لاڙڪاڻي جون قديم
عمارتون بچايو
ذوالفقار راڄپر
پاڪستان
پيپلز پارٽي جي صوبائي وزير نثار کهڙو جي گهر جي ويجهو ۽ شاهنواز ڀٽو لائبريري جي
سامهون موجود لاڙڪاڻو ضلعو ڪائونسل جي قديم تاريخي عمارت جي زبون حالت، ڪائونسل جي
چيئرمين، وائيس چيئرمين سميت ٻئي موجود عملي کانسواءِ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، ميئر سميت
ٻي انتظاميه ۽ تهذيب ثقافت کان وانجهيل شهرين طرفان لاڳيتو هر ڏينهن ٿيندڙ زيادتي،
لاپرواهي ۽ قديم تاريخي جاين ۽ ماڳن تي قبضن واري ذهنيت کي ظاهر ڪري ٿو، اها حالت
نه فقط ان اڪيلي عمارت سان آهي پر لاڙڪاڻي شهر جي قديم پوليس لائين جي ڪوارٽرن، آفيسن،
ايليمنٽري ڪاليج جي ۱۹۲۶ع واري
عمارت جي ڀر ۾ موجود قديم هيڊماستر جي بنگلي جي دردناڪ حالت جي قصي سميت ذوالفقار
باغ جي ڀر ۾ موجود قديم بنگلي تي قبضي جي صورت ۾ موجود آهي.
اها به
ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته لاڙڪاڻي ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر جنهن آفيس ۾ ويهي ۽ گهر ۾
رهي ٿو اهي به ۱۹۰۲ جي دور جون ٺهيل انتهائي
خوبصورت تاريخي عمارتون آهن پر ان ڊپٽي ڪمشنر ۽ ان جي ڪنهن به آفيس عملي وٽ لاڙڪاڻي
جي قديم عمارتن جي لسٽ ۽ سروي موجود نه آهي ۽ ۱۹۰۲ ۾ ٺهيل ان ڪليڪٽري عمارت جي ڪيترا سال ته حالت ڏاڍي خراب هئي، پر گذريل ٻه
ٽي سال اول ان جي جيڪا مرمت ڪئي وئي آهي اها به قديم عمارتن جي بحالي واري فارمولي
تي ٺهيل نه ٿي لڳي، ان ۾ استعمال ٿيل سرون انهن جو رنگ ۽ ٻيو استعمال ٿيل مال مان
ظاهر ٿئي ٿو ته ان ۾ قديم تاريخي عمارتن جي نئين سر بحالي وارو طريقو استعمال نه ٿيل
آهي ان ڪري سنڌ حڪومت يا سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ان ڪم جي انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ سنڌ يا ڪنهن
ٻي اداري طرفان ماهراڻي جاچ ڪرائي وڃي، اشتياق انصاري ۽ ڪليم لاشاري ته هن شهر سان
واسطو رکن ٿا اهي ته ڪڏهن گهمندي ڦرندي ڪليڪٽري عمارت جي ٿيل مرمت جي ڪا ماهراڻي
جاچ ڪري ڏسن. قديم عمارتن جي بابت موجود قانون جي ڪابه پرواهه نه ٿا ڪن، سرڪٽ
هائوس جي ڀر ۾ هڪڙي اهڙي عمارت کي ڊاهي اتي رهائش گاهه ٺاهي وئي آهي. هڪڙو وڪيل ته
تجر بلڊنگ جي حدن ۾ موجود آرڪيالاجي جي هڪ گهر ۾ رهي پيو ۽ ڪو به سلجهيل وڪيل ۽
بار جو اهڙو عهديدار نه آهي جيڪو ان کي اهو گهر خالي ڪرڻ جي صلاح ڏئي، هڪ اڌ
صحافين کي ڇڏي باقي صحافين ۾ به شهر جي قديم عمارتن بابت سجاڳي موجود نه آهي، شهر
جا واپاري ۽ انهن جون تنظيمون واپاري گهٽ مذهبي تبليغي وڌيڪ آهن، باقي نفعي جي
دنيا ۾ بهادر ۽ بي باڪ آهن، ان ڪري شهر جي تاريخي عمارتن جي شعور جي انهن کي ڪابه
ضرورت نه آهي. شاهه بهارو کي به جيڪڏهن انڊومينٽ فنڊ وارا نه سنڀالين ها ته ان جي
به حالت ضلعي ڪائونسل جي عمارت جهڙي به ٿئي ها هن وقت به اتي شاهه بهارو جي حدن ۾
هڪڙو ماڻهو پنهنجن مٽن مائٽن سميت گهر ٺاهي ويٺو آهي، پنهنجي قبضي گيري کي جائز
بنائڻ لاءِ ڄاڻي واڻي اتي موجود ننڍڙي مسجد کي به وڌائي ڇڏيو آهي، ڪو به ڪمشنر، ڊپٽي
ڪمشنر، ميئر اهڙو نه آيو آهي جيڪو اهو قبضو ختم ڪرائي، بلڪ شاه بهارو تي هڪڙو اهڙو
به ڊپٽي ڪمشنر آيو هو جيڪو شاه بهارو جي هلندڙ ڪم تي اهڙو نوٽ لکي ويو ته ان ڪم جي
ضرورت نه آهي، جيئن ڪنهن وقت مهين جي دڙي تي هڪڙو ڪيوريٽر آيو هو جنهن جو خيال هو
ته هن دڙي جي بچاءَ جي ڪهڙي ضرورت هئي جنهن تي خدا جو عذاب نازل ٿيو هو ۽ ان جي
تباهي اسان لاءِ هڪ سبق آهي، ان جي آس پاس موجود حڪومتي تنظيمن سميت ڪا به ٻي
سياسي جماعت ۽ سماجي تنظيم ۽ اڳواڻ موجود نه آهي جيڪو شاه بهارو جي آس پاس قائم
قبضن کي ختم ڪرائڻ لاءِ آواز اٿاري.
لاڙڪاڻو
شهر ۾ ايوب کهڙي، غيبي خان چانڊيو ۽ تولاڻي جي قديم تاريخي بنگلن کان سواءِ ٻيا به
ڪيترا ئي نجي گهر ۽ عمارتون آهن جيڪي سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه کي گهرن جي مالڪن
سان ملي بچائڻ گهرجن، ان ڪري جيئن شڪارپور ۾ کوسن جي وڏيرن پنهنجي تاريخي ذاتي
عمارت انڊومينٽ فنڊ کي بحالي لا۽ حوالي ڪري اتي هڪ ميوزم کولڻ تي راضي ٿيا آهن،
تيئن لاڙڪاڻي ضلعي ۽ شهر ۾ به ٿي سگهي ٿو. کٽاڻ بازار، شاهي بازار، جيلس بازار
سميت شهر جي ڪيترن ئي حصن ۾ نجي قديم تاريخي عمارتون موجود آهن، ان کان سواءِ شهر
۾ ۱۹۰۲ کان وٺي ۴۷ تائين ٺهيل سرڪاري عمارتون، آبپاشي جا بنگلا، اسڪول موجود آهن، گورنمينٽ
پائلٽ سيڪنڊري هائر ايجوڪيشن اسڪول، ۱۹۲۶ ۾ ٺهيل
عمارت جنهن ۾ هاڻي ايليمنٽري ڪاليج موجود آهي، سنڌ مدرسي جي پراڻي عمارت جنهن ۾ ڇوڪرين
جو ڪاليج آهي يا وري ان جي سامهون ڇوڪرين جي هاءِ اسڪول جي قديم عمارت آهي، ان کان
سواءِ ريلوي اسٽيشن جو هڪڙو پاسي سميت اهڙيون ٻيون به عمارتون موجود آهن جيڪي قديم
عمارتن ۾ شامل آهن، جيئن ته لاڙڪاڻي شهر جي قديم عمارتن ۽ ٻين ماڳن جي باقاعدا هڪ
تاريخي قديم عمارتن ۽ ماڳن جي قانون ۽ قاعدن مطابق سروي نه ٿي آهي ان ڪري اهو ڪم اڻ
پورو آهي.
قومي، صوبائي
اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ لاڙڪاڻي جو ڪو هڪڙو حقيقي عوامي نمائندو نه هجڻ ڪري اڄ تائين لاڙڪاڻي
جو قديم عمارتن جو آواز مٿي اچي نه سگهيو آهي ان ڪري ڪيتريون اهڙيون عمارتون ڊهي
ويون آهن يا قبضاگيرن جو کاڄ ٿي ويون آهن. ان ڪري هاڻي ان ڳالھ جي سخت ضرورت آهي
ته ۲۱سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميه ۽
ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻي جي قديم عمارتن جي سڀ کان اول فوري طور تي انڊومينٽ فنڊ
ٽرسٽ سان گڏجي هڪ سروي ڪرائي وڃي ۽ نجي ۽ سرڪاري طور تي موجود باقي بچيل عمارتن جي
تحفظ لاءِ سنڌ حڪومت جي قانون تي جلد عمل ڪرايو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هن
مضمون کي جيڪڏهن هڪ شهري جي درخواست سمجهي لاڙڪاڻي ۾ موجود تاريخي ۽ قديم عمارتن
جي مڪمل سروي ۽ حفاظت لاءِ ثقافت کاتي، ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ميئر سميت ٻين لاڳاپيل
ادارن کان پڇاڻو ڪري انهن مٿان ڪا ذميواري جو احساس پيدا ڪري ته شهر جون قديم
عمارتن جو تحفظ ۾ ڪا اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي. قديم عمارتن جي تحفظ ۽ ڄاڻ جو مسئلو صرف
لاڙڪاڻي شهر ۾ نه آهي پر اوهان کي ڏوڪري، ڳيريلو، بگي، باڊھ، قمبر، شهدادڪوٽ، وارھ
۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن جو به آهي، ان ڪري انهن شهرن جا جيڪڏهن ڪي سجاڳ شهري موجود
آهن ته اهي ان ڪم کي پنهنجي هٿ ۾ کڻي وٺن.
No comments:
Post a Comment