Saturday, August 29, 2015

مان جيڪڏهن بابا جي چوڻ تي عمل ڪيان ها ته شايد ايتري تڪليف نه اچي ها - مشتاق انصاري

مان جيڪڏهن بابا جي چوڻ تي عمل ڪيان ها ته شايد ايتري تڪليف نه اچي ها
مشتاق انصاري

وهم جو انسان جي زندگيءَ ۾ وڏو عمل دخل آهي. اهو هر وقت ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هن جي سامهون ايندو رهي ٿو. اها هڪڙي اهڙي ڪيفيت آهي جنهن جي ڪري انسان گهڻين ئي پريشانين جو شڪار ٿي وڃي ٿو. اسانجي روزه مره جي زندگيءَ ۾ ڪي اهڙا به ڏينهن ٿين ٿا، جن جي لاءِ چيو ٿو وڃي ته انهن مان ڪنهن خاص ڏينهن تي ماڻهو کي سفر نه ڪرڻ گهرجي نه ته وڏي نقصان ٿين جو انديشو آهي. انگن ۾ به ڪي اهڙا انگ ٿين ٿا جن کي نڀاڳ جي نشاني سمجهو ٿو وڃي.

موهن جي دڙي جون اڏاوتون - پروفيسر جي- ايڇ- ڪٽپر

موهن جي دڙي جون اڏاوتون
پروفيسر جي- ايڇ- ڪٽپر
صاحب! هن مٽيءَ جي دڙي کي ڇو ٿا کوٽايو؟ محمد ادريس صديقيءَ جنهن ”واديءَ سنده کي تهذيب“ ڪتاب لکيو آ چوي ٿو ته؛ اهو سوال کانئس هڪ بلوچ مزدور ان وقت ڪيو، جڏهين اسان رياست مڪران جي شهر پنجگور کان 30 ميل پري، هڪ دڙي جي ڊاڪٽر هنري فيلڊ سان گڏ محڪمهءَ آثار قديمه پاڪستان طرفان کوٽائي ڪرائي رهيا هئاسون. اها 1954ع جي ڳالهه آهي، اهو دڙو درياه رخشان جي ڪناري تي واقع آهي، ان وقت درياه جي پيٽ مان صرف واري اڏامي رهي هئي. شايد ان مزدور جي اها سوچ هئي ته کوٽائيءَ مان حاصل ٿيندڙ ٺيڪراٽ مان ڇا حاصل ٿيندو. ادريس صديقي چوي ٿو ته مان چاهيو پئي ته ان مزدور کي مطمئن ڪندڙ جواب ڏيان پر شايد منهنجو جواب ان اڻ پڙهيل مزدور کي مطمئن نه ڪري سگھي ها.ان ڪري مان ان مزدور کي کلي ٽاري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح اسان جڏهين ٻين دڙن تان ٺيڪراٽ گڏ پيا ڪيون ۽ ان وقت جي اسان کي ڪي انوکي وضع جا نادر ٿانون جا ٽڪرا ملن پيا ۽ اسان خوشيءَ ۾ نه پيا ماپئون ته اسان جي چوڌاري بيٺل ڌنار ۽ ٻيا ماڻهو اسان کي ڏسي کلن پيا، شايد هو اسان کي سر ڦريا ۽ چريو پيا سمجهن. ان کان پوءِ ادريس صديقي ٻڌائي ٿو ته اسان بهاولپور هليا آياسون ۽ قديم هاڪڙي درياه جي گذرگاه تان دڙن جي تلاش ڪئي سون ته اتي به ڪي اڻ پڙهيل توڙي پڙهيل نوجوان اسان جي بي مصرف صحرانوردي تي تعجب پيا کائن.

Saturday, July 11, 2015

جمعو فقير - رياضت ٻرڙو

جمعو فقير 
رياضت ٻرڙو

جمعي فقير کي ڪتاب ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ۽ ٻين مضمونن ۾ ’جمعو فقير منگي‘ ڪري لکيو ويو آهي، جڏهن ته تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته جمعو فقيرُ ذات جو سومرو هو. هو ڪُور سليمان ڳوٺ، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو، ۽ پوءِ ڳوٺ ڏتل ابڙي ڀرسان ڪنهن ننڍي ڳوٺ ۾ اچي رهيو. جمعو فقير سومرو پنهنجين دلچسپ ڳالهين سبب، لاڙڪاڻي ۾ رهائش ڪرڻ جي ڪري ”لاڙڪاڻي جو وتايو“ سڏيو ويو. حقيقت ۾ هُو قنبر شهر ۾ ڪجھ عرصو رهڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي لڏي وڃي رحمت پور محلي ۾ ويٺو. سندس پورو نالو محمد جمن هو، پر ’جمعو فقير‘ سڏيو ويندو هو. جمعو فقير قنبر ۾ مين روڊ تي، پٺاڻ مسجد ڀرسان، صندل تي حجامڪو ڪم ڪندو هو، جنهنڪري ئي ڀُل وچان کيس ذات جو منگي سمجھيو ويو. سندس گفتن ۾ وڏي ڏاهپ هئي. هو ماڻهن کي لاجواب ڪرڻ جو فن ڄاڻيندو هو. لاڙڪاڻي لڏڻ کان اڳ هن شهدادڪوٽ ۾ گداگري به ڪئي هئي. لاڙڪاڻي ۾ عام طور گڏهه تي چڙهي گھمندو هو ۽ هٿ ۾ پنهنجي قد کان به ٻه هٿ وڏِي ڏانگ هوندي هيس. سندس ڪيتريون ئي ڳالهيون مشهور ٿيون، پر اهي لکيون نه ويون. ضرورت آهي ته سندس گفتن کي سهيڙيو وڃي. هتي سندس ڪجهه گفتا ڏجن ٿا:

Saturday, July 4, 2015

جمعو فقير - مشتاق انصاري

جمعو فقير
جنھن جي ڀُٽي صاحب سان دوستي هئي!
مشتاق انصاري
لاڙڪاڻي جتي وڏن وڏن سياستدانن، اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن کي جنم ڏنو آهي، اتي ڪي اهڙا سادا ۽ الله لوڪ ماڻهو به پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي مسڪيني حال ۾ به عوام جي وڏي خدمت ڪئي اهي پر اهڙن ماڻهن جو اسان نه ڪڏهن قدر ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن ڀلئي ڀلائي انهن کي ياد ڪيو آهي.

Sunday, May 24, 2015

امان لولن واري - مشتاق انصاري

امان لولن واري
مشتاق انصاري
صبح جو سويل ماني پچڻ جي وڻندڙ خوشبو تي منهنجي اک کلي وئي، مون پنهنجي   ماسات فدا حسين کي چيو ته ”ڪيڏي نه سٺي خوشبو ٿي اچي اٿ ته هلي هيٺان ماني کائي اچون“

Sunday, April 19, 2015

تجر بلڊنگ - ذوالفقار راڄپر

تجر بلڊنگ

لاڙڪاڻي جي تاريخي عمارت 
ذوالفقار راڄپر

۱۹۶۰ جي ڏهاڪي دوران جڏهن لاڙڪاڻي جي شهرين جي هڪ وڏي اڪثريت جي گهرن ۾ ريڊيو اڻ لڀ هوندو هو، تڏهن ان دور ۾ شهري روڊن ۽ اهم چونڪن تي لڳل لائوڊ اسپيڪرن وسيلي سنڌي، اردو گانا، گيت، خبرون، گم ٿيل ٻارن جا پڙها ۽ ٻيا اعلان هڪ مقامي ريڊيو اسٽيشن وسيلي  ٻڌندا هئا،اهو مقامي ريڊيو جنهن عمارت ۾ موجود هو، اها شهر جي وچ ۾ تجر بلڊنگ جي نالي سان مشهورآهي ۽ اڄ جنهن باغ کي جناح باغ چيو وڃي ٿو،ان جو به نالو تجر باغ هو. اسان خود اها تجر عمارت ،پاڪستان نيشنل سينٽر،(جنهن کي  چونڊيل نمائندن جي مافيا پاران پنهنجي ڪرپشن جي ديڳ ۾ وڌيڪ پئسا ڀرڻ لا۽  ڊاهي پٽ ڪري ان جي جاءِ تي هڪ لائبريري جوڙائڻ جو  ڏيکاءُ ٿي رهيو آهي)  ان جي ڀر ۾ ڏسندي وڏا ٿيا آهيون. شهر جي ڪجهه جهونن شهرين ايڊووڪيٽ امان الله شيخ ۽ سائين اعجاز پيرزادو ٻڌايو ته انهن پنهنجي اڀرندڙ جواني جي جوڀن جي ڏينهن ۾ شهر جي چونڪن تي لڳل لائوڊ اسپيڪرن وسيلي تجر بلڊنگ ۾ موجود مقامي براڊ ڪاسٽنگ سروس وسيلي گانا، ملڪي  ۽ مقامي خبرون ٻڌيون هيون.

Saturday, February 21, 2015

گومي ٻائي ليڊيز ڪلب لاڙڪاڻو - ذوالفقار راڄپر


گومي ٻائي ليڊيز ڪلب لاڙڪاڻو
ذوالفقار راڄپر
جيڪڏهن ڪنهن به سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي وٽ موجود قديم ثقافتي ورثي وارين  جاين جي لسٽ پڙهي هوندي ته اوهان کي ان سڄي لسٽ ۾ ڪٿي به ڪراچي شهر کان سواءِ ڪنهن به ٻئي شهر جي قديم ثقافتي ورثي وارين جاين  بابت ڪنهن به هڪ جاءِ بابت  هڪ لفظ به نه ملندو، ان جو سبب اهو آهي ته حڪومت وٽ ان ڳالهه ۽ ڪم جي اهميت ايتري نه هوندي ۽ جن ماڻهن جيئن ياسمين لاري، ڪليم لاشاري ۽ ٻين جيڪو به ڪم ڪيو آهي، انهن جو دائرو ڪراچي شهر رهيو آهي. لاڙڪاڻي کان وٺي شڪارپور،جيڪب آباد کان وٺي حيدرآباد ۽ ٺٽي تائين سنڌ جا هزارين قديم ورثا يا ته ميسارجي ويا آهن، يا انهن تي قبضي خورن قبضا ڪري انهن جو تاريخي حسن ۽ نشانيون ختم ڪري ڇڏيون آهن. اها خبر ته لاڙڪاڻي جي ڪمشنر ۽ ڊي سي کي به نه هوندي، نه ته انهن جي موجودگي ۽ انهن جي سامهون لاڙڪاڻي جون قديم عمارتون بي وسي ۾ موجود نه هجن ها، في الحال لاڙڪاڻي ۽ سنڌ ۾ ڪو هاشم ميمڻ جهڙو ڊي سي ته موجود نه آهي.