Saturday, September 22, 2012

نٿر جو دڙو - پروفيسر مختيار سمون

نٿر جو دڙو
لاڙڪاڻي ۾ هڪ اهم اهڃاڻ جي دريافت
پروفيسر مختيار سمون
سنڌ تاريخي طور مالي ذريعن جي شاهوڪاري سميت ثقافت، ٻولي، تاريخ ساز شخصيتن توڙي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن واري حوالي سان مالا مال ۽ دنيا ۾ سرخرو رهي آهي. سنڌو ماٿري جي تهذيب نه رڳو دنيا جي ٻين قديم ۽ مشهور تهذيبن جهڙوڪ ميسوپوٽيميا، مصري ۽ چيني تهذيبن جي همعصر رهي آهي، پر ڪيترن ئي ڳالهين ۾ انهن کان وڌيڪ اهم ۽ نمايان پڻ آهي. هن تهذيب جا اهڃاڻ نه رڳو پاڪستان جي ڌرتيءَ تي پر ان کان به اڳتي اتر افغانستان کان وٺي بمبئي ۽ ايران جي سرحدن کان وٺي دهليءَ جي در تائين ڪيترن ئي جڳهين تي ملن ٿا. سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي ٻن مرڪزن هڙاپا ۽ گهنوار والا (بهاولپور جي چولستان واري علائقي ۾) کان به وڏو مرڪز موهن جي دڙي جي روپ ۾ اڄ به سنڌ جي هنج ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڌرتيءَ تي اوچو ڳاٽ کنيو سنڌ جي خوبصورت تهذيب، شائستگي، ذهانت، پلاننگ ۽ خوشحاليءَ جو ساکي بڻيل آهي، جنهن جي درشن لاءِ دنيا مان ڪيترائي سياح سنڌ ۾ ايندا هئا. لاڙڪاڻي جي ڌرتيءَ تي موهن جو درو ته منڊيءَ ۾ ٽڪ جيان آهي پر ان کان علاوه به هتي تاريخي ۽ آرڪيالاجي جي اهميت وارا ٻيا به ڪيترا ئي دڙا، ماڳ مڪان، ڍنڍون ۽ ڍورا موجود آهن، جن جي مالڪي ۽ سار سنڀال نه پئي ڪئي وڃي. 1901ع کان 2004ع تائين واري لاڙڪاڻي ضلعي ۽ ڊسمبر 2004ع ۾ ان مان نڪتل قمبر- شهدادڪوٽ وارن ضلعن ۾ اڄ به ٽيهن کان وڌيڪ اهڙا ننڍا قديمي دڙا موجود آهن، جن جي کوٽائيءَ سان تاريخ جون ڪيتريون ئي دريون کلي، نون رازن، رمزن ۽ حقيقتن سان آشنا ڪري سگهن ٿيون، جيڪي پڻ هن ڌرتيءَ جي امرتا ۽ مهانتا جو مضبوط دليل ثابت ٿي سگهن ٿا. موهن جي دڙي کان علاوه ٻنهي ضلعن ۾ موجود ڪجهه دڙا جهڙوڪ، جهڪر جو دڙو، نندل شاهه جو دڙو، ولهيءَ جو دڙو، بڊام جو دڙو، دانبيءَ جو دڙو، راٻڙيءَ جو دڙو، پنجون دڙو، ڀنڀري جو دڙو، بگو دڙو، سون دڙو، ڪاروهر دڙو، نوزمان دڙو، ڏنگ ڀٽ جو دڙو، شهپور دڙو، ڏانهڙ دڙو ۽ نانگ دڙو پنهنجي اندر ۾ تاريخ جا ڪيترا ئي قصا سنڀاليو قدرتي آفتن، انساني بي حسي ۽ حڪومتي ادارن جي عدم دلچسپي ڪري تباهي ڏانهن ڌڪجندا رهن ٿا. سنڌ ۾ اهڙن تاريخي اهڃاڻن جي موجودگي جي اڻپوري سروي ۽ لاڳاپيل ادارن وٽ کوجنائي صلاحيت نه هجڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن اتفاق طور تي ظاهر ٿيندڙ تاريخي ماڳ پڻ محفوظ ٿيڻ واري خواب جي تعبير لاءِ منتظر رهن ٿا.


هتي منهنجو اشارو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ تازو ئي دريافت ٿيل هڪ قديمي دڙي ڏانهن آهي، جيڪو ”نٿر جو دڙو“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو آهي. ”نٿر جو دڙو“ لاڙڪاڻي کان 12 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڳوٺ خيرپور جوسو جي اتر ۾ ديهه نٿر ۾ ان وقت دريافت ٿيو، جڏهن هڪ ٺيڪيدار جا مزدور لاڙڪاڻو- سيوهڻ روڊ جي تعمير لاءِ هتان مٽي کڻي رهيا هئا. هن علائقي ۾ کوٽائيءَ دوران دڙي مان انساني هڏا، ڳچيءَ جو هار، شطرنج جون ڳوٽون ۽ ڪجهه مڻيا مليا. جيئن ئي ڳوٺ وارن کي خبر پئي، انهن ڪمشنر لاڙڪاڻي کي اطلاع ڏنو، جنهن هڪدم کوٽائي جو ڪم بند ڪرائي دڙي مان مليل شين کي آرڪيالاجي کاتي وارن حوالي ڪيو ته جيئن لئبارٽري ۾ ٽيسٽ ڪري انهن جي قدامت بابت معلوم ڪري سگهجي. گذريل مهيني کان مٽي خاطر هن دڙي جي کوٽائي ڪرڻ جي ڪري دڙي کي ڪافي نقصان پڻ پهتو آهي. ڳوٺ وارا ماڻهو ٻڌائين ٿا ته کوٽائي دوران مزدورن کي ٻيون به ڪيتريون ئي شيون هٿ آيون آهن، جيڪي اهي پاڻ سان کڻي ويا آهن. جنهن لاءِ ضروري آهي ته ٺيڪيدار تي زور بار وجهي مزدورن کان اهي شيون موٽرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ جي شاهوڪار ورثي جا هي اهڃاڻ محفوظ ڪري سگهجن. نٿر جو دڙو تاريخ جي ٻئي اهم اهڃاڻ جهڪر جي دڙي کان چئن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. نٿر جو دڙو اٽڪل 12 ايڪڙن تي ڦهليل آهي ۽ ڪل ڇهن ننڍن وڏن دڙن تي مشتمل آهي. جهڪر جي دڙي ڀرسان ولهيءَ جي دڙي جيان نٿر جو دڙو پڻ گهڻو آڳاٽو معاملو ٿئي ٿو ۽ اهو به اندازو آهي ته هي جهڪر جي دڙي جو همعصر هجي، جنهن جي تاريخ چار هزار سال پراڻي آهي. انهيءَ ڏس ۾ سنڌ ثقافت کاتي، آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ ۽ ٻين وس وارن ۽ لاڳاپيل ادارن ۽ تنظيمن کي گذارش آهي ته سنڌ جي هن قومي ورثي جي تحفظ لاءِ جوڳا قدم کڻن، ان جي کوٽائي لاءِ ڏيهي ۽ پرڏيهي ادارن ۽ ماهرن سان لهه وچڙ ۾ اچي دڙن جي ضرورت پٽاندڙ کوٽائي ڪري اتان مليل نوادرات کي جديد سائنٽيفڪ بنيادن تي محفوظ ڪري ميوزيم ۾ رکيو وڃي ۽ سائيٽ تي سياحن لاءِ جوڳا انتظام ڪيا وڃن.


No comments:

Post a Comment