نصرت ڀٽو وومين لائبريري
لاڙڪاڻو
تاريخ جو سفر
لياقت راڄپر

مون کي ٻڌايو ويو
آهي ته جيڪو لائبريري ۾ پنهنجي قائم ٿيل آفيس ۾ ويٺو آهي، دراصل هي لائبريري لاڙڪاڻو
ميونسپل ڪارپوريشن جي ملڪيت آهي، جنهن جي اندر هيٺ واري پورشن ۾ ۽ مٿين پورشن ۾ ٻن
اسيمبلين جا هال ٺاهيا ويا آهن، جيڪي هيٺ مٿي بلڪل هڪ ماپ جا آهن. جن مان هڪ لاڙڪاڻو
ميونسپل ڪارپوريشن جي ۽ ٻيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي جو آهي، جتي ميمبر گڏجاڻي ڪندا
آهن. هن ۾ 84 فڪس ٿيل سيٽون آهن. جڏهن ته 42 سيٽن جي گنجائش به رکيل آهي، جنهن ۾
صوفه سيٽ يا ٻيون ڪرسيون تڏهن لڳايون وينديون آهن. جڏهن اسيمبليءَ جي ڪارروائي ڏسڻ
لاءِ مهمان ۽ پريس وارا ايندا آهن.
لائبريري ۾ گهڙندي
کاٻي پاسي گدا حسين جي آفيس آهي ۽ سڄي پاسي لائبريرين جي ويهڻ جي آفيس آهي. پهرين
ماڙ يا فلور تي به ساڳي طرح اسيمبلي هال آهي پر ان جي سڄي پاسي کان لائبريريءَ جو
هڪ هال ٺهيل آهي، جنهن جي اندر وڏيون ۽ ڊگهيون ٽيبلون رکيل آهن، جنهن جي ٻنهي طرفن
کان ڪرسيون پيون آهن. جن تي ريڊر ڇوڪريون ويهي پڙهن ٿيون، جڏهن ته ڀت سان لڳل ڪجهه
ڪتابن لاءِ شيلف آهن، جن ۾ ڪجهه ڪتاب رکيل نظر اچن ٿا. هڪ ٻئي اولهه پاسي کان وري ڪجهه
پڙهڻ واريون ٽيبلون ۽ هڪ ٻه ڪرسيون به آهن، جيڪي حقيقي طريقي سان لائبريري جو تصور
ڏين ٿيون.
بهرحال هي لائبريري
گهٽ نظر اچي ٿي، ڇو جو جتي ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جا اسيمبلي هال
هجن، اتي پڙهائيءَ جو تصور ذهن ۾ ويهي ئي نٿو. لائبريريءَ کي پنهنجو بجليءَ جو ڪنيڪشن
ڪونه هيو، جنهن لاءِ هو ايئرڪنڊيشن جي سهولت کان محروم هئا ۽ جنهن لاءِ الڳ ٽرانسفارمر
هئڻ گهرجي. جنريٽر جي سهولت آهي پر ان ۾ روزانو 14 لٽر ڊيزل پوندو، جيڪو هڪ ته وڏو
خرچ آهي جيڪو ڪير ڀريندو ۽ ڪٿان ايندو، ڇو جو هن جي ڪابه بجيٽ نه هئي. لائبريري جي
چارج ڇوڪري خديجه لغاري کي ڏنل هئي جيڪا ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازم آهي ۽ هن کي ڪابه
لائبريري هلائڻ جي تربيت ڪو نه ڏني وئي آهي پر هن جي لڳن، جذبو ۽ شوق ڏسي محسوس ٿيو
ته هو ڪم هلائي ٿي پر جيئن ته لائبريري لاءِ لائبريري ڪورس ڪيل ڇوڪري ئي بهتر آهي.
ان لاءِ مس لغاريءَ کي ڪجهه وقت ڪورس ڪرايو وڃي. هن جي آفيس ۾ ڪو به پٽيوالو ڪونه
هيو، نه ئي اسٽيشنري ۽ ٻيو گهربل سامان جنهن ۾ گهڻيون ڪم واريون شيون يا سامان
هوندو آهي. اهو نظر نه آيو. لائبريري جي ٻن هالن ۾ ڪل 100 ڇوڪريون ويهي سگهن ٿيون.
تقريبن 5 لک روپين جا ڪتاب جيڪي مختلف
مضمومن تي مشتمل آهن، اهي نثار کهڙي پنهنجي فنڊن مان خريد ڪري ڏنا آهن ۽ ڪجهه وري
سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري طرفان شمس ڪلهوڙي ڊونيٽ ڪيا آهن، پر اڃان به هزارين ڪتاب کپندا، جنهن لاءِ لاڙڪاڻي
۽ سنڌ جي ٻين اديبن کي گهرجي ته هو هن لائبريريءَ لاءِ ڪجهه ڪتاب ڏين ڇو جو ڇوڪرين
۽ عورتن لاءِ ههڙي قسم جي لائبريري جيڪا وچ شهر ۾ آهي ان مان آهستي آهستي ڇوڪريون
فائدو وٺڻ شروع ڪنديون.
هن وقت هن
لائبريريءَ ۾ اڃا سهولتن جي گهڻي کوٽ آهي، ان لاءِ ڇوڪريون شاهنواز ڀٽو لائبريريءَ
ڏانهن رخ ڪن ٿيون. جتي انهن لاءِ هڪ الڳ پورشن ٺاهيو ويو آهي ۽ اتي هر قسم جي
سهولت ۽ پڙهڻ لاءِ ماحول اڳ ئي موجود آهي. بهرحال جڏهن هتي به اهڙيون سهولتون
ملنديون ته ڇوڪرين لاءِ هتي اچڻ اڃان وڌيڪ سولو ٿيندو پر هن لائبريريءَ ۾ گنجائش
تمام گهٽ آهي، جنهن کي وڌائڻ لاءِ ڪوششون هاڻي کان شروع ٿيڻ کپن. جيئن ته اهو به
مون ڏٺو ته صفائي لاءِ ڪوبه سوئيپر ڪونه هيو ۽ جيڪو ڪم ڪري پيو، اهو به اڌارو آهي.
لائبريريءَ لاءِ ڪابه بجيٽ نه هئي ته پوءِ لائبريري جي انچارج ڪم ڪيئن هلائي، جنهن
وٽ ايندڙ ڇوڪرين کي پاڻ وٽ ويهارڻ لاءِ ڪرسيون ڪونه آهن. واٽر اليڪٽرڪ ڪولر ڪونه
آهي. ادارا ٺاهيا وڃن ٿا پر ان لاءِ اڳ ۾ ئي بجيٽ ۽ ٻيون گهرجون ڇو نه ٿيون ڏنيون
وڃن؟ ريڊرز ڇوڪرين لاءِ ڪوبه سيڪيورٽي انتظام نظر نه آيو جيڪو اهم ۽ ضروري آهي، ڇاڪاڻ
ته لائبريري جناح باغ ۾ قائم آهي ۽ باغ ۾ هر قسم جا ماڻهو جن ۾ خاص ڪري واندا ۽
اوباش به اچن ٿا، رات جي وقت بجلي ۽ روشنيءَ جو ڪوبه بندوبست نه آهي ۽ ڪو به اڻ وڻندڙ
واقعو ٿي سگهي ٿو. مان ته ان ڳالهه تي حيران آهيان، هن جي ڀرسان پريس ڪلب ۽ سٽيزن ڪلب
آهن، پوءِ به نه صفائي آهي ۽ نه وري روشنيءَ جو بندوبست. لاڙڪاڻو هڪ وڏو ڪاروباري
مرڪز آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو امير ۽ پهچ وارا آهن، انهن کي گهرجي ته هو لائبريري جي
مدد ڪن، جن ۾ ڪتاب خريد ڪري ڏين، سولر سسٽم لاءِ مدد ڪن، نئين طرز جون بينچون ۽ ڪرسيون
ڏنيون وڃن، ان لاءِ انهن کي ٽڪ شاپ جي سهولت به ڏني وڃي ڇو جو جڏهن هو صبح کان شام
تائين پڙهن ٿيون ته هنن کي کائڻ ۽ پيئڻ جون شيون گهرجن.
مان جڏهن ڪجهه ريڊرز
کان پڇا ڪئي ته انهن ۾ ڪجهه شاگردياڻيون، ڪجهه ڊاڪٽرياڻيون، وڪيل ۽ سي ايس ايس ڪرڻ
واريون هيون جن کي پنهنجي مقصد جي ڪاميابي لاءِ گهربل سهولتون کپن. لاڙڪاڻي جهڙي
گرمي ۾ جيڪڏهن بجلي نه هوندي ۽ جنريٽر نه هلندو ۽ نه وري ڪو سولر جي سهولت ملندي ته
هو 52 ڊگري واري گرميءَ ۾ ڪيئن پڙهي سگهنديون ۽ انهن جو وقت پگهر سڪائڻ ۾ گذري
ويندو. لاڙڪاڻي ضلعي جا ايم اين ايز، ايم پي ايز، ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل
جا چيئرمين پنهنجي لاءِ ته هر سهولت رکيو ويٺا آهن پر لائبريريءَ ۾ پڙهندڙ ڇوڪرين
لاءِ هنن وٽ ڪا خاص سهولت نه آهي.
منهنجي خيال ۾ جڏهن
شاهنواز ڀٽو لائبريري هر قسم جي ڪوآپريشن ڪري پئي ته سنڌ ڪلچر کاتي کي گهرجي ته هو
هن لائبريريءَ جو انتظام وٺي ته جيئن هتي ڪم سٺو هلي سگهي، نه ته ميونسپل ڪارپوريشن
ته شهر جي صفائي نٿي ڪرائي سگهي، اها اهڙو اهم ادارو ڪٿان سنڀاليندي. لائبريريءَ ۾
مون کي ڪوبه رسپيشن نظر نه آيو ۽ نه ئي وري ڪو ڪتابن کي ڳولهڻ لاءِ ڪيٽ لاگ سسٽم
آهي. ان کان علاوه جيئن ٻين لائبريرين ۾ پڙهڻ کان ٿڪجي پوڻ تي آرام لاءِ
لائبريريءَ ۾ موجود لان هوندا آهن. اتي ويهي ٿڪ ڀڃڻو آهي. اها به سهولت نه آهي. جڏهن
ته لائبريرين جي مدد لاءِ به ٻه تريبت يافته مددگار ڇوڪريون ڏنيون وڃن، جيڪي
لائبريرين نه هئڻ جي صورت ۾ ڪم کي رڪاوٽ کان بغير هلائي سگهن.
ڪجهه اخبارون
ميونسپل ڪارپوريشن طرفان ملن پيون پر هتي ڪجهه رسالا به کپن ڇو جو سي ايس ايس ۽ ٻين
امتحانن کي پاس ڪرڻ لاءِ رسالن ۾ موجود تفصيل ضرور پڙهبا آهن. جيئن ته جديد دور آهي جنهن ۾ ڪمپيوٽر
ضروري آهي ۽ انٽرنيٽ ڪنيڪشن به کپي ته جيئن نيٽ تي پيل بين الاقوامي ڄاڻ به حاصل ڪري
سگهجي. واءِ فاءِ ۽ ڪينٽين به هئڻ گهرجي. ان کان علاوه ڇوڪرين کي ڪتاب به ڏياريا وڃن،
غريب ڇوڪرين لاءِ اهي گهربل سهولتون گهرن ۾ ڪونه آهن ۽ هو دنيا ۾ علم حاصل ڪرڻ
واري ريس ۾ پوئتي رهجي وڃن ٿيون. ضمانت طور ڇوڪرين کان انهن جا شناختي ڪارڊ ورتا وڃن
جن جي فوٽو ڪاپي رکي وڃي.
هن لائبريري جو
افتتاح پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو 5 جنوري 2017ع تي ڪيو هو ۽ وري پوئتي مڙي نه پڇيو
ته هي لائبريري ڪيئن هلي رهي آهي. جڏهن ته ڀٽي صاحب جڏهن پراڻي ٽائون هال ۾ پاڪستان
نيشنل سينٽر جو افتتاح ڪيو هو ته اتي هڪ وڏي شاندار لائبريري به قائم ڪرائي هئي.
جنهن جو هو پاڻ ميمبر ٿيو هو ۽ جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هيو ته اتان جو حال احوال پڇندو
هيو يا وري چڪر لڳائيندو هو. اسان جي پڙهيل لکيل دوستن کي اها خبر نه آهي ته
لائبريري هميشه پرسڪون هنڌ قائم ڪبي آهي جتي ٻيو ڪو ادارو نه هجي پر هتي ته هڪ نه
پر ٻه اسيمبلي هال ٺهرايا ويا آهن. هنن هالن ۾ سيشن دوران مڇي مارڪيٽ وارو ماحول
هوندو آهي. اتي هي ڇوڪريون پرسڪون ڪيئن رهنديون ۽ ٻيو وري سهولتن جي کوٽ، هفتو
پهريان مون اخبار ۾ پڙهيو ۽ فوٽو به ڏٺو ته لائبريري جون ريڊرز ڇوڪريون سهولتن جي
کوٽ جي خلاف لائبريريءَ ٻاهران احتجاج ڪري رهيون هيون.
هن لائبريريءَ کان
پهرين جيڪو ٽائون هال هيو، اهو ميونسپل ڪميٽيءَ جي صدر عبدالغفور ڀرڳڙيءَ ٺهرايو
هو، جنهن جو نالو قاضي فضل الله ٽائون هال هيو، بعد ۾ قاضي فضل الله جيڪو لاڙڪاڻي
جي هر دل عزيز شخصيت هو، ان جو نالو هال کان ڌار ڪيو ويو، ڀٽي صاحب به پاڪستان
نيشنل سينٽر قائم ڪرايو ۽ هڪ عظيم لائبريري قائم ڪرائي. ان کان علاوه هال ۾ مهيني
۾ ٽي کان چار تقريري پروگرام ۽ اهم شخصيتن جا ڏينهن ڪانفرنسون ۽ ٻيا اهم پروگرام ڪرايا
ويندا هئا. منهنجي گذارش سنڌ جي وزير اعليٰ کي آهي ته هو هن لائبريريءَ ۾گهربل
سهولتون ڏئي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري ۽ نئين نسل کي علم، ادب ۽ ڪتابن ڏانهن
رجوع ڪيو وڃي.
No comments:
Post a Comment