Saturday, July 20, 2019

لکنئو کان لاڙڪاڻي تائين - رفيع الزمان صديقي


لکنئو کان لاڙڪاڻي تائين
سنڌين جو فن تعمير
رفيع الزمان صديقي
Image may contain: sky and outdoor
جناح صاحب سان معمولي تڪرار کان پوءِ منھنجو ڏاڏو چوڌري خليق الزمان سن ۱۹۴۷ع ۾ جڏھن لکنئو مان لڏي اچي ڪراچي ويٺو ته ھن جي خواھش ھُئي ته ھو سياسي جھڳڙن پنھنجي پاڻ کي پري رکي. انھن ڏينھن ۾ سنڌ جي ھڪ طاقتور شخصيت ايوب کوڙو صاحب منھنجي ڏاڏي کي لاڙڪاڻي وٺي آيو. اتي ھن منھنجي ڏاڏي لاءِ ڪجھ گھر تيار ڪرايا ھُيا ته جئين منھنجو ڏاڏو سياسي وڳوڙ کان پري رھي پنھنجا ڏينھن گوشه نشيني ۾ گزاري سگھي.
اھي گھر سنڌي ھندو ڇڏي ويا ھُيا، ڏاڏي کي انھن مان ھڪ حويلي تمام گھڻي پسند آئي ۽ پاڻ ان ۾ رھڻ لڳو.


۷۰۰ چورس گز تي پکڙيل اھا حويلي ٻن حصن ۾ وراھيل آھي. مرڪزي عمارت ۾ ٽي منزلون آھن. ھيٺين منزل تي ديوان خانو آھي جنھنجو فرش سياھ ۽ سفيد ٽائلن سان جڙيل آھي، جنھن ۾ ڪاٺ جا ڪٻٽ پيل آھن. سخت گرمين ۾ ڪمري کي ٿڌو رکڻ ۽ سردين ۾ گرم رکڻ لاءَ ڪمري جي ڇت تمام گھڻي اوچي ٺاھي وئي آھي. ھوا ۽ روشني لاءِ روشندان به موجود آھن. ديوان خانو جنھنکي عام طور سان 'ڊرائنگ روم' چئجي ٿو ان ۾ آتش دان به جڙيل آھي ۽ لاڙڪاڻي جي سخت سردي کان بچڻ لاءِ ان کي باقاعدگي سان ڪتب آندو ويندو ھو. آتش دان جي مٿان آرائشي تختو پڻ ٺھيل آھي.
Image may contain: outdoorان جي ڀر ۾ ئي طعام خانو به آھي، جنھن ۾ ڪاٺ جا ڪٻٽ پيل آھن. کاڌي کي سڌو طعام خاني تائين پھچائڻ لاءِ طعام خاني کي ھڪ دروازي وسيلي بورچي خاني سان ڳنڍيو ويو آھي. ساڄي پاسي خوابگاھ آھي.
عمارت جي اڳيان ھڪ پيچدار ويرانڊو آھي ۽ يڪسانيت کي ختم ڪرڻ لاءِ ان جي محرابن کي گل ٻوٽن سان سجايو ويو آھي.
ويرانڊي جي سامھون ھڪ تمام وڏو اڱڻ آھي ۽ گھر جي داخلي دروازي جي ڀر ۾ ھڪڙو ننڍڙو ڪمرو آھي جنھنکي 'آفس' چيو وڃي ٿو. اڱڻ تي ئي غسل خانو ۽ بيت الخلا پڻ جڙيل آھن ۽ انھن لاءِ پراڻي طرز وارو ھٿ جو نڪلو پڻ لڳل آھي. ٻي منزل تي ٻه خوابگاھون ۽ ھڪ غسل خانو آھي. ھي ٻئي ڪمرا به ساڳي طرح پيچدار ويرانڊي ۾ کلن ٿا. انھن جي ھڪ پاسي کاٺ جون ۽ ٻي پاسي لوھ جون بالڪونيون جڙيل آھن ۽ لوھ جي بالڪونين تي اوم لکيل آھي.
ٽيئن منزل پوري طرح کليل آھي ۽ گرمين جي موسم ۾ اسان ان کي رات جو سمھڻ لاءِ ڪتب آڻيدا ھياسين. ننڍي وھي ۾ اسان آسمان جا تارا ڏسندي ۽ حويلي کان ڪجھ فرلانگ جي فاصلي تي موجود رائس ڪينال جي وھندڙ پاڻي جي سريلي آواز ٻڌندي ننڊ جي آغوش ۾ ھليا ويندا ھياسين. رات جي پھر ۾ لاڙڪاڻي جي اسٽيشن تي بولان ميل جي ڇُڪ ڇُڪ ۽ شادين جا ڳيچ ڳائيندڙ عورتن جا آواز به اڪثر اسان جي ڪنن تي پوندا ھيا. گھر جو اُھو حصو جنھن کي تمازالا چيو ويندو ھو، اُھو ٻن خوبصورت لوھي بالڪونين سان سينگاريل ھوندو ھو. تمازالا ۾ ھڪ کليل حصو ھوندو ھو جنھن ۾ مستطيل محراب جڙيل ھيا ۽ ان جي وچ مان ھڪ چمني به نڪتل ھئي. اھا چمني ھيٺين منزل جي ديوان خاني مان نڪري وڃي مٿي چوٿين منزل جي ڇت تي نڪرندي ھُئي، جنھن تائين رسائي ڏنل نه ھئي.
مرڪزي عمارت کان علاوه گھر ۾ ھڪ ٻيو به تمام وڏو اڱڻ ھوندو ھو، منھنجي والدين جو چوڻ آھي ته اتي ھڪ خوبصورت باغيچو ھوندو ھو جنھن کي چمن چيو ويندو ھو. زمين ۽ مٽي جي مسئلن جي ڪري ھاڻي ان ۾ اھا ساوڪ ڪانھي رھي جيڪا سن ۱۹۵۰ع جي شروعات ۾ ھوندي ھئي پر اڄ ڏينھن تائين ان کي چمن جي نالي سان ئي سڏيو وڃي ٿو. چمن ۾ پنج سرونٽ ڪواٽر ھوندا ھيا.
Image may contain: outdoor
حويلي ۾ ٻه مرڪزي داخلي دروازا ھيا.جن مان ھڪ چمن واري پاسي ھوندو ھو جتان ڪارون داخل ٿينديون ھُيون. مرڪزي عمارت جو داخلي دروازو ٽن ٿلين ڀتن جي وچ ۾ ھوندو ھو ۽ ان تي تمام وڏا در چڙھيل ھوندا ھيا. اھو داخلي دروازو ھڪ سوڙھي گھٽي ۾ کلندو ھو ۽ اتان چار ڏاڪا ھيٺ لھي اندر اچڻو پوندو ھو.
جئين توھان تصويرن ۾ ڏسي سگھو ٿا، عمارت گھڻي ڀاڱي سرن جي ٺھيل ھئي. جنھن کي ان طرح سان ڊسٽمبر جي ضرورت نه پوندي ھئي جھڙي طرح اندرين پاسي ھر سال ٻي ضرورت پوندي رھي ٿي. اڱڻ جو فرش سوڙھين سرن سان ٺھيل ھو جن کي ھڪ مخصوص طرز سان پاڻ ۾ ڳنڍيو ويو ھو، جڏھن ته ويرانڊي ۽ ڪمرن جو فرش ويڪرين سرن سان جڙيل ھو.
حويلي جا در ۽ دريون ساڳوان جي ڪاٺ ۽ سڌين لوھي سيخن سان ٺھيل آھن. پھرين منزل جو داخلي دروازو لوھ جو آھي. ھي دروازو لوھ جو ھُجڻ جي باوجود به تمام بھترين معيار جو خوبصورت دروازو آھي ۽ ھي ان طرح جو ڪونھي جيڪي اسين اڄڪلھ ڏسون ٿا.
ھن حويلي کي پاڪستان جي ڪيترن ئي ناميارن دانشورن ۽ سياستدانن کي ميزباني جو شرف به حاصل رھيو آھي.
پنجاه واري ڏھاڪي جي شروعات ۾ حويلي ۾ موٽرن يا ڪارن جي داخلي جو گس نه ھوندو ھو. ھي شايد شھر جي آخري عمارت ھُئي. ھتي ھڪ وَروَڪڙ واري گھٽي مان لنگھي اچڻو پوندو ھو.
ھڪ ڀيري جڏھن منھنجي ڏاڏي (جڏھن ھو مشرقي بنگال جو گورنر ھو) سردار عبدالرب نشتر کي رات جي ماني جي دعوت ڏني ۽ نشتر صاحب جڏھن سوڙھين گھٽين مان گذري اچي حويلي ۾ پھتو ته ھو حويلي جي شان ڏسي حيران رھجي ويو. منھنجي ڏاڏي کي چيائين' چوهدری صاحب یه تو گدڑی میں لعل هے'
منھنجو ڏاڏو گھڻو عرصو لاڙڪاڻي ۾ نه رھيو ۽ ڪراچي ھليو ويو ھو، ڇاڪاڻ جو جناح صاحب کيس پاڪستان مسلم ليگ جي صدارت سنڀالي لاءِ چيو ھو.
منھنجي والده محترمه سڪينه عتيق الزمان اڃا ٽيھن ورھين جي نه ٿي ھوندي جو ھن لاڙڪاڻي جي انيڪ سياسي، سماجي ۽ انساني ڀلائي جي سرگرمين ۾ بھرو وٺڻ شروع ڪري ڏنوھو. اھڙي ريت ھو لاڙڪاڻي جي ھڪ معروف خاتون بڻجي وئي. اھڙي قسم جي سرگرمين جي اھميت ان ڪري به ھُئي جو ان دور ۾ مسلمانن جو ھڪ وڏو انگ يوپي مان اچي لاڙڪاڻي ۾ مستقل آباد ٿي رھيو ھو.
Image may contain: 1 person, smiling, outdoorمقامي ۽ لڏپڏاڻ ڪري آيل ضرورت مندن جي مدد لاءِ پاڻ پتوڙڻ جي ڪري منھنجي والده جو مقامي سياست ۾ تمام اھم ڪردار ٿي پيو ھو.
ان دور ۾ حويلي والده محترمه جي سرگرمين جو مرڪز بڻيل ھئي ۽ اھڙي ريت حويلي کي 'بيگم عتيق جو بنگلو' ڪري به ڪوٺيو ويندو ھو.
ھن حويلي پنھنجي ڀاتين جي زندگين جا ڪيترا ئي لاڙھا چاڙھا پڻ ڏٺا آھن. سياسي مشڪلات واري دور ۾ ھي ھڪ قلعو ثابت ٿي آھي ۽ اسان جي نسل کي پيدا ٿيندو به ڏٺو اٿس. ھن وقت آئون ان جي چوگرد موجود وڳوڙ جي وچ ۾ اڪيلو بيٺل آھيان.
منصوبه بندي کان بغير لاڙڪاڻي شھر ۾ ٿيندڙ شھري پکيڙ جا ھن حويلي تي ناڪاري اثر پئجي رھيا آھن. ان سڀ جي باوجود اڄ به ھندو فنِ تعمير ۽ انجينئرنگ جو ھي نادر نمونو رائس ڪينال جي ڪنارن تي پنھنجي شان سان ڳاٽ اوچو ڪري بيٺل آھي. ھن کي اڄ به انتظار آھي ته ڀٽي ۽ کوڙي صاحب جو سياسي طور سرگرم ھي شھر ھن کي پنھنجو صحيح مقام عطا ڪري.
سال ۱۹۵۲ع ۾ منھنجي ڏاڏي ھن حويلي ۾ مسلم ليگ جي ليڊرشپ جي مان ۾ رات جي ماني جي دعوت رکي ھئي. ان دعوت ۾ جن معروف شخصيات شرڪت ڪئي انھن ۾ ممتاز دولتانه، مشتاق گورماني، سردار غظنفر علي خان، ايوب کھڙو ۽ قاضي فضل اللھ وغيره شامل ھيا. مرڪزي عمارت جي اڱڻ ۾ دعوت جو انتظام فرشي رکيو ويو ھو. منھنجي چاچي ٻڌايو ته دعوت ۾ مھمانن جي سامھون خاص لکنوي طعام پيش ڪيا ويا جيڪي معزز مھمانن تمام گھڻي رغبت سان کاڌا.
ھيٺين منزل تي موجود اھي دروازا ۽ دريون جيڪي ويرانڊي ۾ کلندا ھيا انھن تي رنگين شيشا چڙھيل ھيا، جنھن جي ڪري ھيٺ ڪمرن ۾ ھڪڙو رنگين ۽ ٿڌي قسم جو ماحول پيدا ٿي پوندو ھو.
ھيٺين منزل تي موجود ويرانڊي ۾ خوبصورت حجرا به ھوندا ھيا. ھيٺين منزل تي موجود ويرانڊي جو ھڪ دروازو جيڪو ديوان خاني ۾ کلندو ھو، ان جي ٻنھي پاسي ٻه دريون لڳل ھونديون ھيون. انھن جو مقصد اھو ھوندو ھو ته حويلي جون عورتون به مرڪزي ديوان خاني ۾ ٿيندڙ محفلن جو لطف وٺي سگھن. منھنجا والدين حويلي ۾ قوالي جو احتمام باقاعدگي سان ڪرائيندا ھيا. عورتون ھيٺين منزل تي موجود ان مرڪزي دروازي ۽ درين وسيلي انھن محفلن جو ڀرپور لطف وٺنديون ھيون.
لوڻياٺي زمين جي ڪري اندورن سنڌ ۾ موجود پڪن گھرن جي ڀتن تان رنگ لھي ويندو آھي، پر حويلي جي ڀتن تان رنگ نٿو لھي. اسان جي ھڪ پراڻي نوڪر مطابق ان جو سبب اھو آھي جو حويلي جو مالڪ جيڪو پاڻ ھڪ انجنيئر ھو، ان عمارت کي ڪلر کان بچائڻ لاءِ ھن جي بنيادن ۾ ڪوئلو ۽ ماکي جا ڊرم وجھرايا ھُيا.
شڪر آھي جو اڄ ڏينھن تائين حويلي کي اھو مسئلو ڪونھي ٿيو.
حويلي جي نگراني ۽ سار سنڀال جو سمورو ڪم منھنجو ماسات احمد فاروقي انجام ڏيندو آھي، ھن کي پراڻين عمارتن سان تمام گھڻو چاھ آھي. ھي پاڻ لاڙڪاڻي ۾ موجود ھڪ ٻي خوبصورت حويلي طولاني ھائوس ۾ رھائش پذير آھي جيڪا ۱۹۳۰ع ۾ تعمير ڪئي وئي ھئي. اسان واري حويلي ان کان سال پھرين ٺھي ھئي.
حويلي جو يگانو فنِ تعمير ھندو ۽ اسلامي خوبين جو ميلاپ آھي.

(نوٽ: هي تحرير منهنجي پراڻي دوست رفيع زمان صديقي لکي موڪلي آهي جيڪو تازو پاڪستان جي سفير جي پوزيشن تان رٽائرڊ ٿيو آهي. پاڻ لاڙڪاڻي ۾ ڄائو ۽ اتي ئي وڏو ٿيو. پاڻ ٺيٺ سنڌي ڳالاهيندو آهي ۽ سنڌي ۾ لکي پڙهي به ويندو آهي.. ويجهڙائيءَ ۾ منهنجي هن سان ملاقات ٿي ۽ مان هن سان سنڌويزن جو تعارف ڪرايو ۽ مختلف سرگرمين جو ذڪر ڪيو. هن کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ واعدو ڪيائين ته هو پنهنجا تجربا اسان سان ونڊ ڪندو رهندو...)

No comments:

Post a Comment