تاريخ جو سفر
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو-هڪ
تاريخي ڪتاب
لياقت راڄپر
سنڌ جي پُراڻي
تاريخ ته پري پر هن دور ۾ به تاريخ لکڻ وارا گهٽ آهن ته پوءِ تاريخ ڪيئن محفوظ ٿيندي.
ڪجهه ڏينهن اڳ مان لاڙڪاڻي صرف انهيءَ لاءِ ويس ته لاڙڪاڻي جي رهيل ماڳن مڪانن،
شخصيتن ۽ اُنهن رسمن ۽ رواجن کي محفوظ ڪريان ته جيئن ايندڙ نسل کي خبر پوي ته سنڌ
۽ لاڙڪاڻي جي تاريخ ڪٿان ۽ ڪيئن سفر ڪندي پئي اچي. ان ڏس ۾ ڪجهه دوستن ڪم ڪيو آهي
۽ ڪجهه ڪم هاڻي کان پهريان ڪيو ويو آهي پر اُهو ٿورو آهي. آئون پنهنجي وس آهر
زندگيءَ جي مصروفيتن مان وقت ڪڍي ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهيو آهيان پر جڏهن ڪتاب ڇپرائڻ
جي مرحلي ۾ آيو آهيان ته ڪوبه ماڻهو پري پري تائين هن ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيندي نظر
نه آيو آهي.
بهرحال، آئون ته
پنهنجو ڪم ڪندو رهندس. جڏهن مون لاڙڪاڻي ۾ انفارميشن آفيسر طور ڪم ڪيو ته ڪيترن ئي
شين کي قلم ذريعي ڪاغذ تي لاهي اخبارن ۽ مئگزينن ۾ ڇپرائي پاڻ وٽ محفوظ ڪيو آهي.
اهي مضمون ۽ ڪالم مون وٽ ڪاغذ تي پيسٽ ٿيل آهن. جڏهن انهن کي ڪتابي صورت ڏيڻ لاءِ ڪجهه
پبلشنگ ادارن سان رابطو ڪيم ته اُنهن واقفيت ۽ ڄاڻ رکندي به چيو ته خرچ يا مون کي
برداشت ڪرڻو پوندو يا وري اڌ خرچ ايڊوانس ۾ ڏيڻو آهي، جيڪو منهنجي لاءِ آسان ۽ ممڪن
نه هو. وري ڪجهه سرڪاري ادارن سان ڳالهه ٻولهه ڪيم، اُنهن به اهو چيو ته هو رڳو
شاهه ڀٽائي ۽ شيخ اياز وغيره تي ڪتاب آڻڻ لاءِ تيار آهن، جڏهن ته اڳ ۾ اُنهن
شخصيتن تي ڪيترائي ڪتاب اهڙن سرڪاري ادارن ڇپرائي پڌرا ڪيا آهن. افسوس اِهو اٿم ته
اسان جا ماڻهو جڏهن اقتدار ۾ يا بيورو ڪريسيءَ جي ڪرسيءَ تي ويهن ٿا ته پوءِ اُنهن
کان وطن جي محبت، علم ۽ ادب جي خدمت وسري وڃي ٿي ۽ هو صرف پئسي ڪمائڻ، پنهنجي ٻارن،
ڪٽنب ۽ مٽن مائٽن لاءِ وڇائجي وڃن ٿا.
هاڻي هِن قصي مان ڪوبه
فائدو نه رهندو، اُن لاءِ ڪم جي ڳالهه ڪجي. لاڙڪاڻي ۾ رهڻ دوران مون ڪيئي ماڻهن
سان ملاقاتون ڪري ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪئي، جيڪا آئون اوهان سان شيئر ڪريان ٿو. لاڙڪاڻي
ميونسپل طرفان 1984ع ۾ هڪ ڪتاب لاڙڪاڻي تي ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ جي نالي سان وڏي
جدوجهد کانپوءِ ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪاوشون گُل محمد گاد جون
هيون، جڏهن ته هن سان مدد ۾ محمد افضل عباسي هو، جيڪي لاڙڪاڻي ميونسپل ايمپلائيز
يونين جا جنرل سيڪريٽري ۽ صدر ترتيب وار هُئا. انهيءَ کانسواءِ نگراني ڊاڪٽر
عبدالمجيد ميمڻ جي هُئي. هن اهم ڪم کي پورو ڪرڻ ۾ اڳوڻي چيئرمين عبدالخالق ۽ ان
کانپوءِ چيئرمين قربان علي عباسيءَ جي سرپرستي شامل هُئي. هن ڪتاب جون ڪل ڪاپيون هڪ
هزار ڇپرايون ويون، جيڪي گرم ڪيڪ وانگر جلد ختم ٿي ويون ۽ ان کانپوءِ هن جو ٻيو ڇاپو
اڃا تائين نه اچي سگهيو آهي، جنهن جي ڪري هي ڪتاب هن وقت ناياب، اهم ۽ قيمتي آهي.
هي ڪتاب سنڌي، اردو
۽ انگريزي زبان ۾ ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، جنهن ۾ تاريخي مضمون، تصويرون ۽ اهم ماڻهن
جا ويچار شامل آهن. هن ڪتاب جي مڪمل ورقن جو تعداد ۽ قيمت مون کي نظر نه آئي، جڏهن
ته ڪتاب ڇپرائڻ ۾ ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو محمد هاشم جو وڏو هٿ هو، نه ته شايد
هي ڪتاب ڇپجي نه سگهي ها، ڇوته هڪ مارشل لا ضياءُ الحق جو دور، ٻيو لاڙڪاڻي جو
نالو ۽ ٽيون پئسن جو مسئلو پر دلير ڊي سي ٽنهين ڏکين مرحلن کي هڪدم حل ڪري لاڙڪاڻي
جي ماڻهن جي خواهش پوري ڪئي، جنهن لاءِ هن کي اسين سڀ سلام ٿا پيش ڪريون. ان وقت ڪجهه
دوستن تمام گهڻي همٿ افزائي ڪئي ۽ ڪجهه دوستن تنقيد به ڪئي، جيڪا فطرتي آهي.
مون کي ان ڳالهه جي
خوشي آهي ته ڪتاب کي مرتب ڪرڻ وارو جيئرو ۽ صحتمند آهي، جنهن وٽان هن ڪتاب کي مڪمل
ڪرڻ وارن مرحلن جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪيم ۽ ان کان تاريخي فوٽو به هٿ ڪيم. هن ڪتاب
جي خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ وارا ڪافي شخص هي جهان ڇڏي ويا آهن پر انهن جي ڪيل ڪم
کي اڄ به ماڻهو ياد ڪن ٿا. ڪتاب لاءِ پيش لفظ لکندڙ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو به هن
دنيا ۾ نه آهي پر انهيءَ جي تحرير موجود آهي. هن سان گڏ لاڙڪاڻي جي شخصيت زيب
عاقلي جيڪو هڪ سُٺو شاعر هو، ان جون خدمتون به قابل تعريف آهن. ڪتاب جي مرتب پهرين
چاهيو ته هو لاڙڪاڻي جي ميونسپل ڪاميٽيءَ تي هڪ ڪتاب آڻي پر پوءِ جڏهن هن غلام
تَقي جعفري سان صلاح ڪئي ته هُن ڪتاب کي لاڙڪاڻي ضلعي تائين آڻڻ جي صلاح ڏني ۽ هن
اهو ڪم 1979ع کان هٿ ۾ کنيو. 1980ع ۾ ميونسپل ڪاميٽيءَ ۾ ڪتاب جي باري ۾ هڪ گڏجاڻي
مشهور شخصيت عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جي صدارت ۾ گهرائي وئي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جا اديب،
شاعر، صحافي، سياسي ليڊر ۽ شهري شريڪ هُئا، پروگرام ۾ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ کي
مهمان خاص ڪيو ويو، جڏهن ته گُل محمد گاد ڪتاب جي خاص حصن تي ٻُڌايو. گڏجاڻيءَ ۾
شريڪ ماڻهن همٿ افزائي ڪئي ۽ هر قسم جي تعاون جو يقين ڏياريو. گُل محمد ڪم جي
شروعات ڪري ڏني ۽ ڪجهه اديبن کي مضمون لکڻ لاءِ چيو ويو، جن تمام گهڻو وقت لڳايو،
جنهن جي ڪري ڪتاب کي پوري ٿيڻ ۾ وڏو وقت لڳي ويو. انهيءَ دوران عبدالخالق ڀٽي جي
چيئرمين شپ ختم ٿي وئي ۽ قربان علي عباسي چارج ورتي، جنهن به ساڳي جذبي ۽ دلچسپيءَ
سان سهڪار ڪيو، جيئن ته اهو دور هو ضياءُ الحق جي سخت مارشل لا جو، جنهن ڪري هر ڪو
ڀٽي صاحب تي مضمون لکڻ کان ڪيٻايو پئي. ان باري ۾ قربان علي ڀگٽيءَ کي چيو ويو،
جنهن لکي ته ڏنو پر گورنمينٽ ملازم هجڻ جي ڪري ڪجهه ڪيٻائڻ لڳو پر پوءِ لکي ڏنو،
جنهن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مارشل لا نه هجي ها يا هو سرڪاري ملازم نه هجي ها ته کلي
ڪري ڀٽي جي شخصيت تي قلم هلائي ها، ڇو جو هن جيڪو ڪجهه به ڀٽي لاءِ لکيو آهي، هو
ان کان تمام گهڻو مٿانهون شخص هو. ان ڏس ۾ سيد ديدار حسين شاهه کي به چيو ويو هو،
جنهن جو چوڻ هو ته هو جيڪو ڪجهه به ڀٽي جي شخصيت تي لکي اچي، هو اکيون ٻوٽي صحيح ڪندو
پر پوءِ قربان علي بگٽيءَ جو مضمون ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو. هاڻي ڪتاب جي چپائيءَ جو
مرحلو آيو پر مارشل لا جي ڪري گهٻراهٽ ٿي پئي، جنهن لاءِ نئين آيل ڊي سي محمد هاشم
ميمڻ سان رابطو ڪيو ويو، جيڪو وڏو دلير ۽ ايماندار آفيسر هو. هاشم صاحب کي اڳ ۾ ئي
نبي بخش بلوچ لاڙڪاڻي تي سيمينار ڪرائڻ لاءِ چيو هو، جنهن لاءِ ڪتاب وارو ڪم آسان ٿي
ويو. گُل محمد زيب عاقلي کي پاڻ سان گڏ کڻي وڃي هاشم ميمڻ سان ملاقات ڪري سمورو
معاملو ٻُڌايو ۽ چيو ته، ڪتاب بائنڊنگ واري مرحلي ۾ آهي ۽ 70 هزار روپيا به کُٽي
پيا آهن، جنهن تي ڊي سي هڪدم پئسا هنن جي حوالي ڪيا ۽ ڪتاب مڪمل ڪري کڻي اچڻ لاءِ
چيو. ڪتاب ڇپجي ويو ۽ ان جي مهورت لاءِ دعوت ناما خاص خاص شخصيتن ڏانهن اماڻيا
ويا، جن ۾ پي ڪي شاهاڻي، ميڊم حميده کهڙو ۽ مهتاب اڪبر راشدي وغيره شامل هيون.
انهيءَ دوران زيب عاقلي جنهن جو اصلي نالو عبدالحق سومرو هو، ان جو اسلام آباد وڃڻ
ٿيو، جنهن وزيراعظم محمد خان جوڻيجو کي ڪتاب جي مهورت لاءِ دعوت ڏني. هن دعوت نامي
جي ڪري ايجنسيون تحرڪ ۾ اچي ويون ۽ ڪتاب جي باري ۾ پُڇا ڳاڇا شروع ٿي وئي، جنهن
سان هرڪو ماڻهو پريشان ٿي ويو ته خبر ناهي ته ڇا ٿيندو؟ جڏهن ايجنسين ڊي سي سان
رابطو ڪيو ته هن انهن کي چئي ڇڏيو ته ڪتاب ادب سان تعلق رکي ٿو، جنهن ۾ ڪا به
سياسي ڳالهه نه آهي. هاشم ميمڻ جي دليراڻي جواب ڳالهه کي ختم ڪري ڇڏيو.
جنهن ڏينهن ڪتاب جي
مهورت ٿي رهي هُئي ته ان ڏينهن تي سنڌ جو گورنر معين حيدر لاڙڪاڻي جي دوري تي آيل
هو ۽ اهو ڏينهن هو 6 اپريل 1985ع جو، جيئن ته پروگرام سر شاهنواز ڀٽو ميموريل
لائيبريري ۾ ٿي رهيو هو، جنهن ۾ شرڪت لاءِ هاشم ميمڻ گورنر سنڌ کي وٺي آيو ۽
پروگرام ۾ شرڪت ڪرائي. پاڻ هاشم صاحب اسٽيج تي نه ويٺو ۽ هيٺ ماڻهن سان گڏ ويهي ڏٺائين.
تقريرن کانپوءِ مشاعرو ۽ رات جو موسيقيءَ جو پروگرام به ٿيو. گهٽ جڳهه هئڻ سبب
موسيقيءَ جو پروگرام هوٽل سمبارا اِن ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ عابده پروين ۽ محمد يوسف
کان علاوه ٻين به فن جو مظاهرو ڪيو.
هيءَ ڳالهه قابل ذڪر
آهي ته ڪتاب جي مهورت پير علي محمد راشدي ڪئي هُئي، جيڪو پنهنجي گهر واري ممتاز
راشدي سان گڏ آيو هو، جڏهن ته پير حسام الدين الله کي پيارو ٿي چُڪو هو، ان لاءِ
هن موقعي تي سندس پيغام جيڪو هو اڳ ۾ لکي چڪو هو، اهو پڙهيو ويو. مهمان لاءِ لنچ
جو بندوبست گدا حسين مهيسر ڪيو هو، جڏهن ته هاشم ميمڻ طرفان بدر عباسي کي خرچ جو
انچارج ڪيو ويو هو، جنهن تي هو وڏو اعتبار ڪندو هو. ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ڪتاب هاڻي ناياب آهي، جنهن کي ٻيهر نئين سسٽم
تي ڇپرايو وڃي ته ان مان نئون نسل لاڀ وٺي سگهندو، جنهن لاءِ ثقافت کاتي کي بلاول ڀٽو
زرداري يا ٻئي پارٽيءَ جي اهم اڳواڻ طرفان قدم کڻڻ گهرجن. آئون هن ڪالم ذريعي لکيل
پڙهيل طبقي کي عرض ڪندس ته هو ڪجهه وقت پنهنجي پنهنجي علائقي جي تاريخ کي قيد ڪرڻ
لاءِ لکن ۽ عام ماڻهوءَ تائين پهچائين. سياستدان، اديب، بيورو ڪريٽ، سماجي ورڪر ۽
سجاڳ ڌريون جيڪڏهن گڏجي ڪري هن ڪم ۾هٿ وجهن ته ڏاڍو سُٺو ٿيندو.

No comments:
Post a Comment