Friday, August 3, 2012

لاڙڪاڻي جا خفتي ۽ گوئر - جيئل اوڏ


لاڙڪاڻي جا خفتي ۽ گوئر
جيئل اوڏ
لاڙڪاڻي جتي ناميارن سياستدانن، ڏاهن، علم دوستن ۽ ڪلاڪارن کي جنم ڏنو، اُتي وري ڏاندن ۽ ڪُڪُڙن جي شوقينن به جنم ورتو. ڀلا گوئر ڏاند ۽ ڀلي نسل جي ڪُڪُڙن کي ڌارڻ ۽ تيار ڪري وڏن وڏن ميلن ۾ وڏين شرطن تي ويڙهائڻ سندن شوق رهيو. ڪڪڙن جي اهڙن شوقينن کي ”خفتي“ به چيو وڃي ٿو، خفتي جي لغوي معنى آهي (ويڙهائڻ لاءِ پکي پاليندڙ يا سانڍيندڙ)، هونئن به ڏٺو وڃي ته ميل کان سواءِ به ڪڪڙن اسان جي سماجي ۽ معاشرتي زندگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.


پراڻي دور ۾ روڊ رستا ڪو نه هئا، بجلي ڳوٺن تائين اڃا ڪا نه پھتي هئي، مسجدن ۾ لائوڊ اسپيڪر ڪو نه هئا. ملان جي ٻانگ سمورو ڳوٺ ٻڌي ڪو نه ٿي سگهيو، واچون ۽ گهڙيال ڪو نه هئا، وقت جي خبر ڪٿان پوي. جڏهن مان اسڪول ۾ پرائمري پڙهندو هيس ته موڪل ملڻ جو ڪاٿو پاڇي مان معلوم ڪندا هئاسين ته؛ ڀــِتِ جو پاڇو فلاڻي جاءِ تي پھچندو ته گهنڊ وڄندو ۽ موڪل ملندي. ان وقت سمورن استادن وٽ واچون به ڪو نه هيون ۽ نه وري اسڪولن ۾ گهڙيال هئا. وقت جي خبر ڪٿان پوي؟ ڪڙمي ۽ پورهيت ته صبح جو تارو ڏسي اوٿپ ڪندا هئا، پر مٺي ننڊ مان اٿارڻ لاءِ ڪُڪُڙن جا دس اهم هئا. رات جي ٻارهين کان پوءِ هڪ وڳي جي وچ ڌاري ڪڪڙ ٻانگ ڏين (ٻانگ معنى سڏ پڪار) ته ان کي پھريون دس چون. ان وقت ڪچھريون ختم ٿيو وڃن ۽ ماڻهو وڃي آرامي ٿين. وري عصر وقت ۴ وڳي کان ۵ وڳي جي وچ ۾ ڪڪڙن جي ٻانگ کي ٻيو دس چيو وڃي ٿو. ٻئي دس جي ٻڌڻ سان ڪڙمي ڪاري اٿي پون. بيل گاڏيون سامانن سان ڀرجي شھرن ڏانھن نڪريو وڃن. گهر ڌياڻيون جنڊ کڻي، اٽي پيھڻ جي شروعات ڪن ۽ ڏڌ ولوڙڻ ۾ لڳي وڃن.
ٽرڙي ڪُڪِڙ ۲۰ کان ۳۰ تائين آنا لاهي، اصيل ڪُڪِڙ ۸ کان وڌيڪ نه لاهيندي. ۲۱ ڏينھن ڪُڪِڙ آنن تي آرو ڪندي ۽ ان بعد ٻچا نڪري ايندا. آني مان ٻچو ڦٽندو ته ان کي چوزو چيو ويندو آهي. ۱۵ ڏينھن کان پوءِ واري ٻچي کي چورو يا ٽينڊو سڏجي. ان کان پوءِ جيئن وڏو ٿيندو ويندو تيئن ان کي پٺو سڏجي. کڙهن نڪرڻ وقت ان کي دُڏر چيو وڃي، جڏهن کڙهون نڪري ايندس ته چوندا کڙيل. جڏهن ڪڪڙ موٽ کائي ۽ ڪراڙو ٿئي ته ان کي شيخر چون.
هڪ مھيني کان پوءِ نـَرَ کي کنڀ نه نڪرندا پر نر وزن ڪندو ويندو. پر ماديءَ کي کنڀ نڪرندا ويندا ۽ هوءَ وزن نه ڪندي. ۶ مھينن کان پوءِ ٽرڙو ڪڪڙ ٻانگ ڏيندو آهي، ۸ مھينن کان پوءِ اصيل ڪڪڙ ٻانگ ڏيندو ۽ مادي لڳ کڻندي.
ڪڪڙ کي ويڙهه لاءِ تيار ڪرڻ لاءِ پھريائين ان جي کاڌ خوراڪ ۽ ڊوڙائڻ ڏانھن وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو آهي، هن کي خاص قسم جا مصالحا به کارايا ويندا آهن، کيس روزانو ڪلاڪن تائين ڊوڙايو ويندو آهي. ٽپن ڏيارڻ جي مشق ڪرائي ويندي اٿس. ڪوسي پاڻيءَ م ڪپڙو ٻوڙي هڪ هڪ عضوي کي سيڪيو ويندو آهي، ان مقصد لاءِ ته سندس عضوا مضبوط رهن ۽ سيڪو ڏينھن ۾ ٻه دفعا ڪيو ويندو آهي. هي سيکيا ٽن هفتن کان وٺي مھينو هلندي آهي.
ڪڪڙ کي ڦڙڪائڻ (ويڙهائڻ):
ڪُڪُڙن جي ميل کان اڳي جي ڪو نئون ڪُڪُڙ ميدان ۾ لاهيندا آهن ته ان کي ڪنھن ٻئي ڪُڪُڙ سان ڦڙڪائيندا آهن. ڇا ڪندا جو ٻنهي ڪُڪُڙن جون کڙهون ٻڌي (کڙهن مٿان اڳڙيون ويڙهي ڇڏيندا) پوءِ پاڻ ۾ ويڙهائيندس ته جيئن هو زخمي نه ٿين. ڪجهه وقت ڦرڪائڻ کان پوءِ، ڪُڪُڙ جو دم ڏسي ڇڏائي ڇڏيندا.
ڪُڪـُـڙن جي ميل:
ميل شروع ٿيڻ سان خفتي ڏسڻ لائق هوندي آهن، هوڏانھن ڪُڪُڙ پيا ميدان ۾ وڙهندا ته هيڏانھن سندن مالڪن (خفتين) جي حالت اها هوندي ته سندس هٿ ۽ پير پيا هلندا ۽ پيا دانھون ڪندا ۽ چوندا، ”آ پيلا“ ”آ جاوا“ ”اچ اچ“، ”هڻ ڪان“. ڪُڪُڙ کي ٿورو وقت ويڙهائي پوءِ کڻي وٺندا آهن ۽ ڪُڪُڙن کي ڦوڪارو ڏيندا آهن. ڇا ڪندا آهن جو وات ۾ پاڻي جهلي، ڦوهاري وانگر ڪُڪُڙ جي منھن، ڇاتيءَ ۽ کڙهن تي هڻندا آهن، ڪي خفتي ڪُڪُڙ جي منھن کي وات ۾ جهلي ٿورو چوسي ڇڏيندا آهن، پوءِ ڪُڪُڙ جي پٺن تي وات رکي ڦوڪ ڏيندا، ان بعد ڪُڪُڙ جي هڪڙي هڪڙي ٽنگ وٺي سندس سيني سان لائي ٿورو زور ڏئي ڇڏيندا. ڪُڪُڙ کي ويڙهائڻ کان اڳ ۾ سندس کڙهن کي چاڪو سان گهڙي تيز ڪيو ويندو آهي.

ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڪڪڙن جو شوق رکندڙ تمام وڏا ڄاڻ وارا خفتي
پراڻي وقت جا (مرحوم) خفتي:
خير محمد ڪرٽيو، سرائي محمد حسن ڪرٽيو، غلام علي اسراڻ، مير علي نواز ڪلھوڙو-نصيرآباد، حسُو خان کھاوڙ، نيا زعلي مھيسر، مير سيف الله خان مگسي، نورل مغيري، غلام علي شر، علي محمد ڪماريو، صيفل موچي، محمد فائق ۽ راهو خان عاجباڻي، محمد نواز خان ڀٽو-ميرپور ڀٽو، حاجي محمد پريل خان ڀٽو، مرزا خان چانڊيو-جاگير، بخت جمال چانڊيو، حسن علي خان چانڊيو، عبدالرسول چانڊيو، رئيس واحد علي خان چانڊيو، رئيس شمعو خان چولياڻي، محبت ميربحر ڳوٺ لھڻو سامٽيه، هدايت الله موچي، شاهه نواز عرف شانو چانڊيو، وڏيرو احمد خان ڀٽو آگاڻي، ڪاڪو عبدالرحمان، رئيس احمد علي خان آگاڻي، رکيل سونارو، پير عطا الله شاهه راشدي، شمن داروغو آگاڻي، ماستر بچل-خيروديرو، استاد ربن لاکو-موندر لاکا، روشن واهوچو، ڪوڙل ڀان-ڏوڪري، پريل ڀان، رئيس رُڪڻ پنھور، جھان شاهه ايس.پي، فقير محمد ڪلھوڙو-نصيرآباد، صوبيدار عبدالڪريم سامٽيو، صوبيدار منظور ڪلھوڙو، رسول بخش قريشي (لوهر)، مولوي عبدالمجيد چانڊيو، پنھل خان چانڊيو، علي حسن چانڊيو-ماڻاڻي.
هن وقت جا حيات شوقين (خفتي):
سرائي محمد لاکو، سيد ثناءُ الله شاهه بخاري، حاجي غلام رسول واهوچو، يونس واهوچو، ماسٽر غلام حسين مھيسر، عبدالرزاق قريشي، بشير احمد جوکيو، ميان ديدار علي فاروقي، رئيس اعتبار خان چانڊيو، لياقت علي کھاوڙ، ممتاز احمد مارفاڻي چانڊيو، ميجر عزيز حسين اسراڻ، نياز حسين ميراڻي، حاجن سولنگي-لعلو رائنگ، ديدار علي مھر، امير علي چانڊيو، عضمت ميراڻي بئنڪ آفيسر، احمد خان مرزاڻي، علي محمد منگي، حبيب الله لاکو، محبت علي خان ڪرٽيو، سوڀو خان کوسو، نواز علي جويو-نصيرآباد، حاجي لعل ڏنو مغيري، ڪمن وَڪو، رئيس حاجي خان مڪلاڻي، مشتاق علي ڀٽو-ڳوٺ آگاڻي حال رهندڙ لاڙڪاڻو، ممتاز علي اسراڻ-خيرپور جوسو، مولا بخش چولياڻي، انور چولياڻي.
ڪُڪُڙن جو نسل:
مير علي نواز ڪلھوڙو ويٺل آباد لڳ نصيرآباد جو، خيرپور ميرس جي والي مير علي نواز ’ناز‘ جي وفات ٿيڻ بعد، خيرپور فاتحه تي ويو، اُتي کيس باليءَ جي ڀاءُ ’بگي‘ کيس واپس ٿيڻ وقت هڪ مادي ڪُڪِڙ تحفي طور ڏني جيڪا هندوستان جي جهانجهرپور نسل مان هئي. رنگ جي پيلي جنھن کي هڪڙي ٽنگ ۾ سوني ڪڙي پيل هئي ان مادي ڪُڪِڙ مان جيڪي پيلا ڪُڪُڙ َپئدا ٿيا اُهي ويڙهه ۾ تمام گهٽ ماربا هئا ۽ پنھنجو مٽ پاڻ هئا.
حسو خان کھاوڙ جا ڪارڙا ڪُڪُڙَ به تمام مشھور هئا.
ماستر غلام حسين مھيسر وٽ رامپوري نسل جا ڪُڪُڙَ هئا.
نورل مغيري (باراني مغيري) وٽ ٽِڪي موڙ ڪُڪُڙَ مشھور هئا. هن هڪ ڪُڪُڙ مير راجا ٽالپر کي ۱۰ هزار روپين ۾ وڪرو ڪري ڏنو ۽ نورل مغيري ڏهن هزارن ۾ ۱۰ جريب سٺي ۽ آبادي واري زمين خريد ڪئي ۽ هن وقت اُن زمين جي في جريب ۲ لک روپيه قيمت آهي.
ميان ديدار علي فاروقي ڊي.ايس.پي جيڪو پڻ ڪُڪُڙن جو وڏو شوقين آهي ۽ هن وقت به هُن وٽ ڀلي نسل جا ڪُڪُڙ موجود آهن ۽ هنن وٽ انڊيا جي ٽونڪي نسل جا ڪُڪُڙ موجود هئا.
حاجن سولنگي ويٺل ڳوٺ ورند ماڇي لالو رائنڪ وارهه، صيفل موچي کان هڪ ڪُڪِڙ سيد پير شاهه هنيءَ واري جي ڪُڪُڙن جي نسل مان ۽ ٻي ڪُڪِڙ نواب خيربخش مري جي ڪُڪُڙن جي نسل پھاڙي منجهان ملي. ٻنهي ڪُڪِڙين مان ڀلا نسل پئدا ٿيا ۽ حاجن سولنگي هڪ ڪُڪُڙ محبت علي ڪرٽئي کي ڏنو، ان ڪُڪُڙ جي قيمت دبئيءَ جي عرب عبدالله بدوي هڪ لک روپيه لڳائي پر مالڪن اُهو ڪُڪُڙ وڪرو ڪونه ڪيو. حاجن سولنگي جي وڏي خاصيت اها آهي ته هو ڪُڪُڙن جي ٻچن ڪرائڻ ۾ سنڌ ليول تي وڏي ڄاڻ ۽ مھارت رکي ٿو.
عام طور ڏٺو ويو آهي ته بنيادي خفتي پنھنجي ڪُڪُڙن جي نسل کي ڪنھن ڌارئي ماڻهوءءَ کي ڏيڻ پسند نه ڪندا آهن ۽ انھن جو چوڻ هوندو آهي ته اچو ته اوهان کي ڪُڪُڙ ڪھي کارايون ليڪن اسان کان نسل جو ٻچو نه گهرو.
۱97۲ع ۾ مرحوم نياز علي مھيسر جو ننڍو پٽ نجيب الله اسان سان گڏ ڪلارڪ هيو (هينئر هو نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۾ وڏو آفيسر آهي)، اسان آفيس وارا هُن کي هر روز تنگ ڪندا هئاسين ته ”چورو آڻي ڏي ته ڌاريون“. هن جو چوڻ هوندو هيو ته ”ڳوٺ اچو ته اوهان کي ڪُڪُڙ ڪھي کارايان باقي چورو ڪونه ملندو“.
لاڙڪاڻي جو ڪرمان باغ محلي جو اڀرندو حصو ڪوڪڙِي پاڙي سان مشھور آهي ۽ سندن ٻه گهٽيون آهن، هي لاڙڪاڻي جا پراڻا رهواسي مغيري ذات وارا آهن. پراڻا رهواسي مغيري ذات وارا آهن، پراڻي وقت کان وٺي سندن وڏڙا گڏهن تي چڙهي ٻھراڙين مان ڪُڪُڙ وٺي اچي شھر ۾ کپائيندا هئا ۽ سندن ذريعه معاش ڪُڪُڙ خريد ڪرڻ ۽ وڪڻڻ هيو. ٻھراڙين ۾ عورتن کي ڪُڪُڙن پالڻ جو شوق هوندو هيو.  هينئر انھن مغيري ذات جي خفتين جي اولاد تعليم حاصل ڪئي آهي، پاڻ نوڪرين ۾ آهن ۽ لاڙڪاڻي ۾ گهڻي ڀاڱي وڏيون پرنٽنگ پريسون انھن مغيرين جون آهن.
**
لاڙڪاڻي جا گوئر
دنيا ۾ جيڪي به ايجادون ٿيون آهن تن مان بھترين ايجاد ڦيٿو آهي. اها ڳالهه به مڃيل آهي ته دنيا ۾ جيڪو زرعي يا صنعتي، تجارتي انقلاب آيو آهي، سو ڦيٿي جي ڦرڻ سان ئي ممڪن ٿيو آهي. ڦيٿي جي ان صداقت کي معلوم ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن اوهان موهن جي دڙي جي ميوزيم گهمي ڏسندا ته اوهان کي اتي رکيل ڏاند گاڏي نظر ايندي جيڪا اسان جي ٻھراڙي ۾ هينئر به موجود آهي (صرف اتر سنڌ ۾) ۽ ان ڏاند گاڏي کي ڇڪڻ لاءِ ڏاندن جي ضرورت به پوندي، ان ڪري اهي ڏاند به موجود آهن، ان جي ثابتي ميوزيم ۾ رکيل مھرون آهن جن تي ڍڳن جون تصويرون موجود آهن. پليٽ نمبر-9 تي ڍڳن جا مجسما موجود آهن. پليٽ نمبر-۱7 تي مٽيءَ جي بيل گاڏي موجود آهي.
عوام جي وندر لاءِ ڪي وندرون ۽ رانديون ٿينديون آهن جن ۾ ملڪي ماڻهو گهڻي چاهه سان حصو وٺندا آهن، ٻھراڙين ۾ رڇ ڪتن ۽ مِروئن ڪُتن جي ويڙهه به مقبول وندر آهي ۽ اهو ويڙهه وارو ميدان قديم يوناني ارينا (Arena) جو هوبھو نمونو آهن.
پراڻي سنڌي فلم ’پرديسي‘ جيڪا حسين شاهه فاضلاڻي ٺاهي تنھن ۾ مِروئن، ڪُتن جي ويڙهه ڏيکاري ويئي آهي.
ڍڳا ٻن قسم جا هوندا آهن، هڪڙا مال برداري، هر ڪاهڻ لاءِ، ٻيا وري گوءِ ڀڄائڻ لاءِ پاليا وڃن ٿا. گوءِ ڀڄائڻ واري شوق ۾ اميرن سان گڏ غريب به شامل هوندا آهن. گوءِ ڀڄائڻ وقت ڏاندن تي چھبڪن جو وسڪارو لڳي ويندو آهي ۽ ٻلين ذريعي سندن پڇڙ رتورت ٿي ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته سوار ڏاند جو پڇ وات ۾ وجهي ڏدندن سان زور سان چڪ هڻندا آهن ته جيئن ڏاند تيز ڀڄي. گوءِ وارن ڏاندن جي وڏي ٽھل ٽڪور ڪندا آهن، سندن خوراڪ تي وڏو ڌيان ڏنو ويندو آهي ۽ صبح شام گوئر ڏاند کي مالش ڪئي ويندي آهي.
سنڌ اڄ به هڪ زرعي ملڪ آهي. انگريزن جي اچڻ کان اڳ ته پاڻ وڌيڪ زرعي حيثيت هئي، سنڌي ماڻهو ڪافي انداز ۾ ننڍو توڙي وڏو مال رڍون، ٻڪريون ۽ ڳئون پاليندا هئا، هر ڳوٺ ۾ مينھون، ڳئون، رڍون ۽ ٻڪريون جام هونديون هيون. حقيقت ۾ سنڌ جي دولتمند ۽ عزت دار ماڻهو ان کي سمجهيو ويندو هيو، جنھن کي پنھنجو ڳچ چوپايو مال هوندو هو. جنھن ماڻهوءَ وٽ چوپائي مال جو هڪ يا ٻه وهٽ نه هوندو هو ته ان کي نھايت غريب سمجهيو ويندو هو. اڳتي هلي انھن مالوندن جون ذاتيون به سندن ڌاريل مال جي مناسبت سان مشھور ٿيون جيئن ؛
·        سوڍر ذات ائين بڻي جو هڪ مالوند ماڻهو هيو، ان کي ۱۰۰ ڍور هئا ۽ وڏي مان مرتبي وارو ليکبو هيو ۽ ائين هلندي هلندي انھن جي ذات سئو ڍورن مان ’سوڍر‘ ٿي ويئي.
·        بزدار = (بز=ٻڪري) (دار = رکڻ وارا ڌارڻ وارا) ٻڪريون ڌاريندڙ.
·        گاڏهي = مير چاڪر خان جا خاص ماڻهو، جيڪي مير چاڪر جي گڏهن کي چارڻ ۽ سار سنڀال رکڻ وارا هئا.
·        گبول = گابول مان ڦري گبول ٿيا. مير چاڪر خان جا خاص ماڻهو ۽ مير چاڪر جي گابن کي چارڻ ۽ سار سنڀال رکڻ وارا هئا.
·        گائنچا =  (گائن چارن وارا) پوءِ ٿيا ڳئون چارڻ وارا، اڳتي هلي اهي گائنچا سڏجڻ لڳا.
·        ڀاڳيجا = ڀاڳيا - مال وند.
·        ڀاڻ پوٽا =  هي ٻگهين جو پاڙو آهي، هنن وٽ به مال متاع جام هيو ۽ مال جا وڏا وٿاڻ هئا ۽ اهي ڀاڻ پوٽا سڏجڻ لڳا.
لاڙڪاڻي جا مشهور گوئر ڏاند ڌارڻ وارا ۽ سندن ڏاندن جا نالا:
·        نورل مغيري سندس ڏاندجو نالو ”لُنڊي“ هيو.
·        نياز علي مھيسر سندس ڏاند جو نالو ”منڊم ۽ ڦاڙهي“ هو.
·        محمد يامين جتوئي سندس ڏاند جو نالو ”چيتو“ هيو.
·        غلام عمر انڙ سندس مشھور ڏاند جو نالو ”مور“ هو.
·        احمد علي دوسو دڙو سندس ڏاند جو نالو ”ڪَڪِڙي“ هيو.
·        ملوڪ مغيري سندس ڏاند جو نالو ”پَکِي“ هو.
·        ذوالفقار علي اسراڻ سندس ڏاند جو نالو ”ڪارڙِي“ جي نالي سان مشھور هو.
·        چني چانڊئي جو ڏاند ”لغڙ“ به مشھور هو.
·        ڪرم خان جروار جي ڏاند جو نالو ”لغڙِي“ هو.
·        صاحب خان مگسي جي ڏاند جو نالو ”جَهرِي“ هو.
·        سڄڻ چانڊئي جي ڏاند جو نالو ”هُنجرو“ هو.
·        ڇپر چانڊئي جي ڏاند جو نالو ”هرڻو“ هو.
·        ڪمال خان کوسي جو ڏاند ”ريٽو“ جي نالي سان مشھور هو.
پنهنجي وقت ۾ ڏاندن جا بهترين سوار:
علي مردان مھيسر (نياز علي مھيسر جو ڀاءُ)، نورل مغيري، نذر محمد عمراڻي، يامين جتوئي، نورو مگسي، ڏاتر ڏنو چانڊيو.
هن مضمون لکڻ ۾ هيٺين دوستن سھڪار ڪندي مفيد معلومات ڏني:
حاجن سولنگي، ڪريم مغيري، سرمد چانڊيو، نثار مغيري (ڪوڪڙي)، غلام حسين ٻگهيو ۽ سيد اظھر علي شاهه.

No comments:

Post a Comment