Sunday, August 5, 2012

قنبر علي خان جون ڪجھ شخصيتون - رياضت ٻرڙو


قنبر علي خان جون ڪجھ شخصيتون
رياضت ٻرڙو
1.     رامچند چمناڻي

سائين رامچند چمناڻي قنبر جو انتهائي لائق ۽ هوشيار استاد ٿي گذريو آهي. رامچند ولد نامو مل ۲۸ آگسٽ ۱۹۱۱ع تي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم قنبر ۾ حاصل ڪئي. هُو ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر ۾ استاد طور مقرر هو ۽ هتان جي هوشيار استاد طور اڳوڻي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ بيحد مشهور هو. اسڪول ۽ امتحان جي نظم ۽ ضبط جو سخت پابند هو ۽ ٻين لاءِ به ايئن چاهيندو هو. هڪ ڀيري اسڪول جي ڪجھ استادن مٿس هڪ ڪُوڙو الزام هڻي، سندس بيعزتي ڪئي، جنهن تان ان ئي حالت ۾ هُو خانصاحب دوست محمد خان هڪڙي وٽ شڪايت کڻي ويو، جنهن ساڻس انصاف ڪيو ۽ ملوث استادن کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ کيس احترام ڏنو، پر پوءِ سائين رامچند چمناڻي قنبر ۾ وڌيڪ ترسي نه سگھيو ۽ رتي ديري هليو ويو، جتي سندس آجيان گلن جي ورکا سان ڪئي وئي. هن پوءِ لاڙڪاڻي ۾ سرڪٽ روڊ لڳ رهائش اختيار ڪئي.

Friday, August 3, 2012

لاڙڪاڻي ۾ تترن جو شوق - جيئل اوڏ


لاڙڪاڻي ۾ تترن جو شوق
جيئل اوڏ
لاڙڪاڻي ۾ ۵۰ سال اڳ ”طوفان ميل هوٽل“ هيو ۽ ان هوٽل جي مناسبت سان ان چوڪ کي به ”طوفان ميل چوڪ“ سڏيو ويندو هيو. (هينئر ان چوراهي کي پاڪستان چوڪ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو). هوٽل جي مٿان هڪ بورڊ لڳل هيو ان تي پراڻي وقت واري ريل گاڏي طوفان ميل جي تصوير ٺھيل هئي جنھن کي ڪاري انجڻ لڳل هئي ۽ ڪارو دونھون ڇڏيل ڏيکاريل هو. طوفان ميل هوٽل کان پوءِ اُتي ئي هڪ ٻيو هوٽل جڙيو ۽ اهو ”المدينه“ جي نالي سان مشھور ٿيو. ڪافي وقت هليو، سندس ماني ۽ چانھه تمام سٺي هئي ۽ آخر ۾ اهو هوٽل بند ٿي ويو، هينئر ان جاءِ تي ”سروس شوز“ وارن جو ڪسٽمر سروس سينٽر موجود آهي.

لاڙڪاڻي جا خفتي ۽ گوئر - جيئل اوڏ


لاڙڪاڻي جا خفتي ۽ گوئر
جيئل اوڏ
لاڙڪاڻي جتي ناميارن سياستدانن، ڏاهن، علم دوستن ۽ ڪلاڪارن کي جنم ڏنو، اُتي وري ڏاندن ۽ ڪُڪُڙن جي شوقينن به جنم ورتو. ڀلا گوئر ڏاند ۽ ڀلي نسل جي ڪُڪُڙن کي ڌارڻ ۽ تيار ڪري وڏن وڏن ميلن ۾ وڏين شرطن تي ويڙهائڻ سندن شوق رهيو. ڪڪڙن جي اهڙن شوقينن کي ”خفتي“ به چيو وڃي ٿو، خفتي جي لغوي معنى آهي (ويڙهائڻ لاءِ پکي پاليندڙ يا سانڍيندڙ)، هونئن به ڏٺو وڃي ته ميل کان سواءِ به ڪڪڙن اسان جي سماجي ۽ معاشرتي زندگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

فنِ مصوري ۽ لاڙڪاڻي جا مصور - جيئل اوڏ


فنِ مصوري ۽ لاڙڪاڻي جا مصور
جيئل اوڏ
الله تعالى جي پوري ڪائنات سج، تارا، ڪتيون، سمنڊ، درياء، ڍنڍون، ڍورا، تلاءِ، زمين، جبل، چشما، آبشار، پھاڙن مٿان ساوڪ، وڻ، ٻوٽا، ماٿريون، خوش نما نظارا، آبي جانور، فضا ۾ پرواز ڪندڙ ننڍا وڏا پکي ۽ ساهه وارا، ساوڪ ڀريا کيت، زمين مٿان خشڪ وارياسا برپٽ، آسمان تي ڪڪر، انھن جي ٽڪرجڻ سان وِڄ جو ٺھڻ، ستن رنگن کي ظاهر ڪرڻ واري برسات دوران انڊلٺ (Rainbow)، تيز طوفان واچوڙا، چانڊوڪي رات (چوڏس) خوش نما باغ باغيچا ۽ ان ۾ قسمن قسمن جا گل، جدا جدا رنگن ۾ هجڻ جن جي ڏسڻ سان انسان تمام خوشي ۽ سرهائي محسوس ڪري ٿو. ان سڄي مانڊاڻ جو خلقڻھار هڪ آهي، ڪي ان کي الله چون ڪي ڀگوان، ڪي ايشور، پرميشور، ڪي رام ته ڪي گاڊ (God) جي نالي سان سڏين. آهي هڪڙو پر سڀ پنھنجي عقيدي مطابق جدا جدا نالن سان ان کي ياد ڪن ٿا.

سنڌي دائي ۽ سندس لوڪ علاج تاريخ جي آئيني ۾ - جيئل اوڏ


سنڌي دائي ۽ سندس لوڪ علاج تاريخ جي آئيني ۾
جيئل اوڏ
سنڌ هڪ زرعي علائقو آهي ۽ ۸۰ سيڪڙو رهواسي هارپ جو ڪم ڪن ٿا، جيڪي شهر کان پري پنهنجي ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ بلڪل خوش نظر اچن ٿا، هينئر ته هر ننڍي ۽ وڏي ڳوٺ ۾ بجلي به پهچي ويئي آهي. روڊ ۽ رستا به ٺهي ويا آهن، هرهڪ ڳوٺ ۾ هوٽل ۽ انهن ۾ T.V ۽ ڊش موجود آهي. پر پوءِ به ڳوٺاڻا ٻين گهربل سهوليتن کان دور آهن.

لاڙڪاڻو- يادن جو سفر - جيئل اوڏ


لاڙڪاڻو- يادن جو سفر
جيئل اوڏ
منھنجو ٻالڪپڻو ڌنا سنگهه گهٽي نزديڪ پراڻي اناج منڊي ۾ گذريو، ٿورو عرصو رهڻ بعد اها جاءِ ڇڏي برهمڻ حويلي نزد کٽاڻ بازار ۾ رهائش ٿي. پنھنجي حياتيءَ ۾ ننڍپڻ کان وٺي هن وقت تائين جيڪو مون ڏٺو، محسوس ڪيو سو هن پيپر ۾ پيش ڪيو اٿم.
لاڙڪاڻي جي سٻاجهڙن، سادن سودن، محنت ڪـَشن جو ذڪر آهي جن هتان جي عوام جي خدمت ڪئي، لاڙڪاڻي کي خوشحال ۽ پُر رونق بنائڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي. ڪردار بلڪل نوان آهن ۽ هِننِ تي اڳ ۾ شايد ڪنھن به قلم نه کنيو آهي، هي سڀ لاڙڪاڻي جي تاريخ جو هڪ حصو آهن، اميد ٿو رکان ته منھنجي هن غريباڻي پورهئي کي پسند ڪيو ويندو.

Thursday, August 2, 2012

سنڌ جا گاھ - جيئل اوڏ


سنڌ جا گاھ
جيئل اوڏ
سنڌ هڪ زرخيز ۽ زرعي علائقو آهي. هت پوک جا آثار صدين کان ملن ٿا ۽ چوپائي مال جي پالنا جي پروڙ به موهن جي دڙي جي تھذيب کان ٿي ملي. آڳاٽا لوڪ ڌڻ ڌارڻ سکيا ۽ چوپائي مال جي کير، ڏڌ، مکڻ ۽ گوشت تي سندن گذران هو. سنڌيءَ ۾ پھاڪو آهي ته “ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي.” ڌڻي لفظ جي به اصل معنيٰ هئي “ڌڻ وارو” ۽ پوءِ “ڌني”  معنيٰ ته ڌن وارو يا شاهوڪار. ڌڻي معنيٰ مالڪ (ڪھڙي به ملڪيت جو) ۽ ڌنار (ڌڻار) معنيٰ ڌڻ وارو. اڳي  ماڻھو ڀاڳ وارو سمجھندا ئي انھيءَ کي هئا، جنھن وٽ ڳئون، مينھون، رڍون ۽ ٻڪرين جا ڌڻ هوندا هئا. اڄڪلھ به سنڌ جي ٻھراڙين ۾ مال وندن کي ڀاڳيا ( ڀاڳ وارا) به سڏيو ويندو آهي.

پنهنجو لاڙڪاڻو - جيئل اوڏ


پنهنجو لاڙڪاڻو
(وسريل ماڳ ۽ ڪردار)
جيئل اوڏ

لاڙڪاڻي جي تاريخ تي گھري نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته هن باغن جي شھر ۽ سندس ماڻھن قدرتي ۽ هٿ ٺوڪي نموني سان ڪھڙيون ڪھڙيون تڪليفون ڏٺيون:

۱۹۲۰ع ڌاري لاڙڪاڻه وچ شھر ۾ باهه لڳي جنھن ۾ وڏو معاشي نقصان ٿيو ۽ لاڙڪاڻي جي سونھن کي ڪافي ڌڪ لڳو. ان واقعي کانپوءِ لاڙڪاڻي ۾ آنند شيوا منڊلي جو بنياد پيو.
۱۹۲۹ع ۾ قدرتي وبا ڪالرا جي بيماري پئي ۽ ان ۾ لاڙڪاڻي جا ڪيترا ڪونڌر مري ويا ۽ گهرن جا گهر اجڙي ويا. ڪيترائي سماجي ۽ مخلص ڪارڪن هن وبا دوران خدمت ڪندي وفات ڪري ويا، جن ۾ ريجهو مل به هڪ هو.