قنبر علي خان جون ڪجھ شخصيتون
1.
رامچند چمناڻي
سائين رامچند چمناڻي قنبر جو انتهائي لائق ۽ هوشيار استاد ٿي گذريو آهي.
رامچند ولد نامو مل ۲۸ آگسٽ ۱۹۱۱ع تي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم قنبر ۾
حاصل ڪئي. هُو ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر ۾ استاد طور مقرر هو ۽ هتان جي هوشيار
استاد طور اڳوڻي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ بيحد مشهور هو. اسڪول ۽ امتحان جي نظم ۽ ضبط جو
سخت پابند هو ۽ ٻين لاءِ به ايئن چاهيندو هو. هڪ ڀيري اسڪول جي ڪجھ استادن مٿس هڪ
ڪُوڙو الزام هڻي، سندس بيعزتي ڪئي، جنهن تان ان ئي حالت ۾ هُو خانصاحب دوست محمد
خان هڪڙي وٽ شڪايت کڻي ويو، جنهن ساڻس انصاف ڪيو ۽ ملوث استادن کي معطل ڪري ڇڏيو ۽
کيس احترام ڏنو، پر پوءِ سائين رامچند چمناڻي قنبر ۾ وڌيڪ ترسي نه سگھيو ۽ رتي
ديري هليو ويو، جتي سندس آجيان گلن جي ورکا سان ڪئي وئي. هن پوءِ لاڙڪاڻي ۾ سرڪٽ
روڊ لڳ رهائش اختيار ڪئي.
2.
ڊاڪٽر رحمت اللھ منگي
هيءُ چيسٽ اسپيشلسٽ ۽ ماهر ڊاڪٽر آهي. ڊاڪٽر رحمت اللھ ولد محمد موسى منگي ۵
آڪٽوبر ۱۹۵۶ع تي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن گريجوئيشن (ايم بِي بِي ايس) ۽ ايم سِي پِي
ايس ڪئي آهي ۽ پنهنجي شعبي ۾ مهارت رکي ٿو ۽ سينئر ميڊيڪل آفيسر آهي. هو ۱۹۸۳ع کان
ڪراچيءَ ۾ لاسي ڳوٺ، گڏاپ ٽائون، ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.
3.
ميان شاهل محمد ڪلهوڙو
ميان شاهل محمد عرف شاهه علي سنڌ جو مشهور ڪلهوڙا حڪمران ٿي گذريو آهي، جنهن
سنڌ جي زراعت کي هٿِي وٺرائڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ورتيون، سندس گھڻي دلچسپي زرخيز
زمينن کي وڌائڻ ۽ زراعتي سڌارن ۾ گذري، جن ۾ گھاڙ واهه جي نئين سِر کوٽائي ڪرائي
هڪ ننڍي ڦاٽ مان عاليشان واهه بڻايو، جنهنڪري فصل تمام سٺا لهڻ لڳا. ميان شاهل
محمد ولد ميان دائود ڪلهوڙو ۲ صفر ۱۰۰۲هه مطابق ۲۱ جولاءِ ۱۵۹۳ع تي بکر ۾ پيدا
ٿيو. هُو پنهنجي ڀاءُ ميان الياس محمد ڪلهوڙي جي وفات کان پوءِ مسند نشين ٿيو،
جنهن سان گڏ ۽ ان کان پوءِ هن ميانوال تحريڪ جي تسلسل کي قائم رکيو ۽ ميانوال
تحريڪ کي اڳتي وڌايو.
ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي باري ۾ ”تحفته الڪرام“ (سنڌي ترجمو ۱۹۵۷ع) ۾ لکيو
ويو آهي، ته هن ابڙن ۽ سانگين کان زمينون کسي، اولاد، ڀائرن ۽ عزيزن ۾ ورهايون ۽
پاڻ حبيباڻي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو، جنهن تي ابڙن جي وڏيرن ڄام صديق ابڙي ۽ ڄام جلال خان
ابڙي سندس مريدي ڇڏي مخالف زميندارن جو ساٿ ڏنو ۽ لڙايون شروع ٿيون. زميندارن کي
بکر جي مغل گورنر جي مدد حاصل هئي. نيٺ هڪ لڙائيءَ ۾ ميان شاهل محمد ڪلهوڙو ۱۶۵۷ع
(۱۰۶۸هه) ۾ شهيد ٿي ويو.
سندس مقبرو قنبر-لاڙڪاڻي روڊ کان اتر طرف لنڪ روڊ تي ۲ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي،
تعلقي قنبر جي حد ۾، گھاڙ واهه جي ڪپ تي آهي، جيڪو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ۱۱۸۸هه ۾
جوڙايو. مقبري تي ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي. مقبري اندر ميان شاهل محمد جي پٽ شاهه حسن
جي قبر به آهي، جڏهن ته مشهور آهي ته ميان شاهل محمد ڪلهوڙي کي اولاد نه هو.
4.
صابر فقير ڪلهوڙو
هيءُ پنهنجي دَور جو عالم، بزرگ، شاعر، ليکڪ ۽ ڪاتب هو. پڙهڻ لکڻ سان چاهه
هئس. صابر فقير ولد ميان حال اللھ ڪلهوڙو ۱۷۹۵ع تي ڳوٺ ڀاوند لاکا، تعلقي قنبر ۾
پيدا ٿيو. سندس قلمي نسخن جي زيارت لاءِ پري پري کان عقيدتمند ڪَهي ايندا هئا، جن
کي هُو پنهنجا لکيل نسخا سوکڙي طور به ڏيندو هو. هن قرآن شريف جا ڪيترائي قلمي
نسخا لکيا، تنهن کان سواءِ علم ابجد، شجري سازيءَ ۽ اسلام جي تاريخ تي به لکيائين،
جن ۾ عربي، فارسي ۽ ابوالحسن جي سنڌي استعمال ٿيل آهي. سندس لکيل ڪجھ قلمي نسخن جا
نالا هن ريت آهن: ڪنزالعبرت ، تاريخ عالم اسلام ، لغات نامه (عربيءَ ۾)، مدحيات
ميان محمد حسن، فالنامه (فارسيءَ ۾)، طبِ فارسي، غزل عشق (فارسيءَ ۾)، فوائد
والتسخير في علم الوقف والتڪبير (عربيءَ ۾)، مڪتوباتِ انشائيه (فارسيءَ ۾)، سورت
واضحى مبارڪ جو تفسير ، علم ابجد، يوسف زليخا جو قصو، وغيره. اهو قلمي ذخيرو سندس
پويَن وٽ زبون حالت ۾ موجود آهي. هن قرآن شريف جا لڳ ڀڳ ۲۰ قلمي نسخا لکيا. هن ۱۸۷۹ع
۾، هڪ نسخي ۾ ترجمو ۽ شرح فارسيءَ ۾ به لکي. سندس وفات ۱۹۱۳ع ۾ ٿي. کيس ڀاوند لاکا
جي مقام ۾ دفنايو ويو.
5.
عباس ڪوريجو
هيءُ نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي. غلام عباس ولد حاڪم علي ڪوريجو پهرين مارچ ۱۹۸۳ع
تي ڳوٺ ڪوريجا، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم قنبر ۾ پِرائڻ کان
پوءِ هن شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم اي (اڪنامڪس) پرائيويٽ ڪئي آهي. عباس
ڪوريجي لکڻ جي شروعات ۱۹۹۹ع کان ڪئي. هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون ۽ شاعري سرجي
آهي. سندس ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب ”چنڊ پيرن هيٺ“ ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ۲۰۰۵ع ۾
ڇپيو. هُو ۲۰۰۴ع ۾ سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جو ميمبر ٿيو ۽ ان جو سيڪريٽري ۽
خزانچي به رهيو آهي. هن قنبر ۾ مختلف تعليمي ۽ ڪمپيوٽر جا ادارا پڻ هلايا آهن. انٽرنيٽ
تي پڻ ويب سائيٽون جوڙڻ جي حوالي سان ڪم ڪري پيو. سندس مستقل رهائش ڳوٺ ڪوريجا ۾
آهي.
6.
عبدالحميد ميمڻ
هيءُ سماجي ڪارڪن ۽ قنبر ميونسپل ڪاميٽي ۾ سينئر سب انجنيئر آهي. هو پهريون
شخص آهي جنهن قنبر ۾، ۲۰۰۴ع ۾، ”ميمڻ ڪمپيوٽرائيزڊ پريس“ لڳائي. عبدالحميد ولد
عبدالوهاب ميمڻ پهرين مارچ ۱۹۶۲ع تي ڳوٺ ڇڄڙا، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري
تعليم ڇڄڙن ۽ علي خان ۾ حاصل ڪئي، مئٽرڪ هاءِ اسڪول قنبر ۾ پڙهي، ڊپلوما ۸۱-۱۹۸۰ع
۾ گورنمينٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ميرس مان ۽ بِي ٽيڪ (پاس) مهراڻ يونيورسٽيءَ مان
ڪئي. عبدالحميد ميمڻ شاگرد هئڻ دوران ۸۱-۱۹۸۰ع ۾ جساف جو ميمبر رهيو، ۱۹۹۲ع کان ۱۹۹۴ع
تائين سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جي گڏجاڻين جو ميزبان رهيو ۽ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي
قنبر سان لاڳاپيل آهي. سندس طبيعت سماجي خدمتن ڏانهن مائل رهي آهي. هن فنڪاريءَ جي
سکيا، استاد اشرف علي ٻرڙي کان ورتي، پر پوءِ ذاتي مصروفيتن سبب شوق کي اڻپورو ڇڏي
ڏنائين. عبدالحميد ميمڻ ۱۹۹۰ع کان وٺي قنبر ۾ رهي پيو.
7.
مولانا عبداللھ قريشي
مولانا عبداللھ ولد مولانا محمد ڪامل قريشي ريشمي رومال تحريڪ (۱۹۱۳ع) جو هڪ
ڪردار هو، جڏهن ته مولانا تاج محمد امروٽيءَ سان گڏ خلافت ۽ هجرت تحريڪن ۾ به حصو
ورتائين. سندس ڏاڏو مفتي محمد صديق قضا جي عهدي تي مقرر هو. مولانا عبداللھ
انگريزن جي سخت خلاف هو. مولانا عبداللھ جي پيدائش ۱۸۵۰ع ۾ ٿي. پاڻ ميان نور محمد
ميڪڻ شهدادڪوٽيءَ جو پيارو شاگرد رهيو، جنهنڪري کيس ’صاحبزادو‘ سڏيندو هو. هن صاحب
فارغ التحصيل ٿيڻ بعد ڪَنڊڙي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جي درسگاهن ۾ درس تدريس شروع
ڪئي ۽ ڪافي شاگرد تيار ڪيائين. هُو آخري عمر ۾ آبائي ڳوٺ ٻير ۾ اچي فقهي تعليم ڏيڻ
لڳو. سندس وفات ۱۹۲۴ع ۾ ٿي.
8.
عبدالرحيم ڪلهوڙو
هيءُ پنهنجي دَور جو سٺو ڪاتب هو. خطاطيءَ مان خوب ڄاڻيندو هو. هُو ۱۷۹۲ع ۾
ڦٽل ڳوٺ جھلي ۾ پيدا ٿيو. والد جو نالو علي هئس. هُو ۱۸۲۲ع ۾ ڀاوند لاکا مان لڏي
ديهه ڪلر ۾ آباد ٿيو، جيڪو پوءِ ”ڪلر آباد“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. هن جي وفات ۱۸۶۲ع
۾ ٿي. سندس پٽ لونگ پڻ سٺو ڪاتب هو، جيڪو ۱۸۳۵ع ۾ پيدا ٿيو ۽ بي اولاد وفات ڪري
ويو.
9.
عبدالستار ڏيرو
هيءُ قنبر تعلقي سان واسطو رکندڙ سنڌ جو مشهور ڪامورو آهي. عبدالستار ولد غلام
حيدر ڏيرو پهرين جنوري ۱۹۵۲ع تي ڳوٺ غلام حيدر ڏيري، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن
ابتدائي تعليم ڳوٺ بٺي مان پرائڻ کان پوءِ مئٽرڪ هاءِ اسڪول قنبر، انٽر سائنس
گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۽ انجنيئرنگ (سول) ۾ گريجوئيشن (بِي اِي) ۱۹۷۵ع ۾ مهراڻ
انجنيئرنگ ڪاليج سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي. عبدالستار ڏيرو پورٽ قاسم اٿارٽي
ڪراچي ۾ ۱۹۷۵ع ۾ ئي انجنيئر مقرر ٿيو، جتي ڏهه سال ڪم ڪرڻ کان پوءِ ۸۹-۱۹۸۵ع دوران
گوادر پورٽ تي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر رهيو، ۱۹۸۹ع ۾ کيس ترقي ملي ۽ هُو پورٽ قاسم تي
ميمبر آف بورڊ براءِ لئنڊ ۽ اسپيشل پراجيڪٽ مقرر ٿيو، جنهن دوران هن ۲۱ هزار ايڪڙ
زمين ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنين کي صنعتي ڪمن لاءِ تيار ڪري ڏني. ان عهدي تي هن ۱۹۹۲ع
تائين ڪم ڪيو. جنوري-اپريل ۱۹۹۳ع ۾ هُو پورٽ قاسم ۾ سيڪريٽري، ۹۴-۱۹۹۳ع ۾ ٻيهر
ميمبر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ پورٽ قاسم، ۹۹-۱۹۹۷ع پرنسپل ايگزيڪيوٽوِ ايڊمنسٽريشن
رهيو ۽ ۱۹۹۹ع کان وٺي ڊائريڪٽر جنرل طور پورٽ قاسم تي مقرر رهڻ کان پوءِ رٽائر
ٿيو. هو انيڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي اهم، ٽريننگس، سيمينارن ۽ گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي.
کيس جيڪي سرٽيفيڪيٽ وغيره مليا آهن، تن ۾ پاڪستان انجنيئرس ڪائونسل، چارٽرڊ
انسٽيٽيوٽ آف ٽرانسپورٽ انگلئنڊ، پورٽ پلاننگ سب ڪاميٽي آف انٽرنيشنل ايسوسيئيشن
جاپان، ميمبر ڊريجنگ ٽاسڪ فورس سب ڪاميٽي جاپان، آمريڪن بايوگرافيڪل اسنٽيٽيوٽ پاران
انٽرنيشنل ڪلچرل ڊپلوما آف آنر ۽ ”فائيوِ هنڊريڊ ليڊرس آف انفلوئنس“، انگلئنڊ
بايوگرافيڪل اسنٽيٽيوٽ، ڊپٽي گورنر ريسرچ ايسوسيئيشن وغيره شامل آهن. سندس رهائش
ڪراچيءَ ۾ آهي.
10.وڪيل علي انور گوپانگ
علي انور قنبر شهر جو نامور استاد، وڪيل، مشهور سماجي شخصيت ۽ ڀلوڙ شاعر هو. علي
انور ولد محمد خان گوپانگ ۱۲ فيبروري ۱۹۳۵ع تي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هُو ۵۷-۱۹۵۶ع ۾
ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر ۾ استاد مقرر ٿيو، جنهن ۾ هن پنهنجو نالو هڪ هوشيار ۽
محنتي استاد طور پيدا ڪيو. هن شاعريءَ جي شروعات ۵۹-۱۹۵۸ع ڌاري ڪئي جيڪا ۷۵-۱۹۷۴ع
تائين ڪندو رهيو، پوءِ شاعريءَ کان ڪناره ڪشي اختيار ڪيائين. سندس شاعريءَ جو هڪ
مجموعو سندس پونيرن وٽ محفوظ آهي. ۶۱-۱۹۶۰ع ڌاري هن گوپانگ برادريءَ کي متحد ڪرڻ
جي ڪوششن جي شروعات ڪئي، جنهن لاءِ هن گوپانگ برادريءَ جي هڪ انجمن به قائم ڪرائي،
جنهن ۾ برادريءَ جا فيصلا وغيره ڪيا ويندا هئا. هن جو سماجي ڀلائي جي تنظيم ”سٽيزن
(ويلفيئر) ڪاميٽيءَ“ ۾ به سرگرم ڪردار رهيو. هُو ميونسپل ڪاميٽي قنبر جو ٻه اڍائي
سال چيئرمئن به رهيو، جنهن دوران هن شهر جي صفائي سٿرائيءَ ۽ ماڻهن جي مسئلن جو
خيال رکيو. سندس وڪالت جو عرصو ۸۹-۱۹۸۰ع جو آهي، جنهن دوران هن وڪيل طور سڃاڻپ
پيدا ڪري ورتي. ۱۹۸۳ع ۾ سياسي سرگرمين سبب کيس ايم آر ڊِي هلچل دوران گرفتار ڪري
سينٽرل جيل سکر ۾ رکيو ويو. علي انور گوپانگ جي وفات ۱۰ فيبروري ۱۹۹۴ع تي ٿي.
11.علي گوهر ميراڻي
هيءُ قنبر تعلقي جو مشهور سگھڙ آهي. وٽس سگھڙن جو ميلو متل رهندو آهي. علي
گوهر ولد فقير بخشل ميراڻي ۲۳ ڊسمبر ۱۹۴۷ع تي علي خان محلي، قنبر ۾ پيدا ٿيو. سندس نانو فقير غلام حسين ملاح ڏور ۽ ڳجھارت جو
لوڪ شاعر هو. علي گوهر ميراڻيءَ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي آهي. هُو ۱۹۶۳ع
کان ۱۹۸۰ع تائين سرڪاري ملازمت ۾ رهيو، جنهن کان پوءِ ۱۹۸۴ع تائين خانگي ملازمت
ڪري، ۱۹۸۴ع کان عريضي نويسي ڪري رهيو آهي. علي گوهر کي لوڪ ادب سان گھڻو لڳاءُ
آهي، جنهن سان ۱۹۶۳ع کان وٺي لاڳاپيل آهي. لوڪ ادب جي مڙني صنفن سان آشنائي رکي
ٿو. هُو سگھڙ جماعت تعلقي قنبر جو صدر رهي چڪو آهي. سندس رهائش مستوئي ڦاٽڪ ڀرسان
آهي.
12.غلام حسين شاهه بخاري سيد، نقشبندي مجددي
حاجي سيد غلام حسين شاهه بخاري نقشبندي مجددي، قنبر شهر جي افضل مذهبي شخصيت
آهن، جنهن جا مريد ملڪ جي چئني صوبن سميت پرڏيهه ۾ به آهن.
سيد غلام حسين شاهه ولد سيد گل محمد شاهه بخاري ۱۹۳۶ع ۾ ميرو خان تعلقي جي ڳوٺ
ڊٻ چانڊيي ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي مذهبي تعليم والد صاحب کان حاصل ڪيائون، جنهن کان
پوءِ ڪجھ ديني تعليم مولوي قادر بخش ۽ مولوي خوش محمد تنيي (ميروخان واري) وٽ به
پڙهيا. جڏهن ته رسمي تعليم پرائمري اسڪول ڊٻ چانڊيي ۾ پڙهيا ۽ روحاني تعليم حماد
اللھ هاليجوي وٽ پِرايائون. سندن مرشد مير محمد عبدالغفار رحمت پور لاڙڪاڻي وارو
هو، جنهن وٽ سائين جِن اڍائي سالن ۾ سلوڪ طَي ڪيا، جنهن کان پوءِ کين خلافت عطا
فرمائي. سيد غلام حسين شاهه بخاري پهريائين پنهنجي ڳوٺ ڊٻ چانڊيي ۾ درگاهه قائم
ڪئي، جنهن کان پوءِ لڳ ڀڳ ڏيڍ سال بلوچستان ۾ تعلقي تنبو ۾ آستانو قائم ڪيائون.
پاڻ ٻيهر ڳوٺ آيا، جتان ۱۹۷۳ع ڌاري وڏي ٻوڏ اچڻ سبب قنبر ۾ لڏي آيا ۽ هتي سرهيه
محلي ۾ رهڻ لڳا. هتي سائين جن سرهيه مسجد ۽ گوئندي مسجد ۾ به خطبا ڏنا. سرهيه محلي
۾ سائين جن ۳ سال کن رهيا، جنهن کان پوءِ جماعت سان مشورو ڪري ريلوي اسٽيشن قنبر
لڳ درگاهه عاليه جو بنياد رکيائون، جنهن جو نالو مفتي فاروق احمد (اوستي محمد
واري) ۽ وڏي صاحبزادي سيد گل محمد شاهه بخاريءَ جي صلاح سان ”درگاهه حسين آباد“
رکيو ويو. سيد غلام حسين شاهه بخاري قنبر ۾ درگاهه سان گڏ ”دارالعلوم جامعه حسينيه
نقشبنديه مجدديه اهل سنت والجماعت دربار عاليه، حسين آباد“ جو بنياد پڻ رکيو، جتان
لڳ ڀڳ ۱۵۰ عالم ۽ لڳ ڀڳ ۸۰۰ عدد حافظِ قرآن ٿي چڪا آهن.
سيد غلام حسين شاهه بخاري کي اولاد ۾ ۴ صاحبزاده آهن، جن ۾ سيد گل محمد شاهه
بخاري (۴۲ سالن جي ڄمار ۾ وفات)، سيد عطاء اللھ شاهه بخاري، سيد ثناء اللھ شاهه
بخاري (۱۳ سالن جي ڄمار ۾ بجليءَ جي ڪرنٽ سبب وفات) ۽ سيد نصر اللھ شاهه بخاري (۹
ڏينهنِ جي عمر ۾ وفات) شامل آهن. سيد غلام حسين شاهه بخاري جي رهائش، درگاهه حسين
آباد، نزد ريلوي اسٽيشن، قنبر ۾ آهي.
13.غلام مجتبى اسراڻ
هيءُ قنبر تعلقي جي نامور سياسي ڪُٽنبَ ”اسراڻ“ سان واسطو رکندڙ پ پ پ جو
مشهور سياسي اڳواڻ آهي. هُو ۱۹۸۸ع کان وٺي ۱۹۹۹ع تائين مسلسل ۴ ڀيرا سنڌ صوبائي
اسيمبليءَ جو ميمبر (ايم پِي اي) رهيو آهي ۽ زميندار پڻ آهي. غلام مجتبى ولد غلام
مصطفى اسراڻ ۱۹۳۴ع ۾ ڳوٺ خيرپور جوسي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن سياست جي شروعات
جنرل ايوب خان جي دَور کان يونين ڪائونسل جي چيئرمئن طور منتخب ٿيڻ سان ڪئي، جنهن
دوران هن خيرپور جوسي ۾ هاءِ اسڪول قائم ڪرائڻ سميت ٻيا ڪم ڪيا. هُو ۱۹۸۲ع ۾ عوام
دوست نمائندي طور ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي جو چيئرمئن چونڊيو ويو. جڏهن ته ۲۰۰۲ع ۽ ۲۰۰۸ع
جي اليڪشنن ۾ سندس ڀاءُ غلام مجدد اسراڻ پ پ پ پاران ايم پِي اي منتخب ٿيو. غلام
مجتبى اسراڻ جي رهائش ڳوٺ خيرپور جوسي ۽ لاڙڪاڻي ۾ آهي.
14.غلام مجدد اسراڻ
هيءُ قنبر تعلقي جي نامور ”اسراڻ“ ڪٽنب سان واسطو رکندڙ اڳوڻو ڪامورو ۽ هاڻ پ
پ پ جو ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ ۾ سياسي اڳواڻ آهي. هُو ۲۰۰۲ع ۾ سياست ۾ آيو، جڏهن پ پ
پ پاران سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر (ايم پِي اي) قنبر تڪ تان منتخب ٿيو ۽ ٻيهر
۲۰۰۸ع جي چونڊن ۾ پڻ ايم پِي اي ٿيو. غلام مجدد ولد غلام مصطفى اسراڻ سرڪاري رڪارڊ
موجب ۲۷ سيپٽمبر ۱۹۳۳ع تي (گھريلو رڪارڊ موجب ۳۶-۱۹۳۵ع ۾) ڳوٺ خيرپور جوسي، تعلقي
قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾، مئٽرڪ لاڙڪاڻي جي سنڌ مدرسي هاءِ اسڪول
۾، انٽر ۱۹۵۶ع ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي، گريجوئيشن (بِي اي) ۱۹۵۸ع ۾ ساڳئي ڪاليج ۾ ۽
ايل ايل بِي ۱۹۶۰ع ۾ سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهيو. هو ۱۹۷۴ع ۾ سرڪاري
نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو ۽ اسلام آباد ۾ ڪيترو ئي وقت مختلف اعلى عهدن تي مقرر رهڻ کان
پوءِ ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ صوبي جي کاتي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۾ سيڪريٽري مقرر ٿي آيو،
جنهن بعد ٻين مختلف کاتن ۾ به سيڪريٽري طور پنهنجون ذميواريون نڀايائين. هُو ۱۹۹۶ع
۾ پاپوليشن کاتي سنڌ جي سيڪريٽري جي عهدي تان رٽائر ٿيو. سندس رهائش ڳوٺ خيرپور
جوسي ۽ لاڙڪاڻي ۾ آهي.
15.محمد عثمان ٻرڙو
هيءُ قنبر جو هڪ سٺو ليکڪ، فنڪار ۽ مولوي ٿي گذريو آهي، جنهن نه صرف آتم ڪٿا
لکڻ سميت پنج ڪتاب لکيا، پر قنبر ۾ ڪتابن جو دڪان به کوليو هو. هُو قنبر جي اديبن
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي، صحبت ٻرڙي ۽ رياضت ٻرڙي جو ڏاڏو هو. محمد عثمان ولد محمد گلاب
ٻرڙو ۱۸۶۵ع (۱۳۸۵هه) ۾ قنبر تعلقي جي ڳوٺ خيرپور جُوسي ۾، ناناڻن ۾، پيدا ٿيو،
جڏهن ته قنبر شهر جي نور شاهه محلي (تڏهن سيد ڪامل شاهه بخاري محلي) ۾ سندس رهائش
هئي. ۱۸۷۲ع ۾ سندس والد وفات ڪئي، ته کيس سندس چاچي علي محمد ٻرڙي پاليو. هن ۱۰
ورهين جي ڄمار ۾ ۱۸۷۷ع ۾ سيد غلام حسين شاهه وٽ قرآن شريف پڙهي پورو ڪيو. باوجود
بيحد غربت جي، هن پنهنجي شوق سبب پنجن درجن تائين تعليم پِرائي، پوءِ کيس پنهنجي
چاچي علي محمد اسڪول مان ڪڍي، هارمونيم جو هنر سيکاريو، تڏهن به محمد عثمان لکڻ
پڙهڻ جو ڪم ڪندو رهيو. علي محمد هن کي ڪتابن جو دڪان به کولي ڏنو، جتي سندس سَوٽُ
خير محمد به ويهندو هو. اتي ئي کيس ڪتابن پڙهڻ جو گھڻو موقعو مليو. کيس ۱۸۹۸ع ۾
علي محمد ڌار ڪيو، ته هن قنبر جي ميونسپالٽيءَ ۾ نوڪري ڪئي، جتي هُو صفائيءَ جو
انسپيڪٽر به ٿيو، پر ۱۹۰۶ع ۾ عام ڏڪر سبب غريب ٿي پيو، ته نوڪري ڇڏي هارمونيم
وڄائي گذر سفر ڪرڻ لڳو.
محمد عثمان ٻرڙي خلافت تحريڪ (۱۹۲۱ع) ۾ به ڀرپور حصو ورتو ۽ سندس لفظن ۾ ”دل
وَ جان سان ڪم ڪيو“ ۽ مختلف ڪانفرنسن ۾ هميشه شرڪت ڪئي. هن پير تراب علي شاهه جي
خطبن کي محفوظ رکيو. هُو اردو ٻوليءَ مان ڪچهريءَ ۾ ويٺلن کي مختلف مواد سڌو ترجمو
ڪري ٻڌائيندو هو. هن قنبر ۾ آيل هڪ هندستانيءَ کان اردو سکي، جيڪو نجيب آباد جو
ويٺل هو. محمد عثمان ٻرڙي وٽ ڪتابن، رسالن ۽ پمفليٽن جو سٺو ذخيرو هو، جيڪو سواءِ
ايڪڙ ٻيڪڙ مواد جي ضايع ٿي ويو. هن ۶ ڪتاب لکيا، جن مان هڪ ڪتاب ڇپيو، ٻيا قلمي
صورت ۾ موجود رهيا. سندس لکيل ڪتاب هي آهن:
1.
تاريخ
جهان في احوال رسول زمان (ميونسپالٽي ۾ نوڪريءَ دوران هي ڪتاب لکيائين.)
2.
اسد اللھ
الغالب في تاريخ علي بن ابو طالب (ڇپائيندڙ: قاضي الهه ورايو خان ۽ الهه ڏنو خان
تاجر ڪتب لاڙڪاڻو. ڪتاب لاهور ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جي ڪاپي ميسر ڪانهي.)
3.
الحسن
(امام حسن عليه سلام جي زندگيءَ بابت)
4.
تهذيب
اخلاق ۽ گلشن اخلاق (هن ڪتاب ۾ هن پنهنجو نسب نامو به لکيائين ۽ شجرو به مرتب
ڪيائين.)
5.
خلافت:
تقريرات، تحريرات و تصنيفات علماء هند
6.
مجموع
راڳ (غزلن، ڪافين، رباعين، بيتن ۽ مناقبات تي مشتمل)
محمد عثمان ٻرڙي کي ٽي پٽ: ڪريم بخش (اٺن سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو)، محمد علي ۽ شوڪت علي پيدا ٿيا. شوڪت علي پڻ هڪ
ڪتاب ”آزاد حقيقت“ لکيو.
تاريخ ۽ ادب جي مطالعي سان دلچسپي رکندڙ محمد عثمان ٻرڙي کي پنهنجي پياري سَوٽ
۽ سالي خير محمد جي وفات (آگسٽ ۱۹۲۴ع) جو سخت صدمو رَسيو، جنهن کان پوءِ هُو بيحد
بيمار ٿي پيو. سندس وفات ۱۳ جنوري ۱۹۲۵ع تي ٿي.
16.محمد نواز بروهي
محمد نواز بروهي ڪمپيوٽر سائنس جو پروفيسر آهي. هو پنهنجي شعبي ۾ وڏي مهارت
رکي ٿو ۽ دبئيءَ جي هڪ فرم ۾ ڪمپيوٽر سافٽ ويئر انجنيئر آهي. هن قنبر ۾ مختلف علمي
۽ تعليمي تنظيمن پاران معلوماتي ليڪچر پڻ ڏنا آهن. محمد نواز ۱۲ ڊسمبر ۱۹۶۱ع تي
ڳوٺ خان مغل، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾، مئٽرڪ هاءِ اسڪول
قنبر ۾، انٽر سائنس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾، بِي ايس سِي فزڪس ڊپارٽمينٽ، سنڌ
يونيورسٽي، ڄامشوري ۾ ۽ ايم ايس سِي ڪمپيوٽر سائنس ۾ قائد اعظم يونيورسٽي اسلام
آباد مان پاس ڪئي.
محمد نواز بروهي ۱۹۸۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي ڪمپيوٽر سائنس ڊپارٽمينٽ ۾
ليڪچرار مقرر ٿيو. کيس ڊاڪٽريٽ ڪرڻ لاءِ ۱۹۹۰ع ۾ اسڪالرشپ ملي ۽ هُو چين روانو ٿي
ويو، جتي هن پهريائن مختلف ريفريشر ڪورس ۽ ٻوليءَ جا ڪورس ڪيا، جنهن کان پوءِ وڌيڪ
تحقيق ڪئي. چين مان موٽڻ کان پوءِ هن ڪجھ وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايو، پر ستت ئي
دبئيءَ جي هڪ فرم ۾ مقرر ٿي ويو. سندس رهائش دبئي ۾ آهي.
17.مقبول احمد قادري
مقبول احمد قادري قنبر جو تمام بهترين مصور ۽ لائق ۽ هوشيار استاد ٿي گذريو
آهي. سندس فنِ مصوري اعلى خوبين سان ٽمٽار ۽ خوبصورت هو. مقبول احمد ولد غلام نبي
قادري ۱۹۴۹ع ۾ قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري ۽ مئٽرڪ تائين تعليم قنبر ۾ پرائڻ کان
پوءِ انٽر آرٽس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي، جنهن ۾ حيدرآباد ۾ فرسٽ پوزيشن
حاصل ڪئي. هن گھڻو پوءِ، ايم اي پرائيويٽ ۱۹۹۰ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي. مقبول
احمد قادري ۶۹-۱۹۶۸ع ۾ تعليم کاتي ۾، ڊرائنگ ٽيچر طور، گورنمينٽ مڊل اسڪول گاجي
کهاوڙ، تعلقي وارهه ۾ مقرر ٿيو ۽ پوءِ جيئڻ ابڙي، ٻير ۽ هاءِ اسڪول قنبر ۾ هن
شاگردن کي ڊرائنگ سيکارڻ سميت مختلف سبجيڪٽ به پڙهايا ۽ ڪلاس ٽيچر به رهيو. هو
ٽيچر طور قطر ملڪ ۾ به پڙهائي آيو، جتي ريڊيو قطر تان سندس انٽرويو به نشر ڪيو
ويو. اُتي هن تنهن وقت جي پاڪستاني سفير جو چتر ٺاهيو، جنهن تان انعام ۽ سوکڙي طور
سفير کيس پنهنجيءَ ٻانهن تي پاتل واچ لاهي ڏني. مقبول احمد قادريءَ هاءِ اسڪول
قنبر جي سائنس هال ۾ مختلف پينٽنگون پڻ ٺاهيون. سندس ٻيو ڪيل ڪم وقت جي ستم ظريفين
جي نظر ٿي ويو آهي. سندس وفات دل جي دَوري سبب ڊسمبر ۱۹۹۲ع ۾ قنبر ۾ ٿي.
18.نثار احمد شيخ
هيءُ قنبر جو نوجوان سياسي ڪارڪن ۽ سڄاڻ صحافي هو، جنهن قنبر شهر جي صحافت ۾
سچي صحافت جا بنياد رکيا. نثار احمد ولد جمعو خان شيخ پهرين جنوري ۱۹۵۹ع تي، شيخ
محلي ۾ گُئندِي مسجد ڀرسان، قنبر شهر ۾ پيدا ٿيو. سياسي طور هُو سنڌي شاگرد تحريڪ
۾ شامل رهيو. هُو وفات تائين روزاني ”هلال پاڪستان“ جو نمائندو رهيو. سندس لکيل
سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جون ڪيتريون ئي خبرون ”هلال پاڪستان“ ۾ ڇپيون. سنگت قنبر
جون گڏجاڻيون پڻ سندس جڳهه ۽ اوطاق تي ۱۹۸۰ع کان ۱۹۸۴ع تائين ٿينديون رهيون. هُو
ڪار ۾ ”عبرت“ جي نمائندي روشن علي شيخ سان گڏ ڄامشوري وڃي رهيو هو، جو سندس حادثو ۲۲
ڊسمبر ۱۹۸۳ع تي دادوءَ ويجھو ڊاٽسن پِڪ اپ سان ٿيو، جنهن ۾ هُو شديد زخمي ٿيو ۽
کيس دادو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، پر هُو زخمن جي سٽ نه سهي سگھڻ سبب ۱۹۸۳ع ۾ وفات
ڪري ويو.
19.والي ولايت راءِ
هيءُ مشهور مذهبي اڳواڻ ۽ شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن قنبر ۾ درٻار صاحب قائم
ڪري، ان کي اوج ڏياريو ۽ قنبر درٻار سنڌ ۽ هند ۾ مشهور ٿي. ولايت راءِ ولد پرتاب
راءِ کتري ۱۸۲۵ع ۾ هالا پراڻا ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا عامل هندو سڏبا هئا ۽ ميرن جا
ڪاردار ۽ منشي هئا. ولايت راءِ قاضي خاندان کان ابتدائي تعليم حاصل ڪئي ۽ سنڌي،
فارسي ۽ عربي پڙهيو. ولايت راءِ به ۱۸۴۲ع ڌاري ۱۷ ورهين جي ڄمار ۾ ميرن جو ڪاردار
ٿيو، پر ۱۸۴۳ع ۾ ميرن جي صاحبي ختم ۽ انگريزن جي حڪومت شروع ٿي، ته هو تپيدار مقرر
ٿيو، جنهن بعد هن سجاول، ميروخان ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڪم ڪيو، پر سرڪاري خزاني ۾ کوٽ ۽
حساب ڪتاب ۾ ڀولي سبب مٿس ڪيس هليو ۽ کيس ۶ مهينا سزا ملي، جنهن دوران درويشي
خيالن سندس ذهن ۾ واسو ڪيو. جيل مان ڇٽڻ کان پوءِ سندس رهاڻيون شڪارپور ۾ سوامي
شنڪر ڀارتيءَ ۽ لاڙڪاڻي ۾ مشهور وڪيل چانڊو مَل سان ٿيون. پوءِ هن برهمڻن جي صحبت
۾ رهي گھڻو ڪجھ پِرايو، جنهنڪري سندس پڻ ڪيترائي شش ٿيا. هُو هر سال روهڙي، جھوڪ ۽
سيوهڻ جي صوفين سان ملڻ ويندو رهندو هو. هُو قنبر ۾ ۱۸۸۵ع ۾ آيو، جتي هن قنبر
درٻار جو بنياد رکيو ۽ شاعري ڪرڻ به شروع ڪئي، جيڪا سنڌي، اردو ۽ سرئڪي ٻولين ۾
آهي، جنهن ۾ عارفاڻو ۽ صوفياڻو ڪلام آهي. هن جي وفات قنبر ۾ جيوت سنگھ جي گھر ۾ ۱۵
جنوري ۱۸۸۷ع تي ٿي. سندس سماڌي قنبر درٻار ۾ آهي.
20.وڌو فقير ديدڙ
هيءُ پنهنجي دَور جو مجذوب شاعر هو. سندس شعر وقت جي گردشن کان بچي ناهي
سگھيو. هُو ديدڙ ڳوٺ، تعلقي قنبر جو رهاڪو هو ۽ ديدڙن جي مشهور سگھڙ-شاعرن حُسين
فقير ديدڙ ۽ شاهه محمد ديدڙ جي ڏاڏنگ مان هو. سندس وفات لڳ ڀڳ ۱۸۱۰ع ۾ ٿي. هن جي
مزار ديدڙن جي مَقام ۾ آهي، جتي حسين فقير ۽ شاهه محمد پڻ دفنايل آهن.
21.حڪيم هدايت اللھ ڪلهوڙو
هيءُ پنهنجي تَـر جو سٺو حڪيم هو. سندس هٿ ۾ شفا هئي. هدايت اللھ ولد صاحب ڏنو
ڪلهوڙو ۱۹۴۷ع ۾ ڳوٺ ڀاوند لاکا، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هو پ پ پ ڀاوند لاکا جو
اڳواڻ به هو. سندس وفات ۶ آگسٽ ۱۹۹۷ع تي دل جي دوري سبب ٿي. کيس ڳوٺ جي قبرستان ۾
دفنايو ويو. نوجوان حڪيم عبدالرزاق ڪلهوڙو سندس پٽ آهي.
22.هولارام هنس
هيءُ هڪ سٺو اديب ۽ ايڊيٽر آهي. هولارام هنس ولد رهندو مل هسيجا ۱۵ جُون ۱۹۳۴ع
تي قنبر شهر ۾ پيدا ٿيو. هُن ابتدائي تعليم قنبر مان حاصل ڪئي ۽ انگريزي پڙهڻ لڳو
ته ورهاڱو ٿيو، جنهن سبب سندس وڏا ۱۹۴۸ع ۾ هتان لڏي وڃي بممئي پهتا، جتان پوءِ
مهاراشتر ۾ ويٺا. هولارام ۱۹۵۵ع ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي، پوءِ غربت سبب
پڙهائيءَ سان گڏ نوڪري ڪرڻ لڳو. هن ۱۹۶۰ع ۾ بِي اي ۽ پوليٽيڪل سائنس ۽ پبلڪ
ايڊمنسٽريشن ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ايم اي جي تعليم حاصل ڪئي. هن ۱۹۹۲ع ۾ نوڪريءَ
تان رٽائر ڪيو.
هولارام هنس پنهنجي ڪتاب ”آتم ڪٿا هڪ اديب جي...“ (۲۰۰۴ع) ۾ لکي ٿو: ”اسان جا
ابا ڏاڏا ’ناڙي‘ ۾ رهندا هئا. ان ڪري انهن کي ’ناڙيوال‘ ڪري ڪوٺيندا هئا. پنهنجي
ڌرم جي بچاءُ لاءِ کين اُتان لڏڻو پيو ۽ اچي لاڙڪاڻي جي ڀر ۾، قنبر ۾، ٿائنيڪا ٿيا
هئا. منهنجي ابن ڏاڏن جي وڏڙي جو نالو پرمانند هو، ان ڪري اسين سڏجون ’پرماڻي‘،
اسان جو گھر ’هسيجا‘ جي نالي سان مشهور آهي. هسيجا آهي اسان جي نُک.“
هولارام هنس ۱۹۷۹ع ۾ لکڻ شروع ڪيو، جنهن بعد مسلسل لکڻ ۽ ڇپجڻ لڳو. سندس
ڪيترائي ڪتاب هندي، مرهٽي ۽ انگريزي ٻولين ۾ ترجمو ٿيا آهن. انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل
سندس ڪتاب ” Secrets of Happy and Successful Life “ (سِيڪريٽس آف
هيپِي اينڊ سڪسيزفل لائيف) ۱۹۹۳ع کان ۱۹۹۸ع تائين هر سال ڇپبو رهيو ۽ ۱۹۹۹ع ۾ اهو ۵۰۰۰
جي تعداد ۾ ڇپيو. هو مخزن ”پشپ“ جو ايڊيٽر رهيو آهي. هولارام هنس جا ڪيترائي سنڌي ڪتاب
ڇپيل آهن، جن ۾ ”ٽي عظيم شاعر“ (جيڪو سنڌ ۾ به ڇپيو آهي)، ”آڌي رات ڏٺو مون جاڳي،
حد بيحد جي سرحد ساڳي“، ”نرتڪي“، ”فلاسافي جيوَن جي“، ”ماروئڙا“ (سنڌ جِي سار جي
جذبي هيٺ لکيل ناول)، ”پايل“ (هن ناول ۾ ڪو به مرد ڪردار ڪونهي)، ناوليٽ ”ڌرتيءَ
جي سنتان“ ۽ ناوليٽ ”رولاڪ“ وغيره شامل آهن. هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکيا
آهن، جيڪي آل انڊيا ريڊيو تان نشر به ٿيا آهن. هن ”بيسٽ سنڌي سڀا، ممبئي“ (بنياد ۱۹۵۷ع)
ٺاهڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جنهن پاران ۶۰ کان وڌيڪ ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا ويا ۽
رسالو پشپ جاري ڪيو. ان اداري جو هولارام هنس سيڪريٽري، پبلشر ۽ ايڊيٽر آهي.
ادا سائين ولايت راءِ جو احوال اوهان ڪنهن کان ورتو آهي يا اوهان ڪٿان کنيو آهي؟ مهرباني ڪري رهنمائي ڪندا.....
ReplyDeleteعرضدا: آڪاش ڪمار ساڪن هالا پراڻا