Friday, August 3, 2012

سنڌي دائي ۽ سندس لوڪ علاج تاريخ جي آئيني ۾ - جيئل اوڏ


سنڌي دائي ۽ سندس لوڪ علاج تاريخ جي آئيني ۾
جيئل اوڏ
سنڌ هڪ زرعي علائقو آهي ۽ ۸۰ سيڪڙو رهواسي هارپ جو ڪم ڪن ٿا، جيڪي شهر کان پري پنهنجي ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ بلڪل خوش نظر اچن ٿا، هينئر ته هر ننڍي ۽ وڏي ڳوٺ ۾ بجلي به پهچي ويئي آهي. روڊ ۽ رستا به ٺهي ويا آهن، هرهڪ ڳوٺ ۾ هوٽل ۽ انهن ۾ T.V ۽ ڊش موجود آهي. پر پوءِ به ڳوٺاڻا ٻين گهربل سهوليتن کان دور آهن.


ڳوٺاڻي زندگي ۾ ٻه ڪردار اهم آهن جن جي ڳوٺ ۾ وڏي عزت ۽ احترام آهي، هڪ ڳوٺ جو مُلان، جيڪو مذهبي پيشوا هجڻ سان گڏوگڏ حڪيم پڻ آهي. ڳوٺاڻن مَت جي موڙهيل غريبن کي بيماريءَ کان ڇوٽڪاري لاءِ، اولاد ۽ ڀاڳ لاءِ تعويذ ڳچيءَ ۾ ٻڌڻ ۽ پيئڻ لاءِ لکي ڏئي ٿو.
ٻيو ڳوٺاڻو عزت ڀريو ڪردار دائيءَ جو آهي، حالانڪ ڳوٺن ۾ به ڊاڪٽرياڻيون پهچي ويون آهن پر انهن جي ڳاٽي ڀڳي دوائن جي خرچ کان غريب ڳوٺاڻا لهرائين ٿا ۽ پنهنجي عورتن ۽ ٻارن جو علاج دائين کان ڪرائين ٿا، جيڪي پشت با پشت دائپو ۽ سُتين ڦڪين ذريعي علاج ڪن ٿيون.
ڏٺو ويو آهي ته ٻهراڙي کان علاوه شهرن ۾ به نالي واريون دايون ڪم ڪن ٿيون ۽ شهرن جي وڏن وڏن گهراڻن ۾ دائپو ۽ سُتي ڦڪيءَ جو ڪم ڪن ٿيون.
اسلامي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته مسلمانن جي عهد حڪومت ۾ شروعات کان مسلم عورتون، طب ۽ جراحت ۾ ماهر هيون، ان باري ۾ مشهور عورتون؛ اُمِ سليم، اُمِ متاع، اُمِ عطيه ۽ ليلى جنگ جي ميدان ۾ زخمين جي مرهم پٽي ۽ تيمارداري ۾ واکاڻيل آهن.
اسماء بنت ابابڪر صديق، جي علاج جي گهڻي شهرت هئي. رفيده انصاريه بابت بيان آهي ته هي جراحت جي فن ۾ تمام مشهور هئي.
پروفيسر برائون لکي ٿو ته عربن جي شفاخانن ۾ عورتن لاءِ شعبا هئا، انهن ۾ مردن وانگي عورتون به علاج ۽ تيمارداري لاءِ مقرر ٿيل هيون جن کي عورتن ۽ ٻارن جي علاج جي گهڻي مهارت هئي. زنانين بيمارين جي علاج لاءِ حفيه جي ڀيڻ ۽ ڀاڻيجي خاص طور مشهور هيون ۽ خليفي منصور جي حرم ۾ انهن جو ئي علاج هلندو  هو.
ابن ابي اصبيعه پنهنجي ڪتاب ”طبقات الاطباء“ ۾ لکي ٿو ته زينب طبيبه، اکين جي بيمارين ۾ خاص شهرت رکندڙ هئي.“
سنڌ ۾ ديسي طريقي سان علاج ڪرڻ واريون ڏاهيون دايون تمام گهڻيون هونديون، انهن جو تفصيل لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، هرهڪ ضلعي جي باشندي تي فرض ٿئي ٿو ته اهڙن ڪردارن کي اجاگر ڪيو وڃي ته جيئن هڪ تاريخ جڙي پوي.
لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪيترين نالي وارين داين سان ذاتي طور رابطو ڪيو ويو، گهرن جا پنڌ ڪاٽي انهن کان انٽرويو ورتا ويا، ڪي دايون روبرو مليون، ڪن پنهنجن ماڻهن هٿ علاج جا طريقا ڏياري موڪليا، ڪن داين ملڻ کان انڪار ڪيو. پوءِ به آءٌ سڀني جو ٿورائتو آهيان.
دائين جو ٿورو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو ۽ ان کان پوءِ ماءُ ۽ ٻار جي بيماريءَ بابت به علاج ڏجي ٿو، ته جيئن ضرورتمند لاڀ پرائي سگهن.
۱). عنايت عارباڻي جيڪو نئين ٽهيءَ جو سٺو شاعر آهي، رهواسي موٽڻ پور محلو رتوديرو سندس ناني نالي پناهه خاتون زال محمد سليمان عارباڻي (امان ٻُڍي) جي نالي سان مشهور دائي ٿي گذري آهي جيڪا ٽي سال اڳ تقريباً ۹۷ يا ۹۸ سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويئي. سندس والده زيدوءَ نالي به مشهور دائي ٿي گذري آهي. عارباڻي فيملي ۽ آرائين فيملي جي دائي رهي چڪي آهي. ان کان علاوه شير محمد عارباڻي، ميول ڪوٽ، الاهي بخش عارباڻي، محمد عثمان عارباڻي، غلام حسين هڪڙو، وارث ڏنو ماڇي ۽ جان محمد عارباڻي ڳوٺن جي دائي پڻ هئي. چمن اوڏ فيملي، قريشي برادري، راجپوت ۽ آرائين فيملي جي خانداني دائي هئي.
۲). مرحومه مائي بيبل ذات کوکر، سيد محله رتوديرو، جسٽس ديدار حسين شاهه جن جي فيملي دائي رهي چڪي آهي، هن کي اڃا تائين به امان دائيءَ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
۳). مائي حوا زال عرض محمد ذات دايو ويٺل عرضي ڀٽو جا ويٺل پوءِ لڏي اچي لاڙڪاڻي جي محمد پور محلي ۾ ويٺا، ۱۰ سال اڳ وفات ڪري ويئي. سندس عمر وفات وقت ۷۰ سال هئي. علي گوهر آباد محلو، سرهيه محله، محمد پور محله، دڙي محله، غوثپور محله، ڪرمان باغ محله ۽ لاهوري محله جي ڪافي حصن ۾ دائپو ڪندي هئي، پويان ڪابه اولاد ڪانه ٿي. جڏهن وفات ڪيائين ته سندس بينڪ مان رکيل ساڍا چار لک روپيا روڪ مليا.
۴). مائي ڀائت زال محمد صفر قادري جيڪا پنهل ماءُ جي نالي سان مشهور دائي ٿي گذري، سندس رهائش ٽانگه اسٽينڊ ڀرسان هئي، هن ۹۰ سالن جي عمر ۾ سن ۱۹۷۴ع ۾ پنهنجي آبائي ڳوٺ پنجوديرو ۾ وفات ڪئي. لاڙڪاڻي جي مشهور خاندانن، عبدالغفور ڀرڳڙي، اختر جانوري، جوڻيجو فيملي، ڪاسائي پاڙو، جاڙل شاهه محله، دڙي محله، رائل سينما جي سامهون ڪلهوڙا فيملي ۽ سرهيه پڌر محله وارن جي خانداني دائي هئي.
۵). مائي جنت دائي ذات دايو، ويٺل سڄڻ سانگي، پنهنجي وقت جي نامياري دائي ٿي گذري، ۳۰ سال اڳ ۸۰ سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويئي. ڳوٺ سڄڻ سانگي، ڪنگا، فتح پور، ستار ڏنو سانگي ۽ ڳوٺ امام الدين سيد ۾ دائپو ڪندي هئي. مولا بخش سانگي رٽارئڊ سيشن جج، پروفيسر غلام رسول سانگي، پروفيسر محمد علي سانگي، عبدالغفور سانگي، رٽائرڊ وائيس پريزيڊنٽ UBL، سيد پير شاهه رٽائرڊ وائس پريزيڊنٽ UBL، پروفيسر حافظ يار محمد سانگي جن جي خانداني دائي هئي. الله ڏنو ڪنگو جيڪو سيڪريٽري رهي چڪ وآهي، انهن جي به خانداني دائي  هئي.
۶). مائي جادو ذات جي دايو، جيڪا وارهه جي مشهور دائي هئي جيڪا ٻگهيا خاندان ۽ کهاوڙ خاندان جي خانداني دائي هئي، جيڪا ۷۰ سالن جي عمر ۾ ۱۹۸۰ع ۾ وفات ڪري ويئي.
۷). مائي زينب زال عبدالله دايو ويٺل ڳوٺ فريدآباد تعلقه ڏوڪري ۾ گذريل ۲۵ سالن کان دائپو ڪري رهي آهي، هينئر سندس عمر ۷۰ سالن جي لڳ ڀڳ ٿيندي. خاص ڳالهه ته هيءَ دائي فريدآباد ڳوٺ کان ٻاهر نه ويندي آهي. ٻاهر فريدآباد ۾ رهندڙ سڀني خاندانن، سيال، ڀٽا، سيد ۽ منگي فيملي جي خانداني دائي آهي.
۸). مائي حوا زال ربن ذات دايو، ڳوٺ مسوديرو ۹۰ سالن جي عمر ۾ وفات ڪر ويئي جيڪا ڳوٺ مسوديرو ۽ ڳوٺ ميرپور ڀٽو جي دائي هئي.

** علاج بابت **
ٻار جي ڇاتي بند ۽ سهڪي لاءِ:
·        ڌاڳو ۽ ڇمڪڻي: ڦول ڌاڳي مان چپٽي ۽ ڇمڪڻي جا ٻه گهرڙا ڪڍي رات جو پسائي، صبح جو ڳڙ يا مصري وجهي گرم ڪري صبح ۽ شام ٻه چمچا ٻار کي ڇاڻي پيارڻ گهرجي.
نوٽ:  ڪاڙهو هر روز نئون ٺاهڻ گُهرجي.
·        منگلي گهوٽي سنهي ڪري، رات جو ٻار جي سيني تي تيل يا گيهه مکي منگلي جي چپٽي سڄي سيني تي مالش ڪرڻ سان ٻار جي ڇاتي کُلي پوندي.
ٻار جو هاضمو ڪمزور هجي ته:
۴ حصا وڏف باريڪ پيهي ان ۾ هڪ حصو نوشادر باريڪ پيهي پوءِ پاڻ ۾ ملائي رکو، ضرورت آهر مصري ملايو ۽ کاڌي کائڻ کان پوءِ چپٽي ڀري ٻار کي کارايو.
ٻار کي قبضي ٿئي ته:
جهرڪين جي وِٺِ کي تيل ۾ پسائي پاءِ خاني جي اندر وجهو ٻن منٽن ۾ ڪاڪوس اچي ويندو.
ٻار جو پيٽ ڦوڪجي وڃي ته:
پيٺل لوڻ پيٽ تي مليو يا هيرڻ جي پن تي تيل لڳائي باهه تي سيڪي نيم گرم حالت ۾ پيٽ تي لڳايو ته فائدو ٿيندو.
ٻار کير هضم نه ڪري ۽ بار بار الٽي ڪري:
·        ننڍا ڦوٽا تئي تي ٽڙڪائي ان جو سفوف ٺاهيو، ڏينهن ۾ ۲ کان ۳ دفعا چپٽي ڀري ٻار کي چٽايو آرام اچي ويندو.
·        ليمي جون کلون سُڪائي، انهن کلن کي پاڻي ۾ وجهي باهه تي ڪاڙهيو ۽ جڏهن ٿورو پاڻي بچي ته اهو پاڻي ٺاري ٻار کي پياريو ته فائدو ٿيندو.
ننڊ ۾ ٻار ڏند ڪرٽي ته:
سندس ڳچي ۾ چانهه پکيءَ جو پر رات جي وقت ۾ ٻَڌڻ سان شڪايت ختم ٿي ويندي.
نَرن ۾ سور ۽ ٻار ٿيڻ لاءِ پُڙي :
۱. بومادران، ۲. گهوڙا ول، ۳. ساٿر، ۴. سوئا، ۵. گلاب جا گل، ۶. ننڍيون هريڙون، ۷. پنير، ۸. وڏا ڦوٽا، ۹. هُرٻي جو ٻج، ۱۰. ڦودنو، ۱۱.ڪاري ڊاک.
سڀئي شيون ٻن ٻن روپين جون وٺي، سڀني شين کي ڪُٽي ملائي، چئن حصن ۾ ورهائي، هڪ حصو رات جو ڏيڍ پاءُ پاڻي ۾ پسائي رکجي. صبح جو ڳڙ وجهي گرم ڪجي. اڌ پاڻي کڄي وڃڻ بعد ڇاڻي پيئڻ گهرجي.
ٻار ٿيڻ لاءِ پُڙي:
اهو ٻير پاءُ، ڪُٽي ماهواري سنت جي پوئين ڏينهن ۾ پيئڻ گهرجي.
استعمال: ڏيڍ آنو ٻير رات جو پسائي صبح جو ڇاڻي مکڻ ۽ ڳڙ وجهي باهه تي گرم ڪري پيئڻ گهرجي.
نوٽ: وزن ساڳيو، پرٽي پاءُ اهو ٻير ٽي مهينا پيئڻ گهرجن.
خون بيهڻ لاءِ:
موٺ، وڏف ۽ کس کس ڏنڊي ڪونڊي ۾ گهوٽي ڇاڻي پيئڻ گهرجي.
نوٽ: ڦوڳ ڀينڊي ڪري استعمال ڪرڻ گهرجي. خون بند ٿيڻ جي صورت ۾ به اٺ ڏينهن اهو علاج يا وڌائي به سگهجي ٿو. فائديمند آهي.
نرن جي سور لاءِ:
نازبوءِ، سوئا، ساٿر، ننڍڙا ڦوٽا، بوءِ مازنا؛ عورتن لاءِ نرن جي سور لاءِ اڪسير آهي. ڀينڊي ٺاهي استعمال ڪريو.
عورتاڻو پاڻي بند ڪرڻ واسطي :
ماوا، سوپاري، ڪمرڪس، ڪهيرو، ڏاڙهن جي کل، پستن جا گل، ننڍا ڦوٽا، روهڙي ڇوڏو. سڀ ۹ شيون ملائي ملائي، ڪٽي ڦڪي ٺاهي ٻه وزن روزانه وٺو.
وزن: ننڍو چانهه جو چمچو.
عورت ڪنواري محسوس ٿئي:
ننڍي هريڙ، ٻٻر جا ڇوڏا، ماوا.
ترڪيب: ٻٻر جي ڇوڏن کي پاڻي ۾ رنڌي ان جو پاڻي ڪڍي ماوا ۽ ننڍي هريڙ گڏي مهٽي ۽ ان ۾ ننڍڙا ڦوٽا ملايو ۽ ننڍڙي ڳوڙهي ٺاهي استعمال ڪريو ته پوءِ ٻارن واري عورت ڪنواري مثل ٿي پوندي.
ڇاتين جو علاج:
رات جو سمهڻ وقت هيٺين شيون پاڻ ملائي تيل ٺاهي مالش ڪجي.
·        ۱. ڪولڊ ڪريم آئونس، ۲. لينو لائين آئونس، ۳. بادام جو تيل هڪ ڊرام، ۴. سادو ٽنڪچر آف بينس هڪ ڊرام، ۵. گلسرين هڪ ڊرام.
·        زيتون جي تيل سان مالش ڪرڻ سان به ڇاتيون سڌيون ٿين ٿيون.
·        ڇاتين کي ايترو مهٽيو جو اهي ڳاڙهيون ٿي وڃن، ان بعد مينهن جو ڦٽل کير جيڪو گهاٽو ۽ بدبودار ٿي وڃي، اهو ڇاتين تي مليو، ايترو مليو جو اهو خشڪ ٿي وڃي. اهڙي طرح ڏينهن ۾ ٻه دفعا ملڻ سان ٿوري وقت ۾ سينو اڀري ايندو.
·        مئل جونءَ هٿ ڪري تازي ناريل ۾ وجهو جنهن ۾ پاڻي هجي. جڏهن ناريل خشڪ ٿي وڃي ته ان وقت جونءَ ڪڍي، پيهي ڇاتين تي ليپ ڪريو. ان عمل سان لڙڪيل ڇاتيون وڏيون ۽ ٿلهيون ٿي وينديون.
·        ڏاڙهون جي کل هڪ آنو ۽ اندرجو صبح جي وقت پاڻيءَ ۾ پسائي رکيو. رات جو خوب رڳڙي، لڙڪيل ڇاتين تي لڳايو ۽ ان مٿان ڪپڙو ٻڌي ڇڏيو ۽ وري صبح جو ڌوئي ڇڏيو. ائين ڪرڻ سان ۲۰ ڏينهن اندر لڙڪيل ڇاتيون ٺيڪ ٿي وينديون.
·        ڦٽڪڙي ۵ توله، ڪافور ۵ توله، پوست انار ۱۴ توله، انهن سڀني شين کي مهندي وانگر پيهي رات جو سمهڻ وقت ڇاتين تي سنهو ليپ ڪريو. ٿوري عرصي اندر ڇاتيون سخت ۽ درست ٿي وينديون.
چهري جي ڇانئن لاءِ علاج:
1.      منهن تي ڇانيون ٿين ته مينهن جي پاڻي سان منهن ڌوئجي ته فائدو ٿيندو.
2.      منهن تي ڪاراڻ ٿئي ته؛ اڌ ليمون نپوڙي اڌ پاءُ پاڻي ۾ ملائي ان سان منهن ڌوئڻ سان چهري جي ڪاراڻ ختم ٿي ويندي.
3.      انگور، مالٽي ۽ ليمي جي رس چهري تي مَلڻ سان به ڪاراڻ ختم ٿيو وڃي. رس خشڪ ٿيڻ بعد منهن کي ڌوئي ڇڏجي.
پٽ يا ڌيءَ معلوم ڪرڻ واسطي:
1.      ڳورهاري عورت کان ٿڃ جو چمچو ڪڍي پوءِ ان کير جو هڪ قطرو تريءَ تي رکو، جيڪڏهن قطرو تِريءَ تي ڦهلجي نٿو ته سمجهو ته پٽ جي نشاني آهي، جيڪڏهن کير، کنڊڙي وڃي ٿو ته پوءِ سمجهو ته ڌيءَ آهي.
2.      ٻهراڙيءَ ۾ اهو به رواج آهي ته جڏهن جوڳي ڳوٺ ۾ ايندو آهي ته پوءِ جوڳيءَ کي چوندا آهن ته؛ نانگ ڏيکار، ان جاءِ تي ڳورهاري عورت کي به آڻيندا آهن، جيڪڏهن عورت کي پيٽ ۾ پٽ هوندس ته نانگ ٽٻڻي مان ڪيترين مرلين وڄائڻ باوجود به منڍي ٻاهر نه ڪڍندو آهي ۽ جيڪڏهن عورت کي پيٽ ۾ ڌيءُ هوندي ته نانگ بلڪل نڪري ايندو آهي.

حــوالا:
۱).  مٿي ذڪر ڪيل سڀني دائين ۽ سندن عزيزن جن منهنجي مدد ڪئي انهن جا ٿورا.
۲).  عنايت عارباڻي، عثمان سانگي، ”استاد“ گل محمد دايو، غلام حسين ٻگهيو جا ٿورا.
۳).  سائين اظهر شاهه جا ٿورا جيڪي مون سان گڏ هلي دائين کان انٽرويو ڪرائيندا هئا.
۴).  سائين پنهل پنجوديرائي جا ٿورا.
۵).  نياز همايوني؛ سنڌ جي طبي تاريخ- (Vol: I & II).
**

No comments:

Post a Comment