Sunday, November 2, 2014

جيڪو شخص بچي ويو اهو ماما صالح هو - مشتاق انصاري

جيڪو شخص بچي ويو اهو ماما صالح هو
مشتاق انصاري
ڪنهن زماني ۾، اسان لاڙڪاڻي جي لاهوري پاڙي ۾، ملان جي مُڏيءَ ڀرسان واري مسواڙي جاءِ ۾ رهندا هياسين. انهن ڏينهن ۾ گهرن ۾ اڃا گئس نه آئي هئي. رڌ چاءُ ڪاٺين ۽ ڇيڻن تي ٿيندو هو. ڪاٺين جي، مڏي اسان جي گهر جي ويجهو هجڻ جي ڪري اسانکي وڏي سهولت ٿي پئي هئي.
ان کان اڳ ۾ اسان جن ٻين مسواڙي جاين ۾ رهي آيا هياسين اتي اسان کي ڪافي پنڌ تان پنهنجي ڪلهن تي ڪاٺيون کڻي اچڻيون پونديون هيون هي پاڙو هر لحاظ کان سٺو هو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه هتي اها هئي ته هن پاڙي ۾ سڪون ڏاڍو هو. هتان جا ماڻهو رڳو پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارا هئا، ڪنهن به ٻئي ڪم ۾ ڪا دخل اندازي نه ڪندا هيا. تنهنڪري اسان اتي ڪو جهيڙو جهڳڙو يا فتنو فساد ٿيندي ڪو نه ڏٺو. پر ڪجهه ڏينهن گذرڻ کانپوءِ اتي هڪڙي اهڙي ڳالهه ٿي پئي جنهن اسانکي ڏاڍو پريشان ڪري ڇڏيو.


اسان جي ڀرسان واري جاءِ ۾ خيمسو ڪنڀر رهندو هو. جيڪو نهايت ئي غريب ۽ شريف ماڻهو هو. هڪ سٺي پاڙيسري هجڻ واريون سڀ خوبيون هن ۾ موجود هيون. هر ڪنهن سان هن جو ورتاءُ ڏاڍو سٺو هو. ڪنڀر هجڻ جي ڪري هن جي گهر ۾ ٿانون پچائڻ جي هڪڙي ننڍي آوي به ٺهيل هئي جنهن ۾ هو مٽيءَ جا ٿانو پچائيندو هو. ان آويءَ ۾ ٿانوءَ ڪيئن ٿا پچن، اهو ڏسڻ لاءِ اسان پاڙي جا ڪجهه ٻار گڏجي خميسي جي گهر ويندا هئاسين. ان وقت هو پاڻ بيهي اسانکي سڀ ڪجهه سمجهائيندو هئو ته هو مٽيءَ مان ٿانوءَ ڪيئن ٺاهيندو آهي ۽ انهن کي آويءَ ۾ ڪيئن پچائيندو آهي. پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هن کي الائي ڇا ٿيو جو هن جي طبيعت ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو ۽ هو هڪري سادي سودي ۽ امن پسند شهريءَ مان بدلجي هڪ خطرناڪ انسان بڻجي پيو. جنهنجي ڪري هر ڪو ماڻهو هن کان پاسو ڪرڻ لڳو. جڏهن به هو پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪرندو هو ته هر ڪو ماڻهو هن کان خوف کائيندو هو ۽ ڪوشش ڪري هن جي ڀرسان به نه لنگهندو هو ته متان ڪو هنن کي ڌڪ نه هڻي وجهي. رات جي وقت جڏهن هر ڪو پنهنجي گهر ۾ سمهيو پيو هوندو هو ۽ هر طرف خاموشي ڇانيل هوندي هئي ته ان وقت خميسي جي گهر مان رڙيون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون. پهريان ته ٺڪر جا ٿانوءَ ڀڄڻ جا آواز ايندا هئا ۽ پوءِ خميسي جون رڙيون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون. هو چوندو ته الائي ڇا هئو پر لڳندو ايئن هئو ته ڄڻ ڪنهن سان جهيڙو ڪري رهيو آهي.
خميسي ڪنڀر ۽ اسان جي جاءِ هڪڙي سنهڙي گهٽيءَ ۾ هئي جيڪا رات جي وقت بلڪل ويران ٿي ويندي هئي. اسانجي جاين جي ڀرسان ڪا ٻي جاءِ به نه هوندي هئي جتان اسان کي وقت سر ڪا مدد پهچي سگهي. اهڙي ماحول ۾ جڏهن خميسي ڪنڀر تي چريائپ جو دورو پوندو هئو ته ان وقت اسان کي ڏاڍو ڊپ ٿيندو هئو.
هڪڙي ڀيري بابا کي ڪنهن ڪم سان شهر کان ٻاهر وڃڻو پيو ۽ اسان گهر ۾ اڪيلا رهجي وياسين. ڏينهن ته سڄو خير جو گذري ويو پر شام ٿيندي ئي جڏهن اسان جو خيال خميسي ڏي پئي ويو ته اسان کي خوف وٺي پئي ويو ۽ سوچڻ لڳاسين ته ان خوف ۾ سڄي رات اسان اڪيلا گهر ۾ ڪيئن گذري سگهنداسين. تنهنڪري اسان مامي صالح ڏي نياپو ڪري کيس  پاڻ وٽ گهرائي ورتو. هن جي اچڻ  کانپوءِ اسان کي ڪجهه دلجاءِ ٿي.
مامو صالح بابا جو سڳو مامو هيو. بابا هن کي مامو سڏيندو  هو، ته اسان به سڀ هن کي مامون ڪري سڏيندا هئاسين. هو نهايت ئي سٺي طبيعت جو مالڪ هئو ۽ ڏاڍو زنده دل انسان هئو. هن جي ڳالهائڻ جو ڍنگ ۽ هن جون ڳالهيون ايتريون ته مزيدار هونديون هيون، جو دل چاهيندي هئي ته هر وقت هن جون ڳالهيون ويهي ٻڌجن. رات جي ماني کانپوءِ اسان سڀ ٻار، هن جي چوڌاري وڃي گڏ ٿي ويهي رهياسي ۽ هن سان ڪچهري ڪرڻ لڳاسي. جڏهن اڌ رات ٿي ته خميسي کي چريائپ جو دورو پوڻ شروع ٿيو، هن جي اها حالت ڏسي پهريان ته مامو صالح پاڻ به گهٻرائجي ويو پر پوءِ پاڻ کي سنڀالي اسان کي دلجاءِ ڏيندي چوڻ لڳو ته: ”توهان نه ڊڄو ڪجهه به نه ٿيندو، مان ويٺو آهيان نه، خميسو منهنجو دوست آهي“
تنهن تي اسان هن کي چيو ته: ”پر هو ته چريو آهي.“
مامي کلندي چيو ته: ”هن کي خبرآهي ته مان هن کان به وڌيڪ چريو آهيان.“
اسان کي پريشان ڏسي اسانجو ڌيان هٽائڻ ۽ اسانکي مصروف رکڻ لاءِ مامي صالح اسان کي پنهنجا پراڻا جواني جا قصا ٻڌائڻ شروع ڪيا ته؛ ”مان جڏهن جوان هيس ته لاڙڪاڻو هڪڙو ننڍڙو شهر هيو. وچون وچ شهر وسيل هيو. پاسا اوسا پوءِ وڌيا آهن. ان وقت سرهين وارو پڌر، نانونءَ جو پڌر، جعفرين جا گهر، ميان جي ڳڙهي ۽ ڪجهه ٻيا حصا موجود هيا. قافلي سراءِ ۾ رڳو کجيون بيٺل هيون. ان جي پريان ڦارون وارو باغ سڏبو هيو.جنهن ۾ نار تي وهندڙ کوھ هوندا هيا. اونهاري ۾ ماڻهو بدن تي ميٽ ملي، انهن کوهن تي، نيسر هيٺيان مٿو ڏئي وهنجهندا هيا. قافلي سراءِ اسان جي اڳيان وڌيو. دڙي، حمل، نئون ڳوٺ ۽ لاهوري محلو البت هوندا هيا.
گهاڙ واھ جا ٻئي ڪنارا باغن سان ڇانيل هوندا هيا. جمعي جمعي تي شهر جا ماڻهو گهاڙ جي ڪناري تي محفلون ڪنداهيا. تڏا ۽ گلم وڇائجي ويندا هيا. پلاءُ ۽ زردا پچندا هيا. ٿاڌل گهوٽبي هئي ۽ راڳ پيو ٻڌبو هيو. تاس راند به ٿيندي هئي.
شهر ۾ بجلي نه هوندي هئي. ميونسپالٽي طرفان فانوسن جو بندوبست هوندو هو. جنهن ۾ گاسليٽ جون بتيون ٻرنديون هيون ٽه پهري ڌاري، هڪ وڏي ڏاڙهي واروماڻهو ڏاڪڻ ڪلهي تي ۽ ڀريل بتيون هڪ وڏي ڪاٺيءَ جي طشت ۾ مٿي تي کڻي اچي هر هڪ فانوس وٽ پهچندو هو. بتيءَ جو شيشو صاف ڪري فانوس ٻاري وري ٻي بتيءَ تي پهچندو هو. شهر ۾ ٻن هنڌن تي گئس جا هنڊا ٻرندا هيا. هڪ مارڪيٽ چوڪ وٽ ۽ ٻيو هيو سيئو بازار چوڪ وٽ، جنهنجي روشني ڪافي دور دور تائين ويندي هئي. عيدن تي ماڻهو مشعلون کڻي سَمَهِه ڪندا، رستن تان لنگهندا هيا. اهو روشنيءَ جو منظر ڏسڻ وٽان هوندو هو. ڏينهن جو عيد تي ماڻهن جا ٽولا مولود چوندا، عيد گاھ ڏانهن ويندا هيا.
شهر ننڍو هجڻ جي ڪري، هتان جو هر ڪو ماڻهو هڪ ٻئي جو واقف هيو. ماڻهن ۾ مٺ محبت هوندي هئي. امن امان ۽ سڪون هيو. شهر به صاف سٿرولڳو پيو هوندو هو. هتان جون گهٽيون ڪشاديون ۽ روڊ ويڪرا هيا. هر طرف باغ باغيچا، وڻ ٽڻ ۽ ساوڪ هئي. ميونسپالٽي جا ماڻهو ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا شهر جي صفائي ڪري ويندا هيا. شام جو رستن تي پاڻي جو ڇڻڪار ڪيو ويندو هو. ان مهل شهر جا ماڻهو پنهنجي گهرن کان ٻاهر گهمڻ لاءِ نڪرندا هيا. ان وقت ٽريفڪ به ايتري نه هوندي هئي. ڪنهن ڪنهن مهل ڪو ٽانگو، يا گڏھ گاڏو يا وري ڪو سائيڪل سوار لنگهندي نظر ايندو هو. باقي نه ته ماڻهو پيرين پنڌ پيا گهمندا هيا. لاڙڪاڻي ۾ موٽر صرف کهڙي صاحب وٽ هوندي هئي جيڪا هلندي هئي ته ماڻهو عبرت وچان کيس ڏسندا هيا. ان وقت شهر ۾ ٻن گهوڙن واري گاڏي (وڪٽوريا) به ڪِن ماڻهن وٽ هوندي هئي.
شام ٿيندي ئي مان به پنهنجي دوستن سان گڏجي گهمڻ نڪرندو هيس ۽ پوءِ اسان سڄو شهر لتاڙيندا اسٽيشن تي هوا خوريءَ لاءِ نڪري ويندا هياسين. گهمي ڦري رات جو دير سان اچي گهر ڀيڙا ٿيندا هياسين. مائٽن مونکي پڙهائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر مونکي شوق هجي ته پڙهان! اسانجي سڄي خاندان ۾ صرف توهان جي بابا کي پڙهڻ جو شوق هيو. جيڪڏهن اهو به پنهنجو شوق ڪري نه پڙهي ها ته اڄ هو به مون وانگر رلندو وتي ها.
ان زماني ۾ اسان جي وندر جي لاءِ ايترو ڪجهه نه هوندو هيو. ننڍا ٻار پنهنجي راند روند ۾ وندريا پيا هوندا هيا ۽ وڏا پنهنجي ڪچهرين ۾. شام جو ڪٿي تاس ٿيندي هئي ته ڪٿي چوپڙ راند ٿيندي هئي. شهر ۾ ڪڏهن ڪو کيل تماشو ايندو هيو ته ٺيڪ، نه ته مڙئي خير هوندو هيو. لاڙڪاڻي ۾ هڪڙو ٿيئٽر هوندو هيو، جنهن جو نالو ”الهلال“ ٿيئٽر هوندو هو. هن ٿيئٽر جا ايڪٽر شهر جا ڪاسبي ماڻهو هوندا هيا، جيڪي ڏينهن جو پنهنجي ڌنڌي سان لڳل هوندا هيا ۽ رات جو اچي ايڪٽنگ ڪندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن هتي گهمندڙ ڦرندڙ سينيما به ايندي هئي، جنهن کي بائسڪوپ سڏيندا هيا. لاڙڪاڻي شهر ۾ سڀ کان پهريان امپيريل سينيما ٺهي، جنهن کي پوءِ نگار سئنيما سڏڻ لڳا. ان سئنيما تي اوساريءَ جو ڪم ڪندي اسان جو هڪڙو مائٽ ڪوازن تان هيٺ ڪري مري ويو هو. امپيريل سينيما جي ڀرسان ٻي سينيما ڪيپيٽال ٺهي، جيڪا هاڻي ايمپائر سينيما جي نالي سان مشهور آهي. رائل سينيما گهڻو بعد ۾ ٺهي. هڪڙي ڏينهن منهنجا دوست مونکي ڪيپيٽال سينيما ۾ فلم ڏيکارڻ وٺي ويا. زندگيءَ ۾ منهنجو اهو پهريون دفعو هيو جو مان فلم ڏسڻ ويو هيس. انڪري سينيما هال ۾ اندر وڃڻ وقت مونکي ڏاڍو عجيب لڳي رهيو هو.
مامي جي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي اسان هن کان پڇيو ته: ”توهان جيڪا فلم ڏسڻ ويا هيو، ان جو نالو ڇا هيو؟“
هن چيو ته؛ ”هن وقت مونکي ان فلم جو نالو ياد ناهي.“
”ڀلا فلم انگريزيءَ ۾ هئي يا اردو ۾؟“
”فلم اردو ۾ هئي.“
تنهن تي اسان سڀني هن کي چيو ته: ”فلم اردو ۾ هئي ته اسانکي ڳالهه به اردو ۾ ٻڌاءِ.“
هن گهڻو ئي چيو ته هن کي اردو نه ايندي آهي پر اسان جي ضد کي ڏسي، هن اردو ۾ ڳالهه ٻڌائڻ شروع ڪئي.
”جب هم سنيما ۾ اندر گئي ته ابا اوندھ.“
اسان کلندي هن کي چيو ته: ”ابا اوندھ ته سنڌي لفظ آهي.“
هن چيو ته: ”مونکي بس ايتري اردو ايندي آهي. ڳالهه ٻڌڻي اٿوَ ته ٻڌو.“
هنجي ڪاوڙ کي ڏسي اسان خاموش ٿي ويهي رياسين. هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”اوندھ ۾ ميرا تو ساھ مونجهني لگا.“
اسان کان کل نڪري وئي ۽ مامون ڪاوڙجي ويو. هن ڪاوڙ ۾ فلم جي ڳالهه ٻڌائڻ بند ڪري ڇڏي ۽ پوءِ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو.
نوڪريءَ جي دوران بابا جتي به بدلي ٿي ويندو هو ته مامو صالح هن سان ملڻ اتي ضروري ويندو هو. جن ڏينهن ۾ بابا قمبر تعلقي ۾ هيو ته مامو اتي به هن سان ملڻ آيو هيو. شام جو جڏهن بابا آفيس کان گهر موٽيو ته هن ٻڌايو ته: ”آفيس ۾ اڄ مامو صالح آيو هو. هنجي حالت کي ڏسي ڏاڍو افسوس پئي ٿيو. اڄ هن جي بدن تي صرف هڪڙو پوتڙو پاتل هيو. مونکي ڏک ان ڳالهه جو ٿو ٿئي ته ڪو زمانو هيو. جو هي شخص سڀني کان وڌيڪ خوش پوش ۽ خوش خوراڪ هيو. جواني ۾ هو وڏو پهلوان هيو. وڏن وڏن پهلوانن کي مات ڏئي چڪو هيو. شهر ۾ هن جو سٺو نالو هو.“
پراڻين ڳالهين کي ياد ڪندي هڪڙو ٿڌو ساھ ڀريندي بابا وري ڳالهائڻ شروع ڪيو؛
”مون کي ٽي ماما هيا. وڏي جو نالو غلام حسين، ننڍي جو محمد عرس ۽ وچين جو نالو محمد صالح آهي. محمد صالح جواني ۾ ملهه پهلواڻ هو. ڪٻڊي ڪٻڊي ۽ ٻلهاڙي راند جو به سٺو رانديگر هيو. ملهه ۾ پاڻ کان به وڌيڪ طاقتور ماڻهو کي دسي وجهندو هيو. ڪٻڊي راند ۾ جنهن به رانديگر کي ويڻيءَ کان وٺندو هو ته اهو پاڻ ڇڏائي نه سگهندو هيو. هر جمع تي بهار شاھ واري ميدان تي ملاکڙو لڳندو هو. جتي وڏا وڏا ملهه پهلوان ايندا هيا. مامو صالح به اتي ميدان تي لهندو هيو. ڪٻڊي راند ۾ هميشه هن جو مدمقابل هڪڙو طاقتور هن کان به قد ۾ ڊگهو ۽ بدن ۾ به ٿلهو متارو شخص هوندو هو. جنهن کي صفر سئنڊو چوندا هيا. مامو جڏهن هن کي چنبي کان وٺندو هو ته هو رڳو پيو ڦٿڪندو هيو ۽ پاڻ کي ڇڏائي نه سگهندو هو. مامي صالح کان علاوه منهنجا ٻيا ٻه ماما به سٺا پهلوان هيا. هنن جي پهلواڻي کي ڏسي هتان جا ٻيا پهلوان هنن سان ساڙ ڪندا هيا ۽ هميشه ان موقعي جي تلاش ۾ هوندا هيا ته ڪنهن به نموني منهنجي مامن کي تڪليف پهچائن. منهنجي ننڍي مامي محمد عرس سان هڪڙي دفعي ڪنهن مهاڏو اٽڪايو ۽ تلوڪي جي سانچي وٽ هنن ٻنهي جو جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ايترو ته هو پاڻ ۾ وڙهيا جو ٻئي بيهوش ٿي ويا.
لاڙڪاڻي جي ايمپائر روڊ تي ٿيل هڪ جهيڙي جي دوران ڪنهن شخص کي خنجر جا وار ڪري سخت زخمي ڪيو ويو. ان مهل ماڻهن جو وڏو هجوم اتي گڏ ٿي ويو. پر ان مان ڪنهن کي به ايتري همت ڪو نه پئي ٿي ته اڳتي وڌي انهن کي ڇڏائن. زخمي ٿيل شخص جي گهر وارن کي جڏهن خبر پئي ته اتان سندس ٻه ڀائر ڀڄندا اتي اچي پهتا. ان وقت اهي ٽئي ڀائر هٿين خالي هيا. حملي ڪندڙن وٽ هٿيار به هيا ته اهي تعداد ۾ به گهڻا هيا. نتيجو اهو نڪتو جو  انهن مان ٻه ڀائر سخت زخمي ٿي پيا، هڪڙو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. ٻئي شخص اسپتال ۾ دم ڏنو ۽ انهن مان ٽيو بچي ويو. جهيڙي ۾ فوت ٿي ويل بابا جا ماما غلام حسين ۽ محمد عرس هيا. جيڪو شخص بچي ويو هو، اهو مامو صالح هو.
پهلواڻي کان علاوه مامي صالح ۾ ٻيون به گهڻيون ئي خوبيون هيون. هن ۾ هڪڙي وڏي خوبي اها هئي ته هو هميشه سچ ڳالهائيندو هيو. سچار ايترو هيو جو ڳالهائڻ وقت اهو به نه سوچيندو هو ته ان مان هن کي فائدو ٿيندو يا نقصان.
هڪڙي دفعي هن جي ڇوڪريءَ جي رشتي جي سلسلي ۾ ڪجهه عورتون هنن جو گهر ڏسڻ آيون. ان وقت هي به اتفاق سان اتي اچي پهتو. هن کي جڏهن انهن عورتن جي اچڻ جي مقصد جي خبر پئي ته هن پاڻ ئي انهن کي پنهنجي باري ۾ ٻڌائڻ شروع ڪيو ته؛ ”اسان بلڪل غريب ماڻهو آهيون، اسان وٽ گهر ۾ پنهنجو ڪجهه به ناهي هي توهان جيڪي نيون کٽون ۽ انهن تي وڌل نوان بستر ڏسو ٿا، اصل ۾ اهي اسان جا ناهن، صرف توهان کي ڏيکارڻ لاءِ منهنجي گهر واري اهي سڀ شيون پاڙي جي ڪنهن گهر مان وٺي آئي آهي. هي جيڪي ٽيبل ڪرسيون به توهان ڏسو ٿا. اهي به اسان جا ناهن.“
ان کانپوءِ هڪڙي ڪوٺيءَ جو در کوليندي، اتي پيل ڀڳل کٽن ڏانهن اشارو ڪندي انهن عورتن کي چيو ته: ”باقي هي جيڪي ڀڳل ۽ ڇڳل کٽون پيون آهن، رڳو اهي اسان جون پنهنجون آهن. وڌيڪ توهان جي آ مرضي.“
هن جي عادت هئي ته ڪوشش ڪري پنهنجي طرف کان ڪنهن کي به تڪليف نه ڏيندو هيو. ٻين کي هميشه خوش ڏسڻ پسند ڪندو هيو. هڪڙي دفعي رات جو دير سان اسان کي خبر پئي ته مامي صالح جي طبيعت گهڻي خراب ٿي پئي آهي. اطلاع ملندي ئي بابا ۽ مان هن جي گهر وڃي پهتاسين. اسان ڏٺوسين ته هن جي چوڌاري هن جا ڪافي مٽ مائٽ گڏ ٿي چڪا هيا. شديد بيماري ۽ ڪمزوريءَ جي ڪري هن جون اکيون بند لڳيون پيون هيون. ڪنهن سان به ڪو نه پيو ڳالهائي پر جڏهن هن کي بابا جي اچڻ جو ٻڌايو ويو ته هو هڪدم اٿي ويهي رهيو ۽ بابا کي چوڻ لڳو ته: ”بابا هن وقت تو ڇو تڪليف ڪئي آهي.“
”ماما اسان ٻڌو ته تنهنجي طبيعت گهڻي خراب ٿي پئي آهي انڪري آيا آهيون.“
هن چيو ته؛ ”نه بابا ڪير ٿو چئي ته منهنجي طبيعت خراب آهي.“
اهو چئي هو ان مهل ئي کٽ تان هيٺ لهي بيهي رهيو ۽ بابا کي چوڻ لڳو ته: ”ڏس مان بلڪل ٺيڪ آهيان.“
اسان کي وڌيڪ دلجاءِ ڏيڻ جي لاءِ هو چوڻ لڳو ته: ”توهان کي خبر آهي ته جڏهن مان ملهه جو مقابلو کٽندو هيس ته خوشي ۾ نچندو هيس.“
ايئن چئي هو انهيءَ انداز ۾ نچڻ لڳو. جڏهن هن اسان جي منهن تي مرڪ ڏٺي ته هن کي به دلجاءِ ٿي ۽ چوڻ لڳو ته: هاڻي مان بلڪل ٺيڪ آهيان. توهان پنهنجي گهر وڃي آرام ڪيو.“
مامي صالح ۽ اسان جو گهر بلڪل ويجها هيا. انهن ٻنهي گهرن جي وچ ۾ صرف ڏهن منٽن جو مفاصلو هيو. اسان جيئن ئي واپس پنهنجي گهر پهتاسين ته پٺيان ڇوڪرو ڀڄندو آيو، جنهن ٻڌايو ته: ”مامون صالح فوت ٿي ويو.“

No comments:

Post a Comment