Thursday, August 1, 2019

موھن جو دڙو جون عورتون سونھن جو خاص خيال رکنديون ھيون - ڊاڪٽر مبارڪ علي


موھن جو دڙو جون عورتون سونھن جو خاص خيال رکنديون ھيون
ڊاڪٽر مبارڪ علي
سنڌ جي تهذيب دنيا جي ٻين تهذيبن جي ڀيٽ تمام گهڻي منفرد آهي، پر ان بابت اسان جي معلومات اڃا تائين محدود آهي، ڇو ته صرف آثار قديمه ۽ انهن مان ملندڙ شين، جن ۾ اوزار، زيور، روزمرهه جي استعمال ۾ ايندڙ شيون شامل آهن، وغيره جي مدد سان ئي ان تهذيب جي باري ۾ معلومات گڏ ڪئي وئي آهي.


ميسوپوٽاميا ۽ مصر جي تهذيبن جي باري ۾ اسان جي علم ۾ ان وقت وسعت آئي جڏهن انهن جي رسم الخط کي پڙهيو ويو. پر سنڌو تهذيب جي رسم الخط دريافت نه ٿي سگهي ۽ نه ئي ان سان گڏ ٻين ٻولين جون لکتون مليون آهن. ان ڪري اها تهذيب اڃا تائين معلومات جي لحاظ کان اڌوري آهي. اسان کي ان تهذيب جي سماجي ۽ ثقافتي حالتن جي ڄاڻ ناهي ۽ نه ئي اها خبر آهي ته ان سماج ۾ عورت جي حيثيت ڇا هئي. ڇا ان ۾ مادري نظام جا آثار هئا يا پدري شاهي پنهنجي بالادستي قائم ڪري ورتي هئي؟
قديم آثارن مان جيڪي مورتيون مليون آهن انهن جي مطالعي سان اسين عورت جي شخصيت، ان جي ڪردار جو تعين ڪري سگهون ٿا. ان جي رهڻي ڪهڻي ڪيئن هئي، اها ڪهڙي قسم جو لباس پائيندي هئي، ڪهڙا زيور استعمال ڪندي هئي، فيشن جي تبديلي جو به اندازو ٿئي ٿو. ماهرن قديم آثارن جي مدد سان عورت جي باري ۾ پنهنجا تاثرات جوڙيا آهن.
ادريس صديقي پنهنجي ڪتاب “وادي سنڌ جي تهذيب” ۾ ملندڙ مورتين جي مدد سان انهن زيورن جا تفصيل ڏنا آهن جيڪي عورتون پائينديون هيون. هن تحقيق کانپوءِ انهن زيورن جي شڪل ۽ انهن جي هيئت به بيان ڪئي آهي. استعمال ڪرڻ وارن زيورن ۾ هار، گلوبند، ڪنن ۾ واليون، هٿن ۾ سون ۽ چانديءَ جون چوڙيون ۽ ڪڙا هئا، جڏهن ته هيٺئين طبقي جون عورتون مٽيءَ جون ٺهيل چوڙيون پائينديون هيون، مٿي تي جهومر ۽ پيرن ۾ پازيب هوندي هئي، وارن کي به سينگاريو ويندو هو، اکين ۾ ڪجل پائڻ جو رواج هو، ڳلن تي پائوڊر هنيو ويندو هو. ان جو لباس اڻ سبيل هڪ ڪپڙو هو، شايد اها ساڙهي جي شروعاتي شڪل هجي.
اسان کي عورت ۽ مرد جي وچ ۾ غيرمساوي سلوڪ نظر نٿو اچي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته سماج ۾ برابري وارو نظام قائم هو، عورتن جي عزت ڪئي ويندي هئي، ماڻهن جي گهرن جي تعمير مان به اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته عورتون ۽ مرد ڌار ڌار حصن ۾ نه رهندا هئا، جيئن يونان ۾ رواج هو.
ٻارن جا رانديڪا مليا آهن، اهي خاندان جي سڃاڻپ جو پتو ڏين ٿا. ٻارن سان محبت ڪئي ويندي هئي، انهن کي خوش رکڻ لاءِ رانديڪا ٺاهيا ويندا هئا.
اسان کي انهن جي مهذب ۽ عقيدي بابت ڪابه ڄاڻ ناهي پر جيئن سرموترمر ويلر “وادي سنڌ ۽ تهذيبون” ۾ هڪ جاءِ تي لکيو آهي ته هڪ مورت اهڙي ملي جنهن کي اهي ماتا ديوي چوندا هئا، ان مورتي جي هيٺان هڪ پوڄاري ۽ عورت جي مورتي آهي. هن جو خيال آهي ته شايد ان عورت کي هتي قرباني لاءِ آندو ويو آهي. پر اها ڪا حتمي ڳالهه ناهي. ايئن ضرور آهي ته سنڌو تهذيب ۾ ديوين جو انگ وڌيڪ آهي، ان مان اندازو ٿئي ٿو ته سماج ۾ عورت جي حيثيت اهم هئي. ديوين کي خوش رکڻ لاءِ پوڄارڻون عورتون هيون، جيڪي موسيقي ۽ رقص ذريعي انهن کي خوش ڪنديون هيون.
سنڌو تهذيب جا واپاري پنهنجون شيون وچ اوڀر تائين کڻي ويندا هئا، انهن ۾ شين ۾ عورتن جو به حصو هوندو هو، جيئن هاٿي جي ڏندن مان ٺهيل چوڙا، ڦڻيون، آئينه، اهي سڀ شيون ايشيا جي تهذيب جي ترقي ۽ هتان جي تخليقي ذهنن جي نشاندهي ڪن ٿيون.
سنڌو تهذيب ۽ ان جي آرٽ جي ٻه اهم نمونن “پوڄاري بادشاهه” ۽ “ناچڻي” بابت پروفيسر شرين رتناگر، جنهن هڙاپا جي تهذيب تي هڪ ڪتاب لکيو آهي، ان جو چوڻ آهي ته جيئن ته انگريز هندستان ۾ ناچڻي کان واقف هئا، ان ڪري انهن مجسمي کي “ڊانسنگ گرل” جو نالو ڏيئي ڇڏيو، پر حقيقت اها آهي ته هي مجسمو سنڌ جي آرٽ جو هڪ بهترين نمونو آهي، جنهن ۾ عورت جي خوبصورتي کي ڏيکاريو ويو آهي.
جيئن ته اسان وٽ سنڌو تهذيب جو سماجي ۽ ثقافتي علم ناهي، ان ڪري اسين ان جي پوري طرح وضاحت نٿا ڪري سگهون ته ان تهذيب ۾ عورت جو اصل مقام ڇا هو ۽ هوءَ دنيا جي ٻين تهذيبن جي کان ڪيئن مختلف هئي. پر ان تهذيب جي دريافت ٿيڻ کانپوءِ ان ڳالهه جو اندازو ٿئي ٿو ته اتان جون ڪيتريون ئي روايتون ان سان گڏ زمين ۾ دفن نه ٿيون، پر سماج ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري رهيون.

No comments:

Post a Comment