گومي ٻائي ليڊيز ڪلب لاڙڪاڻو
ذوالفقار راڄپر
جيڪڏهن ڪنهن به سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي وٽ موجود قديم ثقافتي ورثي وارين جاين جي لسٽ پڙهي هوندي ته اوهان کي ان سڄي لسٽ
۾ ڪٿي به ڪراچي شهر کان سواءِ ڪنهن به ٻئي شهر جي قديم ثقافتي ورثي وارين جاين بابت ڪنهن به هڪ جاءِ بابت هڪ لفظ به نه ملندو، ان جو سبب اهو آهي ته حڪومت
وٽ ان ڳالهه ۽ ڪم جي اهميت ايتري نه هوندي ۽ جن ماڻهن جيئن ياسمين لاري، ڪليم لاشاري
۽ ٻين جيڪو به ڪم ڪيو آهي، انهن جو دائرو ڪراچي شهر رهيو آهي. لاڙڪاڻي کان وٺي شڪارپور،جيڪب
آباد کان وٺي حيدرآباد ۽ ٺٽي تائين سنڌ جا هزارين قديم ورثا يا ته ميسارجي ويا آهن،
يا انهن تي قبضي خورن قبضا ڪري انهن جو تاريخي حسن ۽ نشانيون ختم ڪري ڇڏيون آهن. اها
خبر ته لاڙڪاڻي جي ڪمشنر ۽ ڊي سي کي به نه هوندي، نه ته انهن جي موجودگي ۽ انهن جي
سامهون لاڙڪاڻي جون قديم عمارتون بي وسي ۾ موجود نه هجن ها، في الحال لاڙڪاڻي ۽ سنڌ
۾ ڪو هاشم ميمڻ جهڙو ڊي سي ته موجود نه آهي.
لاڙڪاڻي ۾ 1934 ۾ان دور جي عورتن جي تفريح ۽ ميل ملاقات لاءِ جوڙايل
”گومي ٻائي ليڊيز ڪلب“ موجود ضرور آهي، پر اهو ڪلب اڃا تائين سنڌ حڪومت جي قديم ثقافتي
جاين جي لسٽ ۾ نه اچي سگهيو آهي ۽ اها پاڪستان ٺهڻ بعد مسلسل ڪيترائي سال بي وسي جي
حالت ۾ رهي آهي. جيڪا ڪافي ڀيرا ته قبضي خورن جو به نشانو بڻجندي رهي آهي، پر ڪجهه
سالن کان ڪنهن بهتر مالڪي هيٺ به اچي وئي آهي.لاڙڪاڻي شهر جي مرڪز گهٽي ڦاٽڪ ۽ جناح
باغ جي ڀر ۾ 1934 موجود گومي ٻائي ليڊيز ڪلب لاءِ موجود تاريخ موجب ان دور ۾ عورتن جي لاءِ اها ڪلب ان دور جي
هندو برادري سان تعلق رکندڙ ڊپٽي ڪليڪٽر پنهنجي فوت ٿيل ڀيڻ ”گومي ٻائي جواهر مل“ جي
ياد ۾ جوڙائي هئي ۽ جنهن جو افتتاح هڪ انگريز عورت مس جيمس ڪيو هو ۽ ان جي پهرين صدر انگريز ڊپٽي ڪليڪٽر
جي زال مقرر ڪئي وئي هئي ۽ بعد ۾ هر ايندڙ ڊپٽي ڪليڪٽر جي گهر واري ڪلب جي صدر ٿيندي
رهندي هئي، ڪلب جي هاڻوڪي چيئر پرسن ڊاڪٽر صبيحه مغل جي لکيل هڪ مضمون موجب ”ان ڪلب
۾ 1941 ۾ آخري وائسراءِ هند جي بيگم ليڊي ماوئنٽ بيٽن کي ڪلب طرفان آجياڻو پڻ ڏنو ويو
هو، بعد ۾ پاڪستان ٺهڻ جي سانحي بعد گومي ٻائي ليڊيز ڪلب به سڄي سنڌ وانگر نراسائي
جو شڪار رهي، جنهن کي 1952 ۾ شهر جي معزز خاندان جي هڪ وڪيل غلام حيدر مغل جي زال
۽ بيگم يار محمد جوڻيجو بيگم رعنا لياقت علي خان جي عورتن واري تنظيم اپوا جي پليٽ
فارم تان ٻيهر اچي آباد ڪيو هو. ان کان سواءِ ڪلب ۾خان بهادر کهڙو، علي گوهر کهڙو،
جمال الدين بخاري، عتيق الزمان، رفيق الزمان، فقير محمد جعفري جي گهر وارين ۽ بيگم
اشرف عباسي ڪلب ۾ سرگرم هيون. ڊاڪٽر صبيحه مغل موجب اڄ به کيس ڪلب متعلق ننڍپڻ جو يادون
تازيون آهن، ان دور ۾ به اتي مينا بازار، ٿيندڙ دعوتون، عورتن جي نيشنل گارڊ جو تقريبون
ٿينديون هيون. ڊاڪٽر صبيحيه مغل موجب کيس ننڍپڻ ۾ ان ڪلب ۾ ئي هڪ ڊريس شو ۾ مغل پرنس
جو گيٽ اپ ڏنو ويو هو. ان بعد ٻئي دور ۾ بيگم قاضي اختر ڪلب جي جنرل سيڪريٽري ٿي. جڏهن
ته بيگم عبدالرزاق سومرو، بيگم رضا محمد ڀٽو، بيگم ايس خان، بيگم فريده مغل، بيگم شڪيلا
غالب، بيگم الطاف قادري ۽ آپا ڪنيز قادري اچي ڪلب کي سنڀاليو. ان کانپوءِ ۾ 1970 بعد
ڪلب ويران ٿي ويو. ان جا باغ اجڙي ويا،عمارت هڪ کنڊر بڻجي وئي.گهڻا سال پوءِ جڏهن
2004 ۾ هڪ بلڊر طرفان ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي ان تي قبضي جي ڪوششش ڪئي وئي ته شهر جي هڪ سماجي
تنظيم ارٿ لورس سوسائٽي طرفان ان جي خلاف مزاحمت ڪندي شهر جي باشعور ماڻهن ۽ تنظيمن
جو اجلاس خاڪسار هائوس ۾ 8 مئي 2004 تي گهرايو ويو، جنهن ۾ ڪلب کي بچائڻ لاءِ لاڙڪاڻو
بچايو ايڪشن ڪميٽي ٺاهي ان جو اڳواڻ ڊاڪٽر صبيحه مغل کي مقرر ڪيو ويو، ان پليٽ فارم
تان ڪلب کي بچائڻ لاءِ بک هڙتال ڪئي وئي ۽ ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪلب قبضي
کان بچي ويو.گومي ٻائي ليڊيز ڪلب ته بچي ويو، پر اڃا تائين ڪلب کي ان جو ممتاز هوٽل
وارو حصو واپس نه ٿي سگهيو آهي.بهرحال ڪلب کي بچائڻ بعد ڪلب جو رونقون ٻيهر موٽي آيون
۽ ان جا ٻيهر قاعدا قانون ۽ باڊيون جڙيون.5 آگسٽ 2005 ۾ ڊي سي احمد بخش کوکر ڪلب کي
هلائڻ لاءِ هڪ ايڊهاڪ باڊي جوڙي، جنهن ۾ ڊاڪٽر صبيحه ارشد مغل کي چيئر پرسن، فيروزا
کوکر کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪري، ڪلپنا ديوي، ڊاڪٽر فخرالنساءِ جوڻيجو، ڊاڪٽر مهه جبين
مغل ۽ ٻين کي تنظيمي ڪميٽي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. جڏهن 2006 ۾ ضلعي ناظم محمد بخش
آريجو مقرر ٿيو ته هن مسلم ق سان لاڳاپيل عهديدار عاليه رضوي کي ڪلب جو چيئر پرسن مقرر
ڪيو،۽ نئين باڊي جوڙي، بقول ڪلب جي ميمبرن جي ان تي سخت اعتراض اٿاريا ويا.جڏهن ق ليگ
جي حڪومت ختم ٿئي ته 2008 ۾ ڊاڪٽر صبيحه مغل کي ٻيهر پنهنجي عهدي تي واپس آندو ويو
۽ ڊاڪٽر اشرف عباسي، ڊاڪٽر فخرالنساء، بيگم عبدالرازاق سومرو ۽ ٻين کي تنظيمي ڪميٽي
جو ميمبر مقرر ڪيو ويو، جنهن 2008ع ۾ باقاعدي چونڊون ڪرايون، جنهن ۾ صدرشب روز ميمڻ،
جنرل سيڪريٽري شازيا جلباڻي ۽ ٻيا عهديدار
چونڊجي آيا.
ڪلب جي موجوده صدر پروين ابڙو ٻڌايو ته اڄڪلهه ڪلب لاءِ هڪ مسئلو پيدا
ڪيو ويو آهي، جو ڪلب جي اوڀر ۾ ٺهندڙ هوٽل جي ڪمرن جون دريون ڪلب طرف ٺاهيون ويون آهن،
جنهن ڪري ڪلب تي ڪافي غلط اثر پوندا، جنهن جي شڪايت ڊي سي لاڙڪاڻو کي لکت ۾ ڏني وئي
آهي، ڪلب جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري شازيه جلباڻي ٻڌايو ته ڪلب کي سال 2008 ۾ رجسٽرڊ ڪرايو
ويو هو ۽ ڪلب جا 2 دڪان اڃا تائين دڪاندارن جي قبضي ۾آهن، جن جو ڪرايو به ڪڏهن ملي
ٿو ته ڪڏهن نه ٿو ملي ۽ ڪوبه ڪمشنر ۽ ڊي سي اهي دڪان واپس نه ڪرائي سگهيو آهي، جيڪڏهن
اهي دڪان واپس ملن ته عورتن ۽ ڇوڪرين لاءِ لائبريري ۽ ڪمپيوٽر سينٽر کولڻ ۾ آساني پيدا
ٿيندي. شازيه وڌيڪ ٻڌايو ته پ پ پ جي ٻنهي حڪومتن دوران ڪلب جي ڪابه پرگهور نه لڌي
وئي ۽ خود جڏهن ڪلب جي ميمبر توقير فاطمه ڀٽو وزير ٿي ته هن به ڪلب لاءِ ڪجهه نه ڪيو،
۽ ڪيترا دفعا سسئي پليجو کي سندس وزارت دوران لکيو ويو،پر هن به ڪو جواب نه ڏنو.هن
ٻڌايو ته ڪلب ۾ بسنت کان وٺي سمر گالا، مچ ڪچهريون ۽ ٻيا فيملي ۽ ٻارن جا پروگرام ڪرڻ
سان گڏ 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن به ملهايو ويندو آهي. ان موقعي تي موجود ڪلب جي
راندين واري شعبي جي انچارج مسرت صديقي ٻڌايو ته ڪلب اندر راندين جا هفتا به منعقد
ڪيا ويندا آهن ۽ اڳتي هلي جڏهن ڪجهه فنڊ مليا ته عورتن لاءِ رانديون کيڏڻ جا بهتر بندوبست
ڪيا ويندا، هن ٻڏايو ته کين نه ضلعي انتظاميا،
نه صوبائي حڪومت نه ڪو ٻيو ادارو فنڊ ڏئي ٿو، صرف هڪ ڪمشنر عليم لاشاري هو، جنهن
15 لک فنڊ ڏنو هو ۽ ضلعي ناظم خورشيد جوڻيجو ڪلب جي ڪمري جي ڇت ٺهرائي ڏني.هن ٻڌايو
ته هڪ سال ڪلب جي بجلي به ڪٽيل هئي، ان جو سبب ڪلب جي ڪنيڪشن ۾ سڄو جناح باغ مليل هو
۽ ڪروڙ کان وڌيڪ بل آيو هو.ڪلب جي هڪ ٻي سرگرم ميمبر جهان آرا ڪلب جي اندر لائبريري
جي سوال تي چيو ته ڪلب ۾ لائبريري ضرور هجي، پر اها عوامي لائبريري نه هجي، نثار کهڙي اسان کي پبلڪ وومين لائبريري لاءِ
چيو هو، پر اسان کيس انڪار ڪيو هو، اسان کي جيڪڏهن حڪومت ڪا مالي مدد ڪري ته ڪلب ۾
ڪافي ڪم ٿئي سگهن ٿا، ڪلب کي ڪينٽين ۽ ٻيا ڪمرا به گهرجن ۽ گهڻيون ٻيون ضرورتون پوريون
ڪري سگهجن ٿيون.سنڌ اندر گومي ٻائي واحد قديم تاريخي عورتن جو ڪلب آهي، جنهن کي بچايو
ته ويو آهي، پر ان ڪلب جي قبضي ڪيل دڪانن کي خالي ڪرائڻ، ڪلب جي مکيه دروازي ٻاهران
گڏهه گاڏن جو آزار ختم ڪرائڻ، ڪلب جي ڀر ۾ ٺهندڙ هوٽل جي ڪمرن جو دريون بند ڪرائڻ،
ڪلب کي مستقبل فنڊ ڏيڻ جو بندوبست ڪرڻ، ڪلب ۾ ڇوڪرين لاءِ لائبريري، ڪپيوٽرسينٽر، نيٽ
ڪيفي کولڻ، راندين کيڏڻ لاءِ سهولتون مهيا ڪرڻ، ويهڻ ۽ آفيس سيڪريٽريٽ لاءِ ڪمرا ٺهرائي
ڏيڻ جو بندوبست ڪرڻ ۾ ضلعي انتظاميا، صوبائي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي پاڻمرادو نوٽيس
وٺڻ گهرجي ها، جيڪڏهن لاڙڪاڻي جي ڪا باشعور عورت اسيمبلي ۾ ميمبرموجود نه آهي ته گهٽ
م گهٽ روبينا قائمخاني ،نصرت سحر عباسي کي ته گومي ٻائي ليڊيز ڪلب لاءِ ڪو آواز اٿارڻ
گهرجي.
No comments:
Post a Comment