Sunday, November 11, 2012

موهن جي دڙي کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي - پروفيسر مختيار سمون


موهن جي دڙي کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي
پروفيسر مختيار سمون
سنڌو ماٿريءَ جي عظيم اهڃاڻ، قديم تاريخ ۽ سنڌو سڀيتا جي لڳ ڀڳ پنج هزار سال پراڻي مرڪز موهن جي دڙي جي زبون حال آثارن کي خاص طور تي عيدن جي موقعي تي تفريح جي نالي ۾ سَرت ۽ ساڃاهه کان وانجهيل، اوباش ۽ غير سنجيده تماشبين نوجوانن جو هجوم، جنهن بيدرديءَ ۽ بي خياليءَ سان لتاڙيندو رهي ٿو ۽ وري جنهن لاپرواهي ۽ لاتعلقيءَ سان اهو تماشو لاڳاپيل حڪومتي ادارا صبر ۽ تحمل سان ڏسندا ۽ انهيءَ کي نظر انداز ڪندا رهن ٿا، انهيءَ تي جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي. موهن جي دڙي جا دريافت توڙي اڻ دريافت ٿيل آثار جيڪي تقريبن ۲۵۰ ايڪڙ ايراضيءَ تي ڦهليل آهن، اهي ۽ اتان کوٽائيءَ مان مليل شيون ۽ نشانَ سنڌ جي تهذيب، هتان جي رهاڪن جي رهڻي ڪهڻي، مهذبپَڻي، شهري منصوبا بندي، اناج جي ذخيره اندوزي، ڏيهي ۽ پرڏيهي سطح تي وَڻج واپار، آبپاشي، گندي پاڻيءَ جي نيڪال واري سرشتي ۽ انتظامي بندوبست جو اعليٰ ثبوت پيش ڪن ٿا، انهن حقيقتن جي پيشِ نظر عالمي اداري يونيسڪو، موهن جي دڙي کي ۱۹۸۰ع ۾ ”ورلڊ هيريٽيج سائيٽ“ جو درجو ڏنو، اسان لاءِ اها ڳالهه فخر جو سبب آهي ته اسان انهيءَ عظيم ورثي جا وارث ۽ والي آهيون پر انهيءَ جي تيزيءَ سان ٿيندڙ تباهيءَ کي نه رڳو حڪومتي ادارا پر اسان سڀئي پڻ خاموشي سان ڏسندا ۽ تسليم ڪندا رهيا آهيون، توهان کي اهو ڄاڻي حيرانگي ٿيندي ته موهن جي دڙي جي سائيٽ تي هيٺائين وارو علائقو جيڪو ان وقت هن شهر جو زندگي ۽ هلچل سان ڀرپور رهائشي علائقو هوندو هو ۽ هاڻي ايڇ آر، ڊي ڪي ۽ ڊي ڪي نارٿ ايريا جي نالي  سان سڃاتو وڃي ٿو، اهو تازو ٿيل برساتن ۾ سخت متاثر ٿيو آهي، ان جمع ٿيل برساتي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ حڪومت وٽ ڪو به جوڳو انتظام موجود نه هو، هن جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري دور ۾ اهو جمع ٿيل پاڻي مزدورن جي مدد سان بالٽين ذريعي ڪڍرايو ويو، مزدورن اهو برسات جو پاڻي هڪ جڳهه تان کڻي ساڳئي هنڌ تي ڪنهن ويجهڙائي واري جاءِ تي هاريو، جنهن سان پڻ وڌيڪ آثارن کي نقصان پهتو، ان قسم جي غير سائنسي ۽ بي ڌياني واري رويي سبب سم، ڪلر، اُس ۽ ٻين موسمي اثرن کان ضعيف آثارن کي بچائڻ جو ڪو جوڳو انتظام نه هجڻ ڪري، موهن جي دڙي جي تاريخي جاين جون تقريبن ۱۲۹ ڀِتيون جُهري ۽ جُهڪي پيون آهن، جن جي ڪِري پٽ ٿيڻ سان آثارن جي ميسارجي وڃڻ جو خطرو هميشه رهي ٿو. سنڌ اينيڪيوٽي ائڪٽ ۾ آهي ته آرڪيالاجيڪل ۽ تاريخي اهميت جي حامل اعلانيل ايريا ۾ ڪمرشل مقصد واري ڪنهن به پراجيڪٽ لاءِ کوٽائي نٿي ڪري سگهجي، ڇو ته ان سان تاريخي ماڳن جي اهڃاڻن کي خطرو لاحق هوندو آهي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي، جو ان قانون کي نظر انداز ڪندي موهن جي دڙي جي آثارن واري ايريا ۾ هڪ موبائيل فون ڪمپنيءَ جو ٽاور هنيو ويو آهي، جنهن لاءِ گَهري کوٽائي ڪئي وئي هئي، جيڪا پڻ هنن آثارن لاءِ خطرو بڻيل آهي، ۳ نومبر ۲۰۱۲ع واري ڪاوش اخبار ۾ عمر ڪوٽ جي تاريخي قلعي مان مغل دور جا سون ۽ چانديءَ جا ۳۴۷ ناياب سِڪا ڦُرجڻ جي خبر پڻ لاڳاپيل حڪومتي ادارن جي عدم موجودگي، بي ڌياني ۽ عوامي بيحسيءَ جي چِٽي تصوير پيش ڪري ٿي. موهن جي دڙي جي آثارن کي بچائڻ لاءِ جيڪي ٿوريون ڪوششون ٿيون به آهن ته اهي جديد ۽ ڪنزرويشن جي عالمي تقاضائن ۽ معيار موجب نه هجڻ ڪري، ڪو گهربل لاڀ نه ڏئي سگهيون آهن، مثال طور ڀُرندڙ ۽ ڀَڄندڙ ڀِتين ۽ اهڃاڻن کي بچائڻ لاءِ انهن کي موسمي اثرن کان محفوظ رکڻ لاءِ گاري جو ليپ ڪرايو ويو پر ان ۾ ڪَلراٺي مٽي هجڻ ڪري اهو گارو سڪي پاڻ سان گڏ سِرن جا چاپڙ پڻ لاهي ٿو ڇڏي، پَڪين ۽ ڪَچين سرن سان ٺهيل، هنن ڀِتين مان نڪتل ۽ ڪريل سِرن جي جاءِ تي نيون سرون لڳائي، انهن جي اصليت کي ختم ڪيو وڃي ٿو، موهن جي دڙي جي آثارن جي دريافت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ نامياري آرڪيالاجسٽ سَر جان مارشل جي اها گاڏي جنهن تي چڙهي، هن کوٽائي جي ڪم جي نگراني ڪئي هئي، اُها به هڪ عجوبي طور هتي موجود آهي ۽ بي ڌيانيءَ سبب تباهيءَ جي رستي تي گامزن آهي، جنهن کي پڻ مرمت ڪرائي بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي، وس وارن حڪومتي ادارن، تاريخي ماڳن جي بچاءَ لاءِ ڪم ڪندڙ سمورين تنظيمن ۽ عوام کي التجا آهي ته، هر ماڻهو پنهنجو ڪردار ادا ڪري، سنڌ جي هن عظيم تاريخي ۽ آرڪيالاجيڪل ماڳ کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

No comments:

Post a Comment