿا. هڪ بلند پايه عوامي ترجمان هجڻ ڪري، دانشمنديءَ سان معاشي اوڻاين جي ڀرپور نموني ۾ نشاندهي ڪندو رهي ٿو. انھيءَ انمول خوبيءَ عوض شاعراڻي عظمت جو مالڪ پڻ سڏجي ٿو .
**

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور سنڌي
استاد محترم ڊاڪٽر ميمڻ صاحب ڪنھن به رسمي تعارف جو محتاج نه آهي. هو پنھنجي اعلى ظرفي، خود اعتمادي ۽ مستقل مزاجي سببان سنڌي ادبي دنيا ۾ امر حيثيت سان مڃتا رکي ٿو. لاڙڪاڻي جي قديم آبادي ميمڻ محلو ۾ ستين پيڙهين آباد آهي. هي پھريون خوش نصيب آهي جنھن سنڌي ادب ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۷۵ع ۾ ايم فل جي سندَ ورتي آهي. سال ۱۹۷۸ع ايل ايل.بي جي امتحان ۾ ٻيو نمبر آهي ۽ ”اڻويھين صديءَ جا نثر نويس“ جي عنوان هيٺ تحقيقي مقالو لکي ۱۹۸۵ع ۾  ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي اٿس.
ميمڻ صاحب جو پنھنجي ٻولي سان بي انتھا پيار آهي ۽ ان لاءِ پنھنجي حياتي وقف ڪري ڇڏي اٿس. ۱۹۵۴ع کان بنا ناغي لکندو رهي ٿو. تقريبن ڏيڍ سؤ ڪتاب ۽ ٽن هزارن کان مٿي مقالا پڻ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ آڻي چڪو آهي. سيدنا عبدالقادر جيلاني، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، تذڪره غفوري (۱)، سنڌي ادب جي مختصر تاريخ (۱)، محمد رسول الله ﷺ، سنڌي انسائيڪلو پيڊيا ۵ جلد، عظيم سنڌي انسان، ادبي خزانو، سچا موتي، ست مقالا، مخدوم بلاول باغباني، ادبي اکيڙ وغيره سنڌي ادب ۾ مثالي حيثيت رکن ٿا. هِن سٻاجهڙي انسان جا اردو، انگريزي، براهوي ۽ گجراتي زبانن ۾ شاهڪار ترجمو ٿي چڪا آهن. سندس نثر سادو سلجهيل ۽ صاف آهي. گهڻو ڪري اردو، سنسڪرت، عربي ۽ فاري جي غير مانوس اصطلاحن ۽ مُحاورن کي ترڪ ڪري ٺيٺ سنڌي لفظن جو واهپو ڪيل آهي ڀٽائي ڀلاري ۽ سچل سونھاري جي فڪر فلسفي ۽ فن کي اونھي انداز ۾ بيان ڪرڻ هن ادراڪي انسان جي علمي جستجو جو مظھر بڻيل آهي. وٽس معياري ڪتب خانو پڻ آهي. قوي اميد آهي ته سندس جاکوڙ صدين تائين ساراهي ويندي.
**

ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
لاڙڪاڻي جي محققن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو، پرائمري ماستري کان ڪاليج تائين پھتو آهي. اصل ڳوٺ فيض محمد المعروف به ٿاڻو سوڍر تعلقو وارهه جو رهاڪو آهي. تاريخ ۱۰ مئي ۱۹۴۰ع تي سندس جنم پتري پڌري ٿيل آهي. ايم اي انٽرنيشنل رليشن ۽ سنڌي ادب ۾ سيڪنڊ ڪلاس پاس ڪيائين. سندس پسنديده موضوع تي تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري سنڌي يونيورسٽي مان ورتائين. مٿئين موضوع تي اڳ به گهڻو ڪم ٿيل آهي پر ڪنھن اعلى ڊگري لاءِ سنڌي زبان ۾ لکيل شاهه صاحب تي هي پھرين ٿيسز آهي ۽ سنڌي يونيورسٽيءَ جي به لطيف ادب ۾ پھرين ٿيسز آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه مرڪز حيدرآباد هي مقالو ۱۹۹۱ع ۾ شايع ٿيل آهي. ڊاڪٽر صاحب مضمون مقالا به لکندو رهي ٿو. ان کان علاوه ڪھاڻيون، ڊراما ۽ سفرناما به لکيا اٿس ۽ ڪانفرنس يا سيمينار ۾ به پنھنجا مضمون مقالا پڙهندو رهي ٿو. هن وقت ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پروفيسر جي عھدي تي ڪم ڪري رهيو آهي.
**

ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘
اصل شڪارپور جوآهي، هينئر لاڙڪاڻي ۾ ورهين کان مستقل طور تي آباد آهي سمجهدار، سلجهيل ۽ سنجيده آهي. ادبي ذوق رکي ٿو. نثر سان گڏ نظم ۾ به طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو. سال ۱۹۹۰ع ۾ ”مولانا ثناءُ الله ثنائي جي شاعريءَ جو تنقيدي جائزو“ عنوان هيٺ مقالو لکي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي اٿائين. ٻيا به ڪجهه ڪتاب ترتيب ۽ ترجمي جي صورت ۾ سامھون آيل آهن. امام شامل (ترجمو) ناقة الله (الله جي ڏاچي) ٻاراڻو ادب عرفان لطيف، اوجاڳا اکڙين، شعري مجموعو شاهه عبداللطيف (ڊاڪٽر اين اي بلوچ جي مضامين جي سھيڙ پيھي منجهه پاتال (لطيفات) گهريلو هنر جي صنعت (ترجمو) تاريخ اسلام جون باڪمال عورتون (ترجمو) وغيره سنڌي ادب ۾ واڌاري جو سبب بڻيل آهن ۽ وقت بوقت، تحقيقي مضمون مقالا پڻ لکندو رهي ٿو. پاڻ هن وقت ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي عھدي تي فائز آهي.
**

ڊاڪٽر غلام رسول سومرو
لاڙڪاڻي سان تعلق رکي ٿو ۽ هن وقت دهلي ڪاليج ڪريم آباد ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي عھدي تي ڪم ڪري رهيو آهي. ۽ پنھنجي محنت ۽ اورچائي وسيلي “لاڙڪاڻي ضلعي جي ادبي تاريخ” جي عنوان هيٺ سنڌيءَ ۾ مقالو لکي ۱۹۹۲ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ورتي اٿس. مقالو جي نگران طور نالو ڊاڪٽر اياز قادري جو قائم آهي. لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ بابت لکيل هي ڪتاب وڏي محنت سان ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته منجهس ادب جي حوالي سان لاڙڪاڻي جي مڪمل تاريخ ملي ٿي.

**

No comments:

Post a Comment