بينظير ڀٽو لا ڪاليج لاڙڪاڻو
۽ غلام دستگير شاهاڻي
لياقت راڄپر
نه صرف پاڪستان ۾
پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سياست ۾ ايندڙ شخصيتن جو تعلق قانون ۽ تعليم سان گهڻو
رهيو آهي. سنڌ ۽ ٻين صوبن ۾ شروع ۾ جيڪي به ناليوارا سياستدان رهيا آهن انهن جو
پيشو وڪالت رهيو آهي. سچ ڄاڻو ته مون کي به وڪيل ٿيڻ جو شوق هو ڇو جو اوهان وڪيل ٿيڻ
سان قانون جي ڄاڻ هجڻ ڪري نه صرف پنهنجي حقن جي حفاظت ڪري سگهو ٿا پر ٻين سان ٿيندڙ
ناانصافين ۽ زيادتين کي قانون جي ذريعي روڪي سگهو ٿا. هن وقت وڪالت ڪندڙن جي اهميت
۾ ڏينهون ڏينهن وڏو اضافو ٿي رهيو آهي، هاڻي نه صرف مرد پر عورتون به هن پروفيشن
کي هڪ چئلينج سمجهي گهڙي پيون آهن. هي پيشو ان ڪري به وڌيڪ اهميت رکي ٿو جو ظالم ۽
ناانصافي ڪندڙ چاهي اهي زميندار هجن يا بيوروڪريٽ، وڪيلن سان مهاڏو اٽڪائڻ کان
پاسو ڪن ٿا. ڪراچيءَ ۾ شهيد زيڊ اي ڀٽو لا يونيوورسٽيءَ جو قيام ۽ تقريبن ٻين سنڌ
جي شهرن ۾ ضلعي سطح تي لا ڪاليج کوليا ويا آهن، جتي اسان جا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون
ايل ايل بي امتحان پاس ڪري سوسائٽيءَ ۾ پنهنجو اهم مقام ٺاهڻ ۾ لڳل آهن پر هڪ ڳالهه
جو افسوس آهي ته پهريائين جيڪي وڪالت واري شعبي سان لاڳاپيل هئا تن وٽ وقت محنت ۽
علم گهڻو هيو ۽ هنن جي وڪالت تمام گهڻي معياري هئي. ان ۾ اوهان قائد اعظم محمد علي
جناح، ذوالفقار علي ڀٽو، قاضي فضل الله، اي ڪي بروهي، عبدالحفيظ پيرزادي کان وٺي ٻين
ڪيترن ئي هن شعبي ۾ نالو ڪمايو پر هاڻي اهو معيار نه رهيو آهي جنهن لاءِ نون دوستن
کي هن پروفيشن ۾ اچڻ کان پوءِ گهڻي محنت ڪرڻ گهرجي.
ڪجهه عرصو پهريائين
منهنجو وڃڻ پنهنجي اباڻي شهر لاڙڪاڻي ٿيو ۽ گهمندي گهمندي منهنجي نظر بينظير ڀٽو
لا ڪاليج جي نئين اڏيل عمارت تي پئي ۽ دل چيو ته مان هن ڪاليج جي باري ۾ ڪجهه
تاريخي ڄاڻ حاصل ڪري ان کي ماڻهن تائين پهچايان ته جيئن لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ هي ڪاليج
به شامل ٿي سگهي. جڏهن مان اندر ويس ۽ اتي ڪاليج جي پرنسپل سان ملاقات ڪئي ته مون
کي مايوسي ٿي ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن ان جي پويان رُلندو رهيس پر ڪجهه
به حاصل نه ڪري سگهيس ۽ پوءِ هڪدم منهنجو خيال غلام دستگير شاهاڻيءَ ڏانهن هليو
ويو.
هڪ ڏينهن فون تي ڳالهائي
غلام دستگير شاهاڻيءَ کان ملڻ جو وقت وٺي ان جي ذاتي آفيس پهتس. هن مون کي ڪافي ڄاڻ
ڏني، منهنجي هٿ جوڙ نه صرف غلام دستگير شاهاڻي سان پر ٻين سان به رهي آهي ۽ خاص ڪري
مرحوم اختر علي جي قاضي جيڪو لاڙڪاڻي لا ڪاليج جو باني پرنسپل رهيو هو. هون مون کي
چوندو هيو ته مان ايل ايل بي ڪريان پر جيئن ته مان انفرميشن کاتي ۾ تمام مشغول
رهندو هيس ۽ وقت نه ڪڍي سگهيس. بهرحال غلام دستگير شاهاڻي پنهنجي ڳالهه شروع ڪندي ٻڌايو
هيو ته لاڙڪاڻي جو لا ڪاليج ۱۹۷۰ع کان پهريان قاضي فضل الله لا ڪاليج جي نالي سان قائم ڪيو
ويو هيو جنهن جو باني پرنسپل اختر علي جي قاضي هو. قاضي اختر کان پوءِ هڪ رٽائرڊ ڊي
ايس پي جيڪو لا جو ماهر هيو جنهن جو نالو هيو غلام مصطفيٰ دلشاد، ان کي عارضي طور ڪاليج
جو پرنسپل رکيو ويو پر شاگردن ۽ ڪاليج جي اسٽاف سان اختلافن جي ڪري هن کي هٽايو
ويو. ان کان پوءِ بورڊ آف گورنرس، سنڌ يونيورسٽي حڪم جاري ڪري غلام دستگير شاهاڻي ڪاليج
جو پرنسپل مقرر ڪيو ۽ اهو زمانو هيو اپريل ۱۹۸۶ع جو، تقريبن ڏيڍ سال کانپوءِ هن کي ريگيولر ڪيو ويو. هي
ڪاليج ميونسپل هاءِ اسڪول کان ورتل ڪجهه ڪلاسن ۾ شام جو هلايو ويندو هو. ان وقت
سنيئر وڪيل اتي استاد طور پڙهائيندا هئا جنهن ۾ غلام علي سهتو به شامل هو. ان
زماني ۾ صرف ٽي پيريڊ هلندا هئا ۽ هر ٽيچر ٽي ڏينهن هفتي ۾ پڙهائيندا هئا. غلام
دستگير شاهاڻي پنهنجي دور ۾ ڪاليج لاءِ هڪ پلاٽ جي لاءِ ڪوشش ڪئي جيڪا اسڪول جي ڀرسان
هو جتي هاڻي ڪاليج جي عمارت ٺهيل آهي. هن ڪاليج جي عمارت ۳۴۰۰ اسڪوائر فٽن تي ٺاهي وئي آهي. جنهن لاءِ
شاهاڻي، ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو هيو جيڪو هن کُٽيو. ڪاليج جي عمارت اڏڻ لاءِ سڀ کان
پهريائين پلاٽ کي چوديواري ڏياري وئي ۽ تعميرات لاءِ هڪ نقشو تيار ڪرايو ويو. ڪاليج
کي ڪاميابيءَ سان هلائڻ ۾ غلام دستگير شاهاڻي، لڇمڻ داس وڪيل جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي
هئي. شروع ۾ ايل ايل بي ڪرڻ لاءِ ٻه سال لڳندا هئا ۽ ۱۳ مضمون پڙهايا ويندا هئا ۽ ڪجهه عرصو اڳتي
هلي ايل ايل بي ڪرڻ لاءِ ٽي سال ڪيا ويا ۽ مضمونن جو تعداد ۲۰ ڪيو ويو. هاڻي ڪورس ۵ سالن لاءِ ڪيو ويو آهي ۽ پنهنجي عمارت هجڻ ڪري شام ۽
صبح جو ڪلاس هلايا وڃن ٿا. ڪاليج پرائيويٽ آهي جنهن جي هلائڻ لاءِ هڪ بورڊ آف
گورنرس جوڙيل آهي جنهن ۾ وائيس چانسلر شاهه عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور آهي،
جڏهن ته سڀني لاءِ ڪاليجن جا پرنسپل، سيڪريٽري تعليم، سيڪريٽري قانون کاتو ۽ ڪجهه
سينيئر وڪيل هن بورڊ جا ميمبر آهن. هي ڪاليج شاگردن کان وصول ڪيل في مان هلايو وڃي
ٿو. غلام دستگير شاهاڻي جڏهن ۱۴ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي هن عهدي کي ڇڏيو ته ان وقت ڪاليج جي اڪائونٽ
۾ اڍائي ڪروڙ ڇڏيا هيا. ڪاليج ۾ امتحان شاهه عبداللطيف يونيورسٽي طرفان ڪرايا وڃن ٿا
۽ سينيئر استاد پڙهائن ٿا.
جنهن وڪيل کي گهٽ ۾
گهٽ ۱۰ سالن جو تجربو هجڻ ضروري آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ۱۰ ڪيس پنهنجي سينيئر سان ڪيا هجن. ان کان علاوه انٽرويو دوران وڪيل کي بار ڪائونسل
جي ميمبر کي صحيح جواب ڏئي مطمئن ڪرڻ لازمي آهي. بار ڪائونسل طرفان ميمبرن لاءِ ڪافي
مراعتون ۽ فائدا ڏنا وڃن ٿا جنهن ۾ جيڪڏهن ميمبر ۶۸ سالن کان اڳ ۾ گذاري وڃي ٿو ته ان جي
پونيئرن کي ۵ لکن کان وڌيڪ رقم ڏني وڃي ٿي. غلام دستگير شاهاڻي عوام جي ڀلائيءَ جا ڪيس
بنا پئسي وڙهندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو شخص ملڪ، قوم، شهر ۽ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ پٽيشن
داخل ڪندو آهي ته اهو ان جي مدد ڪري ٿو. هن جو خيال آهي ته حڪومت کي عوام جي خدمت
بنا ڪنهن سياسي، سماجي ۽ دوستيءَ جي بنياد تي ڪرڻ گهرجي جنهن سان عوام جا مسئلا حل
به ٿيندا ۽ سياسي ليڊرن جي عزت ۾ به اضافو ٿيندو. هو ان خيال جو آهي ته تعليم عام ڪرڻ
ضروري آهي پر اها معياري هجي نه ته ادارن کي فائدي بدران نقصان ٿئي ٿو.
غلام دستگير شاهاڻيءَ
جو جنم ۲ فيبروري ۱۹۵۳ع تي شهر لاڙڪاڻي ۾ ٿيو جنهن پنهنجي پرائمري تعليم ديني مدرسه اسڪول لاڙڪاڻي
مان، مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۱۹۷۰ ۾ پاس ڪيو. جڏهن ته بي اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
لاڙڪاڻي مان، ايم اي هسٽري ۷۶-۱۹۷۵ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۽ ايل ايل بي قاضي فضل الله لا ڪاليج
لاڙڪاڻي مان ۱۹۷۳ع ۾ پاس ڪيو. مان جڏهن سابق سفارتڪار يو اي اي UAE قطر ۽
مشهور وڪيل عبدالرزاق سومري کان فون تي بينظير ڀٽو لاڪاليج جي باري ۾ ڄاڻ ورتي ته
هن ٻڌايو ته قاضي فضل الله لا ڪاليج ۱۹۶۱ع ۾ قاضي فضل الله جي گهر جي اتر طرف پويان
جتي ڪامرس ڪاليج به قائم ڪيو ويو هيو اتي قائم ٿيو. جنهن جو پهريون پرنسپل
خانبهادر يار محمد جوڻيجو هيو. جڏهن ته اتي هو خود ۽ عبدالفتاح ميمڻ هڪ نامور ۽
مشهور وڪيل پڙهائيندا هئا پر افسوس جو اهو ڪاليج ۱۹۶۲ع ۾ بند ڪيو ويو. هاڻي اهو ڪاليج سرڪاري طور
هلي پيو جنهن جو نالو بينظير ڀٽو گورنمينٽ لا ڪاليج آهي. مان هن تحرير ذريعي ضلعي
انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت کي اپيل ٿو ڪريان ته اهي سنڌ ۾ جيڪي به ادارا آهن انهن جي هسٽري
ٺاهي هڪ ڪتاب جوڙين ته جيئن تاريخ کي ٽوڙي ۽ مروڙي نه سگهجي. هن سلسلي ۾ الله جو شڪر
آهي جو اڃا به ڪجهه جهونا ڪم ۽ ڄاڻ وارا ماڻهو زنده آهن جن جي سيني ۾ تاريخ لڪل
آهي جنهن کي ٻاهر ڪڍي دستاويزي شڪل ڏيڻ گهرجي.
No comments:
Post a Comment