فورڊ واهه
وسريل ورق
جيئل اوڏ
ميان الياس محمد جي وفات کانپوءِ
سندس پٽ ميان شاهه علي عرف شاهل محمد ڪلھوڙو مسند نشين ٿيو. هن کي زراعت سان گهڻي دلچسپي
هئي، هن لاڙڪاڻي جي ڀرسان وهندڙ قدرتي ڦاٽ کي نئين سر کوٽائي، هڪ وڏو عاليشان واهه
بڻايو.
گهاڙ واهه، لاڙڪاڻي ضلعي جو وڏو
واهه هيو، جيڪو درياءَ مان نڪري نئون ديرو، ماهوٽا، لھڻو سامٽيه، شاهه يارو، عاقل ۽
گانگڙو ڳوٺن جو پاسو ڏيئي، نانگ وانگر ور وڪڙ ڏيندو، ڪڏهن اوڀر، ڪڏهن ڏکڻ ته ڪڏهن اولهه
طرف وهندو، پير شير وٽان ٿيندو لاڙڪاڻي شھر ۾ داخل ٿئي ٿو. ڊي سي اسڪول جو اوڀر وارو
پاسو وٺي، جيلس بازار ڀرسان وهي، پراڻي اناج منڊي جو اُتريون پاسو وٺي، گيان باغ جي
ڏاکڻي پاسي کي ڇھندو، ميونسپل هاءِ اسڪول جي ڀر وٺي، وهڪرو ڪري اولهه طرف ڏي اڳتي وڌي
وڃي ٿو. هي واهه، ضلعي لاڙڪاڻي جي وڏي حصي کي آباد ڪندو هو.
لاڙڪاڻي جي خوشحالي ۽ واپار جي اهميت
جو دارومدار هن واهه تي هو. هن واهه جي ڪري فصل سٺا ٿيندا هئا ۽ باغ به جـجها هوندا
هئا. ان ڪري لاڙڪاڻي کي ”باغ عدن“ ڪوٺبو هو. منھنجي عمر هن وقت ۶۸
سال ٿيندي ۽ مون اهو علائقو، نئين ديري کان لاڙڪاڻي تائين،
جتان جتان گهاڙ وهندڙ هيو، اهي جايون ۽ اهي ڳوٺ ڏٺا اٿم. مون ڏٺو آهي ته؛ گهاڙ واهه
جي ٻنھي ڪنارن سان انبن جا وڏا وڏا باغ هئا. باغن وارا پراڻا مالڪ هليا ويا ۽ نوان
مالڪ پئدا ٿيا. نوَن مالڪن، انبن جا اهي باغ ڪٽرائي ڇڏيا آهن ۽ انھن جي جاءِ تي کجين
۽ زيتونن جا باغ رکرايا اٿائون.
منھنجو ڳوٺ شاهه يارو، انبن جي باغن
سان ڀرپور هيو. مولي جو باغ، ناروءَ وارو باغ، ساڌو ۽ گوبند جا انبن جا باغ، شاهه يارو
۽ سامٽين ۾ هئا. مسو حٻ ۾ پڻ، انبن جا باغ هئا. مقصد ته جتان به گهاڙ وهيو ٿي، ان جي
ٻنھي ڪنارن سان گهاٽا انبن جا باغ ئي باغ هئا.
هينئر به اوهان ڏسندا ته جتي به
وڏن واهن، دادو ڪئنال يا رائيس ڪئنال جا ريگيوليٽرس يا موريون هيون، اتي انبن جا تمام
وڏا وڏا وڻ پوکيل هئا، زماني جي ستم ظريفيءَ ڪري سمورا وڏا وڏا وڻ جيڪي واهن جي ڪڙن
سان انبن، ٽالھين، نمن ۽ سرنھن جا موجود هئا، هينئر موجود ڪونھن، پر پوءِ به اوهان
هن وقت به لاڙڪاڻي جو لاهوري ريگيوليٽر ڏسي سگهو ٿا ته اتي اڃا به انبن جا وڻ موجود
آهن ۽ نئون ديرو وٽ به رائيس ڪئنال ريگيوليٽر وٽ، انبن جا وڏا وڏا وڻ موجود آهن.
ٻيو نقصان ٿيو ايوبي دور ۶۰-۱۹۵۹ع دوران. لاڙڪاڻي شھر ۾ رات جي پھر
۾، برسات سان گڏ طوفان آيو، جنھن ۾ شھر ۾ جيڪي به روڊن ۽ رستن سان وڏا وڻ ۽ ڇانورا:
پپر، نم ۽ بڙن جا وڻ جيڪي انگريز ڊپٽي ڪليڪٽر فورڊ صاحب ۵۶-۱۸۵۵ع ڌاري شھر ۾ پوکرايا هئا، اهي سڀ
پاڙئون پٽجي ويا ۽ بجلي جا وڏا وڏا پول به ڪريا جن ڪيترين جاين کي نقصان رسايو. پر
لاڙڪاڻي جون وڏيون وڏيون ٽي- چار منزله عمارتون هيون جيڪي Wooden
Structure طرز تي ٺھيل هيون، انھن کي
ٿورو نقصان پھتو پر جايون محفوظ رهيون.
گهاڙ واهه جي ڪري لاڙڪاڻي شھر هڪ
بندر جي حيثيت اختيار ڪئي هئي. جتي وڏا وڏا ٻيڙا اچي بيھندا هئا ۽ مال لھندو ۽ چڙهندو
هو. هن واهه ذريعي، وڏا وڏا ٻيڙا سامان سان ڀرجي ٺٽي تائين ويندا هئا. ڪلھوڙن جي ڏينھن
۾، هيءُ شھر فوجي ڇانوڻي هئڻ سان گڏ، سنڌ جو وڏو شھر هو. ميان نور محمد ڪلھوڙي هِتِ
قلعو اڏائي، مٿس توبون رکايون هيون ۽ شاهه بھارو هتي جو نائب هو.
سر چارلس نيپيئر ۽ ميرن جي وچ ۾
۱۷-فيبروري ۱۸۴۳ع ۾ مياڻيءَ واري جنگ لڳي، جنھن ۾ ميرن جي هار ٿي ۽ سنڌ تي انگريزن قبضو ڪيو.
سر چارلس نيپئر، اچڻ سان ئي سنڌ جي زرعي زمين تي ڌيان ڏنو ۽ ڪئنال ڪميشن جوڙي ته جيئن
وڌيڪ واهه کوٽائي، سنڌ جي زمين کي آباد ڪيو وڃي ۽ جتي جتي واهن جي ضرورت هئي، اتي واهه
کوٽايا ويا.
گهاڙ واهه ۾ جڏهن جڏهن پاڻيءَ جي
کوٽ ٿيندي هئي ته ان جي وهڪري ۾ لاٿ اچي ويندي هئي. ان ڪري ان ۾ هلندر ٻيڙا ۽ ٻيڙيون
ڏکيائيءَ سان هلنديون هيون ۽ فصلن کي پاڻي به ڏکيائي سان ملندو هيو. ان ڪري اهو محسوس
ڪيو ويو ته ڪو واهه، درياءَ مان ڪڍيو وڃي، جيڪو گهاڙ واهه کي ڀرتو ڪري. ان پلان کي
عملي جامو پھرائڻ لاءِ، ان وقت جي ڊپٽي ڪليڪٽر ڪيپٽن سينٽ ڪيلئر فورڊ، لاڙڪاڻي جي زميندارن
جي ميٽنگ ڪوٺائي ۽ انھن کان واهه کوٽائڻ لاءِ پئسن جي مدد ورتي ۽ ان وقت، علائقي جي
زميندارن ۳۰۰۰۰ (ٽيھه هزار) روپيه ڪَٺا ڪري ڪيپٽن
فورڊ کي ڏنا. انھن پئسن ۾ خليفي محمد پناهه جا ڏنل ۱۰۰۰۰ (ڏهه هزار روپيه) به شامل آهن. زميندار حاجي فتح محمد لاهوري (کرل) ۽ سندس
پٽ ٺاري خان به فورڊ واهه لاءِ پئسا ڏنا. ٺاري خان کي پنج پٽ ٿيا، در محمد خان، فقير
محمد خان، مير محمد خان، محمد نواز خان ۽ حاجي امير علي لاهوري. اڳتي هلي حاجي امير
علي لاهوري کي خان بھادر جو خطاب به مليو.
اهڙيءَ طرح سان، عاقل ڳوٺ جي ڀرسان،
اتر ۾ اوڀر کان اولهه طرف درياءَ مان هڪ واهه کوٽايو ويو، جنھنجي ڊيگهه تقريباً چار
ڪلوميٽر ٿيندي. سندس ويڪر ۲۵۰ فوٽ ۽ اونھائي ۷ يا ۸
فوٽ ٿيندي ۽ سندس ٽاپ چار کان پنج فوٽ هئي، جيڪو ۵۶-۱۸۵۵ع ڌاري تيار ٿيو ۽ کيس لھڻو سامٽيه
ڳوٺ جي ڀرسان گهاڙ واهه سان ملايو ويو. ان واهه جو نالو ”فورڊ واهه“ رکيو ويو. ان طرح
سان گهاڙ واهه ته پاڻيءَ سان ڀرجي ويو پر ان کان علاوه روينيو ۾ به سرڪار کي ۸۵% واڌ ٿي. جيڪا ۳,۷۰,۲۷۶/= مان وڌي ۵,۱۷,۰۱۷/= ٿي.
درياءَ مان ”فورڊ واهه“ جتان ڪڍيو
ويو، اُتي وڏي موري ٺاهي ويئي. پاڻيءَ کي گهٽ ۽ وڌ ڪرڻ لاءِ ڪاٺ جا وڏا وڏا ڇھتير
(گز) جيڪي چيل مان ٺھيل هئا، استعمال ۾ ايندا هئا. ان موريءَ جي ڀرسان سرڪاري بنگلا
به تعمير ٿيل هئا، جتي سرڪاري عملدار رهندا هئا. ڏيڍ صدي گذرڻ بعد، فورڊ واهه جو نالو
ئي بدلجي وڃي فورٺ واهه ٿيو. هتان جا رهواسي اڃا تائين ان کي فورٺ واهه سڏيندا آهن.
منھنجو جنم به فورڊ واهه جي ڏاکڻي ڪَڙَ تي قائم ٿيل مٺل گبول جي ڳوٺ ۾ ۱۹۴۴ع ۾ ٿيو ۽ منھنجي دائيءَ جو نالو به امان ”بان خو“ دائي آهي جيڪا ذات جي گبول
هئي.
فورڊ واهه جي ٻنھي ڪَڙن تي ڳوٺ آباد
آهن. اُتر واري ڪَڙ تي جمن چانڊيو، قيصر خان چانڊيو ۽ لھڻو سامٽيه ڳوٺ جو هڪ پاسو،
جتي ميربحرن ۽ داين جا گهر آهن.
ڏکڻ طرف واري ڪڙ تي، مٺل گبول، لال
بخش حاجاڻو ۽ لنجواڻين جا ڳوٺ آهن. لال بخش حاجاڻي جي ڳوٺ ۾ مرحوم مرزو جت، جهنڊو خان
۽ ارباب جت، نور خان جت هيا، جيڪي مھري اٺ ڌاريندا هيا. مھري اٺ سواريءَ لاءِ ڪتب آڻبا
هئا. انھن تي سرڪاري عملدار چڙهي، سرڪاري دورا ڪندا هئا. ٻيو مرحوم علي خان جت به اٺ
ڌاريندو هيو، جيڪي لاڏائو ۽ بار ڍوئڻ وارا هوندا هئا. اهي جت سرڪاري پگهاردار هوندا
هئا. انھن سرڪاري پگهاردار جتن وٽ Camel Trunks
ڪاٺ جون وڏيون پيتيون هونديون هيون، جن ۾ سرڪاري رڪارڊ اٺن تي کڻبو
هيو. ڪرسيون ۽ ٽيبلون به فولڊنگ نموني هونديون هيون ته جيئن لڏپلاڻ ۾ سھولت ٿئي. سمورو
سامان اٺن ذريعي کڻبو هيو ۽ سفر به اٺن تي ٿيندو هيو. سرڪاري عملدار سان سندس عملو،
سموري رڪارڊ سميت موجود هوندو هو.
فورڊ واهه ٺھڻ سان لھڻو سامٽيه،
عاقل ۽ گانگڙو ڳوٺ ڏانھن وڃڻ لاءِ، ٻيڙين ذريعي اچ وڃ شروع ٿي ويئي ۽ هتي هڪ وڏو پتڻ
بڻجي پيو.
پتڻ چئبو آهي درياءَ يا واهه جي
ڪنڌيءَ تي اها جاءِ، جتي ٻيڙيون بيٺل هجن ۽ ٻيڙين ذريعي ماڻهو سامان، جانور ۽ جنسون
وغيره هڪ پار کان ٻئي پار ٽپايا وڃن. پتڻ ٻن قسمن جا هوندا آهن؛ هڪڙا سرڪاري ۽ ٻيا
راڄوڻي پتڻ. سرڪاري پتڻ، جيڪي سرڪار ٺيڪي تي ڏيندي هئي ۽ ماڻهو پتڻ ڀري يعني ڀاڙو ڀري
پار پڄندا هئا. راڄوڻي پتڻ، اڪثر ڪري وڏيرا جن جون زمينون درياهه يا واهه جي ٻنھي پاسي
هونديون هيون، اهي پنھنجون ذاتي ٻيڙيون ٺھرائي بيھاريندا هئا. يا وري ملاحن جون ذاتي
ٻيڙيون هيون ۽ اهي ملاح ڇھين مھيني فصل لھڻ وقت اَنَ جي صورت ۾ اجورو وٺندا هئا. ان
کي لاپو به چيو ويندو هو. انھن پتڻن مان، اوسي پاسي وارا ڳوٺاڻا لاڀ حاصل ڪندا هئا.
پتڻ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي هٿ هيٺ هوندا هئا ۽ ساليانو ٺيڪن ذريعي نيلام ٿيندا هئا. ۱۹۴۰ع ۾ هيٺيان پتڻ ٺيڪي تي ڏنا ويا، ٺيڪيدارن سميت سندن ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.
نمبر
|
پتڻ
جو نالو
|
پاتڻي/
ٺيڪيدار جو نالو
|
ڪيتري
ٺيڪي ۾ ڏنو ويو
|
۱
|
عاقل خالد
|
خدا بخش ۽ حاجي ميربحر
|
۴۰- روپيه
|
۲
|
مٺو کھڙو
|
لونگ ميربحر
|
۴۰- روپيه
|
۳
|
دوسو دڙا
|
محمد حسن ميربحر
|
۵۰- روپيه
|
۴
|
سڳيون
|
پنجو ميربحر
|
۲۲- روپيه
|
۵
|
ٽـڳـڙ
|
ابراهيم
|
۲۰- روپيه
|
۶
|
راڄو
|
رسول بخش
|
۳۰- روپيه
|
۷
|
جمالي
|
خان محمد
|
۱۰۰- روپيه
|
۸
|
ڪنڀر
|
خان محمد
|
۱۲- روپيه
|
۹
|
نور پور
|
دودو ۽ الهه بخش
|
۴۰- روپيه
|
۱۰
|
نئين لاشاري
|
حسن ۽ قادر بخش
|
۵۰- روپيه
|
۱۱
|
چنا سوئي
|
فضل
|
۱۰۰- روپيه
|
هونءَ به سامٽيه ڳوٺ ۽ شاهه يارو
جي وچ ۾ اچ وڃ لاءِ ٻيڙيون موجود هيون، ڇو ته ان وقت ٻنھي ڳوٺن جي وچ ۾ گهاڙ واهه وهندڙ هيو. ڊونڊيون ٻيڙيون پتڻ جو ڪم
ڏينديون آهن پر اڪثر ڪري مڇي مارڻ جي ڪم اينديون آهن. ڪٽار کي ننڍي ٻيڙي هئڻ ڪري بتيلو
به چوندا آهن، هي ٻيڙي ڪشميري ٻيڙين سان پڻ نسبت رکي ٿي. هي ٻيڙي به بار کڻڻ ۽ پتڻ
جوڪم ڏيندي آهي. وڏي ٻيڙي کي ڪؤنتل سڏيو ويندو آهي ۽ هي ٻيڙي سنڌي ٻيڙين ۾ سھڻي ٻيڙي
آهي، چيو وڃي ٿو ته ڪؤنتل مھراڻ مھاڻي جي ٺھيل ٻيڙيءَ جي نموني تي ٺھندي آئي آهي. هن
قسم جون ٻيڙيون گهٽ ۾ گهٽ ۲۰۰ مڻ ۽ وڌ ۾ وڌ ۱۰۰۰ مڻ وزن به کڻي سگهن ٿيون.
لھڻو سامٽيه تمام پراڻو ڳوٺ آهي
۽ ديهه لھڻو سامٽيه جون حدون دريا پار به پھچن ٿيون. هي ڳوٺ شايد هڪ ٻه دفعا ڊٺو آهي
۽ پوءِ وري اِن جي مٿان گهر جوڙيا ويا آهن ڇاڪاڻ ته ڳوٺ جي اولهه واري پاسي جا گهر
تمام مٿاهين دڙي تي ٺھيل آهن، پيرزادن واري مسجد ۽ سونارن جا گهر تمام مٿي دڙي تي موجود
هئا، سونارن جي اولاد لڏي اچي لاڙڪاڻي ويٺا ۽ سرڪاري ملازمت ڪن ٿا ۽ پاڻ کي کچي سڏائين
ٿا. سندن وڏو صابو (صاحب ڏنو سونارو) تمام خوش طبع ماڻهو هو. پراڻن رهواسين جي ٻڌائڻ
مطابق سامٽيه وڏو ڳوٺ هيو، هتي هندو به رهندا هئا ۽ ڳوٺ ۾ وڏا دوڪان ۽ سون جي بازار
به هئي.
فورڊ واهه جي منھن وٽ ريگيوليٽر
ٺھيل هيو. دروازن کي کولڻ ۽ بند ڪرڻ لاءِ ۽ پاڻي کي گهٽ وڌ ڪرڻ لاءِ ڪاٺ جا وڏا وڏا
ڇھتير (گز) چيل جي ڪاٺ جا ٺھيل، استعمال ۾ ايندا هئا. معلوم هجي ته هي ڪاٺ پاڻي ۾ ڳري
ڪونه ٿو. ان جي ڀرسان ۳-۴
وڏا بنگلا به هئا جتي وڏا سرڪاري آفيسر اچي رهندا هئا. ان
سان گڏوگڏ ننڍن ملازمن جي رهڻ جو به انتظام هيو. صحبت چانڊئي جو ڏاڏو، اسحاق چانڊيو
ان ريگيوليٽر جو مقدم (بيلدار) هيو. اسحاق جو پٽ مرحوم دوست علي ۽ ان کانپوءِ ان جو
پٽ ليمون چانڊيو ۽ ان جو پٽ گلزار ان نوڪريءَ سان سلھاڙيل آهن. هن وقت اهو سڀڪجهه ميسارجي
ويو آهي ۽ ان جو وڏو سبب سکر بئراج جو ٺھڻ، جيڪا ۱۹۳۲ع ۾ تيار ٿي. سکر بئراج جو افتتاح ۱۳-جنوري
۱۹۳۲ع تي وائسراءِ لارڊ ولينگڊن ڪيو
۽ بيراج مان نڪتل ۷-واهه وهڻ لڳا. کاٻي پاسي کان چار
واهه ۽ ساڄي پاسي کان ۳-واهه. پُل ۽ بئراج جو نالو
”لائيڊ بئراج“ ان ڪري پيو جو ان وقت بمبئي جو گورنر ”لارڊ لائڊ“ هو.
بئراج جو ٺھڻ ۽ ان مان لاڙڪاڻي وارا
واهه، دادو ڪئنال ۽ رائيس ڪئنال جو نڪرڻ. ان کانپوءِ فورڊ واهه بلڪل ختم ٿي ويو. گهاڙ
واهه جو گهڻو حصو سڪي ويو ۽ ان کي لٽائي ۽ پورائي ان جي پيٽ ۾ زيتونن جا باغ ۽ زرعي
زمينون قائم ڪيون ويون.
۶۰ سال اڳ ڳوٺ شاهه يارو جو وڏيرو سرائي ڪريم بخش شاهاڻي هيو جيڪو بلڪل نيڪ سيرت
۽ ٻاجهارو هيو پاڻ حج به ڪريا آيا هئا. سندس ڳوٺ ۾ مسلمانن سان گڏوگڏ اوڏن ۽ ڀيلن جا
به ڪافي گهر هئا (ڀيل اڃان تائين شاهه ياري ڳوٺ ۾ رهن ٿا). وڏيري جو پنھنجو راڄ سان
برتاءُ تمام همدردانه هيو ۽ ذات پات جو ڪوبه فرق نه ڪندا هئا. ان وقت وڏيري جو ڪمدار
ڀيل هيو جنھن جو نالو ڇڻڪو مل هو، جيڪو هڏ ڪاٺ ۾ پورو پنو ۽ منھن تي چاپنئي ڏاڙهي رکيل
هوندي هيس ۽ روبدار چھري وارو ۽ پٽڪو ٻڌندو هيو. ان جي دور ۾ چوري چڪاري ڪانه ٿيندي
هئي ۽ ڪوبه ڪاٽڪو وغيره ڳوٺ جو پاسو ڏئي نه لنگهندو هو.
جڏهن ڇڻڪو مل ڪمدار وفات ڪئي ته
دهل ۽ شرنائين سان سندس ارٿي مساڻن ڏانھن کنئي ويئي ۽ سندس زال کي وهنجاري نوان ڪپڙا
پارائي زيورن سان سينگاريو ويو ۽ پوءِ سندس لاش کي دهلن ۽ دمامن سان اگني سنسڪار ڪيو
ويو. ڪافي وقت بعد اوڏن مان به هڪ همراهه چندن مل نالي شاهاڻين جو ڪمدار ۽ منشي به
ٿي رهيو، جيڪو هيو اڻپڙهيل پر حساب ڪتاب، ماپ ڪرڻ ۾ ليکي چوکي جو ماهرهيو.
شاهه يارو ڳوٺ ۽ سامٽين جي وچ ۾
گهاڙ جو وهڪرو ختم ٿيو، ۵۰-۶۰
سالن کان ان هنڌ واري حصي کي ”موڙهه“ جي نالي سان ڳوٺاڻا
سڏيندا هئا جتي ڀر وارن سمورن ڳوٺن جو مال چرندو هيو ۽ ڪٿي ڪٿي پاڻي هجڻ ڪري مڇي به
مرندي هئي. موڙهه جي لغوي معنى ڳنڍو يا بند، دريا جو اهو ڀاڱو جنھن مان پاڻيءَ جو نيڪال
نه هجي.
فورٺ جو جڏهن منھن بند ٿيو ته پوءِ
اهو واهه ٻن حصن ۾ ٿي پيو هڪڙو حصو (اوڀر وارو حصو) پرين چانڊين جي قبضي هيٺ رهيو ۽
ٻيو حصو (اولهه وارو) اورين چاندين جي قبضي هيٺ آهي، جتي مڇي پالي ويندي هئي ۽ ويندي آهي. ۽ ججهي انداز ۾ مڇي مري ٿي جنھن
۾ ڪرڙو، ٿيلهي، موراکي، ڏاهي، پوپري، گندڻ، شاڪر ۽ گل ڦام وغيره شامل آهن.
گهاڙ واهه (پيرشير کان وٺي لاهوري
محله) تائين جڏهن سڪي ويو ته ماڻهن ان سڪل واهه تي اچي قبضا ڪيا ۽ ڪٿان ڪٿان جا غريب
توڙي امير ماڻهون پنھن جا گهر ۽ اوطاقون جوڙائي ويٺا. جيلس بازار ڀرسان واري گهاڙ واهه
واري حصي تي حڪومت نئين سبزي منڊي ۽ فروٽ مارڪيٽ قائم ڪيو.
۱۹۷۴ع ۾ جڏهن
ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو وزيراعظم هيو ۽ لاڙڪاڻي ميونسپل ڪاميٽي جو ائڊمنسٽريٽر
روشن ضمير هو ته حڪومت اهي گهاڙ واهه وارا پلاٽ ماڻهن کي ۴۰
پئسه في فوٽ جي حساب سان وڪرو ڪري ڏنا ۽ انھن پئسن کي به
۳ قسطن ۾ جمع ڪرائڻ جي رعايت
ڏني ويئي. جنھن ۾ راڻي باغ کان وٺي لاهوري محلي ۽ رائيس ڪئنال تائين گهاڙ واهه واري
زمين اچي وڃي ٿي.
جيلس بازار جي ڀرواري گهاڙ جي پيٽ
واري زمين تي گادن جا ۴۰-۴۵
گهر موجود آهن جيڪي ڪچي (دريا) واري علائقي مان نڪري اچي
لاڙڪاڻي ۾ خالي زمين ڏسي اچي ويٺا. ديهه خالد مان جيڪي گاد لڏي آيا سي خالدائي گاد
سڏجن ٿا ۽ جيڪي ڳوٺ عاقل مان لڏي آيا سي عاقلائي گاد سڏجڻ لڳا.
گهاڙ ته لٽجي ويو پر ان تي جيڪي
تاريخي پليون ٺھيل هيون، جھڙو هڪڙي خوبصورت وڏي پُل جيلس بازار وٽ هئي ۽ ٻي ميونسپل
هاءِ اسڪول جي ڀرسان اولهه طرف هئي ٻئي پليون ڊاٺيون ويون ۽ انھن جو ڪوبه نالو نشان
موجود ڪونهي. گهاڙ واهه جي اوڀر واري ڪڙ تي شاهه بھاري جو تاريخي مقبرو اڃان تائين
موجود آهي. گهاڙ واهه جي ڀرسان قائم ڪيل تاريخي باغ گيان باغ جو ڪجهه حصو باقي بچيل
آهي، ان تي هينئر نالو ”باغ ذوالفقار“ رکيو ويو آهي. رائيس ڪئنال کان هيٺ هلي ”گهاڙ
واهه“ تي ميان شاهل محمد ڪلھوڙي جو مقبرو به موجود آهي ۽ اهو به تاريخي حيثيت رکي ٿو.
حوالا:
1. The Making of Modern Sindh, Ph.D Degree Thesis, Pages 161, 162,
163, By Dr.
Hameeda Khuhro.
1.
لاڙڪاڻو
ساهه سيباڻو - مرتب: گل محمد گاد.
2.
تاريخ سکر - رحيم
داد مولائي شيدائي.
3.
ذاتي انٽرويو:
محترم محبت چانڊيو ڳوٺ قيصر خان چانڊيو.
4.
ذاتي انٽرويو:
محترم محمد حسن پيرزادو، ڳوٺ لھڻو سامٽيه.
5.
ذاتي انٽرويو:
محترم علي روشن گاد، جيلس بازار لاڙڪاڻو.
6.
انسائيڪلوپيڊيا
سنڌيانا، جلد پھريون صفحو: ۸۷-۵۸۶
سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ.
No comments:
Post a Comment