موهن جي دڙي جي کوٽائي ۽ تحفظ جا معاملا
الطاف پيرزادو
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پنجٽيهه سال اڳ يعني
۱۹۱۲ع ۾ موهن جو دڙو دريافت ٿيو. آرڪيالاجي
سروي آف انڊيا جي هڪ آفيسر ۽ قديم آثارن جي ماهر ڀنڊارڪر هِي آثار دريافت ڪيا، اڳتي
هلي قديم آثارن جي مغربي ماهر سر جان مارشل جي نگراني ۾ هنن آثارن جي کوٽائي ٿي، جنهن
کانپوءِ پتو پيو ته، سنڌ سڀيتا جي عظيم تهذيب (انڊس سولائيزيشن) پنج هزار سالن کان
به وڌيڪ قديم آهي. هنن آثارن مان هٿ آيل جديد طرزِ تعمير، ماڊرن نيڪال جو نظام، سوئمنگ
پول، پوش رهائشي ۽ ڪمرشل علائقي، ڪنگ پريسيٽ جو مجسمو ۽ ناچڻيءَ جي مورتيءَ سان دنيا
تي واضح ٿيو ته، دنيا ايتريقدر جو مغرب جا ماڻهو به اڃا جڏهن غارن ۾ زندگي گُذاريندا
هئا، جن جي رهائش، کائڻ پيئڻ ۽ لَٽي ڪپڙي پائڻ جو ڪو مهذب طريقو اپنايل نه هو. سنڌ
جي ماڻهن وٽ تڏهن به يعني پنج هزار سال قبل مسيح اڄ جي ڪراچيءَ جهڙو بلڪه ان کان به
وڌيڪ مُهذب ۽ پرامن ميٽرو پوليٽن شهر موجود هو ۽ مهذب زندگي گذاريندا هئا. هِي آثار
سنڌ واسين لاءِ جتي باعثِ فخر آهن، اتي باعثِ تشويش پڻ.
۱۹۲۲ع ۾ مغربي آرڪيالاجيءَ
جي ماهر سرجان مارشل ۽ ۱۹۶۴ع ۾ يعني ننڍي کنڊ جي
ورهاڱي کانپوءِ آرڪيالاجيءَ جي آمريڪي ماهر ڊاڪٽر ڊيلس مُهين جي دڙي جي آثارن جي کوٽائي
ڪئي. يعني ٻن مرحلن ۾ کوٽائيءَ جي ٿيل ڪم دوران انهن آثارن جي فقط ۱۰ سيڪڙو کوٽائي ٿي چڪي آهي ۽ ۹۰ سيڪڙو کوٽائيءَ
جو ڪم اڃا ٿيڻو آهي. ڪنهن به قوم جي تهذيبي تاريخ جاچڻ لاءِ ان جي دائري ۾ ايندڙ قديم
آثار وڏي اهميت رکن ٿا. بلڪل اهڙي ئي اهميت سنڌ ۾ موهن جي دڙي کي حاصل آهي. ڇاڪاڻ جو
فقط ۱۰ سيڪڙو کوٽائيءَ مان جڏهن اهو پتو پئجي
سگهي ٿو ته، پنج هزار سال قبل مسيح ۾ هن ديس جا رهواسي ڪهڙي طرزِ زندگي بسر ڪندا هئا،
منجهن رهڻي ڪهڻي ۽ گذر سفر جا ڪهڙا طريقا هئا ۽ رهيل ۹۰ سيڪڙو کوٽائيءَ سان وڌيڪ راز دنيا تي ۽ ڌرتي واسين تي ظاهر ٿي سگهن ٿا.
قديم آثارن سان جيئن ته قومن جي تاريخ جُڙيل هجي ٿي، تنهن ڪري مسئلو فقط قديم تاريخ
جا راز پرکڻ لاءِ انهن آثارن جي کوٽائيءَ جو نه، پر کوٽائيءَ کانپوءِ آثارن کي محفوظ
بنائڻ جو به آهي. موهن جي دڙي جي سرڪاري نالي سان سڃاپجندڙ سنڌ جي هن قديم شهر جو اصل
نالو ڇا آهي؟ هتان جي رهواسين جو مذهب ڪهڙو هو؟ هندو هئا مسلمان هئا يا ٻڌمت جا پوئلڳ؟
سندن ٻولي ڪهڙي هئي؟ ڪنهن هڪ رنگ نسل، ٻولي ۽ مذهب جا ماڻهو هتي آباد هئا يا نسلي،
مذهبي ۽ لساني طور ورهايل؟ سڀ کان اهم ته هن هيڏي ميٽرو پوليٽين شهر جي تباهيءَ جا
ڪارڻ ڇا هئا؟ ٻوڏ ۽ زلزلي جهڙي قدرتي آفت يا هيروشيما ۽ ناگا ساڪيءَ جهڙي انسانن جي
پيدا ڪيل آفت؟ اهي سڀئي راز اڃا فاش ٿيڻا آهن ۽ اهي راز فاش ٿيڻ جو واحد ۽ واحد رستو
زمين ۾ دفن ٿيل ۽ اڻ کوٽيل ۹۰ سيڪڙو آثارن
جي کوٽائيءَ ۾ سمايل آهي.
۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ ذوالفقار
علي ڀٽي صاحب هن ماڳ جي اهميت کي سمجهندي موهن جي دڙي جي آثارن جي تحفظ لاءِ موهن جو
دڙو بچاءُ اختياري قائم ڪئي، موهن جو دڙو بچايو عالمي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ۽ هن آثارن
کي ترقي وٺرائڻ وارن قدمن جو بنياد وڌو ويو، نتيجي ۾ موهن جي دڙي ڏانهن ڏيهي توڙي پرڏيهي
سياحن جو ڌيان ڇڪڻ لاءِ گهربل سهولتون ميسر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. موهن جي دڙي تي هوائي
اڏو قائم ٿيو، هِي اهو دور هو، جو موهن جي دڙي تي عالمي اڳواڻن جي اچ وڃ جو سلسلو شروع
ٿيو. اهي ڏينهن هِي ڏينهن، سنڌ جو هي ماڳ لاڳيتو نظرانداز رهيو. ارڙهين ترميم کانپوءِ
قديم آثارن جو سبجيڪٽ صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ کانپوءِ موهن جي دڙي سميت هڪ سئو ننڍا وڏا
قديم قديم ماڳَ سنڌ حڪومت حوالي ٿيا آهن. سو اميد ڪري سگهجي ٿي ته، سنڌ حڪومت، سنڌ
جي قديم شاهڪار ۽ شاندار تاريخ جي گواهه هنن آثارن جي تحفظ ۽ ترقي وٺرائڻ لاءِ ڪي قدم
ضرور کڻندي.
هينئر پنهنجي ناني جي نقشِ قدم تي هلندي پاڪستان
پيپلز پارٽيءَ جو نوجوان اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري موهن جي دڙي جي آثارن ۾ دلچسپي وٺي
رهيو آهي. هن سنڌ فيسٽيول جي شروعات هن ماڳ تان ڪئي، جنهن سان موهن جي دڙي جي آثارن
جي عالمي پذيرائي ۽ تشهير ٿي، اها ٻي ڳالهه آهي ته ههڙي تقريب جي آثارن مٿان منعقد
ٿيڻ سان آثارن کي نقصان ٿيو؟ نقصان ڪيترو ٿيو؟ ان جو جواب ته آثار قديمه جا ڏيهي ۽
پرڏيهي ماهر چڱيءَ طرح ڏيئي سگهن ٿا. بلاول ڀٽو زرداري فيسٽيول کانپوءِ به سنڌ جي وڏي
وزير سيد قائم علي شاهه۽ ثقافت بابت وڏي وزير
جي خاص مددگار شرميلا فاروقيءَ کي ساڻ ڪري موهن جي دڙي جي آثارن جو دورو ڪري چڪو آهي.
ميڊيائي اطلاعن موجب هن سنڌ جي آرڪيالاجيءَ جي ماهرن کي هدايت ڪئي ته، آثارن جي کوٽائيءَ
جو رهيل ڪم شروع ڪيو وڃي. هن يونيورسٽي سطح تائين موهن جو دڙو سبجيڪٽ پڙهائڻ، موهن
جي دڙي تي ايجوڪيشنل اميزنگ پارڪ تعمير ڪرڻ، فائيو اسٽار هوٽل قائم ڪرڻ سميت سياحن
لاءِ گهربل سهولتون مهيا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.
ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته سهولتون ميسر ڪري ڏيڻ سان
موهن جي دڙي تي سياحن جي آمد رفت وڌندي، جيتري قدر رهيل آثارن جي کوٽائيءَ جو معاملو
آهي، ته اهو هڪ پيچيده ڪم آهي، ڇاڪاڻ جو جيڪي ڏهه سيڪڙو آثار اڳ ئي کوٽيا ويا آهن،
تن کي ئي محفوظ بنائڻ آرڪيالاجيءَ وارن لاءِ چئلينج بڻجي ويو آهي ته، وڌيڪ آثار کوٽڻ
ڪنهن خطري کان خالي نه هوندو. آرڪيالاجي ماهرن زيرِ زمين پاڻيءَ کان به وڌيڪ گهم، سم،
ڪلر، برسات ۽ گهم توڙي برساتي پاڻيءَ جي لوڻياٺ کي آثارن لاءِ خطرو قرار ڏنو آهي. سو
هنن آثارن جي کوٽائيءَ جو وڌيڪ ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ بهتر ٿيندو ته، آثارِ قديمه جي ڏيهي
توڙي پرڏيهي آثارن جي ماهرن کان تجويزون ورتيون وڃن، جن جي روشنيءَ ۾ ئي ڪا پيش رفت
ڪئي وڃي. کوٽائي ان ڪري به ضروري آهي ته، هنن آثارن جو اصل نانءُ ڳولي سگهجي. سرڪاري
طور هن ماڳ کي مُئلن جو دڙو “Mound of Dead” به سڏيو، لکيو ۽ پڙهيو وڃي
ٿو، پر مقامي ماڻهو صدين کان وٺي هن ماڳَ کي موهن جو دڙو سڏيندا رهيا آهن. هن ماڳ ڏانهن
ويندڙ ڪنهن به عورت يا مرد کان جيڪڏهن سوال ڪبو ته، ڪيڏانهن ٿا وڃو، ته جواب ملندو
ته مُهين تي ٿي وڃان يا ٿو وڃان!
سو کوٽائيءَ سان يقينن انهن رازن جو پردو ته
چاڪ ٿيندو ئي ٿيندو پر سفيد پلاننگ جي کوٽائيءَ وارو ڪم سرانجام ڏنو ويو ته، هنن آثارن
جو تحفظ وڏو مسئلو بڻجي ويندو. هاڻي جڏهن ارڙهين ترميم کانپوءِ قديم ماڳ صوبن حوالي
ٿيڻ کانپوءِ موهن جو دڙو سنڌ حڪومت حوالي ٿيو، ته اُميد ڪري سگهجي ٿي ته، هِي ماڳ ماضيءَ
جيان نِڌڻڪو ۽ ناراض نه رهندو! نيشنل فنڊ فار موهن جو دڙو ذريعي هن ماڳ جي تحفظ لاءِ
جامع پلاننگ سان گڏ فني مشاورتي ڪميٽيءَ جي صلاح مشوري سان هنن ماڳن جي زيرِ زمين سطح
معلوم ڪرڻ لاءِ ڊراءِ ڪور ڊرلنگ سروي جو ڪم سرانجام به ڏنو وڃي، ته جيئن پتو پئجي ته
زمين جي اندر هنن آثارن جي سطح ڪيتري هيٺ آهي. نه رڳو ايترو پر ناچڻيءَ جي مورتي، جيڪا
هندستان سرڪار جي تحويل ۾ آهي، سا به واپس ورائي موهن جي دڙي جي ميوزيم ۾ رکي وڃي
۽ ڪنگ پريسيٽ جو مجسمو به موهن جي دڙي جي عجائب گهر ۾ رکي ان کي ترقي وٺرائي وڃي.
No comments:
Post a Comment