Friday, March 1, 2019

ڇمڪڻو سودائيءَ جو انٽرويو - ھمير گاد


مشھور شاعر ڇمڪڻو سودائيءَ جو روزنامه ”پريشان“ کي ڏنل يادگار انٽرويو.
ھمير گاد
پورو نالو ڇمڪڻو تخلص سودائي.
پهرين اپريل ۱۴ آگسٽ ۱۹۷۸ع ۾ ڳوٺ ”لڌو ڳوليو“ ۾ ڄائو.
ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ جو شوق جاڳيس.
ٻارن جي رسالي ”هي ٻار منهنجو نه آھي“ ۾ لکڻ جي شروعات ڪيائين.
ننڍپڻ ۾ صحت اهڙي هُيس جو جڏھن پيءُ سان اسڪول ويندو هو ته پاڙي وارا سمجهندا هئا ته اسپتال ٿو وٺي وڃيس.
سندس هڪ ڪلام ”گهوڙي جي ڄڃ“ تي کيس موچڙن جي ايوارڊ سان نوازيو ويو هو.
صحافي؛ ”ڇا اوهان کي ننڍپڻ کان ئي شاعر ٿيڻ جو شوق هو.؟“
ڇمڪڻو؛ ”چئي سگهو ٿا! پر مون کي ڊاڪٽر ٿيڻ جو ڏاڍو شوق هو. ڇاڪاڻ ته منهنجي رائيٽنگ بچپن کان ئي خراب هئي.“


صحافي؛ ”توهان لکڻ جي شروعات ڪهڙي صنف کان ڪئي.؟”
ڇمڪڻو؛ ”قيد نظم کان. ان نظم جو نالو هو ’بربادي‘.“
صحافي؛ ”اوهان جو پهريون شعر ڪهڙو هو، جيڪو اوهان لکيو هو.؟“
ڇمڪڻو؛ ”منهنجو پهريون شعر جيڪو مون هڪ هوٽل تي ڪنهن سهڻي کي ڏسي ڪري لکيو هو، اهو هيو:
”جيترو هو شرميلو آ، خدا پُڄيس اوترو ئي زهريلو آ.“
صحافي؛ ”مون کي ته لڳي ٿو شعر ڪنهن جو چورايل آ، اڇا! اهو ٻڌايو شاعريءَ کان علاوه ٻيو ڪهڙو ڪم ڪندا آھيو.؟“
ڇمڪڻو؛ ”کنڊ مِٺي ڪري کپائيندو آھيان.“
صحافي؛ ”زندگيءَ ۾ رومانس ڪيترو ضروري آھي.؟“
ڇمڪڻو؛ ”جيترو هڪ ڊاڪٽر لاءِ فيس ۽ مريض.“
صحافي؛ ”اڄ ڪلھ محبت جي ڇا قيمت آھي.؟“
ڇمڪڻو؛ ”پهريان ته محبت جي ڪا قيمت نه هئي، پر اڄ ڪلھ محبت جي قيمت هڪ ٺاهوڪو موبائل سيٽ ۽ ايزي لوڊ وڃي رهي آ.“
صحافي؛ ”توهان اڄ تائين گهڻا عشق ڪيا آھن.؟“
ڇمڪڻو؛ ”هڪ ئي عشق ڪيو، پر اڄ ڪلھ جيترا سھڻا گهڻا اوترا عشق گهڻا. اسان جي دؤر ۾ ائين نه هو.“
صحافي؛ ”ڇا مطلب توهان جي دؤر ۾... توهان ڇا ايڏا پراڻا آھيو ڇا؟ توهان علاءَالدين خلجيءَ جي گهوڙن کي پاڻي پياريندا هيئو يا فرعون کي شام جو ۵ بجي کان ۷ بجي تائين چغليون پهچائيندا هُيئو.؟“
ڇمڪڻو؛ ”ڏسو مون کي ذليل ڪرڻ جا ٻيا به کوڙ طريقا آھن. هروڀرو مون کي انهن جي دؤر ۾ نه وٺي وڃو. اها منهنجي توهين آھي.“
صحافي؛ ”نه، تون وقت جي توهين آھين... توهان جو پسنديده شاعر؟“
ڇمڪڻو: ”جواري پياز ٽانڊو.“
صحافي؛ ”پسنديده ڪلام.؟“
ڇمڪڻو؛ ”’رات يار منهنجو ڊرائيور سان ڀڄي ويو.‘ ان ڪلام جو شاعر مان پاڻ آھيان.“
صحافي؛ ”اوهان جو شمار، پراڻي ٽهيءَ جي بيڪار شاعرن ۾ ٿئي ٿو. اوهان ڇا ٿا محسوس ڪريو.؟“
ڇمڪڻو؛ ”مان بچپن کان جيڪو به لکندو آيو آھيان، جيڪو به منهنجو دل چيو اهو لکيو، اهو سمورو توهان جي سامهون آھي. توهان مون کي ڪيترا موچڙا ٿا هڻو اهو اوهان تي ڇڏيل آھي.“
صحافي (ڪجھ دير خاموش رهڻ کان پوءِ)؛ ”توهان ٻيو ڀيرو بچپن لفظ استعمال ڪيو، جيڪڏھن ننڍپڻ لفظ استعمال ڪريو ته بهتر ناهي.. ٻيو ته منهنجو دل... اهو منهنجو دل ڇا آھي.؟ منهنجي دل يا منهنجو دل..؟“
اوهان پاڻ کي شاعر ٿا سڏرايو، اوهان کي اها به خبر ناهي ته دل مذڪر آ يا مونث آ. ڇو ٿا ٻوليءَ کي هٿ سان خراب ڪريو.“
ڇمڪڻو؛ ”ڏسو اسان جهڙن شاعرن جو ته اڇو منهن ٿيل آ پر جيڪي سنڌي چئنلن تي ٻولي ڳالهائي ٿي وڃي، ڪڏھن ان تي اوهان غور ڪيو آهي؟ ڪڏھن انهن جي باري ۾ اوهان ڪجھ لکيو آ؟ رڳو ڏَمر اسان مٿان ڇو.“
صحافي؛ ”مان ته چوان ٿو؛ جيترا هو ڏوهاري آھن، اوترا اوهان به آھيو. اوهان جهڙا شاعر جيڪي واهيات شاعري ڪن ٿا، اها شاعري ٻڌڻ جي به قابل ناهي. ڪو شرم حياءُ به اَٿو يا نه.. ان کي شاعري چئبو آ.؟ ڇو ٿا پنهنجي انٽرنيشنل بي عزتي ڪرايو؟ جنهن کي شاعريءَ جي ڪا خبر ئي ناهي، اُهي به خان صاحب پاڻ کي شاعر ٿا سڏائن. اسان وٽ ته شاعرن جي ساليانو پيداوار ٽماٽن جي سالياني پيداوار کان به وڌي وئي آ.“
ڇمڪڻو؛ ”لڳي ٿو، پهريان ڀاڄيون کپائيندا هُيئو.“
صحافي؛ ”پيئڻ ۾ ڇا پسند آھي.؟“
ڇمڪڻو؛ ”ليمي جي لَسي، وڏي شوق سان پيئندو آھيان.“
صحافي؛ ”آٽو گراف ۾ ڇا لکندا آھيو.؟“
ڇمڪڻو؛ ”نصيبو لعل جو رومانٽڪ گانو، ’جُهوجُهو ماٽي، لَسي پنهنجي گهاٽي.“
صحافي؛ ”غزل ڇا کي چئبو آھي.؟“
ڇمڪڻو؛ ”جڏھن ڪو سھڻو، اوچتو سامهون اچي، ان کي ڏسي وات پٽجي وڃي ۽ اُتي بيٺي بيٺي ڪجھ لکجي وڃي، ان کي غزل چئبو آھي.“
صحافي؛ ”بيت ڇا کي چئبو آھي.؟“
ڇمڪڻو؛ ”جي تو بيت ڀانيان، سي آيتون آھن.“
صحافي؛ ”۽ دوھا؟“
ڇمڪڻو؛ اصل ۾ اهو سهي لفظ دونهان آھي، دوها ناهي.. جڏھن شاعر گرم کاڌا کائي ۽ اندر مان دونهان نڪرنس ان کي دونهان چئبو آھي.“
صحافي (مَٿي تي هٿ رکي بيزاريءَ مان)؛ ”مان ته چوان ٿو، تو جهڙن کي گدو اسپتال ۾ موڪلجي يا نيشنل جيوگرافڪ چئنل تي، سڄو ڏينهن نانگ پڪڙائجن.“
ڇمڪڻو؛ ”توهان جي مرضي ڇا آھي، مان جو گدوءَ ۾ وڃان ته اُتي ويچارا جيڪي پهريان ئي علاج خاطر داخل ھجن، اھي مون کي ڏسي اڃا وڌيڪ چريا ٿي وڃن.“
صحافي؛ ”شعر تخليق ڪرڻ وقت، اوهان جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي آھي.؟“
ڇمڪڻو؛ ”منهنجي ته نارمل هوندي آ، پر جيڪو مون کي پئسن تي شاعري لکي ڏيندو آ، ان جي مٿان قيامت هوندي آ.“
صحافي؛ ”ڇا.... معنيٰ اوهان شاعري ٻين کي پئسا ڏئي لکرائيندا آھيو.“
ڇمڪڻو؛ ”ان ۾ حيران ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالھ آ، مون جهڙا خبر ناهي ڪيترا ماڻھو اهو ساڳيو ڪم ڪندا آھن. اڪثر مشاعرن ۾ ڪي شاعر اوڌر تي يا وري سنگت ۾ يارن کان ڪو غزل لکرائي ڪم ٽپائيندا آھن.“
صحافي؛ ”افسوس... شرم جهڙي ڳالھ آ.“
ڇمڪڻو؛ ”هڪڙي ڳالھ ٻڌو! اوهان بار بار شرم جي ڳالھ ڇو ٿا ڪريو؟ اسان ته بي شرميءَ جون ٽيوشن ورتيون آھن، اسان سان نه پُڄي سگهندئو. جيڪڏھن اسان ۾ ٿورو به شرم هجي آ ته ڇا اسان اهڙا ڪم ڪيون هان.؟“
صحافي؛ (ڪاوڙ مان)؛ ”اوهان جي وڏي مهرباني.“
ڇمڪڻو؛ ”آخر ۾ ڪو پيغام ته ڏِيان نه.؟“
صحافي؛ ”ڪا ضرورت ناهي، اوهان جي پيغام جي. هونئن به ڪو عمل ڪو نه ڪندو.“

(ماهوار ”ارادو“ مئگزين جي فيبروري ۲۰۱۹ع واري شماري تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment