لائبريري
گهر جو روح ٿئي ٿي
اشتياق انصاري
ڪئمبرج ۾ رهڻ دوران، اڪثر ڪري موڪلن وارن ڏينهن ۾، سفري ٿيلهو پٺاڙن
تي ٻڌي، انگلينڊ ۾ ڪنهن نه ڪنهن ماڳ ڏانهن منهن ڪبو هو. ائين ويلز جي مختلف واهڻن
۽ وستين جي، پهاڙي ۽ ساحلي تفريحي ماڳن، لائبريرين ۽ ميوزمن ۾ جهاتيون پائيندو اچي
ويلز جي راڄڌاني ڪارڊف جو ڪڙو کڙڪايو. سائي چادر پاتل ڪارڊف قلعي ۾ سياحن جي ميلي
۾ ڪجهه گهڙيون گهارڻ بعد، منهنجا قدم ڪارڊف يونيورسٽي جي ڪلها گس شاگردن جي وچ
مان، رستو ٺاهيندا اچي ان جي لائبريري ۾ داخل ٿيا. اتي ڪتاب اٿلائڻ پٿلائڻ دوران
اتان جي لائبريرين هڪ واهه جو جملو چيو ته، ”يونيورسٽي ته رڳو بي جان عمارتن جو
ميڙ آهي، جيڪي هن جاندار لائبريري جي چوڦير بيٺيون آهن.“ هونئن به رومن ڏاهي سسرو
جو چوڻ آهي ته، ”ڪنهن به گهر ۾ لائبريري ڄڻ ان گهر جو روح هوندي آهي.“ اهڙي طرح
ڪجهه ڏينهن اڳ مون جڏهن ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپال، ليفٽينٽ ڪرنل افتخار حسين
سان گڏ سندس ڪاليج جي لائبريري ۾، پير پاتو ته حيران ٿي ويس. ڪيڊٽ ڪاليج جي شاندار
عمارتن جي ڀرسان قائم هي ڊاڪٽر اين اي بلوچ لائبريري واقعي هن اداري جو روح لڳي
رهي هئي. چانورن ۽ زيتونن جي سڳنڌ واري هن ديس ۾، ڪاليج جو هي ڪتب خانو چاليهه
هزار ڪتابن سان واسيل هو.
هونئن به ڪتب خانو هڪ اهڙو هنڌ آهي، جتي هڪ جاءِ تي هزارين ڏاها ڄڻ
جيئرا جاڳندا اوهان جو استقبال ڪن ٿا. ان ننڍڙي ننگري ۾ دنيا جي علم عقل وارن ۽
سماج سڌارڪن جو، ساري ڄمار جي تجربن، اهنجن، ايذائن ۽ اوجاڳن جو نچوڙ ذهني پورهيي
جي صورت ۾ محفوظ هوندو آهي. انهن ساڃاهه وندن پنهنجو سک، چين ۽ ننڊون ڦٽائي تخليقي
سوکڙيون ڏئي، ڄڻ پنهنجين پنبڻين سان ٻين
جي راهن جا ڪنڊا هٽايا هجن. هونئن به ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو اديبن لاءِ، هڪ اهڙو پريم
نگر آهي، جتي هميشه سنڌي اديبن ۽ دانشورن کي مڃتا ۽ مان ڏنو ويو آهي. حالانڪ هن
مطلبي دور ۾ سرڪاري توڙي غير سرڪاري پتڪڙا ادارا به، هميشه اهڙن ماڻهن کي ڳچي ۾
هار وجهندا آهن، جيڪي بدلي ۾ ڪجهه نه ڪجهه
مال سندن هڙ ۾ وجهي وڃن، پر هاڻي ته اسان جا وزير به عام ماڻهن سان ويساهه
گهاتيون پيا ڪن. هن اداري ۾ ئي هڪ حال حيات وزير معصوم ٻارڙن جي تاڙين جي گونج ۾،
هڪ ايمبولينس جو اعلان ڪري ويو، پر عرصو
گذرڻ بعد به اهو حاضر سروس وزير ايمبولنس سودو گم آهي. بهرحال هن اداري کي
جس آهي، جنهن هميشه ڏات ڌڻين کي پنهنجو هيرو سمجهي، سندن راهن ۾ گل وڇايا آهن. هت
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، امر جليل، الطاف شيخ، احمد خان مدهوش، مهتاب راشدي ۽ ٻيا سڄاڻ
۽ سمجهدار تخليقڪار، مهمان ئي ايندا رهيا آهن، جن پنهنجي اتساهيندڙ ڳالهين سان
مستقبل جي هنن ٻرندڙ ڏيئن جي جوت جلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اها حقيقت آهي ته اهي
تاريخ ۽ سماج تي عقابي اک رکندڙ ليکڪ ان شهاب ثاقب جيان آهن، جيڪي پاڻ ٻارڻ بڻجي
هن ڌرتي جي ڪنڊ ڪڙڇ منور ڪن ٿا.
هن درسگاهه جي داخلي دروازي مان جيئن ئي ماڻهو اندر پير پائي ٿو ته،
سامهون ئي علم جي قداور شخصيت علامه آءِ آءِ قاضي جو من موهيندڙ يادگار نظر اچي
ٿو، اسان جي دوست منير چانڊيو ٻڌايو ته، اهو يادگار ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي
مربي ۽ محسن استاد علامه آءِ آءِ قاضي کي مان ڏيڻ لاءِ ذاتي خرچ سان ٺهرايو هو.
جنهن جي تصديق ان دور جي هن اداري کي پنهنجو رت ست ڏيندڙ علم دوست پرنسپال ميجر
يوسف شيخ پڻ ڪئي. ڇا اسان وٽ پنهنجي استادن تي ايمان آڻيندڙ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
جھڙا شاگرد وري جنم وٺندا؟ ڊاڪٽر بلوچ نه رڳو پنهنجي کيسي مان اٽڪل ۳۰ لک ڏئي اهو يادگار تعمير ڪرايو، پر ساڳي وقت هن وفات بعد به سندس
پيرن ۾ دفن ٿي خاڪ بڻجڻ پسند ڪيو. سنڌ ۾ اهڙي استاد جي پيرن جو داسي ٿيڻ وارو مثال
ورلي ٿو ملي. چيو وڃي ٿو ته لاڙڪاڻي ۾ ڪيڊٽ ڪاليج قائم ڪرڻ جو پهريون خواب
ذوالفقار علي ڀٽي ئي ڏٺو هو، پر سندس المناڪ شهادت بعد، سندس ٻين خوابن جيان هي
خواب به اڌورو رهجي ويو، پر بعد ۾ سندس نياڻي محترمه بينظير ڀٽو هن خواب جي تعبير
لاءِ سنجيدگيءَ سان سوچيو. هونئن ته دنيا ۾ اهڙن ڪيڊٽ ڪاليجن جو بنياد ۱۸ صدي ڌاري جرمني ۾ بمبارڪ جي زماني ۾پيو، بعد ۾ نيپولين به فرانس ۾
اهڙا ڪاليج کوليا، پاڪستان ۾ اهڙو پهريون ادارو ۱۹۵۴ ۾ حسن ابدال ۾ قائم ٿيو.
ان بعد پاڪستان جو ٻيو ۽ سنڌ جو پهريون ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو قائم ڪيو ويو. ۱۹۹۲ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ وجود ۾ آيل هن ڪاليج جا ڪيترا ئي
شاگرد، تعليم مڪمل ڪرڻ بعد مختلف ملڪن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.
هن علمي اداري جي بيهڪ به تمام اهم هنڌ تي آهي، سنڌو تهذيب جو پينگهو
موهن جو دڙو، ان کان چند وکن تي آهي، موهن جي دڙي جا ذهين ماڻهو هزارين سال اڳ،
پنهنجي هنر، حرفت، محنت ۽ ڪاريگري ڪري ان دور جي تهذيبن جا سرواڻ هئا، ان سنڌو
سڀيتا جي اسٽوپا ڀرسان اٺهتر ڪمرن تي مشتمل، ڪاليج جا چٽا پٽا آثار اڄ به بيٺا
آهن. ان پاٺ شالا ۾ علم جا اڃايل شش،گيان ۽ ڌيان سان گڏ، پنهنجي ڪلا سان ڌرتي ماتا
جي سيوا ڪري، سندس سينڌ سنواريندا هئا. ڪيڊٽ ڪاليج جو پرنسپال افتخار حسين مون کي
خاص مهمان طور جڏهن ڪاليج جو سوئمنگ پول ڏيکاري رهيو هو، ته مان تصور ئي تصور ۾
موهن جو دڙو جي گريٽ باٿ Earliest
Public Water Tank of ancient World پهچي
ويس، ان شاهي حوض ڀرسان قائم آشرم جا جڏهن ننڊاکڙا آچاريه ۽ شش ڌرمي ۽ ٻيا شاستر
پڙهي ٿڪبا هئا، ته پنهنجي اوجاڳيل اکين تي ٿڌو ڇنڊو هڻڻ ۽ پنهنجي من جي مونجهه ۽
سرير جي مير لاهڻ لاءِ، ان حوض ۾ شنان ڪندا هئا، ڇو جو موهن جي دڙو جي ان پاٺ شالا
اندر ڪٿي به کوهه جا کنڊر نه مليا آهن.
هونءَ به قديم دور کان وٺي هڪ طالب علم کي سٺو شهري بنائڻ لاءِ، کين ٽن طرح جي سرگرمين ۾ مصروف
رکيو ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جا سٺا تعليمي ادارا، پنهنجي شاگردن کي ٽن
ڏسائن ۾، يعني ذهني، جسماني ۽ روحاني طور تربيت ڏيندا آهن. پهريائين هو تدريسي عمل
کي بهتر بڻائڻ لاءِ سٺو ماحول ۽ معلم مهيا ڪندا آهن، ٻيو شاگردن کي جسماني طور
سگهارو ڪرڻ سهپ جي سگهه وڌائڻ، ۽ ٻين سان گڏجي هلڻ لاءِ راندين روندن ۾ رڌل رکندا
آهن. ساڳي وقت ٻارڙن ۾ نفيس جذبا، روح ۾ رحم ۽ ماڻهپو پيدا ڪرڻ لاءِ، کين فنونِ
لطيف جي مختلف ڪلائن جهڙوڪ ڊراما، شعر و شاعري ۽ سنگيت جي سکيا ڏيندا آهن. يوناني ۽
رومن ته پنهنجي درسگاهن ۾، اهڙن اِسمن جو گهڻو خيال رکندا هئا، جڳ مشهور سياڻو
سقراط ته جواني ۾ ڪيترن جنگين جو جهونجهار هو. يونان ۾ هر ماڻهو کي هڪ خاص عمر کان
پوءِ، هٿيار بند جٿي ۾ شامل ٿيڻو پوندو هو. ان ڪري ئي سقراط جنگ ۾ شامل ٿي، جرئت
جا جو هر ڏيکاريا هئا. سقراط هڪ جنگاڻ دوران سورهيائپ جو مظاهرو ڪندي، پنهنجي
ساٿين جون سسيون ڪٽجڻ کان بچائيون هيون. هڪ ٻي ويڙهه دوران جڏهن سمورا شڪست کائي
پويان پير ڪري، پنهنجن گهرن ڏانهن ڀڳا هئا ته، ان وقت به سقراط پنهنجي جاءِ تي
اڏول بڻيو دشمن سان مهاڏو اٽڪايو بيٺو هو. چون ٿا ته سندس هڪ دوست اٿينز پهچي
پنهنجي ڀاڄوڪڙ ساٿين تي ڦٽڪار ڪئي هئي، ته جيڪڏهن اسان جو هر سپاهي، سقراط جهڙي
مڙسي ڏيکاري ها ته، اسين شرمناڪ شڪست نه کائون ها، ۽ نه ئي اسان جي ڇانوڻي دشمن
هٿان لتاڙجي ها. اهڙي طرح يونان جي ٻين ڏاهن جيان افلاطون به، علم و تدريس سان گڏ
اکاڙن ۾ وڃي پهلواني ڪندو هو. اسان وٽ ان جي ابتڙ قصو اهو آهي جو، اسان جا ۹۵ سيڪڙو شاگرد صرف پنهنجي ڪورس جي ڪتابن کي گهوٽي پيئن ٿا، هنن کي عام
مطالعي ۽ فنونِ لطيف جو تصور ۽ اهميت جو احساس ئي ڪونهي. ساڳي وقت اسان وٽ ۹۷ سيڪڙو ٻارن ڪڏهن راند به نه کيڏي آهي، هنن ٻارڙن وٽ نه راند جون
سهولتون آهن ۽ نه ميدان، اڪثر معصوم ننڍپڻ کان پورهيو ڪري، پنهنجي گهر جي ڪنيءَ
لاءِ ڀاڄي ڀتيءَ جو بندوبست ڪن ٿا. راند روند ۽ تفريح ته پري رهي، پر اسان وٽ
تعليمي حوالي سان سرڪاري اسڪولن جا تختا نڪري چڪا آهن. اسان جو سمورو تعليمي نظام
ڏيتي ليتي جي ور چڙهي چڪو آهي. ڪيتري عرصي کان اسان وٽ بي دماغ استادن جون ڀرتيون،
ميرٽ بجاءِ مٺ گرم ڪرڻ ۽ مٽي مائٽيءَ تي ٿين ٿيون، اسان وٽ تعليم لاءِ مليل اربين
رپيا رڳو گوسڙو استادن جون پگهارون ۽ ڌن چور آفيسرن ۽ وزيرن جي ٽنڊوالي ۾ خرچ ٿيو
وڃن. اسان جو هڪڙو پروف ريڊر وزير ته ذري گهٽ اڌ لک جي ٽاءِ ٿو پائي، ته ڪڏهن وري
سندس اولاد، سنڌي مزدورن، پورهيتن ۽ ڪڙمين جي ٻارڙن جي حصي مان ڦٻايل پئسي مان
آفريقا ۾ شڪار ٿو ڪري. ان کانسواءِ مايا جي موهه ۾ مبتلا اين جي اوز جي موتمار
ٻوڏ، تعليم جي نالي اربين رپيا پنهنجي ڀڀ ڀرڻ ۾ غرق ڪريو ڇڏين. هاڻي وڌيڪ مصيبت
اها آهي جو، اسان وٽ شاگردن جي سياسي تنظيمن ڪيترن درسگاهن کي پنهنجي داٻي ۽ ڌاڪي
جي پنجوڙ ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي. سنڌ جي ڪيترن ڪاليجن کي سياسي جماعتن جا سورهيه آڱر جي
اشاري تي کولن ۽ بند ڪن ٿا. هو لٺ باٺي سان ڪلاسن جي بائيڪاٽ کانسواءِ، ادارن جي
پرنسپالن کان دڙڪي ۽ دهمان سان ناجائز ڪم ۽ ڀتا وٺن ٿا، اسان جون رڳو قوم پرست
جماعتون پنهنجي اهڙن ڪارڪنن تي ڪرڙي نظر رکن ته، اسان جي ڪافي ڀڙ ڀانگ ۽ ڀانڊا
بڻيل درسگاهن ۾، وري تعليمي ماحول مچي سگهي ٿو، ۽ ٻيهر شعور جي شمع ٻري سگهي ٿي.
سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ عام ماڻهن طرفان سياسي جماعتن جي مهندارن کي اها وينتي آهي
ته، سنڌ جي پيرن ۾ لڳل ان ناسوري ڪنڊي کي ڪڍڻ ۾، سنڌ واسين جو ساٿ ڏين.
No comments:
Post a Comment