Friday, October 12, 2018

موهن جو دڙو - پرمل حفيظ


موهن جو دڙو
دنيا جي عظيم تهذيب
پرمل حفيظ
دنيا جون ۳ وڏيون اوائلي تهذيبون جيڪي هڪ ئي وقت اڀريون، تن منجھان سنڌو سڀيتا هڪ آهي. جنهن کي دنيا جي تاريخ ۾ هڪ خاص اهميت حاصل آهي. هن تهذيب جي عظيم هجڻ جو اندازو قديم آثارن جي ماهرن جي تحقيق مان لڳائي سگھجي ٿو. قديم آثارن مان مليل شاهدين ڪجھ ڳجھن تان پردا کنيا آهن پر اڃا تائين گھڻا ڳجھ موهن جي دڙي جي مٽي هيٺيان دٻيل آهن. جنهن تي سنجيدگي سان تحقيق ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. انهيءَ هوندي بـه مليل ثابتين مان سنڌو ماٿري جي قدامت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. جيتوڻيڪ ان دور جي ٻولي اڃا بـه هڪ ڳجھ بڻيل آهي، جنهن جي اڄ تائين سڃاڻپ نـه ٿي سگھي آهي. اها ڳالهه ياد رکڻ گھرجي تـه موهن جي دڙي جي اڄ تائين صرف ۱۴ سيڪڙو ئي کوٽائي ٿي آهي. جيڪا ڳالھ گھڻن لاءِ حيران ڪندڙ بـه هوندي. اها بي ڌياني ۽ لاپرواهي ثقافت کاتي جي نا اهلي آهي يا هتان جي قديم آثارن جي ماهرن جي غير سنجيدگي؟ اهو هڪ الڳ ۽ اهم موضوع آهي پر اڄ لکڻ جو مقصد هن عظيم تهذيب جو مختصر جائزو وٺڻ آهي. گھڻن جو خيال آهي تـه موهن جو دڙو Utopian Society ھو. (هڪ اهڙو سماج جتي ڪنهن بـه قسم جي برائي ۽ اڻبرابري نـه هجي).


انهيءَ جو هڪ وڏو سبب جنهن دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي ۽ جنهن هن کي ٻين تهذيبن کان مٿانهون ڪري بيهاريو آهي، اهو آھي ويڙهه لاءِ ڪو به هٿيار نـه ملڻ آهي. هن تهذيب جي آثارن مان ڪي به اهڙا ثبوت نـه مليا آهن جيڪي ظاهر ڪن ٿا تـه هن تهذيب جا ماڻهو ڪنهن بـه قسم جي ويڙھ جو حصو رهيا هوندا ۽ نـه ئي سنڌو تهذيب جي فن مان ڪا اهڙي شاهدي اڄ تائين ملي آهي.
برٽش ميوزم جي ڊائريڪٽر نيل ميڪجيگر جي چوڻ مطابق:
What’s left of these great Indus cities gives us no indication of a society emerges with or without threatened by war.”
”سنڌو جي بچيل شهرن جي ماڳن مان هڪ اهڙي سماج جو پتو پئي ٿو جنهن نـه ويڙهه ۾ بهرو ورتو نـه ئي ان کي ڪو جوکو هجي.“
ڪنهن بـه قسم جي ويڙهه هن تهذيب جي ماڻهن جي ملوث نـه هجڻ جي ڳالھ ان ڪري بـه حيران ڪندڙ آھي ڇو تـه ساڳئي وقت ميسوپوٽيميا، چائنا ۽ پراڻي مصر جي تهذيبن مان ويڙهه جي هٿيارن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. اينڊريو روبسن جي چوڻ مطابق؛
The civilization of Indus valley is the most enigmatic of the four early civilizations. But while Mesopotamia, ancient Egypt and ancient China gloried in warfare it seems absent from the Indus valley.”
”آڳاٽين سڀيتائن منجهان سنڌو سڀيتا سڀني کان وڌيڪ ڳجھ  ڳوهه واري آهي، جڏهن تـه ميسوپوٽيميا، مصر ۽ چائنا جون تهذيبون ويڙهه بندي کي واکاڻيندڙ هيون، تڏهن ان جو سنڌو سڀيتا ۾ وجود ئي نـه هيو.“
اها ڳالهه مٿي ڏنل حوالن مان چٽيءَ طرح واضح ٿي چڪي آهي تـه هتان جا ماڻهو بنا ويڙهه جي رهيا جيڪا ڳالھ ڪيترن ئي سوالن کي پيدا ڪري ٿي، جنهن ۾ اينڊريو روبسن جي اٿاريل سوالن منجهان جنهن ۾ هن چيو تـه آخرڪار هيءَ تهذيب ڪيئن غائب ٿي وئي؟ ۽ ويڙهه جي هٿيارن جي بغير هي تهذيب ڪيئن زندهه رهي؟ هي ۽ ان سان ڪيترا ئي سوال اڄ تائين سوال بڻيل آهن. جيڪي قديم آثارن جي ماهرن لاءِ ڇڏجن ٿا. مٿي ڏنل حوالن مان ۽ هينئر تائين  ٿيل تحقيق مان گھڻا ماهر ان ڳالھ تي متفق آهن تـه موهن جو دڙو ھو پر ڪن جو اهو خيال آهي تـه Real Utopia جيئن تـه موهن جي دڙي جي ٻولي اڃا تائين ڳجھ  بڻيل آهي، جنهن جي ڄاڻڻ کانپوءِ ئي ان بابت ڪجھ چئي سگھجي ٿو.
ٻيو وڏو سبب جنهن مان سنڌو سڀيتا جي قدامت ۽ مهانتا جي خبر پئي ٿي اهو آهي تـه غلامي ۽ طبقاتي فرق نـه (يا ايترو گھڻو نـه هجڻ) ۽ مذهبي رواداري جا بـه اهڃاڻ مليا آهن. آرڪيالاجي جي هڪ سروي مطابق:
There is total absence of conspicuous royal palaces and grand temples, no monumental depiction of kings and other rulers, no much difference between the homes of rich and poor, no sign of difference diets in the bones of buried skeletons and no evidence of slavery. All this stands in stark contrast with the ziggurats of Mesopotamia and pharaohs of ancient Egypt.”
”محل ۽ وڏين عبادتگاهن جي هجڻ جو ثبوت نـه مليو آهي ۽ نـه ئي بادشاهه جو يا حڪومت ڪندڙ جو جوڳو هجڻ جو ثبوت مليو آهي. غريب ۽ امير جي گھرن ۾ بـه ڪو گھڻو فرق ناهي، نـه ئي لڌل هڏن منجھان ڪو کاڌي جي مٽجڻ جو ڪو ثبوت ٿو ملي ۽ نـه ئي ڪو غلامن جو اهڃاڻ. اهو سڀ پراڻي عراق جي تهذيب جي شاهي محلن ۽ مصر جي فرعونن جي ڀيٽ ۾ الڳ ٿو بيهي.“ مٿي بيان ڪيل کوجنائون قديم آثارن جي ماهرن جون آهن. جنهن مان سنڌو سڀيتا جي سماجي بيهڪ جو ڪجھ اندازو لڳائي سگھجي ٿو. جتي مصر  ۾ مصر جي احرام ۽ آڳاٽي عراق جي تهذيب ۾ رگوٽ جون اڏاوتون ملن ٿيون.
سنڌو تهذيب ۾ اهڙي ڪنهن بـه قسم جي اڏاوت نٿي ملي. هڪ تازي تحقيق ۾ اها ڳالھ سامهون آئي آهي تـه موهن جي دڙي واري تهذيب پنج هزار نـه پر اٺ هزار سال پراڻي آهي، جيڪا ٻين تهذيبن کان ئي نـه پر دنيا جي پراڻي تهذيب طور ڄاڻائي وئي آهي. ان جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
Scientists from II-T Khargpur and archeological survey of India (ASI) have recently uncovered that the Indus valley civilization is about ۸۰۰۰ y ears old and not ۵۰۰۰ years old as earlier believed. This discovery published in the prestigious nature journal on May ۲۵ ۲۰۱۶ makes it not just older than Egyptian and Mesopotamia civilization but also the oldest in the World.”
”اي ايس آءِ هڪ تازو  ثبوت هٿ آيو آهي تـه سنڌو سڀيتا اٺ هزار سال پراڻي آهي نـه ڪي پنج هزار سال جيڪو اڄ تائين مڃيو پيو وڃي. هي تحقيق هڪ رسالي ۾ ۲۵ مئي ۲۰۱۶ع تي ڇپي وئي آهي، هن تحقيق جي پٽاندر سنڌو سڀيتا نـه رڳو مصري يا آڳاٽي عراق جي تهذيبن کان بـه اڳ جي آهي پر دنيا جي سڀني تهذيبن کان پراڻي آهي.“ هن سنڌو سڀيتا لاءِ دنيا ۾ اڻ ڳڻيا سوال آهن، جنهن لاءِ گھڻ پاسائي تحقيق جي گھرج آهي، جنهن ۾ هن تهذيب جي ٻولي ۽ ان سان جڙيل ڪيترائي سوال انتهائي اهميت رکن ٿا. جنهن جا جواب ڄاڻڻ وقت جي ضرورت بـه آهي تـه جيئن هن تهذيب کي وڌيڪ وائکو ڪري سگھجي.
پوءِ اسان سڀني جو ذمو ٿو بڻجي تـه هن عظيم ماڳ جيڪا دنيا لاءِ بهترين سماج جو مثال ڏنو ان تي پڙهون ۽ ڪم ڪيون ۽ سڀ کان اهم ڳالھ پنهنجي ماڳ ۽ سڃاڻپ کي بچائڻ لاءِ نڪري اچون.

No comments:

Post a Comment