Sunday, May 24, 2015

امان لولن واري - مشتاق انصاري

امان لولن واري
مشتاق انصاري
صبح جو سويل ماني پچڻ جي وڻندڙ خوشبو تي منهنجي اک کلي وئي، مون پنهنجي   ماسات فدا حسين کي چيو ته ”ڪيڏي نه سٺي خوشبو ٿي اچي اٿ ته هلي هيٺان ماني کائي اچون“


هيٺ لهي اچڻ کانپوءِ اسان ٻئي ڄڻا سڌو بور چيخاني ۾ وڃي پهتاسين، جتان ماني ۽ چانهه جي مليل جليل خوشبو اچي رهي هئي، جنهن اسان جي بک کي ويتر وڌائي ڇڏيو، اسان جي ناني اسان جي لاءِ نيرن ناهي رهي هئي، اسان کان وڌيڪ  صبر ڪو نه پيو ٿئي ان ڪري اسان ان مهل ئي هن کان ماني گهري،  تڏهن هن  اسان کي چيو ته  پهريان وڃي هٿ مهنن ڌوئي اچو پوءِ توهان کي ماني ملندي.
هر روز صبح جو اسان کي چانهه سان ماني  ملندي پر ڪڏهن ڪڏهن اسان ڀرواري دڪان تان وڃي ٽڪي جو دونئرو وٺي ايندا هئاسين، جيڪو انهن ڏينهن ۾ ٽڪي ۾ گهڻو به ملندو هيو ۽ کائڻ ۾ به ڏاڍو سٺو هوندو هيو. ان جي مٿان ملائي جو هڪڙو وڏو تهه ڄميل هوندو هيو، جنهن تي اسان کنڊ جو ٻڪ وجهي سچي گيهه مکيل ماني سان کائيندا هئاسين ته ڏاڍو مزو اچي ويندو هيو. منجهند جي ٽائيم تي هر روز مختلف قسم جي ڀڳل ٻوڙ جو وٽو ڀريل ملندو هيو ۽ وات جو خوشبو وارن سڳداسي چانورن سان لکيدر جون ٺهيل چاپون ۽ ڪباب ملندا هئا. ان کان علاوه هوءَ اسان جي لاءِ مکڻ ۽ ميدي مان لذيذ لولا ٺاهي هر وقت گهر ۾ رکي ڇڏيندي هئي. ان ڪري مون هن جو نالو ئي ”امان لولن“ لاڙي رکيو هيو.
هوءَ هميشه اسان کي اهڙا سٺا سٺا کاڌا ٺاهي ڏيندي هئي، هن جي هٿ جي ٺهيل هر شئي سٺي ۽ وڻندڙ هوندي هئي. خاص طور هن جو ٺهيل ڪريلا، گوشت (جنهن کي هوءَ مهيل سڏيندي هئي)، ٽماٽا، گوشت ۽ مڇي جو ٻوڙ ته سڀ کان وڌيڪ سٺو هوندو هيو. هن جي ٺهيل کاڌن ۾ ايترو ته سواد هوندو هيو جو ڪافي ڏينهن تائين اسان کان اهو ذائقو وسرندو ئي نه هيو. اسان سوچيندا هئاسين ته الائي اهو شڪارپور جي پاڻي ۾ ايترو اثر آهي يا کاڌي جون شيون ايتريون سٺيون ۽ خالص آهن يا وري واقعي سڄو ناني جي هٿ جو ڪمال آهي.
اسان جي ناني چانهه به ڏاڍي سٺي ٺاهيندي هئي. جنهن وقت ان مان اسان کي به ڍڪ ملندو هيو. ان چانهه ۾ به هڪڙي الڳ خوشبو ۽ ذائقو هوندو هيو. حقيقت اها آهي ته ان زماني ۾ گهر ۾ چانهه ٺاهي پيئڻ جو اڃا ايترو رواج ڪونه هيو. لسي ۽ ڏڌ جو استعمال گهڻو ٿيندو هيو پر ان جي بجاءِ ان وقت اسان جي گهر ۾ چانهه گهڻي ٺهندي هئي. ان جو سبب ڇا هيو. اهو ته معلوم ٿي نه سگهيو پر امڙ ايترو ٻڌائيندي هئي ته سندس والد (اسان جو نانو) گهڻي چانهه پيئندو هيو. جنهن جي ڪري گهر ۾ ٻين به چانهه پيئڻ شروع ڪئي ۽ پوءِ اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين اسان جي گهر ۾ هلندو ٿو اچي.
انهن ڏينهن ۾ اسان جي گهر جي ماڻهن جي اٿڻي ويهڻي به ٻين کان ڪجهه مختلف هئي ۽ روايتن جي برعڪس اسان جي خاندان ۾ مردن جي بنسبت عورتون وڌيڪ لکيل پڙهيل هونديون هيون. اسان جي خاندانن جي هڪڙي عورت مائي رحيمان جو بابا سائين گهڻو ذڪر ڪندو رهندو هيو. جنهن جي ڳالهين ۽ پڙهڻ جي شوق کي ڏسي بابا پاڻ به لکڻ پڙهڻ ڏانهن راغب ٿيو. ان عورت جون ڳالهيون هونديون به ڏاڍيون مزيدار هيون. بابا پنهنجي ڊائري ۾ ان عورت جي باري ۾ هڪڙي هنڌ لکي ٿو ته:
مائي رحيمان هڪ عجيب عورت هوندي هئي. هوءَ سنڌي لکي پڙهي ڄاڻندي هئي. اردو جي به ڪافي ڄاڻ هيس. هن وٽ پراڻن ڪتابن جو وڏو ذخيرو هيو. ايرجه ناما، تورجه ناما، مندلي نامه، لالا نامه ۽ ٻيا گهڻائي ڪتاب هن وٽ موجود هيا. هوءَ هر روز رات جو لالٽين ٻاري ڪنهن مٿاهين هنڌ تي رکي اکين تي بنا ڪمان واري عينڪ ڌاڳن سان قابو ڪري ڪو نه ڪو ڪتاب وڏي آواز سان پڙهڻ لڳندي هئي ۽ اسان سڀ گهروارا هن جي چوڌاري ويهي هن کي ٻڌندا هئاسين. صاحب قران جا ڪارناما، عيارت جون چالبازيون ۽ جادوگرن جا ڪرتب اسان جي اڳيان ڄڻ جيئرا جاڳندا ڪردار نظر ايندا هئا. “ ان کان علاوه هوءَ اسان کي سائنس جون به وڏيون وڏيون ڳالهيون ٻڌائيندي هئي. مثال طور هوءَ چوندي هئي ته ”دنيا ڏاند جي سڱ تي بيٺل آهي، جڏهن ڏاند سڱ مٽائيندو آهي ته زلزلو ايندو آهي. ڪڪر  سمنڊ ۾لهي پاڻي پي پوءِ اچي ويندا آهن، سج شام جو اولهه ۾ سمنڊ ۾ لهندو آهي، کيس اڪيچار زنجير پيا هوندا آهن، جن سان ملائڪ کيس ڇڪيندا آهن، ساري رات سج زمين جي هيٺان پنڌ ڪندو رهندو  آهي ۽ وري ٻي ڏينهن تي اوڀر کان اڀرندو آهي، دنيا جي پڇاڙي ۾ ڪوهه ڪاف جبل آهي، جنهن کانپوءِ جنن ديون ۽ پرين جو ملڪ آهي، سڪندر ذوالقرنين کي ٻه سونا سنڱ  هوندا هئا، لقمان حڪيم کان وڌيڪ ڄاڻ سندس شاگرد حسن حڪمتي کي هوندي هئي. منهن گونگو ۽ ٻوڙو بڻجي لقمان حڪيم ان کان طب جو علم سکيو، هڪڙي دفعي لقمان حڪيم هڪ ماڻهو جي کوپڙي کولي ان مان ڏيڏر ڪڍي رهيو هيو ته ان وقت حسن حڪمتي پهريون  دفعو ڳالهايو ۽ چيو ته استاد ائين نه ڪر.ائين ڪرڻ سان ڏيڏر مريض جو مغز کڻي ٽپو ڏيندو، تنهن ڪري هن ڏيڏر جي پيرن هيٺان ڪپهه جا پها رکيا ۽ تنهن کانپوءِ شيخ تپائي ڏيندڙ تي رکيائين جنهن ٽپي ڏيڻ وقت مريض جي مغز بدران ڪپهه جا پورا کڻي ٽپو ڏنو.
هڪڙي دفعي لقمان حڪيم هڪ سفوف تيار ڪيو جو مئل ماڻهو کي جيئرو ڪرڻ لاءِ ڪم اچي ها، اهو سفوف تجربي جي دوران هارجي پيو، قصو هئين آهي ته استاد لقمان حڪيم زندگي جو سفوف ٺاهيو ۽ پاڻ تيل جي ڪڙاهي ۾ لهي ويو ۽ اتي پچي مري ويو، سندس هدايت موجب حسڻ حڪمتي کي اهو سفوف تيل جي ٿهڪندڙ ڪڙاهي ۾ وجهڻو هيو پر  هن اڃان اڌ مس وڌو هيو ته جبرائيل پنهنجو پر هڻي اڌ سفوف هاري ڇڏيو، ان ڪري لقمان حڪيم اڌ جيئرو ٿيو ۽ ان ڏينهن کان وٺي اڄ  تائين ڪڙاهي ۾ پيو آهي ۽ اردو ۾ دانهون ڪندو ٿورهي ته
” ڊال دو- ڊال دو “
هوءَ عمليات جي به ماهر هئي، تجويزن جو پراڻو ڪتاب هميشه هن وٽ موجود هوندو هيو، جنهن ۾ هو بيماري ۽ هر تڪليف جو ڇوٽڪارو نقشن ۾ تعويزن جي صورت ۾ هوندو هيو، پاڻ پڙهي ڏيندي هئي،  پري کان طوفان ڏسندي ته گلاس پاڻي جو پڙهي ڇڏيندا، ان طرف هڻندي  هئي ۽ اعلان ڪندي هئي ته  ويو حڪم خدا جي سان پرجي حڪم خدا جي سان نه ويندو هيو ۽ وري وڪوڙي ويندو هو، ته پوءِ چونڊي هئي ته ڏاڍو ڇو هو هيو. پڙهي ڇندا نه هڻانس ها ته ملڪ درهه برهه ٿي وڃي ها.
جڏهن به اسان جو شڪارپور وڃڻ  جو پروگرام ٺهندو هيو ته ڪافي ڏينهن اڳ ۾ تياريون شروع ٿي وينديون هيون، وڃڻ واري وقت کان اڳ ۾ ئي رات جو بابا اسان کي تاڪيد ڪرڻ شروع ڪندو هيو ته صبح جو سويل اٿجو ڪٿ ائين نه ٿي ته ريل نڪري وڃي، حالانڪ ريل منجهند جي ٽائم تي وڃن هوندي هئي اسان ٻارن کي ته هون ئي ريل جي سفر ۾ ايندو هيو مزو تنهن ڪري خوشي ۾ سڄي رات ننڊ  ئي نه ايندي هئي، صبح جو سوير ئي تيار ٿئي ويندا هياسين، رستي تي کائڻ  لاءِ امڙ اسان جي لاءِ ماني به ٺاهي کڻندي هئي لٽا ڪپرا هڪڙي  ننڍي لوهي پيتي ۾ ٺاهي وجهندي هئي، ٻيون شيون  هڪڙي ڪکائين ڇليءَ  ۾ يا ڪپڙي جي هڪڙي ڳنڍ ۾ وجهندي هئي، هر شيءِ  سنڀالي کڻن کانپوءِ  به ڪانه ڪا شيءِ  هميشه رهجي ويندي هئي تياريون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اسان ٽانگي تي چڙهي اسٽيشن تي ويندا هياسين، انهن ڏينهن ۾ شهر ۾ايتري ٽريفڪ نه هوندي هئي جنهن جي ڪري  شهر ۾ ايترو گوڙ نه هوندو هيو، جڏهن  ٽانگو لاڙڪاڻي جي روڊن تان لگهندو هيو ته اسان کي رڳو گهوڙي جي پيرن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هيو، تنهن وقت اسٽيشن شهر جي اولهه طرف هوندي هئي، جنهن جي ڪري ريلوي  ڦاٽڪ (گهنٽي ڦاٽڪ) ٽپي وڃڻو پوندو هيو ۽ جيڪڏهن اهو ڦاٽڪ ڪنهن وقت بند هوندو هيو ته اسان کي ڪافي دير تائين ان جي کلڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو هيو، پر پوءِ جڏهن اورين پاسي نئون پليٽ فارم ٺهيو ته پوءِ گهنٽي سهولت ٿي پئي ۽ شهر  جي سونهن ۾ به اضافو ٿيو، شام جي ٽائيم  تي ماڻهو تفريح جي خيال کان اسٽيشن تي گهڻي ويندا آهن.
اسان جو شڪارپور دادو ناناڻو گهو ٽي منزله هيو، اونهاري جي موسم ۾ اسان سڀ رات جو مٿي ڪوٺي تي وڃي سهندا هياسين، اسان جي ناني صبح جو سويل ٻانگن مهل ننڊ مان اٿي هيٺ لهي ويندي هئي، گهر جو سڄو  ڪم ڪار پورو ڪري ۽ نيرن جي ماني ٺاهڻ کانپوءِ وري مٿي چڙهي ايندي هئي ۽ سج اڀرڻ کان به اڳ ۾ اسان کي اچي ننڊ مان اٿاريندي هئي، ننڊ مان سويل اٿڻ  واري اها عادت اڃان تائين اسان ۾ موجود آهي. ان کان علاوه هن اسان کي اٿن ويهڻ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ ادب احترام سيکاريو، هوءِ نهايت ئي نيڪ دل عورت ئي جنهن جي ڪري هن جونه صرف پنهنجي گهر ۾ وڏو اثر هيو پر پاڙي اوڙي جون به سڀ عورتون هن کان گهڻو متاثر هيون جيڪي پنهنجي گهر جي ڪم ڪار مان فارغ ٿيڻ کانپوءِ هن وٽ اچي گڏ ٿينديون هيون، کيس گهر جي ڪم ڪار ۾ مدد ڪنديون هيون ۽ پوءِ ڪچهري ڪرڻ  سان گڏ پنهنجي گهرو مسئلن جي باري ۾ به هن کان صلاح مشورو وٺنديون هيون.
منهنجو جنم ان ئي گهر ۾ ٿيو هيو ۽ منهنجي ننڍپڻ جوبه ڪافي عرصو اتي گذريو. اسان جو سڄو ڏينهن حرڪتون ڪندي گذرندو هيو، انهن حرڪتن ۾ منهنجا ٻئي ماسات فدا حسين ۽ عاشق حسين مونسان گڏ هوندا هيا، گهر ۾ راند ڪندي اسان ڪنهن مهل ڊڪندا ڊڪندا مٿي ڪوٺي تي چڙهي ويندا هياسين ۽ وري ان ئي پيرن تي تڪڙا تڪڙا هيٺ لهي ايندا هياسين، تڪڙو لهڻ جي ڪري  ڏاڪڻ مان ڪنهن مهل پير ترڪندو هيو ته هيٺ اچي ڦهڪو ڪندا هياسين.
هڪڙي دفعي اسان جي ناني ڪنهن عورت کي شادي ۾ تحفو ڏيڻ لاءِ هڪڙو قيمتي رئو وٺي آئي جيڪو ڪجهه  وقت کان پوءِ گهر مان  گم ٿي ويو گهڻي ڳولها کان پوءِ به جڏهن اهو نه لڌو ته ناني کي اسان ٽهي ماساتن ۾ شڪ پيو، پڇاڳاڇا جي دوران ڪوبه سچي نه پيو ڪري، نيٺ جڏهن ناني چيو ته جيڪو سچ ٻڌائيندو ان کي خرچي ملندي تنهن تي عاشق حسين سچي ڪندي چيو ته ” پاڙي ۾ مون هڪڙي ڀيڻ ڪئي آهي اهو رئو مان ان کي ڏئي آيو آهيان“
ٻي دفعي ڦٽاڪن واري عيد تي اسان گهر ۾ ڦٽاڪا پئي ٻاريا ناني اسان کي گهڻو سمجهايو ته گهر ۾ ڦٽاڪا نه ٻاريو پر اسان هن جي ڳالهه کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، مامو عثمان به ان وقت اچي گهر ۾ داخل ٿيو، هڪڙو ڦٽاڪو ان جي پيرن ۾ وڃي ڌماڪي سان ڦاٽو، پوءِ ته هيون گهر ۾ مامي  عثمان جون رڙيون ، حالتون خراب ڏسي اسان ٽئي ماسات ان مهل گهر مان ٻاهر ڀڄي وياسين.

پنهنجي انهن حرڪتن جي ڪري گهڻا دفعا اسان ناني جا دڙڪا ۽ مارون به کاڌيون، وقت گذرڻ سان هاڻي سڀ ڪجهه بدلجي چڪوآهي، هاڻي نه اهي ننڍپڻ جون حرڪتون رهيون آهن، نه ئي سچا ۽ سٺا کاڌا ۽ نه وري هاڻي ناني جهڙن وڏڙن جو اسان جي مٿان شفقت جو ڪو هٿ ئي رهيو آهي.

No comments:

Post a Comment