Thursday, June 27, 2019

لاڙڪاڻو واري تجر بلڊنگ جي تاريخي حيثيت - آصف رضا موريو


لاڙڪاڻو واري تجر بلڊنگ جي تاريخي حيثيت
آصف رضا موريو
Image result for Tajar building Larkanoلاڙڪاڻو شهر جي مرڪزي علائقي ۾ موجوده جناح باغ موجود آهي جيڪو ڪنهن دور ۾ نواب ولي محمد خان جي ملڪيت هوندو هيو جنهن جي وفات کان پوءِ سندس ميت کي تابوت ۾ بند ڪري هن باغ جي هڪ حصي ۾ زميني سطح کان چند فٽ هيٺ عارضي تربت “تجر” ۾ رکي ان جي مٿان قبو ٺهيو ويو هيو. فارسي زبان ۾ تجر جو مطلب “عارضي آرامگاهه” ورتو ويندو آهي ان لاءِ هن عمارت ۽ باغ تي بعد ازان اهو ئي نالو پئجي ويو.


نواب ولي محمد خان لاڙڪاڻو جو گورنر هيو جنهن اباڻو علاقو حيدرآباد جي ويجهو ٽنڊوولي محمد خان هيو جتي هن جو خاندان آباد هوندو هيو. سندس جنم ۱۱۶۵ هجري ۾ ٿيو. ۱۲۰۵ هجري کان ۱۲۱۰ هجري واري دور ۾ نواب ولي محمد خان کي سنڌو درياهه جي اولاهين طرف چانڊڪا پرڳڻي (موجوده لاڙڪاڻو، دادو ۽ سکر ضلعا) جو انتظام ۽ حفاظت جو فرض سونپيو ويو. هن پنهنجي دور ۾ لاڙڪاڻو کي خوشحال بڻائڻ ۾ هڙان ۽ وڙان ڪونه گهٽايو.
۱۸۳۱ع ۾ نواب جي ميت کي هڪ تابوت ۾ رکي ان کي تجر باغ ۾ هڪ عارضي جاءِ ۾ دفنايو ويو ته جڏهن سندس وارث لاڙڪاڻو پهچن ته آرام سان ڪنهن مناسب سواري جو بندوبست ڪري ميت کي کڻي وڃن. . ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دورِ حڪومت ۾ اهڙي قسم جي تجرن جون ڪيئي مثالون ملن ٿيون. جيئن رني ڪوٽ جي قلعي جي اندر ۽ حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ به ڪجهه ڪمرن ۾ تجرن وانگر مخصوص ڪمرا ٺهيل ملن ٿا. تقريبن ۲ مهينن کان پوءِ سندس احمد خان پنهنجي والد جي ميت جي تابوت کي تجرباغ واري جاءِ وٽان ڪڍي کيس لغارين جي اباڻي قبرستان واقع پٺاڻ ڪالوني(حيدرآباد) ۾ دفنايو.
تجر بلڊنگ جي ايراضي
تجر بلڊنگ جي احاطي جي مڪمل ايراضي سرڪاري رڪارڊ مطابق ۱۳۹۰۵ اسڪوائر فٽ آهي جنهن منجهان تجر جي قبي جي عمارت قريبن ۱۸۰۰ فٽ ۾ جوڙايل آهي. بقايا ايراضي مان هزار ڏيڍ فٽ قاضي پيٽرول پمپ واروپاڻ ڏانهن وڌائي آيو آهي جڏهن ته باقي تمام ايراضي تي ميونسپل ڪميٽي وارن جو قبضو آهي. جيڪڏهن نواب ولي محمد خان لغاري جي تجر باغ واري ايراضي جي ڳالهه ڪجي ته اهو تمام گهڻي ۽ وسيع پکيڙ ۾ هوندو هيو جنهن کي انگريزن جي دور ۾ ٺهندڙ ريلوي ٽريڪ نانگ وانگي وڪڙ کائيندي پهريون ئي اڌ ڪري ڇڏيو هيو۽ ان جو اڌ حصو ريلوي ٽريڪ جي اولهه ۾ ڇٻر سان سجيل ڪجهه لان آهن جڏهن ته ريلوي ٽريڪ جي اوڀر ۾ بچيل ٽڪڙي ۾ تجر بلڊنگ جي عمارت اچي وڃي ٿي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ان کي جناح پارڪ جو نالو ڏنو ويو هيو جڏهن ته ڪجهه قوم پرست ڌڙن ان باغ کي هوشو پارڪ جونالو پڻ ڏنو هيو. قومي طور تي اسان لاءِ اهو ٻڏي مرڻ جو مقام آهي ته هن باغ جي اصل وارث ۽ لاڙڪاڻو جي بهادر يوڌي نواب ولي محمد خان لغاري جو نالو هن پسمنظر ۾ ڪٿي به ورتو ڪونه ٿو وڃي جنهن جو ڪردار تاريخي ڪتاب هن شهر جي تعمير ۽ ترقي ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ٻڌائن ٿيون.
تجربلڊنگ جي ٻاهرين ڀت جي پاڙ کان ڇت تائين اونچائي ۱۳ فٽ آهي جڏهن ته اولاهين ڀت اتر کان ڏکڻ ويندي ۴۱ فٽ ۸ انچ آهي. ان چورس عمارت ۾ هڪ خاص صفحو آهي جڏهن ته ان جي ٻنهي طرفن کان گيلريون آهن. انهن صفحن جي اوڀر ۽ اولهه ۾ ڪمانن جي مٿان دروازا آهن. اتر ۽ ڏکڻ ۾ هي عمارت پنج ڪمانن ٿي بيٺل آهي ۽ انهن طرفن ۾ موجود ورانڍا به ڪمانن تي بيٺل آهن. بلڊنگ جي چوطرف ٻه فٽ تائين پٿر جي ڪٽنگ جو خوبصورت ڪم ٿيل آهي.
تجر بلڊنگ جي اندروڏي هال جي ڀت ۾ هيٺان ۳ فٽن تائين آسماني فيروزي رنگ جي ٽائيل لڳل هوندي هئي جيڪا هاڻي مڪمل طور ٿي اکڙجي چڪي آهي جنهن جي ماپ۸ باءِ ۸ انچ آهي. اندروني ڀت ٿي ۸ فٽ ۱۰ انچن کان پوءِ ان تي ميناڪاري جو ڪم ٿيل ملي ٿو. عمارت جا اندروني ٿنڀا ۳ فٽ ۴ انچ ٿلها ۽ ۳ فٽ ويڪرا آهن. انهن ٿنڀن وچان اندر طرف وڃڻ لاءِ هڪ ۷ فٽ ۸ انچ ڊگهو۽ ۴ فٽ ۵ انچ ويڪرو (دروازي جيترو) خلا موجود آهي.
تجر جي عمارت ۾ روشني جي دستيابي ۽ هوا جي گزر لاءِ اوڀارئيڻ ۽ اولاهين طرف وڏن وڏن روشندانن کان علاوه عمارت جي ٻاهرئين ڀت سان منسلڪ سرن جي تعمير سان ٺهيل ٻه ٻه دريون اولاهين ۽ اوڀارئين ڀت ۾ ٺهيل آهن جيڪي هڪ لحاظ کان هوا جي گزر گاهه هئڻ سبب عمارت کي اندران ٿڌو رکن ٿيون. تجر جي هي عمارت جيڪا ۸ ٿلهي ٿنڀن تي بيٺل آهي ڪنهن دور ۾ ان جي چارن طرفن ۾ داخلي هجرا رهيا هوندا پر جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ انهن هجرن تي خوبصورت نقاشي سان گڏ ساڳ جا دروازا ٺهرائي هڻايا ويا هيا جن مان اڄ صرف اولاهيون دروازو صحيح سلامت موجود آهي جڏهن ته ٻين ۳ طرفن جا دروازا ڪڍي ان کي سرن سان بند ڪيو ويو آهي. اولاهيون دروازو ۴ فٽ ۵ انچ ويڪرو آهي جڏهن ته ان جي ڊيگهه ۷ فٽ آهي جنهن ۾ سوا ۵ فٽ کان پوءِ هڪ ڪمان ٺاهيندي ٻئي طاق هڪ ٻئي سان ملن ٿا.
تجر بلڊنگ جي تاريخ
هي عمارت پنهنجي نالي “تجر” جي نسبت جيان پنهنجي تاريخ ۾ سدائين عارضي رهي. انگريزن جي دورِ حڪومت ۾ ۱۸۸۱ع ڌاري اها رڪارڊ آفيس جي طور تي استعمال ڪئي ويندي هئي. ان کان ۳ سال بعد ۱۸۸۴ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر آر جائيلس جي نالي تي هتي جائيلس لائيبرري قائم ڪئي وئي هئي جيڪا ان وقت شهر جي اهم ترين لائيبرري سمجهي ويندي هئي بلڪه ڪيترن ئي سالن تائين لاڙڪاڻو شهر جو علمي ۽ ادبي مرڪز پڻ رهي. ورهاڱي کان پوءِ نه رڳو هن لائيبرري جو نالي تبديل ڪري “جناح لائيبرري” رکيو ويو پر ان باغ جو نالو پڻ بدلايو ويو. سال ۱۹۵۸.۵۶ع ۾ تجر جي سامهون ٽائون هال جي نئين عمارت تعمير ٿيڻ تي لائيبرري جو تمام سيٽ اپ اوڏانهن منتقل ڪيو ويو ته تجر بلڊنگ جي اندر مختلف دورن ۾ مختلف معاملا اڏبا ۽ جڙبا رهيا. هڪ دور ۾ هتي لوڪل براڊ ڪاسٽنگ اسٽيشن به قائم ڪئي وئي هئي جنهن کان پوءِ اتي ڪجهه وقت تائين هوٽل هلايو ويو. جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي دورِ حڪومت ۾ سندس حڪم تي هي عمارت پاڪستان نيشنل سينٽرلاڙڪاڻو کي ڏئي آثارِ قديمه وارن کي حڪم ڏنو ويو ته ان جي مناسب مرمت ڪرائن.
ان کان پوءِ هن اڊڙندڙ عمارت جي سٺي طريقي سان مرمت ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ ان وقت آثارِ قديمه پاڪستان حيدرآباد جي ڪنزرويٽر مرحوم ڪليم احمد ان عمارت جي اندر تزئين و آرائش جو ڪم ڪرائڻ لاءِ ملتان کان ڪاريگر گهرايا هيا. پهرئين مرحلي ۾ هن عمارت ۾ ساڳ جي ڪاٺ جا خوبصورت دروازا ٺاهي لڳرايا ويا. ان جي ڪچي پڪي ڀتين تي ٿلهو پلستر ڪيو ويو جڏهن ته ان جي ڀتين جي ٿنڀن جي پاڙ کان قريبن ٽي چارفٽ مٿي تائين گهري آسماني رنگ جون ۷ باءِ ۷ جون خوبصورت ٽائيليون لڳايون ويون هيون. ان کان علاوه ڇت کي به خوبصورت گلڪاري سان مزين ڪرڻ جو ڪم شروع ٿيو پر بدقسمتي سان ان عمارت جي تزئين و آرائش جو ڪم شروعاتي مرحلي ۾ هيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي گرفتار ڪيو ويو ته ان عمارت جو ڪم جتي هيو اتي ئي رهجي ويو.

No comments:

Post a Comment