Thursday, June 27, 2019

لاڙڪاڻي ۾ قديمي اسڪول جا ۱۰۰ سال - منير سومرو


لاڙڪاڻي ۾ قديمي اسڪول جا ۱۰۰ سال
منير سومرو
Image result for pilot school larkanaلاڙڪاڻي ۾ قائم گورنمينٽ پائليٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول کي ۱۰۰ سال پورا ٿي ويا آهن، جنهن جي خوشيءَ ۾ فيسٽيول منعقد ڪيو ويو، ثقافتي ۽ ٻين شين جا اسٽال لڳايا ويا، شاگردن جي هٿن سان ٺاهيل آرٽ جا ماڊل پڻ نمائش لاءِ رکيا ويا، ان کان علاوه اسڪائوٽس ڪئمپ ۾ اسڪائوٽس جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مختلف سرگرميون ڪرايون ويون. جشن جي موقعي تي تقريب ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، ميئر محمد اسلم شيخ، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو محمد نعمان صديق، اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو اقبال تنيو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش، ڊسٽرڪٽ سيڪنڊري ايجوڪيشن آفيسر لاڙڪاڻو اختر حسين ڪوريجو، اسڪول جي پرنسپال الله بخش سومرو، پيپلز پارٽي اڳواڻن خير محمد شيخ، نور الدين ابڙو، استادن علي مظفر لاهوري، سڪندر ڪلهوڙو، قربان لغاري، شاگردن سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.


سئو سالن جي تقريب جي موقعي تي شهر جي تاريخي گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جي مين گيٽ ۽ ڀتين کي تعليم حاصل ڪندڙ شخصيتن جي تصويرن سان سينگاريو ويو. اهڙي ريت سڄو ڏينهن اسڪول ۾ جشن جو ماحول رهيو. ھي اسڪول ۲۴ ايڪڙ زمين تي مشتمل آهي جيڪا زمين خان بھادر نواب امير علي لاھوري پاران انگريزن کي گفٽ ڪئي وئي ھئي، جنھن بعد انگريز حڪومت ھن زمين تي اسڪول جو بنياد رکيو ۽ ۱۹۲۶ع ۾ اسڪول جي عمارت تيار ٿي وئي، جيڪا برٽش ڪوليونيالسٽس نالي ٺھرائي، جنھن بعد اسڪول جو نالو ھاءِ اسڪول طور رکيو ويو ھو، جڏھن ته ھن اسڪول جي پراڻي ٺھيل بلڊنگ انگريزي الفابيٽ جي اي ڇيپ مان ورتل آھي، جنھن ۾ ۱۷ ڪلاس روم، سائنس ھال، ڊرائننگ ھال، ٽيچرس روم، پرنسپال آفيس موجود آھن، جيڪي اڄ به پراڻي دور جا ٺھيل آھن، ھي اسڪول پھريان ھاءِ اسڪول ھو ۽ ڪو ايجوڪيشن رھيو، جنھن دوران بمبئي يونيورسٽي جي ماتحت ھو ۽ ان وقت اڳوڻي ايم اين اي پھرين عورت ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيبلي بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي بمبئي يونيورسٽي ماتحت ھتان مئٽرڪ جي تعليم حاصل ڪئي ۽ ان وقت اسڪول جي ۵۵۰ انرولمينٽ ھوندي ھئي، آزادي بعد ھن اسڪول کي سنڌ يونيورسٽي ماتحت ڪيو ويو ۽ ۱۹۹۶ع تائين ھن اسڪول ۾ ھيڊ ماستر رھيا ۽ اڪثر ھتي پراڻي دور ۾ ھندو خاندان سان واسطو رکندڙ ھيڊ ماستر رھي ويا آھن ۽ اسڪول جو پھريون ھيڊ ماستر ڊي وي مرچنداڻي رھيو آھي جيڪو پڻ ھندو خاندان سان لاڳاپيل ھو ۽ ڪيترن ھيڊ ماسترن بعد ۾ پھريون مسلمان ھيڊ ماستر فتح محمد قريشي آيو، جڏھن ته ۱۹۹۶ع ۾ ھي تاريخي ادارو وزيراعظم پروگرام تحت اپ گريڊ ٿيو، جنھن کان پوءِ ھي ادارو ھائير سيڪنڊري طور ٿي ويو ۽ ان وقت ملڪ جي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو ھئي، جنھن بعد ھن اسڪول ۾ ۱۱ ۽ ۱۲ جماعت جا ڪلاسز شروع ٿيا، ھن اسڪول ۾ ۱۹۹۶ع ۾ ۴ ورڪشاپ مشل ورڪ، ووڊ ورڪ، اليڪٽريڪل ۽ ٽائپنگ سان مڪمل ڪيا ويا، جنھن جو مقصد ھو ته شاگردن کي ھتان مئٽرڪ پاس دوران مٿيان ڪورس ڪرائي، انھن کي روزگار لائق بڻائڻ جو قدم ھو. جڏھن ته ھن اداري جا ۱۹۱۹ع فيبروري ۱۹۹۴ تائين اداري جا سربراھ ھيڊ ماستر رھيا، جنھن جو تعداد ۴۶ آھي، جنھن بعد پرنسپال طور رکيا ويا جنھن جو تعداد ۱۷ آھي، ھن تاريخي اداري ۱۰۰ سالن تائين ڪيتريون شخصيتون سياسي، ٽيڪنوڪريٽس ۽ آفيسر پيدا ڪيا آھن. تاريخي اسڪول گورنمينٽ پائليٽ ھائير سيڪنڊري مان ۱۰۰ سالن دوران ڪيترائي شاگرد پڙھي پنھنجي پنھنجي منزل تي پھتل آھن، ھن تاريخي اسڪول مان ۱۹۳۷ع ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي پھرين عورت ڊپٽي اسپيڪر بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي مئٽرڪ جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ان وقت ھي اسڪول بمبئي يونيورسٽي جي ماتحت ھو، پ پ پ  جي اڳوڻي سينيئر صوبائي وزير ۽ موجوده پ پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کھڙو ھن تاريخي اداري مان مئٽرڪ جي تعليم حاصل ڪئي، سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو سينيٽر شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو پڻ ھن اسڪول مان ۱۹۷۸ع ۾ مئٽرڪ جي تعليم حاصل ڪئي، آءِ جي گلگلت بلتستان ڊاڪٽر ثناءَ الله عباسي پڻ ۱۹۷۹ع ۾ ھتان مئٽرڪ جي تعليم حاصل ڪئي، اڳوڻو صوبائي وزير حاجي منور علي عباسي، موجوده سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس احمد علي شيخ، اڳوڻو پرڏيھي وزير نواب قلب حسين لاھوري، رٽائرڊ جسٽس غلام دستگير شاھاڻي، ايس پي ٽريفڪ سينٽرل ڪراچي ڊاڪٽر سميع الله سومرو، بسنت ڪمار پروفيسر ميٿميٽڪس، موجوده لاڙڪاڻي جو اسسٽنٽ ڪمشنر اقبال تنيو، موجوده ايڊيشنل ڪمشنر لاڙڪاڻو احمد سلطان کوسو، اڳوڻو صوبائي وزير ڊاڪٽر روشن پيچوھو، اڳوڻو اي جي سنڌ ذوالفقار قادري، سردار صفدر علي مٺاڻي، اڳوڻو ڊائريڪٽر ورلڊ بئنڪ علي نواز ميمڻ، اڳوڻو ڊپٽي ڪليڪٽر ڪسٽم مختيار شيخ، اڳوڻو پرنسپل ۽ رجسٽرار سي ايم سي ڊاڪٽر سڪندر مغل، اڳوڻو چيئرمين لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم محبوب شيخ، پ پ اڳواڻ خير محمد شيخ، موجوده لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر محمد اسلم شيخ ۽ ٻيون شخصيتون شامل آهن، جن پڻ هن اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي. ھن اسڪول ۾ پراڻي زماني کان اڪثر فوٽ بال ۽ ڪرڪيٽ کيڏي ويندي ھئي ڇو ته ھن اسڪول ۾ وڏا وڏا گرائونڊ رکيا ويا ھئا ۽ ھن اسڪول ۾ ڪوبه انگريز ھيڊ ماستر ناھي رھيو، ھن تاريخي اداري ۾ اڳتي ھلي شاگردن جي انرولمينٽ وڌنڌي وئي، جنھن بعد اسڪول کي وڌايو ويو ۽ ڪيترائي بيا ڪلاس پڻ ٺھرايا ويا، جيڪو اسڪول پوري سنڌ سميت ملڪن ۾ مشھور آھي ۽ لاڙڪاڻي ۾ ايترو وڏو ڪو به اسڪول نه آھي. گورنمينٽ پائليٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول تمام خوبصورت ٺھيل آھي، جنھن اندر پراڻي دور جا وڻ، گل ۽ باغيچا موجود آھن، جنھن جون ڊزائنون پڻ پراڻي دور جيان رکيل آھن جيڪي سنڌ اندر ڪنھن به اسڪول ۾ نه آھن، ھن اسڪول ۾ وڏا گرائونڊ ۽ آلودگي کي ختم ڪرڻ وارو ماحول ھجڻ ڪري ٻارن کي بھتر نموني سان تعليم ملي ٿي ۽ پراڻي دور جو ٺھيل اسڪول  ۾ وڏا ڪلاس روم، وڏا ورانڊا، وڏا پارڪ رکڻ مان مراد آھي ته اسڪول وڏي ايراضي تي مشتمل ھجي ته جيئن ٻارن کي صحت مند تعليم حاصل ٿي سگهي.
۲۳ مارچ يوم پاڪستان، ۱۴ آگسٽ جشن آزادي، ۱۲ ربيع الاول، ۱۰ محرم الحرام، چھلم سميت ٻين خدمت جي ڪمن ۾ ھن اسڪول جي اسڪائوٽنس موجود ھوندي آھي ۽ ايڊز واڪ ريلي، سيمينار، شگر واڪ ريلي، سيمينار، ٽي بي واڪ ريلي، سيمينار، ووٽرس ڏينھن، پوليو ڊيوٽي ۾ پنھنجون ڊيوٽيون سر انجام ڏيندي آھي جڏھن ته ايڊز، شگر، ٽي بي جي ريلين ۾ ھن اداري جي اسڪائوٽنگ کي ڄاڻ پن ڏني ويندي آھي جنھن بعد اسڪائوٽس وارا محلن توڙي ننڍن ڳوٺن ۾ وڃي ماڻھن کي ان بابت ڄاڻ ڏيندا آھن. پائليٽ اسڪول جي اسڪائوٽس ھر پروگرام ۾ پھرين پوزيشن کنئي آھي جن قائداعظم بيج ڪورس پڻ ڪيا آھن، گذريل ۲۵ سالن کان ھن اداري جي اسڪائوٽنگ ۾ بھتري آئي آھي جنھن جو ڪارڻ اھو آھي ته ھڪ ايڇ ايس ٽي ٽيچر ان اسڪائوٽس جو سربراھ آھي جيڪو ھر سال اسڪول مان نوان ۲۰۰ شاگرد تيار ڪندو آھي جنھن کي ٽرينگ پڻ ڏني ويندي آھي. گورنمينٽ پائليٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي جي موجوده پرنسپال پروفيسر الله بخش سومرو ”عبرت“ سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته ھي تاريخي اسڪول علم جي حساب سان سموري سنڌ ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو ۽ ۱۰۰ سالا جشن ملھائڻ اسان جو حق ۽ فرض آھي، جشن ملھائڻ سان پراڻن استادن کي اڄ به ياد ڪريون ٿا.

No comments:

Post a Comment