سنڌ جي تاريخي ماڳن جا
نوادرات بچايو
خالد ٻانڀڻ
قومن جي تاريخ،
تهذيب صدين جي سڃاڻپ جو مرڪز هونديون آهن، جن سان معلوم ٿيندو آهي ته قديم تاريخ
رکندڙ ٻولي ۽ قومون ڪيتريون هزار صديون پراڻيون ۽ پنهنجي خطي ۾ سڃاڻپ رکندڙ آهن.
پاڻ جيڪڏهن تاريخ کي پروڙيندا پرکينداسين ته اهڙن حوالن سان پوري دنيا جي تاريخ ڀري
پئي آهي، جنهن کي پڙهڻ ۽ سمجھڻ جي ضرورت آهي. ڪتابن جا باب کٽي ويندا پر تاريخ جا ڦهليل
ورق ڪڏهن به پورا نه ٿيندا، انهن تهذيبن ۾ سرفهرست سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ اوچو ۽
اعليٰ مقام رکندڙ آهي. پاڻ جيڪڏهن موئن جي دڙي کان شروعات ڪنداسين ته ان جو ڦهلاءُ
پنج هزار سال قديم تاريخ تي مشتمل آهي، جنهن سان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي تهذيب،
تمدن، تاريخ، ثقافت ڪيتريون صديون پراڻي پنهنجي ياداشت رکي ٿي. سنڌ جي تاريخ،
تهذيب جيتري پراڻي آهي، ايترو اڄ ان کي سنڀالڻ وقت جي حاڪمن کان ڄڻ مشڪل ٿيندو پيو
وڃي. اسان جو ثقافت وارو صوبائي کاتو به ڄڻ ته سنڌ جي ساڃاھ وند سونهن کان منهن موڙيون
بيٺو آهي. موئن جو دڙو سنڌ، پاڪستان ته ڇا پوري دنيا ۾ هن خطي کي سڃاڻپ ڏيو بيٺو
آهي. شايد ئي دنيا جو اهڙو ڪو ملڪ هوندو، جيڪو هن پنج هزار سال پراڻي تهذيب کي ڏسڻ
۽ گھمڻ لاءِ نه آيو هوندو. ڇو ته هن وقت بهتر موسم گرمي جي شدت گھٽ هجڻ سبب دنيا
جا سياح موئن جو دڙو ڏسڻ لاءِ ايندا رهن ٿا.
موئن جي دڙي جي
دريافت 1922ع ۾ ٿي هئي. ٺيڪ ٽن سالن کانپوءِ 1925ع ۾ برطانيا جي آرڪيالاجسٽ مشهور
معروف نالي سر جان مارشل هن تاريخي دڙي جي کوٽائي ڪري صديون پراڻا آثار ظاهر ڪري ڏنا
۽ سنڌ کي دنيا ۾ ڄڻ هڪ نئين روپ سان روشناس ڪرايو. دڙي جي کوٽائي پوري ٿيڻ کانپوءِ
هو جڏهن هتان واپس پنهنجي ڏيھ وري ويو ته پاڻ سان آندل ڪينيڊين فورڊ ڪار سنڌ حڪومت
جي ثقافت کاتي حوالي ڪري ويو هو، جيڪا گاڏي موئن جي دڙي تي گئراج ٺاهي اتي محفوظ ڪئي
وئي هئي. چون ٿا ته چار سال ان وقت جي ثقافت کاتي جي وزير جي مرمت ڪرائي، ٻيهر دڙي
تي آڻي رکرائڻ جي لاءِ ڪراچي کڻائي ويو هو پر چار سال گذرڻ باوجود سر جان مارشل جي
نشاني طور ڏنل اها گاڏي اڃا تائين واپس ناهي ٿي ۽ نه وري پتو پئجي سگھيو آهي ته ڪراچي
۾ اها گاڏي مرمت لاءِ ڪٿي ڏنل ۽ بيٺل آهي. شڪر آهي جو موئن جو دڙو تي ميوزيم ٺهيل
هجڻ سبب اتان مليل قيمتي نوادرات اتي محفوظ آهن پر ٻڌايو پيو وڃي ته انهن قيمتي
نوادراتن مان به ڪيترائي نوادرات گم ٿيل آهن يا چوري ڪيا ويا آهن. ان جو به ڪو ڏس
پتو نٿو ملي. ساڳي ريت سکر جي سائيٽ ايريا ۾ لڌل تاريخي ماڳ لاکين جو دڙو تان به
مختلف وقتن تي کوٽائي دوران سون جي تعداد ۾ قيمتي ۽ تاريخي نوادرات لڌا ويا هئا پر
افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سکر شهر توڙي لاکين جي دڙي تي ڪوبه ميوزيم نه هجڻ سبب
اهي سمورا قيمتي نوادرات يا ته لطيف يونيورسٽي آرڪيولاجي واري ميوزيم ۾ پيل آهن يا
وري ڪنهن ٻئي پاسي گم ڪيا ويا آهن. انهن جو ڪو پتو ڪونهي ڪو. اڳوڻي ثقافت کاتي جي
صوبائي وزير سسئي پليجو لاکين جو دڙو کي چوديواري ڏيارڻ ۽ ميوزيم جوڙائڻ جو اعلان
ته ڪيو هو پر اهو اعلان صرف اعلان ئي بڻجي رهجي ويو.
هن وقت لاکين جي دڙي
تي هڪ بااثر صنعتڪار قبضا ڪري چوديواريون ڏئي اتي فيڪٽري جوڙڻ جا سانباها ڪري رهيو
آهي. جيتوڻيڪ هاءِ ڪورٽ پاران هڪ سال پهريان دڙي تان قبضا هٽرائڻ جا احڪامات ڏنا
ويا هئا، جن تي اڄ ڏينهن تائين سکر جي انتظاميا عمل ناهي ڪيو ۽ نه ئي وري دڙي تان
قبضا ڇڏرائي سگھي آهي. سکر هجي يا لاڙڪاڻو، شهرن جي حالت ئي بري لڳي پئي آهي ته
اتي وري تاريخي ماڳ ڪٿان محفوظ هوندا؟ سنڌ جي تاريخي ماڳن سان اها ويڌن ڏسي ڪري
افسوس ٿيندو آهي ته اسان پنهنجي ثقافت، تهذيب کي اکين سان ڀرندي ٽُٽندي وکرندي ڏسي
رهيا آهيون پر ان کي بچائڻ لاءِ ڪجھ به نه پيا ڪريون. جيڪڏهن اها صورتحال لاڳيتو
برقرار رهي ته اڳتي هلي رڳو ڪتابن ۾ پڙهنداسين ته موئن جو دڙو، لاکين جو دڙو، ڏجي
جو دڙو ۽ ٻيا تاريخي ماڳ سنڌ ۾ هوندا هئا جن جا هاڻي نالا نشان به موجود ناهن! سنڌ
جي موجوده ثقافت جي وزير کي عرض آهي ته موئن جي دڙي جي تاريخي تحفي طور ڏنل ڪينيڊين
فورڊ ڪار گاڏي، لاکين جي دڙي جا قيمتي نوادرات پنهنجي ماڳن تي باحفاظت بچائي موٽايا
وڃن ته جيئن هنن تاريخي ماڳن جي قدامت پسند تاريخ جو ڳاٽ اڃا به اوچو رهي ۽ اسان
پنهنجي صدين جي تهذيب تي فخر جا نعرا بلند ڪري سگھون، ته اسين دنيا جي تاريخي ماڳن
سان گڏ بيٺا آهيون. جيڪڏهن ائين نه ڪري سگھياسين ته ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪندا.
ڇو ته پاڻ جيڪڏهن پنهنجا قومي ورثا نٿا بچائي سگھون ته باقي دنيا سان ڪهڙو سينو
ساهي بيهنداسين؟ سر جان مارشل سنڌ جو نه پر پرڏيهي آرڪالاجسٽ هيو. هن جيڪو اسان جي
تهذيب ۽ ثقافت سان پيار جو اظهار ڪري پنج هزار سال پراڻي تهذيب جي سڃاڻپ ڏئي ويو،
ان کي جيڪڏهن ائين ئي بيگانن وانگر ڇڏي ڏينداسين ته باقي آثار به اسان کان رسي
ويندا.
سنڌ جا تاريخي ماڳ،
مڪان، قلعا، شهر هن ڌرتيءَ کي نه رڳو سونهن بخشين ٿا پر پنهنجي هجڻ جو احساس ڏياريندي
صديون پراڻي تاريخ جا ورق ورجائي احساسن جي بلندين تي پهچائين ٿا. سنڌ ۾ هن وقت ڌارين
نه پر پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي حڪمراني آهي، انهن کي پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ ٻولي سان
ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ نه پر محبت ۽ شفقت سان گڏ زنده دليءَ جو مثال قائم ڪرڻو
پوندو.
No comments:
Post a Comment