لاڙڪاڻو- يادن جو سفر
جيئل اوڏ
منھنجو ٻالڪپڻو ڌنا سنگهه گهٽي نزديڪ
پراڻي اناج منڊي ۾ گذريو، ٿورو عرصو رهڻ بعد اها جاءِ ڇڏي برهمڻ حويلي نزد کٽاڻ بازار
۾ رهائش ٿي. پنھنجي حياتيءَ ۾ ننڍپڻ کان وٺي هن وقت تائين جيڪو مون ڏٺو، محسوس ڪيو
سو هن پيپر ۾ پيش ڪيو اٿم.
لاڙڪاڻي جي سٻاجهڙن، سادن سودن،
محنت ڪـَشن جو ذڪر آهي جن هتان جي عوام جي خدمت ڪئي، لاڙڪاڻي کي خوشحال ۽ پُر رونق
بنائڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي. ڪردار بلڪل نوان آهن ۽ هِننِ تي اڳ ۾ شايد ڪنھن به قلم
نه کنيو آهي، هي سڀ لاڙڪاڻي جي تاريخ جو هڪ حصو آهن، اميد ٿو رکان ته منھنجي هن غريباڻي
پورهئي کي پسند ڪيو ويندو.
ڌنا سنگھه گھٽي:
هي گهٽي اتر کان ڏکڻ طرف جيلس بازار
کان وڃي نڪري ٿي، پراڻي اناج منڊي جي ڀرسان جيلس واري مين روڊ جي ڀرسان آهي. ڌنا سنگهه
گهٽي جي سامھون روڊ جي اتر ۾ وڏو ميدان هيو ۽ ميدان جي وچ ۾ تمام وڏو بڙ جو وڻ موجود
هيو، وڻ جي ڀر ۾ نلڪو لڳل ۽ پاڻيءَ جو حوض پڻ ٺھيل هو جتان جانور پاڻي پيئندا هئا ۽
ڀرسان نيرولي رنگ جو ڪم ڪندو هيو. بڙ جي وڻ هيٺان گرمين جي مند ۾ ڏاند گاڏيون اچي بيھنديون
هيون. هن وقت ان جاءِ تي وڏيون عاليشان بلڊنگون ٺھي ويون آهن. روڊ جي ڪناري سان وڏن
واپارين جا دوڪان آهن ۽ ڀرسان گهاڙ واهه جي حد ۾ سومرن جا گهر موجود آهن، جيڪي عاقل
کان لڏي اچي هتي ويٺا. ان بڙ واري ميدان جي اوڀر ۾ هڪ بھترين پارڪ هيو ۽ ان ۾ ويھڻ
لاءِ ڪاٺ جون آرامده بينچون موجود هيون. ان وقت باغ جو مالھي مرحوم هادي بخش ميراڻي
جيڪو بھارپور جو رهواسي هو.
پراڻي اناج منڊي جي آمھون سامھون
کوهه هيو ۽ نار جي ذريعي باغ کي پاڻي پھچايو ويندو هيو پاڙي جا ننڍڙا ٻارڙا ۽ پوڙها
ان پارڪ ۾ کيڏندي ۽ ڪچھري ڪندي ڏٺم.
دل جي ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار جي ڏاڏي سرڳواسي
پرڀ داس کي مون صبح ۽ شام جو پسار ڪندي ڏٺو، سندس ننڍو پٽ پرتاب مون سان گڏ پڙهندو
هيو ۽ پوءِ هو انڊيا هليو ويو. وقت جي حاڪمن ان پارڪ کي ختم ڪري ان جي مٿان M.C.B
بينڪ تعمير ڪرائي ڇڏي. ان پارڪ جي سامھون ابڙن واري گهٽي جي مُنھن
۾ هوتو مل جي مانڊلي هئي، مانڊلي هينئر به موجود آهي ليڪن هوتو مل ڪونھي ۽ نه وري اهي
کٽمٺڙا ۽ بسڪوٽ ئي موجود آهن جن جي کائڻ سان ۽ ان جي سواد مان دل ئي ڪانه ڍاپندي هئي.
جيلس بازار ڀرسان، گهاڙ واهه جي
ڪناري تي گھه بازار هئي جتي پراڻي وقت ۾ مکڻ سان ڀريل ٻيڙا اچي لنگر انداز ٿيندا هئا،
هندوستان جي ورهاڱي کان اڳ سيٺ آلو مل ڀوڄو مل گھه جو وڏو واپاري هيو، جڏهن هندوستان
ويو ته سندس ڪاروبار وارو سمورو سامان حبيب خان ۽ حاجي ننھي خان کانئس ورتو. ۵۵- سال اڳ مون اها گھه بازار ڏٺي ۽ منھنجو صبح شام اچڻ وڃڻ اُتان ئي ٿيندو هيو.
۸ يا ۱۰
دوڪان هڪ ئي لائين سان هيا، حبيب خان جا چار دوڪان هئا، ان
جي ڀرسان سميع ڀائي جو دوڪان هيو، اڪبر ڀائي ڪاٺياواڙي جو دوڪان هيو، پريل شيخ جو به
دوڪان هو. ڪوهري مل ۽ محمد امين جو دوڪان هيو، اهي ٻئي ڪاروبار ۾ ڀائيوار هئا. محمد
امين جو پٽ عظيم جيڪو منھنجو ڪلاسي هيو پيءُ جي مرڻ بعد ساڳيو گھه جو ڪاروبار ڪندو
هيو، هينئر اهو به گذاري ويو آهي. بازار جي هيءَ رونق هئي ته هرهڪ دوڪان جي سامھون
ٻه ٻه ٽي ٽي وڏيو تيون مکڻ سان ڀريل موجود، جن کي رجائي گھه تيار ڪندي ڏٺم. هرهڪ وڏي
تئي ۾ ۱۰ مڻ گهه
ماپي سگهندو هو. قريشي سيٺين کي ان وقت خاص نسل جي ٻڪرن پالڻ جو وڏو شوق هيو ۽ مون
ڪيترا ڀيرا ڏٺو ته اُهي ٻَڪرا منھن وجهيو تئين مان گهه پيا پيئندا هئا. اڃا ڊالڊا بناسپتي
جو دور شروع ڪونه ٿيو هيو ۽ هرهڪ غريب توڙي امير اصلي گھه واپرائيندو هيو. هِن وقت
ان پراڻي بازار ۾ گھه جو هڪ به دوڪان موجود ڪونھي. پراڻي گھه بازار جي (روڊ جي ٻئي
طرف) اتر ۾ هينئر به صابر حسين قريشي ولد ننھو خان جو دوڪان موجود آهي. حبيب خان، صابر
حسين جو نانو هيو، ۽ اهڙي طرح قريشي خاندان جو پشت با پشت اهو ڪاروبار هلندو ٿو اچي
۽ جيڪي وڏيون تيون گھه تيار ڪرڻ لاءِ ڪم آنديون وڃن ٿيون آلو مل ڀوڄو مل کان ورتيون
ويون سي بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهن ۽ هينئر به معلوم ائين ٿيندو ته ڄڻ نيون خريد ڪيون ويون آهن.
غالب ننگر محلو:
هي لاڙڪاڻي جي ڳتيل آبادي وارو محلو
آهي، هن ۾ NTC ۽ PTCL
جون آفيسون، سندن رهائش واري ڪالوني، مشعل اسڪول ۽ وڏا رهائشي بنگلا
آهن، ڀر ۾ گيان باغ ۽ ننڍو مڇي مارڪيٽ ۽ تيل پيڙڻ وارا ڪارخانا آهن. پراڻي وقت ۾ ڪجهه
به ڪونه هيو، گيان باغ واري طرف کان ٻنيون هيون، انبن ۽ کجين جا باغ هئا. ولي خان اهي
سموريون ٻنيون جيڪي هندن جون هيون ڪليم ۾ حاصل ڪيون ۽ پوءِ وڻ ڪٽائي پلاٽ وڪرو ڪيا.
ولي خان جو چوڻ هيو ته غالب ننگر ۾ ڪابه ڪچي جاءِ نه ٺهي ۽ پڪيون جايون هجن ۽ پلاٽ
به پوءِ انھن ماڻھن کي ڏنا ويا جن پڪيون جايون ٺھرايون ۽ توهان هينئر به ڏسندا ته غالب
ننگر ۾ وڏا وڏا بنگلا ۽ پڪيون جايون آهن ۽ اُتي ڪنھن به ڪچي جاءِ جو وجود ڪونھي.
ولي خان پاڻ پڙهيل لکيل ماڻهو هيو
۽ غالب جو پرستار هيو، ان ڪري ڪالونيءَ جو نالو به پاڻ ئي ”غالب ننگر“ رکيو هيو. ولي
خان جي مرڻ کانپوءِ سندس ملڪيت سعيد خان، سندس سالو سنڀالڻ لڳو، سندس رهڻ واري جاءِ
علي گوهر کھڙي واري بنگلي جي آمھون سامھون هئي ۽ جاءِ تي مليح آباد هائوس جو نالو لکيل
هيو. سندس سموري ملڪيت امان الله شيخ عريضي نويس نزد قائم شاهه بخاري وڪرو ڪئي ۽ ولي
خان جو منشي الله بخش مغيري هيو.
ولي خان جا ٻيا پلاٽ ايمپائر ٽاڪيز
جي اوڀر ۾ به هئا (جتي پراڻي وقت ۾ ڦاروَن جا باغ هئا) اهي ٻنيون پلاٽن جي صورت ۾ وڪرو
ٿيون ۽ پوءِ اهو محلو سميع آباد جي نالي سان مشھور ٿيو. سميع آباد محله قافله سراءِ
جي اوڀر ۾ آهي.
مال پڙي ۽ ڌوٻي گھاٽ:
جتي هنيئر هريجن ڪالوني آهي اُتي
ڪنھن وقت ۾ باغ هيو ۽ راڻي باغ جي نالي سان مشھور هيو. اتي سنگ مرمر جو حوض هيو جيڪو
مون پاڻ ڏٺو. باغ ڊهڻ کانپوءِ اتي اورئين پاسي سرڪس ۽ ڪارنيوال لڳنديون هيون. اڳتي
هلي باغ جي اولهه واري پاسي مال پڙي لڳندي هئي، ان مال پڙي جي ميدان تي مون سائيڪل
هلائڻ سکي. ان وقت مال پڙيءَ جا ٺيڪيدار محمد حسن گاد ۽ غلام نبي ڪوري هئي، جيڪي عاقل
جا رهواسي هئا. محمد حسن گاد پھريائين خان بھادر کھڙي جو بورچي هيو ۽ پوءِ کھڙي صاحب
راضي ٿي کيس ٺيڪا ڏنا. محمد حسن گاد جو وڏو پٽ ڊاڪٽر عبدالغفور گاد ۽ ننڍو پٺ غلام
علي سئي گيس ۾ انجنيئر آهي.
گهاڙ واهه ذريعي ٻيڙين تي فروٽ ايندو
هيو، زيتونن جي مند ۾ زيتون، انبن جي مند ۾ انب ۽ کارڪن جي مند ۾ ٻيڙيون کارڪن سان
ڀرجي اينديون هيون، گهاڙ ۾ مڇي به مرندي هئي خاص ڪري شڪاري ڪنڍيءَ ذريعي مڇي ڦاسائيندا
هئا. ڊي.سي اسڪول کان هلندي اوڀر تائين گهاڙ ڪناري ڌوٻين جا ڪپڙي ڌوئڻ وارا ڦرها موجود
هوندا هئا ۽ عصر وقت، اذان سان گڏ ڌوٻين جي ’آشو آشو‘ شروع ٿي ويندي هئي ۽ ڌوٻين جو
اهو سٽڪو ۽ ڪُٽڪو سڄي شھر وارا ٻڌندا هئا. گهاڙ ڪناري انبن ۽ پپرن جا وڏا وڻ هئا ۽
گرميءَ جي موسم ۾ ڌوٻي وڻن جي ڇانوَ ۾ ويھي گڏجي ماني کائيندا هئا مون به ڪيترا دفعا چاچي مرحوم بھادر لاڙ جي وڏي
پٽ عبدالحميد سان (جيڪو منھنجو ڪلاسي هو) گڏجي اتي ماني کاڌي (چاچو بھادر کٽڪو ڪم ڪندو
هيو ۽ عبدالحميد زرعي بئنڪ ۾ ريجنل آپريشن آفيسر جي عھدي تي گولڊن هينڊ شيڪ ورتي).
گهاڙ ڀرسان ڪپڙن سڪائڻ لاءِ وڏو ميدان هيو ۽ جنھن جي مٿان ڪمند جا ٻوٽا رکيل هئا ته
جيئن ڪپڙا هيٺ ڪري ميرا نه ٿين. بھادر لاڙ، امير بخش، احمد بخش، ڌڻي بخش سومرو، يعقوب
سومرو، محمد پريل سومرو، اڪن ۽ مجيد سومرو، حبيب الله سومرو، محمد قاسم، عبدالۡرحيم
۽ ماستر روشن ڌوٻي گهاٽ جي زينت هئا. موسى لانڊري لاڙڪاڻي جو بھترين کٽڪو دوڪان هيو،
هن لانڊريءَ جو ڪپڙن ڌوئڻ ۽ سڪائڻ جو الڳ ڪارخانو هيو.
سڪو تلاءُ:
ڪينيڊي مارڪيٽ جي ڏکڻ ۾ روڊ جي پرئين
طرف وڏو ميدان هيو ۽ ان تي ميونسپالٽي وارا گند اڇلائي ويندا هئا ۽ ان ايراضيءَ کي
سڪو تلاءُ چيو ويندو هيو. پراڻي وقت ۾ هندو اتي دسھڙو ملھائيندا هئا. پھريائين ان جاءِ
تي لال بخش لانگاهه ڪچو منھه اڏي مينھون ڌارڻ شروع ڪيون ۽ کير وڪرو ڪرڻ لڳو، ان بعد
ٽڪيٽ گهر جي طرف کان عاقل جا گاد شمن گاد سندس والد قادن ۽ سندس ڏاڏو (نالو ياد ڪونھي)
اچي ويٺا ۽ مينھون ڌارڻ ۽ کير وڪرو ڪرڻ جو ڪاروبار ڪيائون، رونگهن به گهر اڏيا ۽ پاسي
سان سرائي علي نواز ڪناسري (سرن جي بٺي واري پنھنجي اوطاق ٺھرائي. ان بعد سموري ميدان
تي قبضا ٿيا ۽ وڏيون جايون جُڙي ويون.
ٽانگن جو شوق:
لاڙڪاڻي جي پھرين ريلوي اسٽيشن ريلوي
لائين جي اولهه ۾ هئي، هاڻوڪي ريلوي اسٽين پ پ جي دور ۾ جڏهن غلام مصطفى جتوئي سنڌ
جو وڏو وزير ٿيو ان وقت جُڙي راس ٿي ۽ اها پراڻي ريلوي اسٽيشن جي آمھون سامھون ۽ ريلوي
لائين جي اوڀر ۾ آهي، جنھن وقت پراڻي ريلوي اسٽيشن هئي ته لاڙڪاڻي ريلوي لائين جي اولھه
طرف جو اوج هيو ۽ اوڀر طرف گند ڪچري جا ڍير موجود هئا ۽ ڪابه ترقي ڪانه هئي. پراڻي
وقت ماڻهو ٽانگن تي سواري ڪندا هئا، موٽر، ڪارن ۽ رڪشائن جو وجود ڪونه هيو. لاڙڪاڻي
۾ هونءَ ته ڪافي ماڻهو ٽانگن رکڻ جا شوقين هئا پر، ڪاڪي ڪوڙي مل ۽ مرحوم غلام عباس
جي مٽ ڪوبه ڪونه هو. ڪاڪي ڪوڙي مل وٽ ’ڏيئي‘ نالي هڪ ملازم هيو جيڪو گهوڙن ۽ ٽانگن
جي سار سنڀال ڪندو هيو. ڪاڪي ڪوڙي مل جا گهوڙا ۽ ٽانگا گؤشالا (ڪوثر مل محله) ۾ بيھندا
هئا. غلام عباس وٽ وڪٽوريه بگي هئي ۽ پاڻ ان تي سواري ڪندو هيو. ان وقت ميونسپالٽي
طرفان ٽانگي سينگارڻ تي (گهوڙو ۽ بگي) تي نمبر ملندا هئا. جنھن جي خاص ٽيم هوندي هئي.
ان ۾ ضلع جو سپرانٽينڊنٽ آف پوليس، جانورن جو ڊاڪٽر، ٽانگه يونين جو صدر ۽ ميونسپالٽي
جا آفيسر وغيره. ٻنھي کان پوءِ بعد ۾ عزيز الله حاجاڻي جا به ڀلا ٽانگا هئا ۽ هي به
وڏو شوقين هيو.
قادرين جون ڳئون:
لاڙڪاڻي جي قادرين وٽ مخصوص نسل
جو ڳئون هيون جيڪي سڄو ڏينھن ڇُڙواڳ ڦرنديون رهنديون هيون ۽ جڏهن ٿڪجي پونديون هيون
ته گهٽيءَ ۾ يا ميدان ۾ ليٽي پونديون هيون. پنھنجي ايريا کان ٻاهر نه نڪرنديون هيون.
اتر طرف امام بارگاهه يا کھڙي جو بنگلو، اوڀر ۾ کچي امام بارگاهه ۽ ڏکڻ ۾ ديني مدرسو،
ريشم گهٽي طرفان واحد بخش ٻگهئي جي بنگلي جي وچ واري ٽڪري ۾ رهنديون هيون. چورن وڏي
ڪوشش ڪئي ته ڳئون شھر کان ٻاھر چورائي ڪڍجن پر هو ان ۾ ڪامياب نه ٿيا. باقي انھن جي
کير بابت به اهو ٻڌايو ويندو هيو ته ان کير ۾ بصرن جي حوس هوندي هئي، ڇو ته ڳئون سمورو
وقت مارڪيٽ مان اڇلايل بصرن جا پن ۽ ٻيون سبزيون کائينديون رهنديون هيون، هينئر اهي
ڳئون ڪونھن.
ڪاسائي:
مشتاق حسين انصاريءَ جو ڏاڏو فضل
الدين ۽ سندس ڀاءُ رحيم بخش گجرانوالا پنجاب کان لڏي سن ۱۸۵۰ع ۾ لاڙڪاڻي آيا ۽ چمڙي جو ڪاروبار شروع ڪيائون ۽ هتان جو چمڙو روس موڪليندا
هئا. جڏهن چمڙي جي ڪاروبار ۾ لاٿ آئي ته سندن اولاد مان حاجي الھه ڏني لاڙڪاڻي ۾ گوشت
جو دوڪان کوليو ۽ سندس ٻئي ڀاءُ مولا بخش به اهڙو دوڪان ڪڍيو ۽ ان بعد الله رکئي به
ساڳيو ڌنڌو شروع ڪيو، هيءَ ڳالهه ۱۸۰۰ع جي پڇاڙي
۽ ۱۹۰۰ع جي شروعاتي دور جي آهي.
لاڙڪاڻي جو انگريزيءَ جو مشھور پروفيسر
ولي محمد ڀٽي ٿي گذريو آهي، جيڪو باقراڻي روڊ تي رهندڙ هيو. ان جي ڏاڏي به ان وقت گوشت
جو دوڪان کوليو. ولي محمد ڀٽيءَ جي پيءُ ۽ چاچي کي به گوشت جو دوڪان هيو. چانڊين جا
به دوڪان هئا جن مان امام بخش ۽ ولي محمد چانڊيو مشھور هئا.
لـُنڊن (بلوچن) جا به گوشت جا دوڪان
هئا. هي سڀ ننڍي ٻاڪري گوشت جا دوڪاندار هئا ۽ جيڪو مارڪيٽ ۱۹۳۴ع ۾ امير علي لاهوري جي نالي سان قائم ٿيو هي سڀ اُتي ئي ڪاروبار ڪندا هئا.
اڌ ڪلو گوشت خريد ڪرڻ تي هڪ ڪپور، هڪ تِري ۽ جيري جو ٽڪرو ڦري ملندو هيو ۽ تور به بلڪل
صحيح هوندي هئي. انصاري برادرن مان مشتاق حسين، احسان، آغا حسين ۽ سندن سوٽن ظفر اقبال
وغيره به ساڳيو ڪاروبار ڪيو پر هينئر اهو ڪاروبار انصاري برادرن بلڪل ختم ڪري ڇڏيو
آهي.
وڏي گوشت جي مارڪيٽ ايوب کھڙي جي
پراڻي بنگلي جي پويان جعفري امام بارگاهه جي ڀرسان هئي ۽ اهو ڪاروبار علي گوهرآباد
جا انصاري ڪندا هئا پر پوءِ اميري رند جي جهيڙي بعد اهو مارڪيٽ ختم ٿي ويو.
مڇي وڪڻڻ وارا:
اڄڪلهه مڇي اوهان کي لاڙڪاڻي جي
باقراڻي روڊ تي، لاهوري محله (رائيس ڪئنال ريگيوليٽر ڀرسان) گجڻ پور چوڪ ننڍي جيلس
بازار ۽ وڏي مڇي مارڪيٽ (جيڪا هينئر ٺھي آهي) تي ملي سگهندي، پر اڳُ هڪ ئي مڇي مارڪيٽ
هئي ٻئي طرف گوشت مارڪيٽ هئي. اصل پراڻا مڇي فروش هئا، الاهي بخش ميربحر ويٺل وليد،
زوار جمن، زوار شيرل ميربحر جيڪي بھارپور جا رهواسي هئا، قادر بخش (قادن) عاقل جو ڪوري
هيو جيڪو مارڪيٽ ۾ صرف پلا کپائيندڙ هيو ۽ سٺا پلا به ان کان ئي ملندا هئا. لاهوتي
ميربحر ويٺل علي گوهرآباد جو به پلا کپائيندڙ هيو، پلا ٻن قسمن جا هوندا هئا هڪڙا آنيارا
۽ ٻيا کيرا. عاقل جا ٻيا ڪوري، مرحوم گل حسن ڪوري الله رکئي جو پٽ ، محمد پيارل ۽ ان
جا پٽ ماسٽر حاجي خان، سڪندر علي، محمد عمر مڇي فروش هئا. محمد قاسم ۽ محمد يعقوب ٻئي
ڀائر ڪميشن ايجنٽ هئا. هن وقت شير محمد ولد محمد حيات هن وقت تائين وڏو ڪميشن ايجنٽ
۽ مڇي جو وڏو واپاري آهي. لاڙڪاڻي جي مڇي خاص ڪري شاڪُـرَ، مَلي (پوئڪي)، سيڱاري ۽
کڳو پنجاب موڪليو وڃي ٿو ۽ هي مڇي اتي وڏي اگهه ۾ وڪامي ٿي ۽ اتان جا ماڻهو وڏي شوق
سان کائن ٿا.
پراڻي وقت ۾ تور بلڪل صحيح ۽ اُٽل
سان ملندي هئي، ليڪن هن وقت بي ايماني وڌيڪ آهي، ڀلي مڇي ۽ ڪِني مڇي ملاوٽ ڪري هلائين
ٿا.
هيئر ڪٽنگ سيلون ۽ پنهنجي
وقت جا بهترين ڪاريگر:
لاڙڪاڻي جو بھترين ڪاريگر استاد
گدا علي منگي مرحوم جي سيلون شاهي بازار روڊ جي اولهه طرف هئي (هينئر شايد ان جاءِ
تي سلائي مشينن جو دوڪان آهي). استاد محمد بخش منگي جي سيلون پاڪستان چوڪ کان اورتي
جتي هن وقت ديوان نانوائي جو دوڪان آهي، ان جي ڀرسان هئي. استاد رسول بخش منگي جي سيلون
هئي جناح باغ روڊ سان اوڀر طرف جتي اڳي بار هئي. استاد حمزه علي کوکر جي سيلون محمد
ايوب کھڙي جي پراڻي بنگلي جي ڀرسان هئي. استاد عظيم وڏو کل مک ۽ ڀوڳائي هيو، سندس سيلون
شاهي بازار ڪينيڊي مارڪيٽ واري روڊ سان شروع ۾ هئي. استاد محمد سچل منگي جي سيلون انڙ
گهٽي جي مُنھن ۾ هئي. استاد روشن سمون پھريائين کٽاڻ بازار ۾ پنھنجي سيلون تي ڪم ڪندو
هيو پر پوءِ اتان دوڪان بند ڪري پاڪستان چوڪ کان مڇي مارڪيٽ ويندڙ روڊ سان سيلون کولي
جتي هاڻي المڪه فرنيچر سينٽر آهي.
رضوان عمراڻي جي ”مدر گئلري“ جي
ڏکڻ ۾ ۳ عدد هيئر ڪٽنگ سيلون هيون،
انھن مان هڪ تي استاد حال جي نالي سان وڏو ڪاريگر ڪم ڪندو هيو. انھن سيلون کان علاوه
ڪاريگر مختلف جاين تي صندل رکيو پنھنجي ڪِرت ڪندا هئا. جيلس بازار ۾، مسجد جي ڀر ۾
اوڀر طرف، ٻير هيٺيان ٽي چار ڪاريگر صندل رکيو ويٺا هوندا هئا. انھن مان مرحوم علي
گوهر منگي به هڪ هيو ۽ اهو وقت اُن جي ڀرپور جواني جو هيو، ان ڪم کان پوءِ هو وري ايمپائر
ٽاڪيز تي فلم مشين آپريٽري ڪندو هيو، جڏهن پوڙهو ٿيو ته نظر کان ويھجي ويو هيو. پاڻ
ٻڌائيندو هيو ته فلمن جي شوق ڪري مشين آپريٽر ٿيس ۽ ڪاربان راڊ جي سڙڻ سان جيڪا روشني
پئدا ٿيندي هئي ان روشني اکين جو نور کسي ورتو.
استاد انور علي کوکر جي سيلون نظاماڻي
ليبر هال جي آمھون سامھون روڊ جي ٻئي طرف گهٽي ۾ قائم آهي. پھريائين ۱۹۶۸ع ۾ پراڻي ٽڪيٽ گهر جي ڀرسان محمد پنھل نيرولي جي ڀرسان ڪئبن هئي، ۷۴-۱۹۷۳ع ۾ هن کي اتان بيدخل ڪيو ويو ۽ ڀُٽي صاحب سنڌ پراونشل ڪوآرٽيو بينڪ جي ڏکڻ
۾ دوڪان ٺھرائي ڏنو ۽ زمين وارو ٽڪرو ليز تي الاٽ ڪري ڏنو ويو. ليڪن جڏهن بينڪ ڊاهي
نئين بلڊنگ ٺاهي ويئي (جتي هينئر نادرا جي آفيس آهي) استاد انور کي اتان به زوري اُٿاري
ڇڏيائون.ا ن واعدي سان ته توکي دوڪان به ٺھرائي ڏينداسين ۽ ٻيون به مراعتون ڏنيون وينديون
ليڪن افسوس ته ان عظيم انسان کي جيڪو انسان ذات جو همدرد ۽ هڏڏوکي آهي، جنھن کي هن
وقت تائين ڪجهه به نه مليو آهي. ذاولفقار علي ڀٽو صاحب به استاد انور کوکر کان پنھنجا
وار ٺھرائيندو هو جنھن سبب استاد انور کوکر ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي پاڻ ۾ ويجهڙائي هئي،
ان ڪري ئي ڀٽو صاحب هاڻوڪي نادرا آفيس جي ڏکڻ ۾ هڪ پلاٽ جي ليز استاد انور جي نالي
ڪرائي کيس دوڪان ٺھرائي ڏنو.
آرٽسٽس:
منھنجي آرٽسٽس مان مراد آهي پينٽر،
جڏهن مان ميونسپل اسڪول ۾ پڙهندو هيس ته ڊرائينگ به لازمي سبجيڪٽ هيو، ان ڪري ڊرائينگ
هال ۾ ڊرائينگ جو پيرڊ اٽينڊ ڪيو ويندو هيو، ان وقت ناصر صاحب ڊرائينگ ماسٽر هيو جيڪو
وقت جو مڃيل استاد هيو، ان جي خاص ڳالهه اها هئي ته هِن ڪڏهن به ڪنھن ساهه واري شي
جي ڪابه تصوير پينٽ ڪانه ڪئي، سندس ڪافي شاگرد وڏا آرٽسٽ ٿيا. جن مان خليق، حڪيم ۽
اظھر پڻ هئا. استاد حفيظ کونھاري جو والد مرحوم حامد الله پي.وي اسڪول ۾ پرائمري ٽيچر
هيو پر پاڻ وڏو آرٽسٽ هيو، سندس ٺاهيل تصويرون هن وقت به سندس اوطاق ۾ لڳل آهن، جن
جو جواب ڪونھي، پاڻ ڪپڙي تي ۽ شيشي تي به پينٽ ڪندا هئا. پڻ ٽڪليون به جمع ڪندا هئا.
سندس فرزند حفيظ کونھارو پائلٽ هاءِ اسڪول ۾ ڊرائينگ ٽيچر آهي. سائين مرحوم مصري خان
سانگي ڊرائنگ ماستر هئڻ سان گڏ ڊرامه آرٽسٽ پڻ هو جنھن ڪيترائي ڊراما ڪيا. سائين قلندر
بخش ڪلو ڊرائنگ ماستر هئڻ سان گڏ اسٽيج ۽ ٽي.وي آرٽسٽ پڻ آهي جيڪو هن وقت رٽائرمينٽ
جي زندگي گذاري رهيو آهي. سائين پيرل سولنگي پراڻو ڊرائنگ ماستر هن وقت پبلڪ اسڪول
لاڙڪاڻو ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. سائين فضل ڪريم ’ادا قاضي‘ پڻ هڪ بھترين آرٽسٽ آهي جيڪو
گهڻو وقت پائلٽ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ استاد رهيو، پاڻ اديب هئڻ سان گڏ ڊرامه نگار پڻ آهي.
پائلٽ اسڪول ۾ سروس دوران سائينءَ ڪيترن ئي شاگردن کي سکيا ڏني جن مان محمد اعظم چانڊيو
جيڪو سنڌيالاجي ۾ به رهيو هڪ سٺو آرٽسٽ آهي. سائين محمد ايوب گاد هڪ سٺو آرٽسٽ هئڻ
سان گڏ ٽي.وي ڊائريڪٽر پڻ آهي ۽ صوفي ازم بابت کيس ججهي ڄاڻ آهي.
جڏهن فلمن جو اوج هيو ۽ سکر کان
محبوب ۽ لياقت جلال به لاڙڪاڻي ۾ فلمن جا وڏا پوسٽرس ۽ بئنرس اچي ٺاهيندا هئا. لاڙڪاڻي
۾ ٽي سئنيمائون رائل، نگار ۽ ايمپائر هيون، قلوپطره ۽ المنظر پوءِ ٺھيون پر هن وقت
سواءِ قلوپطره سئنيما جي سڀ سئنيمائون ڊهي چڪيون آهن. اُن وقت امداد لاڙڪ (جنھن جو
ٽريڊ مارڪ ٻه کجيون هيون) ۽ مقبول ٻئي ڀائر کھڙي جي بنگلي جي ڀرسان ڪم ڪندا هئا ۽ ٻنهي
جا الڳ الڳ دوڪان هئا. ۱۹۸۰ع کان پوءِ استاد ارشاد ۽
امداد جوکيو Twins جي نالي سان مشھور آهن (هي
ٻئي جاڙا ڀائر آهن) بئنرس ٺاهڻ جو ڪم ڪندا هئا. استاد نذير سمون، وينس (ارشاد عل ابڙو)
لڌا آنند به ان دور جا استاد آهن. موجوده استادن ۾ استاد مقبول حسين سولنگي (جيڪو Twins
جو شاگرد آهي، استاد نذير حسين شيخ (جيڪو استاد امداد جو شاگرد آهي)
استاد آزاد سمون ۽ زاهد ۽ عرفان وري نئين ٽھي وارا آرٽسٽ آهن. استاد نذير سمي جا شاگرد
(۱) انڊس (عبدالحق سومرو) مڇي مارڪيٽ
ڀرسان، (۲). اصغر علي جوڻيجو هاڻي ڪراچي شفٽ
ٿي ويو آهي، (۳) پرويز علي بلوچ هن وقت پبلڪ اسڪول
۾ آرٽسٽ آهي.
ريڊين جا مستري:
گراموفون کان پوءِ ريڊيو جو دور آيو، پھريائين ريڊيا، مرفي، پاءِ ۽
فلپس هئا جيڪي بيٽري تي هلندا هئا ۽ پوءِ ان وقت جي قابل مسترين انھن ريڊين کي Convert
ڪري بجلي تي هلايو پر پوءِ به ٻه وڏا ٽارچ سيل به ريڊيو سان لڳايا
ويندا هئا ۽ پوءِ ريڊيو هلندو هيو ۽ هڪ وڏي ايريل به لڳائي ويندي هئي. ان وقت ريڊيو
سيلون، ايران زاهدان مقبول ريڊيو اسٽيشنون هيون، ايران زاهدان تي ان وقت ثريا شھاب
انائونسر هئي (جيڪا هنيئر بي بي سي لنڊن ۾ ڪم ڪري ٿي) سندس آواز تي ماڻهو فدا هئا.
لاڙڪاڻي ۾ ريڊين جا ٻه مشھور ڪاريگر
هئا هڪ هيو مرحوم غلام مصطفى ڪلھوڙو (جيڪو جواني ۾ جيپ جي حادثي ۾ وفات ڪري ويو) ٻيو
هيو خدا بخش. غلام مصطفى جو دوڪان مصطفى پنساري پاڪستان چوڪ جي لڳ هيو ۽ سندس دوڪان
جي ڀرسان ڪالي خان هارمونيم ۽ طبلن جي رپيئر جو ڪاريگر هيو. خدا بخش حيات آهي سندس
دوڪان باقراڻي روڊ تي هينئر به موجود آهي.
نور محمد ڪلفيءَ وارو:
نور محمد دهليءَ واري جي ڪلفي هڪ
آني ۾ ملندي هئي، ڪلفي ڇا هئي نج مائو هيو. ڪاٺ جي تيلي واري ڪلفي، مٿان وري پستن جو
ٻورو وڌل هوندو هيو، وڪري وقت هوڪو ڏيندا هئا، ”نور محمد دھلی والے کا مال،
کلفی ملائی“، ان ڪلفي جي مقابلي ۾ شڪيل احمد به ڪلفي مارڪيٽ ۾ آندي
پر نور محمد واري ڪلفي وڌيڪ هئي.
ڪلفين وارن ڊٻن تي نور محمد ۽ شڪيل
احمد جا فوٽو به لڳل هوندا هئا. نور محمد جو دڪان پھريائين کٽاڻ بازار ٻير واري نلڪي
جي سامھون هيو، جڏهن هِن جو ڪاروبار تمام گهڻو هليو ته پوءِ اِهو دوڪان شفٽ ڪري نوان
تڪ ۾ برف جو ڪارخانو ۽ ان سان گڏ ڪلفين جو ڪاروبار اتي شروع ڪيائين، ليڪن جيڪا ڪلفي
کٽاڻ بازار ۾ ٺھندي هئي ان جھڙي ملڻ مشڪل آهي.
مينگھو بجاج:
ريشم گلي جو نالو نشان ڪون هيو،
ڊاڪٽر ڀڳوان داس (ٻارن جو ڊاڪٽر) جو پيءُ مينگهو مل بجاج نالي مشھور هيو ۽ سندس ڪپڙي
جو دوڪان هيو، شھر جون سموريون مستورات سندس دوڪان تان ڪپڙو خريد ڪنديون هيون. بازار
مان جيڪو ڪپڙو نه ملندو ته مينگهي مل وٽ ضرور ملي ويندو هيو.
ڊاڪٽر حق ۽ ڊاڪٽر ادريس:
شھر جا ٻه وڏا ڊاڪٽر هئا هڪ ڊاڪٽر
حق ۽ ٻيو ڊاڪٽر ادريس، غريبن جو ڊاڪٽر حق ته اميرن جو ڊاڪٽر ادريس هيو. ڊاڪٽر حق هڪ
ڏينھن جي دوا جا اٺ آنا وٺندو هو، دوا ۾ مڪسچر سان گڏ ڪک به هوندا هئا دوا جا ٽي وزن
۽ ٽي ڪک پڙيءَ ۾ ويڙهيل هوندا هئا. دوا جي شيشي تي وزن ظاهر ڪرڻ لاءِ پني کي ڪينچيءَ
سان ڪٽي کونئر سان چنبڙايوويندو هيو ته جيئن مريض وزن پورو پي سگهي. دوا هرهڪ کي واري
سان ملندي هئي جيڪو مريض دوا وٺڻ ايندو ائين ئي ان جي دوا وٺڻ واري شيشي ۽ پنو نمبر
سان رکيو ويندو هيو. ڊاڪٽر حق جي هٿ ۾ وڏي شفا هئي ۽ پاڻ به سٻاجهي طبيعت وارو هيو.
ڊاڪٽر ادريس به تمام ڀلو انسان ۽ سٺو ڊاڪٽر هيو پر ائين ڏٺو ويو ته پئسي وارا ۽ امير
ماڻهو پنھنجي علاج لاءِ ايندا هئا. پھرين ايڪسري مشين (پرائيويٽ ڊاڪٽرن ۾) ڊاڪٽر ادريس
وٽ هئي.
انھن ڊاڪٽرن کان علاوه هڪ پوڙهو
ڊاڪٽر، ڊاڪٽر ڀڳوان داس تتر واري هوٽل جي سامھون واري گهٽيءَ ۾ هيو جيڪو ٻارن جو ڊاڪٽر
هيو. وڏو چيڙاڪ ماڻهو هيو جنھن تڪڙ ڪئي ته شيشي واپس ڪري چوندو هو، ”مون وٽ دوا ڪانھي
ٻي ڊاڪٽر کان وڃي دوا وٺ“.
فوٽو گرافر:
ان وقت ۳
فوٽو اسٽوڊيوز شاهي بازار ٽانگه اسٽينڊ جي اتر طرف هيون.
(۱). سنڌ فوٽو اسٽوڊيو، (۲). غوري
آرٽ اسٽوڊيو، (۳) هلال فوٽو اسٽوڊيو.
سنڌ فوٽو اسٽوڊيو تي اڪرام ڀائي
ڪم ڪندو هيو. پاڻ وڏو محنتي ۽ ايماندار ماڻهو هيو. سرڪاري يا خانگي پروگرامن تي اڪرام
ڀائي کي گهرايو ويندو هيو. هينئر انھن مان هڪ جو به وجود ڪونھي.
ٻيڙين جون مانڊليون:
پن جي ٻيڙين جو رواج عام هيو، سگريٽ
تمام گهٽ هيو، پن جي ٻيڙي هڪ پئسي ۽ پان ٽڪي (ٻن پئسن) ۾ ملندو هو. ٻيڙيءَ جو پن گهڻو
ڪري هندوستان کان ايندو هيو، پان جو پتو ٻن قسمن جو هو هڪ سانچي ٻيو بگله، جيڪو ڍاڪا
کان ايندو هو. لاڙڪاڻي ۾ مشھور ٻيڙين وارا هوندا هئا، چنچل، ڪنڀر، سدورو مل ۽ واسو
مل، ۽ جاڳڻ مل. چنچل جي مانڊلي رائل ٽاڪيز جي ٻاهرين دروازي جي ڀرسان ڏکڻ ۾ هئي. ديوان
گيڙو ڪپڙا پائيندو هو. ڪنڀر جي مانڊلي پاڪستان چوڪ تي اوڀر ۾ (جتي انڊا رکيون ويٺا
آهن) هيءَ مانڊلي اڃا تائين موجود آهي. پھريائين شير خان ڪنڀر مانڊلي هلائيندو هيو
۽ ان کان حاجي مظھر الدين ابڙي ورتي ۽ اڃان تائين اهو مانڊلي هلائي ٿو. واسو مل ۽ سدورو
مل ٻنھي دوستن جو گڏيل ڪاروبار هيو، مانڊلي واسو مل جي نالي مشھور هئي. هي مانڊلي اڃان
تائين موجود آهي، ٻنھي دوستن جو ٿورو عرصو ٿيندو ته ڪاروبار جو ورهاڱو ٿيو ۽ هينئر
مانڊلي سدوري مل جي هٿ هيٺ آهي. ماڻھو ٻنھي کي سڳا ڀائر سمجهندا هئا. سدورو مل ٻيڙين
ٺاهڻ جي ڪم جو ماهر هو. سندس ڀانڊي تي ڪنھن وقت ۲۰
کان ۲۵ ڪاريگر ٻيڙيون ٻڌندا هئا ۽ استاد سدورو مل هر روز ڀانڊي جي انسپيڪشن ڪندو هيو
۽ هرهڪ ڪاريگر سان گوڏو گوڏي سان ملائي ويھندو هيو، پن جي ڪٽائي کان وٺي ٻيڙي ٻڌجڻ،
پن کي صاف ڪري ويڙهڻ، وڪڙ ڏيڻ، تماڪ ڀرڻ، ڌاڳي سان ٻڌڻ ۽ آخر ۾ ٻيڙي کي مٿان بند ڪرڻ
مطلب ته هرهڪ مرحلي کي غور سان چيڪ ڪندو رهندو هيو ۽ ڪاريگر کي سمجهائيندو رهندو هيو،
ته جيئن ٻيڙيءَ جي ڦوڪ درست رهي ۽ ٻيڙي بيھڪ ۾ سھڻي نظر اچي، ننڍ وڏائي ڪانه هجيس.
ڪڏهن به ڪاريگر سان تيز ڪونه ڳالھايو، جڏهن به استاد سدورو مل ڀانڊي ۾ داخل ٿيو هيو
ته بلڪل خاموشي ڇائنجي ويندي هئي، اِهو هيو اُن وقت استاد جو ادب. استاد سدوري مل جا
شاگرد اڄ ڪلهه ماسٽر ڪاريگر آهن. مٿين ڪردارن
کان علاوه به ڪيترائي اهم ڪردار آهن جن لاڙڪاڻي جي ساک وڌائڻ لاءِ عمر ڀر پتوڙيو.
هيڊ مالھي زوار علي بخش ميراڻي پاڻ
بھارپور جو ويٺل هو، ۷۰ سالن جي
عمر ۾ وفات ڪري ويو. لاڙڪاڻي جي وڏن تفريح جي مرڪزن، جناح باغ ۽ گيان باغ کي سينگارڻ
۾ عمر گذاري ڇڏي. هو وڏن ماڻھن جي بنگلن تي به وڃي اتي جي مالھين کي تربيت ڏيندو هو،
جيئن ذوالفقار علي ڀٽي جو بنگلو، ممتاز جعفري جو بنگلو ۽ سردار پير بخش ڀٽو جو بنگلو
وغيره. مرحوم جي وڏي خدمت آهي ته هن لاڙڪاڻي جي ماڻھن کي گل ۽ ٻوٽا پوکڻ جو شوق ڏياريو
۽ پنھنجا شاگرد پئدا ڪري ويو، خوشي خوشي وڃي ماڻھن جون نرسريون تيار ڪري ايندو هو.
پنھنجي ذاتي نرسري به بھارپور ۾ هئي.
باقراڻي روڊ تي منگل بِھَن وارو
به وسرڻ جھڙو ڪونھي. سندس بِھَه ڏاڍا مشھور هئا. وڏا ماڻهو پنھنجون گاڏيون روڪي، رستي
تان، منگل جا بِھَه کائيندا هئا.
اسڪول جي وقت ۾ ايوب ڇولن وارو ۽
نظام ڇولن وارو، هڪ آني ۾ پليٽ ٺاهي ڏيندا هئا. جن به اُهي ڇولا کاڌا هوندا، اُنھن
نظام ۽ ايوب کي ڪو نه وساريو هوندو.
استاد حبيب الله دايو ٻيڙيون ٻڌندو
هيو. ڪپڙا ڦاٽل، پيرن ۾ ٻه پٽائي چپل پاتل، روڊ جي ڀرسان ويھي ٻيڙيون ٻڌندو هيو. جيڪي
پئسا ٻيڙين ٻڌڻ ۾ ملندا هئس، اُهي يتيمن ۽ بيواھن کي ڏيندو هو. جڏهن مارشل لا لڳي ۽
هن کي فوجي پڪڙي ويا ۽ پڇيائون ته؛ ”تون مسلمان آهين ته ڪلمو پڙهي ٻڌاءِ “. استاد حبيب
چيو ته؛ ”ڪھڙو ڪلمو پڙهان؟“ فوجي آفيسر ڪاوڙجي چيو ته؛ ”مسلمانن جو هڪ ڪلمو آهي؛ ’لا الٰہ الا الله محمد رسول الله‘“
استاد چيو؛ ”بلڪل غلط، ڪلما ۶ آهن؛ ۱. ڪلمه طيب، ۲. ڪلمه شھادت، ۳. ڪلمه توحيد، ۴. ڪلمه تمجيد، ۵. ڪلمه استغفار ۽ ۶.
ڪلمه رد ڪفر وغيره، تو ته ڪلمه طيب پڙهي ٻڌايو آهي، هاڻي تون ٻڌاءِ ته تون مسلمان آهين
يا مان.“
هڪ اڻ پڙهيل ماڻهو ڇا ته ان کي ڄاڻ
هئي. هر هڪ سبجڪيٽ جو ماھر ۽ جڏهن منھنجي جيڪب آباد کان واپسي ٿيندي هئي ته هر ڇنڇر
جي شام جو، اڌ ڪلاڪ روڊ تي ويھي، ڪچھري ڪندو هيس. افسوس هينئر اهو موجود ڪونھي صرف
ان جون يادون رهجي ويون آهن.
هن مضمون لکڻ ۾ هيٺين
دوستن سھڪار ڪندي مفيد معلومات ڏني:
سرمد چانڊيو، ادا قاضي، گل محمد گاد، عبدالحميد لاڙ،
مشتاق حسين انصاري، محمد اسماعيل
ڪوري، ڪريم بلوچ
عبدالحق سومرو، صابر حسين قريشي، حاجي نظر محمد سيال.

No comments:
Post a Comment