Saturday, December 7, 2019

پراڻو کھڙو ھائوس - نثار کوکر


پراڻو کھڙو ھائوس
سياسي يادگيرين جو عجائب گھر
نثار کوکر
لاڙڪاڻي جي ايمپائر روڊ سان گذرندي، هاڻي توهان کي ڪيتريون ئي نيون عمارتون ڏسڻ لاءِ ملنديون. پر انهن نين عمارتن کان اڄ به وڌيڪ پرڪشش ۽ اوچي ڳاٽ بيٺل هڪ عمارت اهڙي به آهي، جنهن جي در تي جيتوڻيڪ ڪا به سڃاڻپ واري تختي لڳل ناهي پر ان جي باوجود اها تاريخي عمارت پنهنجو تعارف پاڻ آهي. جيڪا هر عام ۽ خاص لاءِ ايمپائر روڊ وارو کهڙو هائوس آهي.

Thursday, August 1, 2019

موھن جو دڙو جون عورتون سونھن جو خاص خيال رکنديون ھيون - ڊاڪٽر مبارڪ علي


موھن جو دڙو جون عورتون سونھن جو خاص خيال رکنديون ھيون
ڊاڪٽر مبارڪ علي
سنڌ جي تهذيب دنيا جي ٻين تهذيبن جي ڀيٽ تمام گهڻي منفرد آهي، پر ان بابت اسان جي معلومات اڃا تائين محدود آهي، ڇو ته صرف آثار قديمه ۽ انهن مان ملندڙ شين، جن ۾ اوزار، زيور، روزمرهه جي استعمال ۾ ايندڙ شيون شامل آهن، وغيره جي مدد سان ئي ان تهذيب جي باري ۾ معلومات گڏ ڪئي وئي آهي.

Saturday, July 20, 2019

لکنئو کان لاڙڪاڻي تائين - رفيع الزمان صديقي


لکنئو کان لاڙڪاڻي تائين
سنڌين جو فن تعمير
رفيع الزمان صديقي
Image may contain: sky and outdoor
جناح صاحب سان معمولي تڪرار کان پوءِ منھنجو ڏاڏو چوڌري خليق الزمان سن ۱۹۴۷ع ۾ جڏھن لکنئو مان لڏي اچي ڪراچي ويٺو ته ھن جي خواھش ھُئي ته ھو سياسي جھڳڙن پنھنجي پاڻ کي پري رکي. انھن ڏينھن ۾ سنڌ جي ھڪ طاقتور شخصيت ايوب کوڙو صاحب منھنجي ڏاڏي کي لاڙڪاڻي وٺي آيو. اتي ھن منھنجي ڏاڏي لاءِ ڪجھ گھر تيار ڪرايا ھُيا ته جئين منھنجو ڏاڏو سياسي وڳوڙ کان پري رھي پنھنجا ڏينھن گوشه نشيني ۾ گزاري سگھي.
اھي گھر سنڌي ھندو ڇڏي ويا ھُيا، ڏاڏي کي انھن مان ھڪ حويلي تمام گھڻي پسند آئي ۽ پاڻ ان ۾ رھڻ لڳو.

Wednesday, July 10, 2019

نصرت ڀٽو وومين لائبريري لاڙڪاڻو - لياقت راڄپر


نصرت ڀٽو وومين لائبريري لاڙڪاڻو
تاريخ جو سفر
لياقت راڄپر
ڪجهه مهينا اڳ مان جڏهن لاڙڪاڻي ويس ته پريس ڪلب ويندي منهنجي نظر هڪ نئين عمارت تي پئي ته مون کي پراڻو ٽائون هال ياد آيو، جيڪو ان جڳهه تي ٺهيل هو. خبر پئي ته نثار کهڙو جڏهن هن ٽرم کان اڳ ايم پي اي ۽ وزير هيو ته هن پنهنجي ترقياتي فنڊن مان پئسا ڏنا هئا ته جيئن پراڻو ٽائون هال ڊاهي ان جي جاءِ تي نئين عمارت اڏي وڃي، جنهن ۾ نصرت ڀٽو وومين لائبريري به قائم ڪئي وڃي.

Thursday, June 27, 2019

لاڙڪاڻي ۾ قديمي اسڪول جا ۱۰۰ سال - منير سومرو


لاڙڪاڻي ۾ قديمي اسڪول جا ۱۰۰ سال
منير سومرو
Image result for pilot school larkanaلاڙڪاڻي ۾ قائم گورنمينٽ پائليٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول کي ۱۰۰ سال پورا ٿي ويا آهن، جنهن جي خوشيءَ ۾ فيسٽيول منعقد ڪيو ويو، ثقافتي ۽ ٻين شين جا اسٽال لڳايا ويا، شاگردن جي هٿن سان ٺاهيل آرٽ جا ماڊل پڻ نمائش لاءِ رکيا ويا، ان کان علاوه اسڪائوٽس ڪئمپ ۾ اسڪائوٽس جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مختلف سرگرميون ڪرايون ويون. جشن جي موقعي تي تقريب ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، ميئر محمد اسلم شيخ، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو محمد نعمان صديق، اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو اقبال تنيو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش، ڊسٽرڪٽ سيڪنڊري ايجوڪيشن آفيسر لاڙڪاڻو اختر حسين ڪوريجو، اسڪول جي پرنسپال الله بخش سومرو، پيپلز پارٽي اڳواڻن خير محمد شيخ، نور الدين ابڙو، استادن علي مظفر لاهوري، سڪندر ڪلهوڙو، قربان لغاري، شاگردن سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

لاڙڪاڻو واري تجر بلڊنگ جي تاريخي حيثيت - آصف رضا موريو


لاڙڪاڻو واري تجر بلڊنگ جي تاريخي حيثيت
آصف رضا موريو
Image result for Tajar building Larkanoلاڙڪاڻو شهر جي مرڪزي علائقي ۾ موجوده جناح باغ موجود آهي جيڪو ڪنهن دور ۾ نواب ولي محمد خان جي ملڪيت هوندو هيو جنهن جي وفات کان پوءِ سندس ميت کي تابوت ۾ بند ڪري هن باغ جي هڪ حصي ۾ زميني سطح کان چند فٽ هيٺ عارضي تربت “تجر” ۾ رکي ان جي مٿان قبو ٺهيو ويو هيو. فارسي زبان ۾ تجر جو مطلب “عارضي آرامگاهه” ورتو ويندو آهي ان لاءِ هن عمارت ۽ باغ تي بعد ازان اهو ئي نالو پئجي ويو.

Wednesday, June 26, 2019

لاڙڪاڻي جون قديم عمارتون بچايو - ذوالفقار راڄپر


لاڙڪاڻي جون قديم عمارتون بچايو
ذوالفقار راڄپر
پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي وزير نثار کهڙو جي گهر جي ويجهو ۽ شاهنواز ڀٽو لائبريري جي سامهون موجود لاڙڪاڻو ضلعو ڪائونسل جي قديم تاريخي عمارت جي زبون حالت، ڪائونسل جي چيئرمين، وائيس چيئرمين سميت ٻئي موجود عملي کانسواءِ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، ميئر سميت ٻي انتظاميه ۽ تهذيب ثقافت کان وانجهيل شهرين طرفان لاڳيتو هر ڏينهن ٿيندڙ زيادتي، لاپرواهي ۽ قديم تاريخي جاين ۽ ماڳن تي قبضن واري ذهنيت کي ظاهر ڪري ٿو، اها حالت نه فقط ان اڪيلي عمارت سان آهي پر لاڙڪاڻي شهر جي قديم پوليس لائين جي ڪوارٽرن، آفيسن، ايليمنٽري ڪاليج جي ۱۹۲۶ع واري عمارت جي ڀر ۾ موجود قديم هيڊماستر جي بنگلي جي دردناڪ حالت جي قصي سميت ذوالفقار باغ جي ڀر ۾ موجود قديم بنگلي تي قبضي جي صورت ۾ موجود آهي.

Wednesday, May 15, 2019

گورنمينٽ پائلٽ هاير اينڊ سيڪنڊري هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو - آصف رضا موريو


گورنمينٽ پائلٽ هاير اينڊ سيڪنڊري هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو
جشن سوساله ۷ سال يا ست مهينا پهريون ڪرڻ واري تاريخ سان هٿ چراند ڇو؟
آصف رضا موريو
۱۲ فيبروري ۲۰۱۹ع تي ۳ وڳي ڌاري گورنمينٽ پائلٽ هائرسيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو جي انتظاميه طرفان سو سال مڪمل ٿيڻ تي ۱۰۰ ساله جشن شروع ٿيو جيڪو ۴ ڏينهن ملهايو ويو. پربت جيڏي هي شاندار عمارت لاهوري محلي جي لاڙڪاڻو جي وي آءِ پي روڊ تي اولهه طرف واقع آهي جنهن جي پٺيان ايليمينٽري ڪاليج، سينٽ جوزف اسڪول، سرڪٽ هائوس ۽ ضلعي کاتن جهڙوڪ ڊپٽي ڪمشنر آفيس، ججن جا گهر، ڪورٽون وغيره جون بيشمار عمارتون هن وقت به موجود آهن جڏهن ته ان عمارت جي اتر اولهه وارو علائقو لاهوري محلي جو هڪ حصو آهي. اسڪول جي اتر ۾ ڀٽي سردارن ۽ کهڙي سردارن جا بنگلا آهن ۽ ان جي سامهون پڻ ڪنهن دور ۾ ڀٽن جا بنگلا ۽ سرائي ٺاري خان لاهوري طرفان دان ڪيل وڏي علائقي ۾ لاڙڪاڻو جي سول اسپتال آهي. پائلٽ اسڪول اتر اولهه ۽ ڏکڻ وارو سمورو علائقو انگريزن جي دور ۾ سرڪاري ادارن ۽ عمارتن لاءِ مختص ڪيل هوندو هيو جڏهن هاڻي ان سموري علائقي جي گهڻي تڻي حصي کي قبضه خور ماڪڙ جيان ڦٻائي گهر ٺاهي ويٺا آهن.

Thursday, May 9, 2019

گومي ٻائي ليڊيز ڪلب لاڙڪاڻو - ذوالفقار راڄپر


ذوالفقار راڄپر
جيڪڏهن ڪنهن به، سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي وٽ موجود، قديم ثقافتي ورثي وارين  جاين جي لسٽ پڙهي هوندي ته اوهان کي ان سڄي لسٽ ۾ ڪٿي به ڪراچي شهر کان سواءِ ڪنهن به ٻئي شهر جي قديم ثقافتي ورثي وارين جاين بابت ڪنهن به هڪ جاءِ بابت  هڪ لفظ به نه ملندو. ان جو سبب اهو آهي ته حڪومت وٽ ان ڳالهه ۽ ڪم جي اهميت ايتري نه هوندي ۽ جن ماڻهن جيئن ياسمين لاري، ڪليم لاشاري ۽ ٻين جيڪو به ڪم ڪيو آهي، انهن جو دائرو ڪراچي شهر رهيو آهي. لاڙڪاڻي کان وٺي شڪارپور، جيڪب آباد کان وٺي حيدرآباد ۽ ٺٽي تائين، سنڌ جا هزارين قديم ورثا يا ته ميسارجي ويا آهن، يا انهن تي قبضي خورن قبضا ڪري، انهن جو تاريخي حسن ۽ نشانيون ختم ڪري ڇڏيون آهن. اها خبر ته لاڙڪاڻي جي ڪمشنر ۽ ڊي سي کي به نه هوندي، نه ته انهن جي موجودگي ۽ انهن جي سامهون لاڙڪاڻي جون قديم عمارتون بي وسي ۾ موجود نه هجن ها، في الحال لاڙڪاڻي ۽ سنڌ ۾ ڪو هاشم ميمڻ جهڙو ڊي سي ته موجود نه آهي.

Friday, March 1, 2019

ڇمڪڻو سودائيءَ جو انٽرويو - ھمير گاد


مشھور شاعر ڇمڪڻو سودائيءَ جو روزنامه ”پريشان“ کي ڏنل يادگار انٽرويو.
ھمير گاد
پورو نالو ڇمڪڻو تخلص سودائي.
پهرين اپريل ۱۴ آگسٽ ۱۹۷۸ع ۾ ڳوٺ ”لڌو ڳوليو“ ۾ ڄائو.
ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ جو شوق جاڳيس.
ٻارن جي رسالي ”هي ٻار منهنجو نه آھي“ ۾ لکڻ جي شروعات ڪيائين.
ننڍپڻ ۾ صحت اهڙي هُيس جو جڏھن پيءُ سان اسڪول ويندو هو ته پاڙي وارا سمجهندا هئا ته اسپتال ٿو وٺي وڃيس.
سندس هڪ ڪلام ”گهوڙي جي ڄڃ“ تي کيس موچڙن جي ايوارڊ سان نوازيو ويو هو.
صحافي؛ ”ڇا اوهان کي ننڍپڻ کان ئي شاعر ٿيڻ جو شوق هو.؟“
ڇمڪڻو؛ ”چئي سگهو ٿا! پر مون کي ڊاڪٽر ٿيڻ جو ڏاڍو شوق هو. ڇاڪاڻ ته منهنجي رائيٽنگ بچپن کان ئي خراب هئي.“

Tuesday, February 26, 2019

سنڌ جي تاريخي ماڳن جا نوادرات بچايو - خالد ٻانڀڻ


سنڌ جي تاريخي ماڳن جا نوادرات بچايو
خالد ٻانڀڻ
قومن جي تاريخ، تهذيب صدين جي سڃاڻپ جو مرڪز هونديون آهن، جن سان معلوم ٿيندو آهي ته قديم تاريخ رکندڙ ٻولي ۽ قومون ڪيتريون هزار صديون پراڻيون ۽ پنهنجي خطي ۾ سڃاڻپ رکندڙ آهن. پاڻ جيڪڏهن تاريخ کي پروڙيندا پرکينداسين ته اهڙن حوالن سان پوري دنيا جي تاريخ ڀري پئي آهي، جنهن کي پڙهڻ ۽ سمجھڻ جي ضرورت آهي. ڪتابن جا باب کٽي ويندا پر تاريخ جا ڦهليل ورق ڪڏهن به پورا نه ٿيندا، انهن تهذيبن ۾ سرفهرست سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ اوچو ۽ اعليٰ مقام رکندڙ آهي. پاڻ جيڪڏهن موئن جي دڙي کان شروعات ڪنداسين ته ان جو ڦهلاءُ پنج هزار سال قديم تاريخ تي مشتمل آهي، جنهن سان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي تهذيب، تمدن، تاريخ، ثقافت ڪيتريون صديون پراڻي پنهنجي ياداشت رکي ٿي. سنڌ جي تاريخ، تهذيب جيتري پراڻي آهي، ايترو اڄ ان کي سنڀالڻ وقت جي حاڪمن کان ڄڻ مشڪل ٿيندو پيو وڃي. اسان جو ثقافت وارو صوبائي کاتو به ڄڻ ته سنڌ جي ساڃاھ وند سونهن کان منهن موڙيون بيٺو آهي. موئن جو دڙو سنڌ، پاڪستان ته ڇا پوري دنيا ۾ هن خطي کي سڃاڻپ ڏيو بيٺو آهي. شايد ئي دنيا جو اهڙو ڪو ملڪ هوندو، جيڪو هن پنج هزار سال پراڻي تهذيب کي ڏسڻ ۽ گھمڻ لاءِ نه آيو هوندو. ڇو ته هن وقت بهتر موسم گرمي جي شدت گھٽ هجڻ سبب دنيا جا سياح موئن جو دڙو ڏسڻ لاءِ ايندا رهن ٿا.

Monday, February 25, 2019

لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو- لياقت راڄپر


تاريخ جو سفر
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو-هڪ تاريخي ڪتاب
لياقت راڄپر
سنڌ جي پُراڻي تاريخ ته پري پر هن دور ۾ به تاريخ لکڻ وارا گهٽ آهن ته پوءِ تاريخ ڪيئن محفوظ ٿيندي. ڪجهه ڏينهن اڳ مان لاڙڪاڻي صرف انهيءَ لاءِ ويس ته لاڙڪاڻي جي رهيل ماڳن مڪانن، شخصيتن ۽ اُنهن رسمن ۽ رواجن کي محفوظ ڪريان ته جيئن ايندڙ نسل کي خبر پوي ته سنڌ ۽ لاڙڪاڻي جي تاريخ ڪٿان ۽ ڪيئن سفر ڪندي پئي اچي. ان ڏس ۾ ڪجهه دوستن ڪم ڪيو آهي ۽ ڪجهه ڪم هاڻي کان پهريان ڪيو ويو آهي پر اُهو ٿورو آهي. آئون پنهنجي وس آهر زندگيءَ جي مصروفيتن مان وقت ڪڍي ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهيو آهيان پر جڏهن ڪتاب ڇپرائڻ جي مرحلي ۾ آيو آهيان ته ڪوبه ماڻهو پري پري تائين هن ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيندي نظر نه آيو آهي.