پراڻو کھڙو ھائوس
سياسي يادگيرين جو عجائب
گھر
نثار کوکر
لاڙڪاڻي جي ايمپائر
روڊ سان گذرندي، هاڻي توهان کي ڪيتريون ئي نيون عمارتون ڏسڻ لاءِ ملنديون. پر انهن
نين عمارتن کان اڄ به وڌيڪ پرڪشش ۽ اوچي ڳاٽ بيٺل هڪ عمارت اهڙي به آهي، جنهن جي
در تي جيتوڻيڪ ڪا به سڃاڻپ واري تختي لڳل ناهي پر ان جي باوجود اها تاريخي عمارت
پنهنجو تعارف پاڻ آهي. جيڪا هر عام ۽ خاص لاءِ ايمپائر روڊ وارو کهڙو هائوس آهي.
لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾
ايمپائر روڊ جي به هڪ ڌار تاريخ آهي ته ڪيئن نه ان روڊ سان سئنيمائن جو عروج هوندو
هو ۽ آسپاس ان وقت جو ايليٽ ڪلاس رهندو هو. ايمپائر روڊ سان کهڙو هائوس جي ان وقت
به الڳ سڃاڻپ هئي، جڏهن ان هائوس ۾ سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ منفرد سياستدان محمد ايوب
کهڙو رهندو هو. هاڻي ته کهڙي هائوس ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو جا خانداني ملازم ۽ منشي
رهن ٿا. پر هي ۵۰ ۽ ۶۰ واري ڏهاڪي ۾ لاڙڪاڻي جي چند مشهور بنگلن منجهان هڪ هو. لاڙڪاڻي
جي تاريخ تي بهترين ڪتاب ترتيب ڏيندڙ جهوني گل محمد گاد جو چوڻ آهي؛ ”ان زماني ۾
لاڙڪاڻي شهر اندر چند خوبصورت بنگلا هوندا هئا، جن ۾کهڙي جو بنگلو، نواب نبي بخش ڀٽي
جو بنگلو، پرڀوداس تولاڻي جو بنگلو، غيبي خان چانڊئي جو بنگلو، نواب حاجي عامر علي
لاهوري جو بنگلو ۽ قائم خان شيخ تڪ واري جو بنگلو شامل هوندا هئا“. چون ٿا ته لاڙڪاڻي
۾ ان وقت وڌ کان وڌ سياسي مصروفيت وارو بنگلو کهڙي جو بنگلو هوندو هو، جنهن جي
شاهدي پير علي محمد شاهه راشدي پڻ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب “اهي ڏينهن اهي شينهن” ۾ ڏئي
چڪو آهي. هن لکيو آهي ته سنڌ جي بامبي پريزيڊنسي کان عليحدگي واري تحريڪ ۾ ايترا ڊرافٽ
لکبا هئا جو هو يعني پير علي محمد شاهه راشدي، ايمپائر روڊ تي کهڙي واري بنگلي اندر
سياسي ماڻهن جي رش سبب ٻاهر وڃي ميونسپل جي بتين واري روشني ۾ اهي ڊرافٽ مڪمل ڪندو
هو.
خانبهادر محمد ايوب
کهڙو ۱۴ آگسٽ ۱۹۰۱ع ۾ پيدا ٿيو. پر اهو بنگلو سندس والد تعمير ڪرايو هو، جيڪو سندس
رهائش ۽ سياسي سرگرمين ۾ ڪتب ايندو رهيو. گل محمد گاد موجب؛ محمد ايوب کهڙي پهرين
اليڪشن ۱۹۲۳ع ۾ حصو ورتو. جنهن ۾ هاڻوڪين اليڪشني سياسي چالن جيان سندس مخالفن اها
چال کيڏي ته ايوب کهڙي جي عمر گهٽ آهي، تنهنڪري ان دور ۾ سندس عمر جو درست تعين ڪرڻ
خاطر، عاقل جي هڪ هٽ واڻئي کي گهرايو ويو، جنهن جي پراڻي دور واري ڳاڙهي بنديءَ تي
ايوب کهڙي جي ڇٺيءَ جو سيڌو سامان خريد ڪرڻ واري تاريخ لکيل هئي. عاقل ڳوٺ جي ان
واڻئي جي گرمکي ۾ لکيل بندي سبب ايوب کهڙو اليڪشن مان نااهل ٿيڻ کان بچي ويو. بعد
۾ ايوب کهڙو اهڙو ته سياست ۾ سرگرم ٿيو جو بامبي تائين سندس تقريرون گونجنديون
رهيون ۽ سندس موقف سان ڪجهه ماڻهن اتفاق، ته ڪجهه ماڻهن اختلاف پئي رکيو.
ايمپائر روڊ واري
ان پراڻي کهڙي جي بنگلي جي هاڻوڪي وارث ڊاڪٽر حميده کهڙو پنهنجي والد بابت لکيل
انگريزي ڪتاب “سياست ۽ جرئت واري زندگي” ۾ لکيو آهي ته ايوب کهڙو ۱۹۲۳ع واري بامبي
ليجيسليٽو اسيمبلي ۾ لاڙڪاڻي جي ٽن سيٽن مان هڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي. باقي ٻه
سيٽن تي ان وقت سر شاهنواز ڀٽو ۽ ڪريم بخش جتوئي ڪامياب ٿيا هئا. ڊاڪٽر حميده کهڙو
ته پنهنجي والد کي ڏکڻ ايشيا جو وڏو صوبائي اڳواڻ ڪري پيش ڪيو آهي. جنهن ۾ هن مثال
ڏيندي لکيو آهي ته جيئن ان وقت پنجاب جو فضل حسين هو، اين ڊبليو ايف پي جو خان
عبدالغفار خان هو يا بنگال جو جيوتي باسو هو. ورهاڱي کان اڳ واري سياسي سرگرمي سبب
ايوب کهڙو لاڙڪاڻي واري بنگلي تي گهٽ ترسندو هو پر جڏهن به ڳوٺ ايندو هو ته
ايمپائر روڊ واري بنگلي تي ئي ترسندو هو. هاڻي ته اهو بنگلو، سياسي ويراني جو شڪار
آهي. پر گل محمد گاد موجب؛ ڪنهن دور ۾ ان کهڙي هائوس ۾ اسڪندر مرزا ۽ فيروز خان
نون جهڙا وزيراعظم به اچي ترسيا هئا. گل محمد پاڻ به ايوب کهڙي جي ڳوٺ عاقل جو آهي
پر لاڙڪاڻي ۾ هو سندس پاڙيسري رهيو آهي. جنهنڪري کيس اهي ڏينهن ياد آهن جڏهن کهڙي
جي بنگلي تي وڏي سياسي گهماگهمي هوندي هئي.
ايمپائر روڊ جي
آسپاس رهندڙ جهونا ٻڌائين ٿا ته؛ کهڙي جي بنگلي ۾ هيٺ عام خلق جي ويهڻ جو بندوبست
هوندو هو. پر ايوب کهڙو پاڻ هميشه مٿي فرسٽ فلور تي رهندو هو. سندس ويجهن دوستن ۽
سياسي رفيقن مان پير علي محمد شاهه رشدي يا مولوي اسماعيل جهڙا ته بنا پڇئي مٿي
هليا ويندا هئا پر عام ملاقاتي هميشه اطلاع ڪرائيندا هئا. ايمپائر روڊ وارو اهو
بنگلو، ان وقت به سياسي سرگرمين جو مرڪز هو، جڏهن ايوب کهڙو وزير دفاع ۽ بعد ۾
گهرو وزير ٿيو. ايوب کهڙو مختلف وقتن تي ٽي ڀيرا سنڌ جو وڏو وزير رهيو پر هن ڪڏهن
به لاڙڪاڻي واري بنگلي کي وزيراعليٰ هائوس جو درجو نه ڏنو. جنهن ڪري هي بنگلو
هميشه سندس ذاتي گهر جي حيثيت سان سڃاتو ويو.
محمد ايوب کهڙو ۱۹۸۰ع
۾ وفات ڪري ويو ته سندس سياسي عروج پڻ ختم ٿي ويو. ڇو ته سندس ٻن گهروارين مان ٿيل
اولاد، سياست ۾ تمام گهٽ دلچسپي ورتي. سندس وفات کانپوءِ ايمپائر روڊ وارو کهڙي جو
بنگلو ڪجهه سياسي ڪيسن سبب مختصر وقت لاءِ سرڪاري تحويل ۾ رهيو. جنهن ڪري ان بنگلي
کي ڪامرس ڪاليج ۾ تبديل ڪيو ويو، جتي ٻين ڪورسز سان گڏ شاگردن کي ٽائپنگ جا ڪورسز
پڻ سيکاريا ويندا هئا. بعد ۾ اهو بنگلو جڏهن ايوب کهڙي جي وارث ڊاڪٽر حميده کهڙي
حوالي ٿيو ته ان به مختصر رهائش اختيار ڪئي. ايمپائر روڊ سان رهندڙ جهونا ٻڌائين ٿا
ته ڊاڪٽر حميده کهڙو واري زماني ۾ جيڪڏهن ڪو پاڙي وارو پنهنجي اولاد جي شادي تقريب
لاءِ بنگلي جو صحن گهرندو هو ته ڊاڪٽر حميده کهڙو ان جي اجازت ڏئي ڇڏيندي هئي ۽ پاڙي
جي ڪيترن ئي ماڻهن جون شاديون بنا معاوضي ان بنگلي اندر به ٿيون.
لاڙڪاڻي ۾ عاقل جي
کهڙن جا هاڻي ته ڪيترا ئي بنگلا ٿي ويا آهن، جيڪي مختلف پاڙن ۾ مختلف سرگرمين ۾ ڪتب
اچن ٿا. پر ايمپائر روڊ واري کهڙي جي بنگلي جون رونقون، سندس مالڪ ايوب کهڙي جي
وفات کانپوءِ، ختم ٿي ويون آهن. هاڻي اهو بنگلو، سياسي يادگيرين جو هڪ عجائب گهر بڻيل
آهي.
No comments:
Post a Comment