لاڙڪاڻو
شاعرن جي نـظر ۾
منظور
سولنگي
اگر
بيني بھشت اندرزمانه،
بيا
سير کن در لارکانه.
“لاڙڪاڻو”،
سنڌ جي تاريخ ۾، لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو، “سنڌ جو عدن” طور
معروف آهي. نئين تھذيب تمدن ۾ به پنھنجو ثاني نه ٿو رکي. موهن ۽ جُهڪر جا دڙا هن
جي شاندار ماضي، تھذيب ۽ زرخيزيءَ جا زنده گواهه آهن. سونھاري سنڌ جو هي زرخيز خطو
نه صرف تاريخي حوالي سان، پر علمي ۽ سياسي ميدان ۾ به شاندار ورثو محفوظ رکي ٿو.
کيس شھيدن جي ڌرتي سڏيو وڃي ٿو. جيڪڏهن سندس علمي ادبي تاريخ جي ورق گرداني ڪبي
ته، هتان جا عالم اديب پنھنجي فڪر، علمي لياقتن ۽ خدمتن جي ڪري ڏيھان ڏيھه مشھور
هيا آهن. سندن روشن ڪيل علمي قنديلن جڳ کي منور ڪري ڇڏيو آهي.
شعر و شاعري ۾ به
لاڙڪاڻو ضلعو شاعرن جو مرڪز رهيو آهي. “هن شھر جي طفيل سنڌ ۾ مشاعرن جو رواج پيو،
جديد شاعري جو بنياد به هتان جي هڪ شاعر وڌو”. لوڪ رام ڏوڏيجا موجب “هتان جي
شعراءَ ڪرام نه صرف شاعري ۾ اعلى مقام حاصل ڪيو پر وقت بوقت لاڙڪاڻي جي واکاڻ ۽
قصيده گوئي ڪري پنھنجي شھر جو حق ادا ڪيو آهي” ۽ سنڌ جي ٻين شاعرن به هن ضلعي جي محفلن
جي واکاڻ ڪندي، کين پنھنجي شاعري جو موضوع بنايو آهي. هيٺ اهڙن شاعرن جو ذڪر مَع
ڪلام جي ڪجي ٿو. سال ۱۹۲۲ع ۾ ميان غلام سرور “فقير” لاڙڪاڻي مان “الحقيقت”
هفتيوار جاري ڪئي. اخبار الحقيقت جي استقبال لاءِ ڪيترن ئي شاعرن شعر لکيا ۽ ڪيترن
قطع تاريخون لکيون. جن مان الحقيقت ۽ ان جي باني جي عظمت جي خبر پوي ٿي. اخبار جي
باري ۾ شمس العلماءَ قليچ بيگ قطع تاريخ فارسي ۽ سنڌي ۾ لکي آهي.
پارسي
در سند همين سال به
آونِ خجسته،
اخبار مسمى به حقيقت
شده شايع.
سنگين بعبارت شده
رنگين بمضامين،
آورده بھم از همه
جاچيده وقايع.
با شعر و سخن معدنِ
هر علم هنر شد،
مخزن شده ازبير ضايع
و بدايع.
در مايه گران گشت به
قيمت شده ارزان،
خواندس چوکسي وقت
نگويد شده ضايع.
چون جست دلم مادهء
تاريخ شد و عش،
ازي غيب ندا آمده
“مرغوب طبايع”
(۱۳۴۰ هه)
سـنـڌي
الحقيقت جاري ٿي
اخبار واهه،
لاڙڪاڻي مان ۽ سڀ
ڪنھن سا پڙهي.
ملڪ جو احوال سڀ
معلوم ٿيو،
سنڌ ۾ هر طرح علميت
وڌي.
مھتمم ان جو مقرر
ٿيو “فقير”،
آهه جو مشھور شاعر
قادري.
عالم ۽ فاضل وڏو ٿيو
سو جڏهن،
“فاضل اعظم”
تڏهن تاريخ ٿي.
(۱۹۲۲)
رئيس
نجم الدين “نجم” نوشھروفيروز لکي ٿو:
هي اخبار بيشڪ آهه،
قابل عزت،
آئي سنڌ جي لاءِ ٿي
ابر رحمت.
رکي قوم جو درد ٿي
آهه ظاهر،
ڪندي دل جان سان سدا
قومي خدمت .
نه آهي وٽس ڪو ريا يا خوشامد،
آهي راست گوئي منجهس
در حقيقت.
اچن شعر مضمون رنگين
ٿا هن ۾،
ملاقات هن جي آهي دم
غنيمت.
ٻڌايو سندس “نجم” کي
سال هاتف،
“رهي زنده شل
هي سدا الحقيقت”.
(۱۳۴۰ هه)
غلام
علي “جعفري”:
هن جو قائم نالو ڪر
اي ڪارساز،
هن جا ٿين مضمون
سڀئي دلگداز.
ملڪ ملت واسطي ٿئي
ڪارگر،
هن جو ٿئي آواز دلڪش
دلنواز.
هن جي همعصرن ۾ دائم
رک خدا،
الحقيقت جو وقار ۽
امتياز.
چشم بد کان دور رک
ان کي سدا،
لاڙڪاڻي جو هي آهي
فخر و ناز.
سنڌ ۾ ٿي في الحقيقت
آ خوشي،
ٿو وڄي وهه واهه اڄ
شادي جو ساز.
جعفري سال اشاعت ڪر
رقم،
“حق رساني في
الحقيقت في المجاز”.
(۱۳۴۰ هه)
جمع
خان “غريب”:
اي ڪوائف دهر هستي
سائل،
از سائل مخبراني
قائل.
الحقيقت راستي راشد
قرين،
آنکه بيخ کذب راشد
زائل.
باز سال او بداني از
غريب،
زه حقيقت بالصداقت
مائل.
اخبار الحقيقت
پنھنجي وقت ۾ معروف رهي. سندس مقبوليت جو ڪاٿو حاجي محمود “خادم” لاڙڪاڻوي جي هن
شعر مان ٿئي ٿو
.
اَلحقيقت لاڙڪاڻه اڄ
پڙهي پرسن ٿيس،
پرچو اخباري نه آ ڄڻ عشق جو پيغام
آ.
مون به هڪ آني عيوض
اڄ چار آنا ڏئي وتي،
ڇو ته شعرن جي پڙهڻ
جو مون وڏو سر سام آ.
ڊسمبر ۱۹۲۵ع ۾ “گلدسته سنڌ” ماهوار
رسالو بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي بانين جاري ڪيو. رسالي جو خاص مقصد سنڌي غزل جي اوسر
هو. “گلدسته سنڌ” سنڌي زبان جو پھريون رسالو هو جنھن جو دامن صرف شاعري تائين
محدود هو”. رسالي جي تعريف ميان علي محمد قادري هنن لفظن ۾ ڪئي آهي.
عجب رنگين گلن سان
گڏ ٿيل آهي هي گلدسته،
رگ-دل شاعرن جي سان
ٻڌل آهي هي گلدسته.
هي تحفو سنڌ جو
دانشورن لئه آهي گلدسته،
گلن مضمون رنگين سان
گڏيل آهي هي گلدسته.
سخن دانن ۽ دانائن
جي محفل جو هي زيب آهي،
طبع تفريح تن جي لئه
رکيل آهي هي گلدسته.
ڪرن ٿا قدر هن جو
“قادري” ارباب معنى جا،
اياڻن لئه اجايو گڏ
ٿيل آهي هي گلدسته.
*
شعر شاعري جي ترقي ۽
سڌاري لاءِ، محمود “خادم”، نواز علي “نياز” ۽ ميان غلام عباس قادري “جوش” جي اڻٿڪ
محنتن، ڪوششن سان سن ۱۹۳۹ع ۾ “سنڌي سڌار سوسائٽي” قائم ٿي. سوسائٽي طرفان ۱۹۴۱ع تي “اديب سنڌ”
نالي ماهوار سنڌي ادبي رسالو جاري ٿيو. رسالي سنڌي ادب ۽ ٻولي جي ۱۲ سال خدمت ڪندي ڪافي
نوان شاعر به پيدا ڪيا.
فتح محمد سيوهاڻي،
“اديب سنڌ” جي جاري ٿيڻ تي جيڪي قطع تاريخون لکيون سي هيٺ ڏجن ٿيون .
اديب سنڌ جاري ٿيو،
خدا جي مھرباني آ.
اديب سنڌ جو ڪو مَٽ
نه آهي نه ثاني آ.
گل-باغ-ادب اڄ سنڌ ۾
آهي ٽڙيو سھڻو،
اديبن جو حبيب لاءِ
هي هڪ ارمغاني آ.
ڇا خوشبوءِ دار گل
پيدا ٿيو فصل بھاري ۾،
نه جنھن کي فضل رب
سان خطرباد خزاني آ.
گل موسم نه آهي، هي
گل-باغ-ادب آهي،
هميشه رهندو هي گل ۽
گل موسم ته فاني آ.
حڪيم سنڌ کي لکيو
اديب، سنڌ جي خادم،
سن هجري لکئين ”زيبا
زهي هي ارمغاني آ.“
ڏس ستارو اديب رخشان
ٿيو،
پاڪ در-عدن درخشان
ٿيو.
آسمان ادب جو هي
انجم،
لاڙڪاڻي مان آهه،
تابان ٿيو.
سال ان جي طلوع جو
اي حڪيم،
“ارمغاني
نڪته سنجان” ٿيو.
*
جلوه نما ٿيو سنڌ ۾
شاهدِ حور مثال،
جنھن جو جمال باڪمال
جنھن جو ڪمال باجمال.
علم ادب جو آفتاب
شعر و سخن جو آئينو،
يعني اديب سنڌ ۽
شاعرِ شيرين مقال.
ڳولي سنين عيسوي،
هاتف غيبي چيو،
“آهي اديب بي
نظير مثل عندليب” سال.
حافظ
محمد اَحسن:
“اديب سنڌ” جي اشاعت
جو نھايت پر تپاڪ، خير مقدم ڪندي هيٺين خيالن جو اظھار ڪري ٿو.
خير مقدم
“اديب سنڌ” لاڙڪاڻو
فضل خدا سان آهه ٿيو
اظھر اديب سنڌ،
رنگين نظم نثر سان
بھتر اديب سنڌ.
اهل سخن جي لاءِ هي
رنگين ارمغان،
۽ مبتدين جي
لاءِ ته رهبر اديب سنڌ.
هر علم دوست لاءِ هي
تحفو عجيب آهه،
گوهر شناس لاءِ آ
گوهر اديب سنڌ.
سنڌي سڌار، مصلح علم
و ادب به آهي،
علم عروض جو ٿيو
ٽيچر اديب سنڌ.
ناقد ۽ نڪته چين ۽
نڪته شناس ڀي،
دلڪش ۽ دلفريب ۽
دلبر اديب سنڌ.
تفريح طبع لاءِ هي
نسخو به ڪارگر،
طبع روان لئه تحفئه
نادر اديب سنڌ.
علم ادب کي اوج
رسائيندو باليقين،
سنڌي زبان ۾ ٿيو
برتر اديب سنڌ.
اهلِ وطن به هن جو
ڪندا قدر هر طرح،
ڏسبو هي عام خاص جي
گهر گهر اديب سنڌ.
تادير شل رهي هي
سلامت ته سنڌ ۾،
اَحسن ٿئي وطن ۾
نشان بر اديب سنڌ.
رسالو اديب سنڌ عوام
۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو ۽ هن ئي سنڌ ۾ گهڻا شاعر پيدا ڪيا. مختلف شاعرن ان جي مدح
سرائي ڪندي ڪيترا ئي شعر لکيا آهن. جيئن چوي ٿو؛
عزيز
الله ’مجروح‘:
واهه رسالو آ اديب
سنڌ بيحد خوبتر،
لعل موتين کان گهڻي
قيمت لھي هڪ هڪ اکر.
پنھنجو ثاني پاڻ
آهي، ڇا سندس ساراهه ڪيان،
اي ادا مجروح آهي
نامور سو سنڌ اندر.
“سليم”
هالائي
اديب سنڌ رسالي جي
پھرين سال پوري ٿيڻ تي مبارڪ جو شعر لکيو .
اي اديب سنڌ هر دم
آهه شڪر ذوالجلال،
خير خوبيءَ ساڻ
تنھنجو پھريون پورو ٿيو ته سال.
سنڌ جي گلزار-نظم و
نثر ۾ جو چھچٽو،
تو ڪيو بڻجي مثال،
بلبل شيرين مقال.
سنڌ ۾ القصه پنھنجي
مختلف اوصاف کان،
اي “اديب سنڌ” آهين
پنھنجو مٽ پنھنجو مثال.
مرحبا جو يادگار
قادري قائم ڪيو،
ڪوشش يڪتا، غريب و
جوش ناظم خوشخصال.
پنجين آل سنڌ ادبي
ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿي، ان موقعي تي ڊاڪٽر ابراهيم شيخ “خليل” اديب سنڌ جي
شان ۾ قصيدو مداحيه چيو، جنھن جا ڪجهه شعر ملاحظه فرمايو :
ڊاڪٽر
ابراهيم شيخ “خليل”
يارن کي هَوَسَ ته
ڪريون سير باغ جو،
مون کي اديب سنڌ جو
پر انتظار اڄ.
مخزن اسان جي علم
ادب جو ۽ شعر جو،
سنڌي زبان لاءِ چوان
انتظار اڄ.
دل جي ڪليءَ کي کولي
عجب باغ ٿو ڪري،
آيو رسالو ڄڻ ته ڪو
آيو بھار اڄ.
نقطو سندس جي خال ته
سٽ زلف مشڪ سان،
سمجهن ٿا اهلِ ذوق
سڄو گلعداز اڄ.
اي توکي اڄ چمي ٿو
ڏيان جاءِ جان ۾،
تون قلب بي قرار جو
آهين قرار اڄ.
آهين اسان جي علم و
ادب جو تون ئي چمن،
جنھن جا ته باغبان
ٿيا ذي وقار اڄ.
لاڙڪاڻو علم ادب ۽
شاعري جو مرڪز رهيو آهي، قادري خاندان جي ٻن فردن ميان علي محمد قادري، ميان غلام
سرور “فقير” لاڙڪاڻي ۾ بزم مشاعره جي شمع روشن ڪئي جنھن کان روشني وٺي سنڌ جي
ڪيترن شھرن، ڳوٺن ۾ ٻيون بزم مشاعره جون مشعلون روشن ٿيون. هن بزم جي طرفان مشاعره
ٿيندا هئا. بزم جي سرگرم ڪارڪنن جو ذڪر اردو جي هڪ شاعر هنن لفظن ۾ ڪيو آهي.
سلطان
علي “علي”
ہے شہر لاڑکانہ میں بزم مشاعرہ
شاعر نیاز قادری خادم فقیر ہیں
اس بزم کے عناصر اربع یہ چار ہیں
اس کے جو دام زلف میں ہر دم اسیر ہیں
شعرا بزم ڈالیں گے سندھی ادب میں جاں
ادب فتادہ کے لئے یہ دستگیر ہیں۔
جو کام چند ماہ میں بزم نے کئے
سچ پوچھئے تو آپ وہ اپنی نظیر ہیں۔
حاجي
محمود “خادم”:
اسان جو لاڙڪاڻو آه
ڄڻ هڪ سنڌ جي محفل،
اسان جي بزم آه سنڌ
۾ ڄڻ شمع محفل جي.
پريزيڊنٽ وزنن سان
کنيو ويٺو ترازو آه،
سنڌ بحر فصاحت کي نه
صورت آه ساحل جي.
“شعر شاعري
جي معاملي ۾ ڪجهه وقت تائين لاڙڪاڻي ساري سنڌ جي اڳواڻي ڪئي. جنھن ڪري بزم مشاعره
لاڙڪاڻو جي خدمتن کي وقت به وقت شآعرن ساراهيو آهي”. پھرين آل سنڌ ڪانفرسن ۱۹۲۱ع جي موقعي تي
عبدالقادر “بيدل” چوي ٿو.
عبدالقادر
“بيدل”
سخن داني، سخن سنجي،
لڏي وئي سنڌ مان ليڪن،
ٻڌان ٿو لاڙڪاڻي ۾
ته البت شعر خواني آ.
ساڳئي موقعي تي محمد
بخش “واصف” چوي ٿو :
محمد
بخش “واصف”
کڻي نقد غزل تون ڀي
خريد داد لئي هل دل،
کليو منجهه لاڙڪاڻي
اڄ دڪان شعر خواني آ.
ڏهين ادبي ڪانفرنس ۲۲-۲۳ آڪٽوبر ۱۹۴۹ع جي موقعي تي
لاڙڪاڻي ۾ قادر بخش “بشير” لاڙڪاڻي وارن جي مدح سرائي ڪندي چوي ٿو :
قادر
بخش “بشير”
ڀلي آيا ڀلي آيا
ڀلارا لاڙڪاڻي ۾،
ادب ۽ علم جا ٿيندا
ته چرچا لاڙڪاڻي ۾.
مبارڪ مان ڏيان دل
جان سان ٿو لاڙڪاڻي کي،
گهرايا جنھن گهڻا
شعراءَ ۽ ادبا لاڙڪاڻي ۾.
بھاري دل کي ڏاڍي ٿي
ڏسي هن اهل مجلس کي،
گهڻا گڏ ٿيا اچي
علماءَ ۽ حڪما لاڙڪاڻي ۾.
ڏسي زنده دلي دريا
دلي اڄ لاڙڪاڻي ۾،
جو سمجهون ٿا ٿيا
ڀاڙا سجايا لاڙڪاڻي ۾.
وڏي تڪليف ڪوشش سان جي آيا لاڙڪاڻي ۾،
ڪيان مان آجيان تن
جي ٿو طرفان لاڙڪاڻي جي.
اسان کي ڪيترن ڪوهن کان
هت آندو ته ڪن آه،
رهن ٿا ڪي محبت قرب
وارا لاڙڪاڻي ۾.
گهڻا صاحب سخا ۽ اهل
دل هتڙي رهن ٿا پيا،
گهرائن جي گهڻا اڪثر
ٿا جلسا لاڙڪاڻي ۾.
مگر اڪثر اڳي ڀي مون
ڏٺو آهي ايئن ئي هت،
مبارڪ موقعا اهڙا
ٿين ٿا لاڙڪاڻي ۾.
ٿين ٿا سرزمين سنڌ ۾
اڪثر گهڻا جلسا،
مگر جلسا ٿين ٿا هت
نرالا لاڙڪاڻي ۾.
اديب سنڌ جي مجلس
چڱو ئي ڪم ڪيو آه،
ٿيا نظم ونثر جا ڳچ
سڌارا لاڙڪاڻي ۾.
مبارڪ ميزبانن کي
ڪئي جن خاص خدمت آهه،
پڪا پڪوان ۽ پلاءَ
زردا لاڙڪاڻي ۾.
اسان کي سنڌ جي
ٻوليءَ جو مستقبل ڏسڻ گهرجي،
ٿين هن ميڙ جا پئسا
سجايا لاڙڪاڻي ۾.
ڪجي مجلس بپا اهڙي
جنھن جو خاص هي ڪم ٿي،
عمل آڻي ٿين جي پاس
رايا لاڙڪاڻي ۾.
اسان تي ميزبانن جي
اڃا ڪجهه مھرباني آ،
مگر ڪن خاص کارايا
گدرا لاڙڪاڻي ۾.
مشرف ٿو ڏسان مان
ليڊرن سان لاڙڪاڻي کي،
جو قاضي لاڙڪاڻي ۾
ته کھڙا لاڙڪاڻي ۾.
ثنا خالق سدا ٻي جي
ڪندو ناهي مگر اڄ ڪئي،
ثنا خلق خدا جي تو
“بشير” لاڙڪاڻي ۾.
*
حاجي
علي بخش جمالي:
سنڌ جو ڪھنه مشق
بزرگ شاعر، هميشه فقيري خيال ۾ نظر ايندڙ، سندس ڪنھن به خوبيءَ تي نظر ڪبي ته
پنھنجي رنگ ڍنگ ۾ نرالي ۽ بلند پائي تي معلوم ٿيندڙ، بزرگ شخصيت حاجي علي بخش
جمالي ولد ڪريم بخش ۱۹۱۲ع ۾ تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ بچل مھيسر ۾ تولد ٿيو.
شاعريءَ جو شوق ننڍپڻ کان ئي دامنگير رهيس. سندس ڪلام رس رچاءُ ۽ رواني موجود آهي،
تقريبن هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائين نعت ۽ مسدس سندس پسنديده صنفون رهيون. “هن
معمر شاعر کي، مسدس ۾ سنڌ جو حالي تصور ڪيو وڃي ٿو. آسي، جمالي، علي بخش تخلص سان
شاعري ڪيائين. لاڙڪاڻي کي به پنھنجي شاعريءَ جو موضوع بنايو اٿس.
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو
شھر آ دوستو،
سنڌ ڇا دنيا سڄي ۾
نامور آ دوستو.
ڇا صحافت ڇا سياست
مرڪز علم و ادب،
فڪر و فن شعر و سخن
۾ راهبر آ دوستو.
آه مردم خيز پنھنجو
شھر جنھن پيدا ڪيو،
آدمي هر شيردل ۽
ديده ور آ دوستو.
اهل دل، اهل نظر،
وفا اهل-قلم،
ٿا رهن هت ان ڪري
ٿيو فيضور آ دوستو.
ذڪر واجب ڪن اديبن
جو ڪرڻ سمجهان ٿو مان،
زندگي جو جن ڪيو
پورو سفر آ دوستو.
جوش، سرور، عبد،
عاقل، نياز، عبدالله اثر،
هاءِ ياد-رفتگان
زخمي جگر آ دوستو.
قادري، خادم، ثنائي
۽ حسن، عاشق، فدا،
سي ڇڏي ويڙا مگر تن
جو اثر آ دوستو.
شاعري علم و ادب جو
شوق جاڳائي ويا،
اڄ به فڪر و فن انھن
جو جلووگر آ دوستو.
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو
سٺو سھڻو ڪتاب،
بلديه وارن جي محنت
جو ثمر آ دوستو.
ٻين وڏن شھرن جيان
شل ارتقا حاصل ڪري،
هي “جمالي” جي دعا
شام و سحر آ دوستو.
*
لاڙڪاڻو
ٻڌايان اوهان کي آ
ڇا لاڙڪاڻو، ادب جو آ مرڪز مٺا لاڙڪاڻو،
سياست ۾ آ رهنما
لاڙڪاڻو، صحافت ۾ آ پيشوا لاڙڪاڻو،
فقيرن جي آهي دعا
لاڙڪاڻو، سلامت رهي شل سدا لاڙڪاڻو.
اخوت جي آهي زبان
لاڙڪاڻو، محبت جي جهولي چوان لاڙڪاڻو،
سراپا صداقت نشان
لاڙڪاڻو، وطن پاڪ جي دل لکان لاڙڪاڻو
بڻيو سنڌ جو مھ لقا
لاڙڪاڻو، سلامت رهي شل سدا لاڙڪاڻو.
هيا پرڪشش گهاڙ جا
ٻئي ڪنارا، ڏسڻ جي وٽان ها سي دلڪش نظارا،
جو هلندا ها ٻيڙين
تي وهنوار سارا، ملاحن ڪيا ٿي انھيءَ تي گذارا،
وساري ڪٿي سا ياد
لاڙڪاڻو، سلامت رهي شل سدا لاڙڪاڻو.
هجي ساڻ ناڻو ته گهم
لاڙڪاڻو، نه آهي جنھن کي پيسو وتي سو ويڳاڻو،
نٿو مان چوان آ
پھاڪو پراڻو، چيو سالڪن آ ڪو سمجهي سياڻو،
سراسر آ مھر و وفا
لاڙڪاڻو، سلامت رهي شل سدا لاڙڪاڻو.
هتي مرد مومن مجاهد
به آهن، هتي پير عالم مجدد به آهن،
هتي نيڪ انسان عابد
به آهن، هتي مير درويش زاهد به آهن،
بڻيو آ تڏهن دلربا
لاڙڪاڻو، سلامت رهي شل سدا لاڙڪاڻو.
سچائي ۾ اجرو صداقت
۾ اجرو، سياست ۾ اجرو، صحافت ۾ اجرو،
تمدن ۾ اجرو ثقافت ۾
اجرو، فضيلت ۾ اجرو شرافت ۾ اجرو،
وڻي ٿو جو آ دل صفا
لاڙڪاڻو، سلامت رهي شل سدا لاڙڪاڻو.
سڏي سڀ ڪو جنھن کي
ٿو سڪ جو سفينو، محبت جو دل ۾ رکي ٿو گنجينو،
ڪشادو رکي ٿو سڀن
لاءِ سينو، نه ڪنھن ساڻ نفرت نه ڪنھن سان ڪينو،
اهو شھر آ خوشنما
لاڙڪاڻو، سلامت رهي شل سدا لاڙڪاڻو.
سچائي وفائي صفائي
هتي آ، سدا علم جي روشنائي هتي آ،
هتي پيار آ دلربائي
هتي آ، لڳو چھچٽو پيو سدائين هتي آ،
ڀلي تون گهمي ڏس ادا
لاڙڪاڻو، سلامت رهي شل سدا لاڙڪاڻو.
هتي مور شھزور شاعر
رهن ٿا، اديبن سان گڏ فن جا ماهر رهن ٿا،
هتي باعمل ڪي اڪابر
رهن ٿا، هميشه ڪندا گل نڇاور رهن ٿا،
حقيقت آ حسن-وفا
لاڙڪاڻو، سلامت رهي شل سدا لاڙڪاڻو.
اسان جو شھر آ اسان
جو دلاور، اسان جو شھر آ وڏي شان وارو،
ثقافت ۾ ڪلچر ۾ سڀ
کان نيارو، سونھارو سونھارو پيارو پيارو،
هزارن جو آ همنوا
لاڙڪاڻو، سلامت رهي شل سدا لاڙڪاڻو.
دعا هي “جمالي” جي
مولا اگهائي، ڌڻي مينھن رحمت جا هر جا وسائي،
چمن ملڪ بڻجي، سدا
جڳمڳائي، خدا قوم مسلم جي عظمت وڌائي،
دعاگو آ صبح و مَسا
لاڙڪاڻو، سلامت رهي شل سدا لاڙڪاڻو.
*
جتوئي
مولا بخش “مولائي”:
مولا بخش “مولائي” ولد ڪوڙا خان
جتوئي تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ نبي بخش جتوئي عرف لوائي جتوئي ۾ ۲۱ مارچ ۱۹۳۳ع تي پيدا
ٿيو. اديب فاضل ۽ سنڌي فائنل پاس ھو. سال۱۹۵۰ع کان شاعري ڪندو اچي ۽ هر صنف، خاص ڪري
“حمد”، نعت، مرثيه، منقبت، قطعو، ابيات ۽ غزل ۾ ملڪو حاصل هوس. لاڙڪاڻي جي منظوم تاريخ
به رقم ڪيائين.
لاڙڪاڻو سنڌ جو
سينگار آ، علم جو ڄڻ قدرتي گلزار آ.
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو
اٿئي، شوق سان گهم جيڪڏهن ناڻو اٿئي،
ناهه ناڻو ساهه
ويڳاڻو اٿئي، سنڌ جي تسبيح جو داڻو اٿئي،
سنڌ چولو! هي سندس
دستار آ، لاڙڪاڻو سنڌ جو سينگار آ.
هت قلندر فقر جا
باني گهڻا، ڏات جا ڏاتار لاثاني گهڻا،
جوهر جيان جرڪندڙ
جاني گهڻا، پيا نباهن يار ياراني گهڻا،
شوق جو ڄڻ هي ٿيو
شھڪار آ، لاڙڪاڻو سنڌ جو سينگار آ.
شھر باغن ۽ نظارن جو
چوان، حسن جي ڄڻ شاهڪارن جو چوان،
دلبرن ۽ ماهه پارن
جو چوان، برک ماڻھن پروقار جو چوان.
بزم عالم ۾ ٿيو
نروار آ، لاڙڪاڻو سنڌ جو سينگار آ.
لاڙڪاڻي شھر جي هي
دل هئي، گهاڙ هو فرهاد شيرين پل هئي،
باغ ۾ جيئن گل مٿان
بلبل هئي، تيئن هنن جي سونھن ڀي بلڪل هئي،
گهاڙ بندر، تي ٿيو
واپار آ، لاڙڪاڻو سنڌ جو سينگار آ.
هت ڀٽو صاحب ۽ نصرت
بينظير! ايشيا ۾ شخصيت هن دل پذير،
هت آ حيدر بخش ۽
جتوئي نذير، هت وڪيل آهه، قيصر خان مير،
بگٽي قربان ڀي هتي،
نروار آ، لاڙڪاڻو سنڌ جو سينگار آ.
لاڙڪاڻي جا اديب و
ڊاڪٽر، جن ۾ آ صاحب سنديلو نامور،
ڊاڪٽر عبدالمجيد آ
خوبتر، “تمغئه امتياز” سان ٿيو فيضور،
ڊاڪٽر اياز خوش
افڪار آ، لاڙڪاڻو سنڌ جو سينگار آ.
دُر محمد ڊاڪٽر هت آ
پٺاڻ، ڊاڪٽر هت سرهيو صاحب آ سڄاڻ،
ڊاڪٽر محمود شاهه جا
هت وٿاڻ، هتي ادب جي آهه خادم شاهه کاڻ.
شاهه جاڙل جي هتي دربار
آ، لاڙڪاڻو سنڌ جو سينگار آ.
هتي علي محمد، حسام
الدين راشدي، جن جي عظمت تي ڏئي پئي شاهدي،
ڀرڳڙي صاحب هتي، آ
قاسمي، الله بخش “انيس”، عبدالغفور آ سنڌي،
هرڪو ماڻھو موتي
داڻو يار آ، لاڙڪاڻو سنڌ جو سينگار آ.
نياز ۽ محمود “خادم”
هو اثر، عبد احقر قادري سرور جو گهر،
رمز ۽ بدوي قلندر
خوبتر، هاءِ تن ڏاهن جي لئه آ چشم تر،
دل انھن جي ياد لئه
لاچار آ، لاڙڪاڻو سنڌ جو سينگار آ.
شيدا ناظم جمالي ۽
نظير نور ۽ مشتاق، مولائي فقير،
شاد مُحسن راز ۽
لقمان مير، اسلم و منظر ۽ سودائي منير،
هت جمال منظور انيس
اظھار آ، لاڙڪاڻو سنڌ جو سينگار آ.
چيئرمين عبدالخالق آ
ڀٽو، ميونسپالٽي کي سنڀاليو جنھن سٺو،
ڪم قيادت ۾ ٿيو
تاريخ جو، مسئلو پورو ٿيو هر مرحلو،
ٿيو، سچو خادم ۽
خدمتگار آ، لاڙڪاڻو سنڌ جو سينگار آ.
گل محمد گاد آ صاحب
ڪمال، جنھن کنيو تاريخ جو ڪم آ محال،
آ عباسي يار افضل
باخيال، جن جي محنت آ ڪيو بيحد ڪمال،
نيڪ آ هن نيڪ تن
ڪردار آ، لاڙڪاڻو سنڌ جو سينگار آ.
يار “مولائي” جتوئي گهر دعا، شاد ۽ آباد هوندو هي سدا،
مرحبا اي لاڙڪاڻه
مرحبا، جنھن ۾ پلجي ٿي محبت ۽ وفا،
سنڌ جي تھذيب جو
مينار آ، لاڙڪاڻو سنڌ جو سينگار آ.
**
جتوئي
زوار احمد خان “سودائي”
جتوئي زوار احمد خان
“سودائي” ولد محمد صالح ۱جنوري ۱۹۱۱ع تي تعلقي لاڙڪاڻي
جي ڳوٺ نبي بخش عرف عام لوائي جتوئي ۾ پيدا ٿيو. شاعري سان گهڻو شغف رهيس. جتوئي
صاحب قادر الڪلام شاعر هو. سندس ڪلام ۾ رس رچاءُ ۽ رواني موجود ملي ٿي. شاعري جي
هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائين. ٻه ڇپيل ڪتاب به ملن ٿا جن ۾ “گلشن بينظير” ۽ “چمن
داستان” شامل آهن. هن صاحب به لاڙڪاڻي تي قلم کنيو آهي ۽ منفرد انداز ۾ ان جو سير
ڪرائي ٿو.
سير
لاڙڪاڻه
هلو لاڙڪاڻو جوانو،
کڻي پئسو ٽڪو آنو،
ڪري “سير” جو بھانو،
ٻڌون ڦونن سندو گانو،
آهن مزا اڪيچار، هلي
ڏسون هڪ وار.
سھڻا سنبري ٿيا
تيار، پائي گلن سندا هار،
ٻڌي ور وڪڙ دستار،
چولو پاسي تي شلوار،
ڏسو فئشن سندي چالي،
هٿ ۾ رومال کيسا خالي.
واهه جيلس جو ديدار،
جتي واڻين جي پئي پوڪار،
اٿو ميوا مزيدار،
وٺي کائي ڏسو يار،
اها وات سندن وائي،
ادا ريل کڻي آئي.
ماڻھن جي ڏس گپا
گيھه، شربت وارا ڪن ٿا ريھه،
پکيئڙا تون اچي
پيءُ، سخت برابر اٿئي ڏينھن،
پئسي گلاس سٺو خاصو،
سمجهه وارا پيا وٺندا پاسو.
عجب آهي ڳڙ بزار،
کنڊ پتاشا آنا چار،
ڀڳڙا نقل مزيدار،
وٺڻ وارا ٿيو تيار،
وٺو وٺو تکو تماڪ،
جنھن جي آهي هر هنڌ هاڪ.
بازار صديقي وٺو واٽ،
سوڙهي گهٽي رستو ٽاٽ،
گپا گيھه ٻڪر ٻوساٽ،
دوڪان وارا ڪن ٿا ناٽ،
آءُ وڏيرا ڪپڙو وٺ،
پنھنجو سمجهي سياڻا هٽ.
واڪ هلي ٿو وڏي
بازار گربي کاڌي جوڙي يار،
ڊبل گهوڙا راڻي
تيار، وال هلي ٿو آنا چار،
ڳالهه اسان جي آهي
کري، وٺڻ وارا ايندا وري.
ترڪي ٽوپي گلن واري،
ٻارنھن آنا مزيداري،
بخمل بوٽ سنڌ
سنواري، آڪڙ شاڪڙ وڏي بھاري،
سھڻي سھڻي آ گفتار،
ڀاڪر پائي ملن يار.
وٺو سيئو جي بھاري،
جتي راڳ ڦونا جاري،
لنڊي پٽي عشق واري،
ڪاڻي ڪوجهي سڀ قراري،
ڪير جهلي ٿو ڪنھن کي
يار، پاڻ پلي ڪو پنھنجو پيار.
ليمن و مٽو پئسا
چار، کاري سوڍا ٽڪي يار،
ڍڪ ڀرڻ سان باغ
بھار، مُورُ نه ٿيندين يار بيمار،
آءُ وڏيرا ڪرسي
ويھه، ڀلا ڀلن جو ناهي ڇيھه.
آئي بزار ونگن واري،
عجب ڏٺي سي خوب بھاري،
چڱا هوٽل خوب نياري،
گاهڪ اچن پيا واري واري،
مال ڦڪڙ جو کائيندا
جوان، عمدا عمدا هن پڪوان.
تجرباغ ۾ آهي بھاري،
گيان ۾ گل ڦل چمن چوڌاري،
بولس آهي گل گلزاري،
وونڪٺ حوران لڳ هزاري،
بلبلين جا سمجهه
دوار، آئي آهي رت بھار.
مارڪيٽ ڏسو مڇي
واري، سڀ ڪنھن آڏو ککي کاري،
واٽا تور قيمت باري،
وٺڻ وارا سٺي ڇائري،
مڇي کڻي پئسا ڇوڙ،
ڀائو هر ندين کائي ٻوڙ.
پرڀات ۾ آ وڏي
بھاري، گنگا فلم ۾ مزيداري،
اک اشارو چال نياري،
وٺ سٺ ٺونشا جنگ آ جاري،
ٻن آنن ۾ ڏس تون
يار، دل جو دل ۾ ڪر ويچار.
باغ کجين جا انب
اٿاهه، جت آهه قافلا سراءِ،
قبا ميرن جا آهن
واهه، شير جو رستو آهي راهه،
آهن عمدا نيڪ نظارا،
وڻن دل کي خوب پيارا.
گهاڙ وهي ٿو تکو
واهه، جنھن ۾ مياڻي بندرگاهه،
سھڻيون ٻيڙيون عجب
ملاح، واپارين کي نيڪ صلاح،
اچو اچو سکر وارا،
ٻيڙا آهن ڇٽڻ وارا.
هلو هلو هاڻي لوائي،
هڙ ۾ ناهي پئسو پائي،
سير ڪيو سي خوب
“سودائي”، سج لھي ويو اونده آئي،
خوف خطرا ڇڏ تون
لاهي، مدد تنھنجي مولى آهي.
لقمان
“حڪيم”
لقمان ولد عبدالرحمان
کوکر تخلص “حڪيم”، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ سونو جتوئي ۾ ۱۹۲۹ع تي پيدا ٿيو.
سنڌي، عربي، فارسي تعليم حاصل ڪيائين. ننڍپڻ کان ئي شاعرن سان شغف رهيس. شاعري جي
هر صنف تي قلم کنيائين.
سندس پسنديده صنفن ۾
غزل، نعت، ڪافي ۽ قطعات وغيره شامل آهن. سندس شاعري ۾ طنز مزاح جو عنصر عام هو.
جنھن ۾ ناصحاڻو پھلو نمايان آهي. سنڌي اردو فارسي ۾ ڪلام ملي ٿو. پنھنجي شاعري ۾
لاڙڪاڻي سان محبت جو اظھار ڪندي چوي ٿو.
لاڙڪاڻو شھر بيشڪ
سنڌ ۾ آ بي مثال،
همسري ڪوئي ڪري ڪنھن
کي نه آ هرگز مجال
.
ڪوبه هت مظلوم ناهي
ڪوبه ناهي نڌڻڪو،
ناتوان مسڪين جا هت
ٿي پيا سھڻا افعال
.
عيش سان مزدور هاري
ڄڻ ٿو جنت ۾ رهي،
ڪٿ ڪيو ڀوتار تن جو
هت آهي جيئڻ جنجال.
ڪنھن کي جرئت جو
مھانگي چيز ڪا وڪڻي هتي،
ڇو ته سڀ آهن مسلمان
ڪير به هت ناهي بخال.
هت وڏا قابل ڏسون ٿا
ڊاڪٽر حاذق “حڪيم”،
جن جي خدمت سان ڪيو
آ، زندگي حاصل ڪلام.
*
چانڊيو
نـظام الدين “ناظم”
نظام الدين ولد
مولوي عبدالله “اثر” لاڙڪاڻي تعلقي جي ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو ۾، ۱ آگسٽ ۱۹۴۸ع تي تولد ٿيو. ايم
اي، ايم.ايڊ ۽ ايل.ايل.بي ڪيائين. ڪلارڪي کان استاد ٿيو ۽ مختلف اسڪولن ۾ رهندي
ٻيڙو چانڊيو هاءِ اسڪول پھتو، نظام الدين شاعر بن شاعر هو. مفتي، ناظم تخلص اٿس.
پاڻ سٺو اديب شاعر، علم عروض جو ڄاڻو، ۽ ماده تاريخ ڪڍڻ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ هو. سنڌي،
سرائڪي ۽ فارسي ٻولين جي ڄاڻ رکندڙ هو. ناظم محنتي، محبتي، لائق انسان هو. کيس سنڌ
کان علاوه لاڙڪاڻي سان به محبت هئس، لکي ٿو؛
لاڙڪاڻو
اي قلم لک جو بيان،
لاڙڪاڻو ٿو لکان،
اي قلم لک داستان،
لاڙڪاڻو ٿو لکان،
اي قلم لک جو مان
شان، لاڙڪاڻو ٿو لکان،
اڄ بڻي هڪ ترجمان،
لاڙڪاڻو ٿو لکان،
هي سياست جي جھان ۾
مثل، ڪوهه طور آ،
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو
سدا مشھور آ.
ٿي خلافت جي زماني ۾
قيادت هن ڪئي،
هر مجاهدن سان ملي
هردم رفاقت هن ڪئي،
مقصد اعلى کان اعلى
جي وضاحت هن ڪئي،
سنڌ بمبئي کان جدا
ٿئي هي حمايت هن ڪئي،
هر سياست جي سياهي
لاءِ بيشڪ نور آ،
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو
سدا مشھور آ.
شاھد، تھذيب، رفته
آهه موهن جو دڙو،
هت “جهڪر” کي ڀي ڏسو
ڇو ٿا ڪر لاڙو لڙو،
“سون مياڻي”
جو دڙو هرگز نه آهي بي وڏو،
هٿ آ “ڪاروهر” دڙو ۽
ٻيو دڙو “ماروئڙو”،
کوٽي سو دولت سندن
جنھن کي مرڻ منظور آ،
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو
سدا مشھور آ.
“مخدوم” ۽
“شھدادڪوٽي” عامل و ڪامل هتي،
مولوي “عباسي” جھڙا
عالم و فاضل هتي،
فڪر جي مڪتب جا شائق
ٿا ملن شاغل هتي،
هو “علامه نورنگي”
هت حضرت “عاقل” هتي،
خوش محمد مولوي هو
جو هتان ويو دور آ،
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو
سدا مشھور آ.
قاسمي صاحب “مشوري”
۽ حسنين بادشاهه،
پير جو عالم موحد
اهل-دل، اهل-نگاهه،
آه “عبدالله چانڊيو”
۽ “نجي الله” شاهه،
حضرت مخدوم صاحب جو
کليل آه درسگاهه،
عاشقان-علم سان هي سرزمين
ڀرپور آ،
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو
سدا مشھور آ.
آ مزار “جان محمد” ۽
هتي جيلاني جون،
حضرت “شاهل محمد” جو
نرالو داستان،
مرقد “قائم بخاري”
آه هت “عظيم” الشان،
شاهه “اسماعيل”
“جاڙل” “شاهه بھارو” مھربان،
شھر پيرن جي دعا سان
ئي ٿيو معمور آ،
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو
سدا مشھور آ.
لاڙڪاڻو ڇا آهه، آ
تاريخ جو رنگين باب،
وڃبو جي تفصيل ۾
مرقوم ٿيندا ڪي ڪتاب،
ضوفشان آهه جھان ۾
هي ته مثل آفتاب،
هي سراپا آ تجلي هي
مجسم نور آ،
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو
سدا مشھور آ.
آ دعا “ناظم” جي خطه
چانڊڪو آباد ٿئي،
لاڙڪاڻي جو ٻڍو و
ٻار ۽ جوان شل شاد ٿئي،
فرد هرهڪ دائما هر
عيب کان آزاد ٿئي،
تا قيامت هن جھان کي
لاڙڪاڻو ياد ٿئي.
خير خواه سنڌ بڻيو
هرڪو هت مزور آ،
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو
سدا مشھور آ.
**
عبدالواحد
“عبد” سومرو
عجب شھر سھڻو ڏٺم
لاڙڪاڻو،
گهڻن کان آ بھتر اتم
لاڙڪاڻو،
چوي هرڪو ماڻھو سندء
لاڙڪاڻو،
اسان جو ته آهي صنم
لاڙڪاڻو.
ڪري ڇا سگهان ان جون
خوبيون بيان،
هي آ سنڌ ساري جو
روح روان،
بھر رنگ سھڻو ٿيو
گلزار آ،
زماني کان مشھور
واپار آ.
سٺي کير جي هت
مِٺائي مِلي ٿي،
وٺون وال ڪپڙو سوائي
ملي ٿي،
مڇي گوشت ۾ ڀي نوائي
ملي ٿي،
سدا سھڻي هردم سلائي
ملي ٿي.
هتي ڪوڙ ڪلفت دغائي
نه آهي،
ڪنھن سان به ڪنھن جي
ٻيائي نه آهي،
هتي ماڻھو، ماڻھو جو
غمخوار آ،
ڪو “عابد” ڪو زاهد
ڪو مختار آ.
*
آغا
تاج محمد خان:
ولد عبدالمجيد خان
پٺاڻ، تلخص “آغا” باگڙجي ۾ سن ۱۶ سيپٽمبر ۱۹۰۴ع تي تولد ٿيو.
ننڍپڻ کان ئي سنجيدو ۽ سلڇڻو هو، آغا صاحب نھايت اورچ انسان هو، تعليم مڪمل ڪرڻ
کانپوءِ تعليم کاتي ۾ رهندي مادر علمي سنڌ يونيورسٽي جو رجسٽرار بڻيو. علم ادب سان
والھانه محبت رکندڙ هو. هن جي قلم مان ڪافي ڪتاب نروار ٿيا جيڪي گهڻي ڀاڱي ڪورس
جون ضرورتون پوريون ڪن ٿا. علاوه ازين پاڻ هڪ سٺو شاعر به هو. پنھنجي شاعري وسيلي
ٻارڙن کي موهن جي دڙي جو سير ڪرائيندي چوي ٿو :
موهن
جي دڙي جو سير
اسان جي سنڌ سھڻو
ملڪ آهي، برابر سنڌ جي ٻيو ڪو به نه آهي.
سدا سنڌوندي جنھن
مان وهي ٿي، سدا سرسبز ساوڪ سان رهي ٿي.
گهڻن وقتن کان آهي
سنڌ سڌريل، اٿو ڪاريگري ان ۾ سمايل.
اڳيان ماڻھو هيا
هشيار يارو، هيو تن جو هنر نرالو يارو.
ڏسو نقشي ۾ ضلعو
لاڙڪاڻو، منجهس آهي دڙو هڪ پراڻو.
دڙو موهن جو سڀ ان
کي چون ٿا، سوين ماڻھو ڏسڻ ان کي اچن ٿا.
سندس ويجهو جا
اسٽيشن ٿي ٻڌجي، اها ٿي ڏوڪري نالي سان سڏجي.
دڙو پوريل اوائل جو
چون ٿا، اوائل جا پتا ان مان پون ٿا.
جڏهن کان هي دڙو
کوٽيو ويو آ، تڏهن کان شھر هڪ ظاهر ٿيو آ.
عجب آ شھر ساري جو
نظارو، سٺو سھڻو ٺھيل آ شھر سارو.
ٺھيل آهن پڪيون
جايون سموريون، صفائي ۽ سٺائي ۾ به پوريون.
مٿن ڪاشيءَ جو ڪم
ڏاڍو ٿيل آ، ڪٽھڙو جاءِ هرهڪ کي پيل آ.
اڳيان هر جاءِ کي آ
کوهه ٻارو، جو آهي پڪ سرو مضبوط سارو.
مزو ڏاڍو ڪسين حودين
ڪيو ٿي، ڪنو پاڻي وهي تن مان ويو ٿي.
عجائب شھر جون آهن
بزاريون، صفائي ۾ سٺيون ڏسجن ٿيون ساريون.
دڙي موهن جي مٽ ڪوئي
به ناهي، وڌايو سنڌ جو هن شان آهي.
لڌا هن مان اٿن
رنگين پٿر، پلو ۽ سون ۽ باسڻ ۽ زيور.
مٿن وهه واهه چٽسالي
ٿيل آ، عجب ڳھڻن مٿان محنت ڪيل آ.
هزارين پيون شيون هن
مان لڀي پيون، هنر ۾ هن زماني کان وڌي ويون.
ولايت ڏي روانيون سڀ
شيون ٿيون، عجائب گهر ۾ سڀ سانڍي رکيون ويون.
ڏسڻ جھڙو دڙو موهن
جو آهي، اچن ماڻھو ڏسڻ جي لاءِ ڪاهي.
سٺو سھڻو دڙي جو آ
نظارو، ڪجو هيڪر دڙي جو سير ٻارو.
**
فقير
محمد چنو:
بنايو قرب سان ڪلتار
منھنجو لاڙڪاڻو آ،
ڏنو بس ڏيب هي ڏاتار
منھنجو لاڙڪاڻو آ.
هي آهي مھر مالڪ جي،
هي آ الله جو احسان،
سندس قدرت سندو
شھڪار منھنجو لاڙڪاڻو آ.
هي آ تاريخ جو مالڪ،
هي آ تعريف جي لائق،
عجائب ٿو ڪري اظھار
منھنجو لاڙڪاڻو آ.
هي سڌريل صدين کان
سھڻو، دليل آهي دڙو موهن،
هزارين سال ٿيا
هوشيار، منھنجو لاڙڪاڻو آ.
اڪابر، هوشو، ليڊر،
ٿيون شھزور شخصيتون،
ٿيون ملڪن سندو
معمار، منھنجو لاڙڪاڻو آ.
رتوديرو، قمبر،
شھدادڪوٽ ۽ ڏوڪري وارهه،
۽ ميروخان
سان مختار منھنجو لاڙڪاڻو آ.
چون ٿا “لاڙڪاڻو
ساهه سيباڻو” پھاڪو هي،
حسينن جي بڻيو ھٻڪار
منھنجو لاڙڪاڻو آ.
ٿو سڏجي سنڌ جو
باغ-عدن انگريزي عرصي کان،
مٺو، من مھڻو، منٺار
منھنجو لاڙڪاڻو آ.
“هجي ناڻو ته
گهمجي لاڙڪاڻو” هي ڪھاوت آ،
تجارت ۾ گرم بازار
منھنجو لاڙڪاڻو آ.
نشانبر ڪيترا نرمل
نظارا نيھن جا نازڪ،
دکايل دل سندو
دلدار، منھنجو لاڙڪاڻو آ.
سندس خوشبوءِ
کستوري، پکڙجي پلڪ ۾ وئي آ،
گلابي گل اهو بي خار
منھنجو لاڙڪاڻو آ.
وزيراعظم، گورنر ۽
صدر ٿيو لاڙڪاڻي مان،
اڳوڻي سنڌ جي سرڪار
منھنجو لاڙڪاڻو آ.
سٺي بازار سيئو آ،
لياقت روڊ ۽ جيلس،
وري ريشم گلي گلزار
منھنجو لاڙڪاڻو آ.
ڀلي شاهي بزار آهي،
مزو آ مارڪيٽ ۾،
۽ هرهڪ راهه
رونقدار منھنجو لاڙڪاڻو آ.
اتاترڪ ۽ صدر
سوئڪارنو جا يادگار آهن،
يقيني يار خدمتگار
منھنجو لاڙڪاڻو آ.
منھنجو مسڪن، منھنجي ملجاءِ منھنجي مدعا آهي،
منھنجو مرقد، منھنجو
گهر ٻار لاڙڪاڻو آ.
محمد جو فقير آهيان،
اهو ئي فخر آهي بس،
منھنجي جذبات
جوجنسار منھنجو لاڙڪاڻو آ.
**
مددي
ڪتاب:
قادري اياز حسين
ڊاڪٽر”سنڌي غزل جي اوسر”-سنڌالاجي ۱۹۸۲ع.
گاد گل محمد، مرتب:
“لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو” ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻو-۱۹۸۴ع.
“حڪيم”
لقمان، مرتب: “جهونگار” بزم سچل لاڙڪاڻو-۱۹۷۷ع.
عباسي مسز شمس
“مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي شخصيت” سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد-۱۹۸۸ع.
سنڌي ميمڻ عبدالمجيد
ڊاڪٽر، مرتب: “ڪلام بشير” سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد-۱۹۹۴ع.
ڏوڏيجا لوڪ رام
“منھنجو وطن منھنجا ماڻھو” نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد-۱۹۹۳ع.
عبرت روزانو
حيدرآباد.
ماهور نئين زندگي.
۽ لاڳاپيل
مضمون مقالا .
**
(ڇپيل ماهوار “نئين زندگي” شمارو اپريل-مئي ۱۹۹۸ع.)
No comments:
Post a Comment