Sunday, September 23, 2012

ڪتي جي قبر


ڪتي جي قبر
(سنڌ جو تاريخي ماڳ)
ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار
اڳوڻي لاڙڪاڻي ضلعي ۽ موجوده قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي جي تعلقي قمبر جي کيرٿر رينج جي ڏاڙهياڙي جبل جي چوٽيءَ تي واقع “ڪتي جي قبر” جي نالي سان هڪ پراڻو تاريخي ماڳ آهي. ڪتي جي قبر وٽ سنڌ ۽ بلوچستان جو دنگ هئڻ سان گڏ چانڊڪا جاگير جو به پڻ دنگ آهي، جيڪو لاڙڪاڻي ۽ قمبر کان اولهه طرف آهي. جتي ڪتي جي وفاداري ۽ فرمانبرداري جي دلچسپ ڪهاڻي آهي. اتي وڏي اهميت واري ڳالهه اها به آهي ته ڏاڙهياڙي جبل جي جنهن چوٽيءَ تي ڪتي جي قبر آهي، اتي جڏهن 1902ع ۾ انگريزن ڪوئٽا کان وٺي ڪراچي تائين کيرٿر جبل جي رينج جي سروي ۽ ماپ ٿي ڪئي ته ڪتي جي قبر واري ڏاڙهياري جبل جي چوٽي تي کيرٿر جبل جي رينج ۾ سطح سمنڊ کان اوچي ۾ اوچي وڏي چوٽي قرار ڏنو هيو، جيڪا ان زماني جي سروي ۽ ماپ موجب 72 سئو فوٽ (ست هزار، ٻه سؤ فوٽ) اوچي آهي. جڏهن ته کيرٿر جبل جي رينج ۾ سڀ کان وڌ ۾ وڌ ٿڌو ۽ سرد علائقو آهي. جيڪو گورک هل اسٽيشن کان به وڌيڪ ٿڌو ۽ سرد آهي ۽ سطح سمنڊ جي لحاظ کان گورک کان به وڌيڪ اوچو ۽ مٿي آهي. پر اسان جي بدقسمت اها آهي ته هن وقت تائين اتي پهچڻ لاءِ ڪو به سٺو ۽ سؤلو رستو ڪو نه آهي، جڏهن ته قمبر کان وڌ ۾ وڌ 60-70 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. جيڪڏهن روڊ رستا هجن ته ڪلاڪ، يا ڏيڍ ڪلاڪ جو فاصلو آهي. ٻي اسان سنڌ وارن جي اها بدنصيبي آهي جو هي علائقو سنڌ ۾ آهي، جنهن جي ڪري اهو علائقو ڪا به ترقي وٺي نه سگهيو آهي.


ڪتي جي قبر تي پهچڻ لاءِ گڏهن ۽ اٺن تي وڃڻو پوي ٿو، جنهن ڪري اچڻ ۽ وڃڻ ۾ 6 کان 7 ڏينهن لڳي ٿا وڃن. هڪڙو رستو سيتا جي نئين جابلو ندي سان ۽ ٻيو مزاراڻي نئين سان ۽ ٽيون رستو ڇانهار نئين سان آهي، جڏهن چوٿون رستو بلوچستان جي موچڙو ۽ ونگو لڪ کان ٿيندو ڪرک پير ابراهيم تائين وڃي ٿو. جيڪو جيپن ۽ فور ويل گاڏين کان سواءِ موٽر سائيڪلن جو آهي. پير ابراهيم کان پوءِ به ڏاڙهياري جبل جي ڪتي جي قبر تائين پيادل ۽ اٺن جو مشڪل رستو آهي. جيڪڏهن سيتا نئين، مزاراڻي نئين ۽ ڇانهيار واري نئين سان وڃبو ته قدرت جا جبلن ۾ حسين نظارا ۽ قدرتي منظر آهن. جيڪي انسان کي لطف ڏيڻ سان گڏ عبرت ۽ حيرت ۾ وجهي ٿا ڇڏين. هي سڀ منظر ۽ قدرتي نظارا چانڊڪا جاگير ۾ آهن. ڪتي جي قبر جو ذڪر سڀ کان اڳ ۾، ايسٽنلي نيپئير ريڪس، “فوڪ ٽيلس آف سنڌ اينڊ گجرات” ۾ 1857ع ۾ ڪيو آهي، جنهن کي هن وقت 152 سال ٿي ويا آهن. جڏهن ته هي قصو اڃا به 50-100 سال پراڻو هوندو، جنهن کي اٽڪل 200-250 سال ٿيا هوندا.
ڪتي جي ڪهاڻي هن ريت آهي ته؛ ڏاڙهياري جبل تي هڪ مالوند ماڻهو رهندو هيو، جنهن جي مال جي حفاظت ۽ چوڪي لاءِ هڪ ڪتو هوندو هيو، جيڪو خطرناڪ بلائن ۽ جانورن جهڙوڪ؛ بگهڙ، چراخ ۽ رڇ کان بچاءَ لاءِ چوپائي مال، رڍن ۽ ٻڪرين جي حفاظت ڪندو هيو. اتفاق سان ان مالوند ماڻهوءَ کي سيڌي سامان يا پئسن جي ضرورت پئي ته هن هڪ دوڪاندار کان قرض وٺي پنهنجو وفادار ۽ نمڪ حلال ڪتو وٽس گروي رکيو ته آئون توهان جو قرض ڏئي پوءِ ڪتو ڪاهي ويندس. جنهن کانپوءِ اچانڪ هڪ رات دوڪاندار جي دوڪان ۾ چور چوري ڪري ويا. جڏهن صبح جو دوڪاندار ڏٺو ته دوڪان مان سامان چور چورائي ويا آهن، ته وٺي گهلَ گهوڙا ڪيائين جنهن تي ڳوٺ جا ماڻهو گڏ ٿي ويا. ڪٿي به پيرو وغيرهه نه پيو لڳي. ڇاڪاڻ ته جبل جي پٿرن تي پير ظاهر نه پيو ٿئي پر اهو ڪتو چورن جي پيري پويان هر هر اچي وڃي پيو، ۽ دانهون ڪوڪون ڪري ڀونڪي پيو. جنهن تي ڪنهن ڏاهي ماڻهو چيو ته يار ڪتو هر هر ڀونڪي پيو ۽ اچي وڃي ٿو هلو ته سهي ته ڪتي جي پويان هلي ڏسون ته ڪهڙي ماجرا آهي. پوءِ جڏهن دوڪاندار سميت ڳوٺاڻا ڪتي جي پويان هلڻ لڳا ته ڪتو چند ڪلوميٽرن جو پنڌ ڪري انهيءَ هنڌ تي اچي بيهي رهيو ۽ پيرن سان مٽي کوٽڻ لڳو ته دوڪان مان چوري ٿيل سامان ظاهر ٿي پيو، جيڪو چورن پوري ۽ لڪائي رکيو هو ته بعد ۾ اچي ڪڍنداسون. دوڪاندار کي جڏهن پنهنجي سموري چوري ملي وئي ته هن خوش ٿي ڪتي جي مالڪ جو قرض معاف ڪري، خوشيءَ مان ڪتي کي آزاد ڪري هڪ چٺي لکي اڳڙيءَ ۾ ٻڌي ڪتي جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏي ۽ ڪتي کي چيائين ته؛ “تون هاڻي آزاد آهين ڀلي پنهنجي مالڪ ڏي وڃ.”
هوڏانهن ڪتي جي مالڪ کي به ڪتي جي سخت ضرورت هئي، جيڪو دوڪاندار جي قرض جا پئسا هٿ ڪري، دوڪاندار ڏانهن کڻي اچي رهيو هو ته ڪتو کيس انهيءَ هنڌ تي ملي ويو جتي ھن وقت ڪتي جي قبر موجود آهي. ڪتي جي مالڪ، ڪاوڙ، غصي ۽ بي خبري واري حالت ۾ ڪتي کي ڀونڊو(بجو) ڏنو ۽ چيائينس ته؛ “نيمڪ حرام! اڄ مان توکي آزاد ڪرائڻ لاءِ اچي رهيو هوس. تون دوڪاندار سان بيوفائي ڪري ڇو ڀڄي آيو آهين؟” جنهن تي ڀونڊو ملڻ شرط، ڪتو اتي ئي مري ويو. جڏهن ڪتي جو مالڪ دوڪاندار وٽ پهتو ۽ کانئس ڪتي جي بيوفائيءَ تي معذرت ڪري قرض معاف واپس ڪرڻ لڳو ته دوڪاندار کيس پنهنجي چوريءَ جي سڄي ڳالهه کيس ٻڌائي ۽ چيائينس ته؛ “مون تنهنجو قرض معاف ڪري، ڪتي کي آزاد ڪري ڇڏيو ھيو ۽ اهڙي چٺي ڪتي جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏي هئي.” جنهن کان پوءِ ڪتي جو مالڪ پشيمان ٿيو ۽ واپس اچي قبر کوٽي، منجھس ڪتي کي پوري ڇڏيو. جنهن کان بعد، اڄ تائين اها ڪتي جي قبر طور مشهور آهي.
ڪتي جي قبر مٿان هڪ پٿرن جو ڍير قبر جيان ٺهيل هيو، جنهن کي مارچ 1996ع ۾ جڏهن پرنٽ ميڊيا تي مون ۽ لاهور جي برک صحافي سلمان رشيد هاءِ لائيٽ ڪيو ته ان وقت جي وزير اعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه نوٽيس وٺندي سنڌ جي اڳوڻي وزير اعليٰ سيد عبدالله شاهه ۽ اڳوڻي ايم اين اي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي اڳوڻي ناظم، چانڊڪا جاگير جي نواب مرحوم شبير احمد خان چانڊيو جن کي ڪتي جي قبر وزٽ ڪرڻ لاءِ موڪليو. جيڪي هيلي ڪاپٽر ذريعي ڪتي جي قبر تي پهتا هئا ۽ هڪ پلاسٽڪ جو ننڍڙو ريسٽ ھائوس جو پڻ بندوبست ڪرايو هيائون. جنهن ۾ چند پلاسٽڪ جون ڪرسيون وغيرهه به رکيون ويون هيون ته جيئن وزيٽرس لاءِ ڪجهه سهوليت هجي.
جڏهن اها خبر علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن کي پئي ته هنن ۾ ڪن ماڻهن سمجهيو ته ڪتي جي قبر ۽ ان جي اتر اولهه طرف 100 فوٽ جي فاصلي تي انگريزين جي ٺهيل سروي بئنچ مارڪ ۾ دنيا پوريل آهي. جنهن لاءِ ايتري مالڪي ٿي رهي آهي، انڪري اتي رهندڙ ڇٽا قبيلي، گائنچا قبيلي، چانڊين ۽ بروهي قبيلي جي ماڻهن مان ڪنهن به اچي ڪتي جي قبر ڊاهي ڇڏي آهي. جڏهن ته بئينچ مارڪ کي به نقصان ڏنو آهي. اندازو اهو آهي ته ماڻهن پوريل دنيا سمجهي هن کي کوٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن پرنٽ ميڊيا ۾ ڏاڙهياري جبل ۽ ڪتي جي قبر جي پبسلٽي ۽ مشهوري ٿيڻ لڳي ته هي علائقو تمام گهڻو سرد ۽ ٿڌو آهي، ته بلوچستان حڪومت دعويٰ ڪئي ته اهو علائقو اسان جو آهي. جنهن تي سنڌ ۽ بلوچستان حڪومت ۾ گهڻو بحث ٿيو هيو، جڏهن ته لاڙڪاڻي جي ريسٽ هائوس ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا سيڪريٽري سطح جا آفيسر پڻ آيا هئا، جتي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ موجودهه سيڪريٽري ثقافت سنڌ جناب شمس الدين جعفراڻي، ڪلهوڙا، ٽالپر ۽ انگريزن جي دور کان وٺي دستاويز، نقشا ۽ ڪاغذات پيش ڪري ثابت ڪيو هو ته ڏاڙهيارو جبل ۽ ڪتي جي قبر چانڊڪا جاگير ۽ سنڌ ۾ آهي. هن گڏجاڻيءَ ۾ نواب شبير احمد چانڊيو به ڪاغذن ۽ دستاويزن سميت موجود هيو، جڏهن ته مرزا قليچ بيگ 1885ع ۾ جڏهن وارهه ۽ نصير آباد ۾ مختيار هيو، ته انگريز حڪومت ان کي سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏاڙهياري جبل جي ڪتي جي قبر واري چوٽي تي دنگ يا حد ڏسڻ لاءِ موڪليو هيو. مرزا قليچ بيگ نواب غيبي خان چانڊيو جي ماڻهن، خاص ڪري علي خان گائينچو ۽ ٻين سان گڏجي جون 1885ع ۾ ڪتي جي قبر تي پهچي پٿر کي کرچي 2-3 انچ هيٺ سوراخ ڪري ٽڪنڊي نموني جو ليڪو ڪڍي ان ۾ بانس جو لڪڙو کوڙي سنڌ بلوچستان جو دنگ سرڪاري طرح نروار ڪيو هيو. اولهه طرف بلوچستان يا “خان” جي حڪومت ۽ اوڀر طرف سنڌ حڪومت. اهو ئي اولهه پاسي کان چانڊڪا جاگير جو به دنگ آهي. جڏهن ته 1902ع ۾ سروي دوران به سيمنٽ سان سروي بئنچ مارڪ به مرزا قليچ صاحب جي دنگ واري لڪڙي کان چند فوٽ اندر، سنڌ جي حد ۾ اوڀر طرف کان ٺاهيو ويو، جيڪي نشان اڄ تائين به موجود آهن. 1999ع ۾ به آئون لاهور جي صحافي سلمان رشيد سان گڏ لاهور جي پي ٽي وي (PTV) جي ٽيم سان ويو هئس. انهن وٽ ڪئميرائن جون بيٽريون ختم ٿيڻ ڪري پي ٽي وي لاهور جي ٽيم صرف 2 منٽ رڪارڊنگ ڪري سگهي هئي، جتي اسان ڪتي جي قبر بگڙيل حالت ۾ ڏٺي ۽ بئنچ مارڪ کي به نقصان پهتل ڏٺو. جڏهن ته ريسٽ هائوس جي لاءِ رکيل ڪرسيون به غائب هيون، جنهن لاءِ معلوم ٿيو هو ته اهي ڪرسيون به اتان جا ڇٽا کڻائي ويا هئا.
جيئن ته هي چانڊيا قبيلي جي جاگير آهي، جتي ڇٽا، گائينچا، چانڊيا ۽ ڪجهه بروهي رهندا آهن، جيڪي برسات يا جابلو ندين تي گذران ڪندا آهن. جيئن مرزا قليچ بيگ صاحبن پنهنجي ڪتاب (تقريرون ۽ تحريرون) ۾ لکيو آهي ته هيءَ وڏيري غيبي خان چانڊيو جي جاگير آهي، جتي گائينچا، ڇُٽا ۽ چانڊيا رهندا آهن، جيڪي آبادي وغيرهه ڪندا آهن ۽ ڪا به بٽئي يا حصو غيبي خان کي نه ڏيندا آهن. باقي غيبي خان يا سندس مهمانن کي هرڻن، سرهن ۽ گڊن جو شڪار ڪرائڻ ۽ مهمانن کي ڪتي جي قبر يا ڏاڙهياري جبل جو سير ڪرائڻ انهن لاءِ لازمي ڊيوٽي هوندي آهي، جيڪو طريقو ۽ سسٽم اڄ تائين نافذ العمل آهي. مسئلو اهو آهي ته مٿي پاڻيءَ جا چشما وغيرهه ڪو نه آهن، جنهن ڪري اتان جي ماڻهن جا ڏاندن سان ڪيڻ هڻي تلاءَ کوٽيل آهن. جيڪي برسات جي پاڻيءَ سان ڀريا ويندا آهن. جنهن جو استعمال اتان جا رهاڪو سخت گرمين جي مهينن؛ اپريل، مئي، جون، جولائي ۽ آگسٽ تائين پنهنجي ۽ پنهنجي مال لاءِ ڪندا آهن، جنهن تلاءَ کي هو“کَڙِ” سڏيندا آهن. جيئن “ويڍ” واري علائقي ۾ “قبول چانڊيو” جي کَڙِ مشهور آهي.
حقيقت هيءَ آهي ته کيرٿر جبل جي رينج ۾ اتر طرف کان چانڊيا ۽ مگسي قبيلي جي دنگ کان دادو ضلعي جي “حُرباب لڪ” تائين 60 يا 70 ڪلوميٽر کيرٿر جبل جو هي پٽو سرد ۽ ٿڌو آهي. جنهن جا مختلف هنڌن تي مختلف نالا آهن. جئين اتر طرف کان ڏکڻ طرف هيئن نالا آهن؛ “ميان گُن”، “شوشانگي” (گرينڊ ڪئينئن آف سنڌGrand Canyon of Sindh )، “مڇلَ”، “لاکاني”، “ڪَڪَرُ”، “ويڍ”، “انگهڙ”، “ڪتي جي قبر”، “باري پير”، “بارِگ”، “ٺوٺ”، “دَٻهي وارو ٺوٺ”، “پينئرو” وغيرهه.
مَڇَلَ، ڪتي جي قبر ۽ دٻهي واري ٺوٺ تي انگريزن جي سروي جا بئنچ مارڪ ٺهيل آهن. جڏهن ته ڪَڪَرَ، کان وٺي بارگ تائين وچ ۾ جبل کي ڏاڙهيارو سڏيو ويندو آهي. انگريز جي دؤر ۾ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر هتي ايندا رهيا آهن، جن ۾ مسٽر سيميوئل، مينسفيلڊ، مسٽر ڊبليو ايف هڊسن، مسٽر ڊبيلو ايڇ ليوڪرس، مسٽر گولڊ اسمنڊ، مسٽر ايڇ ٽي ليمبرڪ، سر جيمس بريٿويٽ پيل، مسٽر سي ايف بولٽن ۽ ٻيا قابلِ ذڪر آهن.
انگريز دور جا ڪامورا، گهر ويٺي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪري اڄوڪي دؤر جي ڪامورن ۽ اديبن جيان روپورٽون ڪو نه ٺاهيندا هئا، پر پاڻ اتي سرزمين تي وڃي اکين سان ڏسندا هئا. جيئن مٿي ذڪر ڪيل انگريز آفيسرن پاڻ هالار جبل جي قطارن ۾ ڏاڙهياري جبل جا دورا ڪيا ۽ روپورٽون لکيون. جنهن ۾ پاڻيءَ جي چشمن، سرد جاين، اوچين چوٽين ۽ لڪن جون رپورٽون ٺاهيون. جڏهن ته انگريز آفيسرن ڏاڙهياري جبل تي ٽي بي سينيٽوريم جي سفارش ڪئي هئي ۽ انگريز آفيسرن کي سخت گرميءَ ۾ ڏاڙهياري جبل تي رهڻ جي صلاح ڏني هئي. سنڌ جي آفيسرن ۾ ڪليم الله لاشاري ۽ سليم رضا کهڙو جن جا نالا به قابل ذڪر آهن جن اکين سان وڃي ڪتي جي قبر ڏٺي آهي. ان کان سواءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڏاڙهيارو جبل پاڻ وزٽ ڪيو هيو، جنهن ڪري سندس خيال هيو ته ڏاڙهياري جبل ۽ ٿڌن علائقن تي تفريحي ماڳ ۽ هِل اسٽيشن ٺاهي هن علائقي کي ۽ هتان جي ماڻهن کي ترقي وٺرائجي. تنهن ڪري محترمه بينظير ڀٽو به پنهنجي دور ۾ وزير اعليٰ سنڌ سيد عبدالله شاهه ۽ نواب شبير احمد خان چانڊيو کي ڏاڙهياري تي موڪليو هيو، جنهن جو ذڪر مٿي ڪري آيا آهيون. ڇاڪاڻ ته هتي هيتري سردي آهي جو شديد گرمي ۾ به هتان جا ماڻهو ٽيهپري کان سڄي رات باهه ٻاري هٿ سيڪيندا آهن ۽ پاڻ کي گرم رکندا آهن. جڏهن ته رات جو سوڙيون ۽ رليون مٿان وجهي سمهندا آهن ۽ ڏينهن جو گرم ڪپڙا؛ لويون، سوئيٽر ۽ ڪوٽ پائيندا آهن. جيڪڏهن حڪومت هتي سهولتون فراهم ڪري تفريحي ماڳ ٺاهي، بجلي پڄائي ۽ پاڻيءَ جو بندوبست ڪري ته لاڙڪاڻو، دادو، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي جا ماڻهو گرمين ۾ ڪوئٽا ۽ ڪوهه مري وڃڻ بدران هتي اچي فيملين سميت گرمين جي سيزن گذارين. جڏهن ته سياحت ۽ ثقافت جي حوالي سان حڪومت کي آمدني ٿئي ۽ هتان جي غريب جابلو ماڻهن جي به زندگي ٺهي وڃي. ڇاڪاڻ ته هت نه اسڪول آهن ۽ نه علاج لاءِ اسپتالون يا ڊسپينسريون آهن.
ڏاڙهياري جبل ۽ ڪتي جي قبر متعلق سلمان رشيد جا انگريزي رسالي “هيرالڊ”، انگريزي اخبار “دي نيوز” ۽ مخلتف انگريزي جريدن ۽ مئگزينن کان سواءِ ڪتاب “پرزنر آن اي بس” ۽ ٻين ۾ آرٽيڪل 1996ع کان ڇپبا رهيا آهن. ان کان علاوھ سنڌي اخبار “جاڳو” ۽ ٻين ۾ پڻ ڇپيا آهن.
افسوس اهو آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي يا قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي جو ڪو به انتظامي آفيسر هتي ڪو نه ويو آهي. جڏهن ته 2000ع جي چونڊ دوران ديهه ڏاڙهيارو کي بلوچستان جي يونين ڪائونسل “ڪرک” ۾ شامل ڪيو ويو هيو، جنهن جي به هن وقت تائين خبر ڪو نه آهي ته اها ديهه سنڌ کي واپس ملي آهي يا نه؟ 
باقي جڏهن کان سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا آئي آهي ته ان ۾ سسئيءَ جيان جبل جا اڙانگا پنڌ سفر ڪري ۽ ڏکن جا ڏونگر ڏاري سڀ کان اڳ ۾ مرحوم نواب شبير احمد خان چانڊيو، علي نواز خان چانڊيو ۽ نوابزاده مير محمد خان چانڊيو عرف مٺل سائين جي تعاون سان، سنڌ ٽي وي نيوز جي ٽيم وڏي مشڪل سان اتي پهتي آهي.
ان کان علاوھ سنڌ ٽي وي نيوز جي ٽيم کي چانڊڪا جاگير ۾ هالار جبلن جي سلسلي ۾ مختلف هنڌن تي 6-7 هزار سال پراڻي تهذيب جا به پراڻا آثار مليا آهن. جيڪي به جلد سنڌ ٽي وي نيوز تان ظاهر ڪيا ويندا.  




ڪتي جي قبر
ستار هڪڙو
جاگرافي:
ڪتي جي قبر کيرٿر جابلو سلسلي جي سڀ کان اوچي چوٽي آهي، جيڪا ´۳۲°۲۷ اتر ويڪرائي ڦاڪن ۽ ´۱۱°۶۷ اوڀر ڊگھائي ڦاڪن، ديھ ڪوهستان، تپي غيبي ديري، تعلقي قنبر ۽ ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ سنڌ ۾ واقع آهي، جنهن جي اوچائي سامونڊي سطح کان ۶۸۸۰ فُٽ ۽ ڏاڙهياري جبل جي مٿاهين پَٽ کان اٽڪل ۸۰۰ فُٽ ٿيندي. ڪاڇي ۽ خيرپور ناٿن شاهه کان ڳڙهي خيري تائين واري ميداني علائقي، خاص ڪري ٽيپهري کان پوءِ صاف موسم ۾ کيرٿر جابلو سلسلي مٿان هڪ قبر وانگر نظر ايندي آهي، جڏهن ته ڏاڙهياري جبل جي موڪري مٿاهين پٽ (سامونڊي سطح کان ۵۰۰۰ فُٽ اوچو) جي ڏاکڻي پاسي هيءَ ٽڪري اُڀڪپري نظر ايندي، جنهن جو اولاهون پاسو هزارين فُٽ اونهو آهي.
ڪتي جي قبر کي سنڌ جي سڀ کان اوچاهين ماڳ جو اعزاز حاصل آهي. سمنڊ جي سطح کان لڳ ڀڳ ۲.۲ ڪلوميٽر (۲۲۰۰ ميٽر) اوچائي تي هئڻ ڪري هتان جي آبهوا اونهاري ۾ موافق يا وڻندڙ ۽ سياري ۾ تمام گھڻي سرد آهي. هتي سراسري طور گرمي پد اونهاري ۾ ۲۰ کان ۳۲ ڊگريون سينٽي گريڊ ۽ سياري ۾ ۲ کان ۱۰ ڊگريون سينٽي گريڊ رهي ٿو. سراسري مينهن ۴ کان ۵ انچ ساليانو پوي ٿو. هوا ۾ گِھم سراسري طور ۳۰ سيڪڙو رهي ٿي، جڏهن ته سراسري هوا جو داٻ ۸۵۰ کان ۹۰۰ مِـلِي بار رهي ٿو، جنهنڪري هت هوا خشڪ ۽ ٿڌي محسوس ٿئي ٿي. اونهاري جو واچ اولھ-ڏکڻ کان ۽ سياري جو اتر-اولھ کان گُھلندي آهي، جنهن جي سراسري رفتار ۲۵ ڪلوميٽر في ڪلاڪ رهي ٿي.
جيالاجي:
کيرٿر جابلو سلسلو اتر-اولھ کان ڏکڻ-اولھ هلي ٿو، جيڪو ايئوسين پيرڊ ۾ اڄ کان اٽڪل ۳-ڪروڙ سال اڳ  انڊو-آسٽريلين ۽ يورو-ايشين پليٽن جي ٽڪراءَ ڪري وجود ۾ آيو ۽ مجموعي طور تهداري چُن جي پٿرن جو جڙيل آهي. هن سلسلي جون ٽڪريون اوڀر پاسي لهواريون ۽ اولھ پاسي اڀڪپريون آهن جنهنڪري ان علائقي جا ماڻهو، هن جابلو سلسلي جي انهيءَ طبعي بيهڪ کي ڏسي ڪري، ان کي ”ڪاتيءَ ڪنو“ جي نالي سان سڏن ٿا.
تاريخ:
ڪتي جي قبر واري چوٽيءَ تي اهو نالو ڪيئن پيو، ان لاءِ ڪا حتمي تاريخ ته ڪا نه ٿي ملي، پر ان سلسلي ۾ ڪجھ مقامي روايتون ضرور ملن ٿيون، جن ۾ ڪنهن وفادار ڪتي جو ذڪر ٿيل آهي، جنهن پويان هن ٽڪري تي اهو نالو پيو.
هڪ روايت هيءَ آهي ته ڪنهن بروهيءَ ڪنهن واڻئي کان ڪجھ قرض کنيون ۽ ضمانت ۾ پنهنجو وفادار ڪتو ان وٽ ڇڏي ويو. ڪجھ وقت کان پوءِ واڻئي جي گھر ۾ چور گھڙيا پر ڪتي جي ”حاضر دماغيءَ“ ۽ دليريءَ جي ڪري چور ڀڄي نڪتا ۽ واڻيو نقصان کان بچي ويو، جنهن تي هُن خوش ٿي، ڪتي کي مالڪ ڏانهن موٽي وڃڻ جي اجازت ڏني. هوڏانهن بروهي واڻئي جو قرض موٽائڻ لاءِ جبل تان لٿو پئي آيو ته رستي ۾ پنهنجو ڪتو موٽيو ايندي ڏٺائين ۽ سمجھيائين ته ڪتو غداري ڪري اتان ڀڄي نڪتو آهي، جنهن تي ڪاوڙ ۾ اچي ڪتي کي بُجو ڏنائين، ۽ ڪتو اتي جو اتي مري ويو. مالڪ کي جڏهن پيرائتي خبر پئي ته هن وفادار ڪتي کي، اعزاز بخشڻ لاءِ، جبل جي سڀ کان اوچي ٽڪريءَ تي دفنايو، جتان ان ٽڪري جو نالو ”ڪتي جي قبر“ پيو.
ٻِي روايت آهي ته هڪ گائِنچي ذات جي ماڻهوءَ جي رڍن ۽ ٻڪرين جي ڌڻ تي رات جو هڪ بگھڙ هريو، جنهن ڪافي ذياني ڪئي. گائنچو ٻگھڙ کي ڀڄائڻ لاءِ ڪنهن دوست کان هڪ هوشيار ڪتو وٺي آيو، جنهن بگھڙ کي ماري ڀڄايو، جنهن تي ريڍار خوش ٿي ڪتي کي گھر موٺي وڃڻ جي اجازت ڏني. ڪتو جڏهن گھر پهتو ته مالڪ سمجھيو ته ڪتو ڀڄي نڪتو آهي جنهن تي هن ڪتي کي بُجو ڏنو ۽ ڪتو مري ويو. مالڪ کي جڏهن اصل ڳالھ جي خبر ملي ته هن کي افسوس ٿيو ۽ ڪتي کي اعزاز ڏيڻ لاءِ ان کي جبل جي اوچي ٽڪري تي دفن ڪيو جتان ان ٽڪري تي نالو ”ڪتي جي قبر“ پيو.
وڻ ٻوٽا ۽ جانور:
گھٽ مينهن پوڻ ڪري هي ٽڪريون خشڪ ۽ ٺوڙهيون نظر اينديون پر پوءِ به ٿوري گھڻي مينهن پوڻ ڪري ڪجھ وڻاٺ، خاص ڪري نيئن جي وَٽِن ۽ اوسي پاسي جتي مينهن جو پاڻي بيهي ٿو، نظر ايندي جنهن ۾ ڊگھي ۽ ننڍي قد واري فيش، ڪهو، لوهيڙا، کبر، ڄار، لئو، ڪرڙ، ڪنڊي، ٻٻر، اڪُ جھنگلي ٻير ۽ ٻيون ڪيتريون ئي جڙيون ٻوٽيون وغيره ملن ٿيون، جڏهن ته ماٿري ۾ مختلف موسمي پوکون پڻ ڪيون وڃن ٿيون جن ۾ ڪڻڪ، جوئر، ٻاجھر ۽ سبزيون وغيره اهم آهن. جانورن ۾ پالتو چوپايو مال جھڙوڪ: ڳئون، ٻڪريون ۽ رڍون شامل آهن. ان کان سواءِ ڪيترا ئي جھنگلي جانور ملن ٿا جن ۾ سرهه، گڊ، چراخ، چيتو، لومبڙ، بگھڙ، گدڙ، سهو، جھنگ ٻلو، چمڙو ۽ نانگ وغيره شامل آهن. پکين ۾ باز جا مختلف قسم، چٻرو، ڳيرو، تلور، تتر، جھنگلي ڪبوتر وغير آهن، پر گھڻي شڪار ڪري سندن انگ گھٽجي ويو آهي.
هل اسٽيشن جو قيام:
ڪتي جي قبر ڏاڙهياري مٿاهين پَٽ سان سلهاڙيل آهي، جيڪو سمنڊ جي سطح کان ۶۰۰۰ فُٽ اوچائي تي، هڪ وسيع سنئون سڌو ميدان آهي، جيڪو اٽڪل ۵ ڪلوميٽر ڊگھو (اتر-ڏکڻ) ۽ هڪ ڪلوميٽر موڪرو (اوڀر-اولھ) ۽ هِل اسٽيشن لاءِ موزون جاءِ آهي. ڪوهه مري جيترو اوچو هئڻ ڪري هت اونهاري ۾ موسم موافق ٿئي ٿي ۽ سنڌ توڙي ملڪَ جي ماڻهن لاءِ هڪ بهترين تفريحي ماڳ ٿي سگھي ٿو. سنئون پٽ هئڻ ڪري هتي هڪ ننڍو هوائي اڏو پڻ ٺاهي سگھجي ٿو. هتان جي مٽي تمام زرخيز آهي. جيڪڏهن پاڻيءَ جو مستقل بندوبست ڪيو وڃي ته هتي هر قسم جي پوک ڪري سگھجي ٿي، خاص طرح صوف، ڊاک، ڏاڙهون ۽ ٻين ميون جا باغ ڀلا ٿي سگھن ٿا. هل اسٽيشن جي قيام سان گڏ هت ڪيڊٽ ڪاليج يا مادر علمي ادارو پڻ قائم ڪيو وڃي ته جيئن هن ماڳ تي مستقل وسُنءَ رهي ۽ علائقو ترقي وٺي، جنهن سان مقامي آباديءَ جي معاشي حالت به بهتر  ٿيندي. مٿين ماڳ تي پاڻي سيتان، مزراڻي، کنجي نيئن تي ننڍا بند ٻڌي اتان پمپ ڪري پهچائي سگھجي ٿو. ٻيو بندوبست حمل ڍنڍ آهي جنهن جي ۱.۵ ملين فُٽ گنجائش ٿيندي جتان پڻ هل اسٽيشن تائين پاڻي پمپ ڪري سگھجي ٿو.
ڏاڙهياري تائين پهچڻ لاءِ ٻه سولا رستا ٿي سگھن ٿا:
۱. قنبر وايا غيبي ديرو، راهو جو آئٺو کان ڏاڙهيارو:
مٿيون ماڳ قنبر تعلقي ۾ هئڻ ڪري، هن علائقي جو معاشي، ثقافتي ۽ جاگرافيائي لاڳاپو هن علائقي سان آهي. هي رستو قنبر کان اولھ پاسي مزراڻي گئس فيلڊ تائين ۴۵ ڪ.م پڪو روڊ آهي، جتان اڳتي جبل شروع ٿئي ٿو ۽ هڪ سٺي حالت ۾ ۳۰ ڪ.م ڪچي سڙڪ جيڪا تيل گئس ڳولائو ادارن جي سهڪار سان ٺهي آهي، اولھ-ڏکڻ ۽ اولھ-دارا لڪ ڏئي راهو جو آئٺو ڳوٺ، سيتا جي ڏاٺَ ۽ پير جي ڪُنب کان ٿيندي ڪاري جبل تائين پهچي ٿي. هن رستي سان ڪيتريون ئي تاريخي ۽ آرڪيالاجيڪل سائيٽُون آهن جيئن راهو جي آئٺي لڳ لالڻ جي ماڙي وارا قديم آثار، سيتا جي ڏاٺ وٽ ڦِٽل شهر جا نشان ۽ پير جي ڪنب وٽ هڪ ۱۶ ميٽر اوچي ٽڪريءَ تي ۸ هزار سال قديم جانورن جون اڪريل تصويريون. ڪاري جبل کان ڏاڙهياري تائين اٽڪل ۱۰ ڪ.م سيتا ۽ مزراڻي نيئن سان هڪ اڙانگھو رستو آهي، جيڪو ٿوري خرچ سان سڌاري سگھجي ٿو. جيڪڏهن مٿيون رستو ڪوششون وٺي تيل گئس ڳولا ڪندڙ ادارن جي مدد سان پڪو ڪيو وڃي ته قنبر کان ڏاڙهيارو ۳ ڪلاڪن جي پنڌ تي آهي ۽ صرف ۴ ڪلاڪن ۾ ماڻهو لاڙڪاڻي کان ڪتي جي قبر تي هوندو.
۲. ميهڙ وايا فريدآباد، شاھ گودڙيو، انهڙ، ڏاڙهيارو:
هي رستو ميهڙ کان اولھ-اتر طرف هلي ٿو ۽ شاھ گودڙي تائين ۴۵ ڪلوميٽر پڪو روڊ آهي، جتان ۲۵ ڪ.م ڪچو رستو اتر-اولھ انهڙ نئن تائين هلي ٿو، جتان پيئنڙو لڪ ۲۰ ڪ.م ۽ اتان ڏاڙهيارو ۱۰ ڪ.م ٿيندو. هي رستو ڪچو ۽ اڙانگھو آهي، جيڪو سڌاري فور ويل گاڏي سان هلڻ جهڙو ڪري سگھجي ٿو.
مطلب ته سنڌ سرڪار ۽ تيل گئس ڳولائو ادارن جي سهڪار سان ڪتي جي قبر ۽ ڏاڙهيارو مٿاهون پَٽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ سستو، سهنجو ۽ نج پنهنجو اونهاري جي موسم ۾ هڪ بهترين تفريحي ماڳ ٿي سگھي ٿو، پر ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته لاڳاپيل ادارا سنڌ جي هن فطري ماڳ جي تعمير ۽ ترقيءَ ڏانهن سنجيدگيءَ وارو رويو رکن.



ڪتي جي قبر

هڪ تاريخي ماڳ

سڪندر علي شاهه
ڪتي جي قبر کير ٿر جابلو سلسلي جي سڀ کان اوچي چوٽي آهي، جيڪا ديهه ڪوهستان، تعلقي قمبر ۽ ضَلعي قمبر_شهدادڪوٽ ۾ واقع آهي، جنهن جي اوچائي سامونڊي سطح کان 6880 فٽ ۽ ڏاڙهياري جبل جي مٿاهين پٽ کان اٽڪل 800 فٽ ٿيندي، ڪاڇي ۽ خيرپور ناٿن شاهه کان ڳڙهي خيري تائين ميداني علائقي، خاص ڪري ٽپهري کان پوءِ صاف موسم ۾ کيرٿر جابلو سلسلي مٿان هڪ قبر وانگر نظر ايندي آهي.
کير ٿر جابلو سلسلو اتر اولهه ڏکڻ اولهه هلي ٿو جيڪو ايئوسين پيرڊ ۾ اڄ کان اٽڪل 3 ڪروڙ سال اڳ انڊو_آسٽريلين ۽ يورو، ايشين پليٽن جي ٽڪراءُ ڪري وجود ۾ آيو، مجموعي طور تهداري چُن جي پٿرن جو جڙيل آهي، هن سلسلي جون ٽڪريون اوڀر پاسي لهواريون ۽ اولهه پاسي اپر ڪپريون آهن، جنهن ڪري ان علائقي جا ماڻهو هن جابلو سلسلي جي انهيءَ طبعي بيهڪ کي ڏسي ڪري ان کي ”ڪاتيءَ ڪنو“ جي نالي سان سڏن ٿا.
تاريخ:
ڪتي جي قبر واري چوٽيءَ تي اهو نالو ڪيئن پيو، ان لاءِ ڪابه حمتي تاريخ ته ڪانه ٿي ملي پر ان سلسلي ۾ ڪجهه مقامي روايتون ضرور ملن ٿيون، جن ۾ ڪنهن وفادار ڪتي جو ذڪر ٿيل آهي، جنهن پويان هن ٽڪريءَ تي اهو نالو پيو. هڪ روايت آهي ته ڪنهن بروهيءَ ڪنهن وائڻي کان ڪجهه قرض کنيو ۽ ضمانت ۾ پنهنجو وفادار ڪتو ان وٽ ڇڏي ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ وائڻي جي گهر ۾ چور گهڙيا پر ڪتي جي حاضر دماغيءَ ۽ دليريءَ جي ڪري چور ڀڄي نڪتا ۽ واڻيو نقصان کان بچي ويو، جنهن تي هن خوش ٿي ڪتي کي مالڪ ڏانهن واپس وڃڻ جي اجازت ڏني، هوڏانهن بروهي واڻئي جو قرض موٽائڻ لاءِ جبل تان لٿو پئي آيو ته رستي ۾ پنهنجو ڪتو موٽندي ايندي ڏٺائين ۽ سمجهائين ته ڪتو غداري ڪري ڀڄي نڪتو آهي، جنهن تي ڪاوڙ ۾ ڪتي کي بُجو ڏنائين ۽ ڪتو اتي جو اتي مري ويو، مالڪ کي جڏهن پيرائتي خبر پئي ته هن وفادار کي اعزاز بخشڻ لاءِ جبل جي سڀ کان اوچي ٽڪريءَ تي دفنايو جتان ان ٽڪريءَ جو نالو ”ڪتي جي قبر“ پيو.
هن ٽڪريءَ تي گهٽ مينهن پوڻ ڪري هي ٽڪريون خشڪ ۽ ٺوڙهيون نظر اينديون، پر پوءِ به ٿوري گهڻي مينهن پوڻ ڪري ڪجهه وڻاٺ خاص ڪري نيئن جي وٽن ۽ اوسي پاسي جتي مينهن جو پاڻي بيهي ٿو، نظر ايندي جنهن ۾ ڊگهي ۽ ننڍي قد واري فيش، ڪَهو، لوهيڙا، کير، ڄار، لئو، ڪرڙ، ڪنڊي، ٻٻر، اَڪ جهنگلي ٻير ۽ ٻيون ڪيتريون ئي جڙيون ٻوٽيون وغيره ملن ٿيون، جڏهن ماٿري ۾ مختلف موسمي پوکون پڻ ڪيون وڃن ٿيون جن ۾ ڪڻڪ، جوئر، ٻاجهر ۽ سبزيون وغيره اهم آهن.

ڪتي جي قبر ڏاڙهياري مٿاهين پٽ سان سلهاڙيل آهي، جيڪو سمنڊ جي سطح کان 6000 فٽ اوچائي تي هڪ وسيع سڌو سنئون ميدان آهي جيڪو اٽڪل 5 ڪلوميٽر ڊگهو اتر ڏکڻ ۽ هڪ ڪلوميٽر موڪرو ”اوڀر، اولهه“ ۽ هل اسٽيشن لاءِ موزون جاءِ آهي، ڪوه مري جيترو اوچو هئڻ ڪري هتي اونهاري ۾ موسم موافق ٿئي ٿي ۽ سنڌ توڙي ملڪ جي ماڻهن لاءِ هڪ بهترين تفريحي ماڳ ٿي سگهي ٿو. سنئون پٽ هئڻ ڪري هتي هڪ ننڍرو هوائي اڏو پڻ ٺاهي سگهجي ٿو. هتان جي مٽي تمام زرخيز آهي جيڪڏهن پاڻيءَ جو مستقل بندوبست ڪيو وڃي ته هتي هر قسم جي پوک ڪري سگهي ٿي، خاص طرح صرف، ڊاک، ڏاڙهون ۽ ٻين ميون جا باغ ڀلا ٿي سگهن ٿا. هل اسٽيشن جي قيام سان گڏ هت ڪيڊٽ ڪاليج يا مادرِ علمي ادارو پڻ قائم ڪيو وڃي ته جيئن هي ماڳ مستقل وسندو رهي ۽ علائقو ترقي وٺي، جنهن سان مقامي آباديءَ جي معاشي حالت به بهتر ٿيندي، مٿين ماڳ تي پاڻي سيتا، مرزاڻي کنجي نيڻن تي ننڍا بند ٻڌي اتان پمپ ڪري پهچائي سگهجي ٿو پيو، بندوبست حمل ڍنڍ آهي جنهن جي 1.5 ملين فٽ گنجائش ٿيندي جتان پڻ هل اسٽيشن تائين پاڻي پمپ ڪري سگهجي ٿو.
           

No comments:

Post a Comment