Sunday, October 20, 2013

موهن جو دڙو - گرڏنه لعل سچڏيو

موهن جو دڙو
عروج ۽ زوال
گرڏنه لعل سچڏيو/لاڙڪاڻو
تاريخ جي ڄاڻ رکندڙن مطابق سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب، ٽن قديم تهذيبن مان هڪ آهي. هڪ موهن جو دڙو ۽ ٻه ٻيون سمرين Sumerians آهن، جيڪي هن وقت عراق ۽ نيل جي مصر سڏجن ٿيون.
سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي شروعات ان وقت ٿي، جڏهن ۴۰۰۰ کان ۵۰۰۰ سال اڳ مختلف قبيلن جا ماڻهو بلوچستان جي مٿانهن علائقن کان بيابان ۽ برپٽ لتاڙي غير آباد ڌرتي ڇڏي، سنڌو ماٿريءَ ۾ داخل ٿيا. انهن سان گڏ ٻيا ڳوٺاڻا هاري زراعت يعني کيتيءَ جي ڪم کان واقف قبيلائي پڻ ايراني پٽي ۽ سنڌو درياهه جي اولهه کان لڏپلاڻ ڪري سنڌو ماٿريءَ ۾ داخل ٿيا. اهو سمجهيو وڃي ٿو ته، انهن لاڏائو قبيلن پاڻ سان گڏ فني ڄاڻ رکندڙ قديم سُمير ايراني پٽيءَ جي ڳوٺن مان لڏي هتي پهتا. گهڻا سال گذري وڃڻ بعد انهن هيٺانهين وارين جاين تي ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ مِٽيءَ جا بند ٻڌڻ ۽ پاڻيءَ جي نيڪال ڪرڻ جي مهارت حاصل ڪئي ۽ پنهنجا ڳوٺ ۽ ٻنيون آباد ڪيون. قديم تهذيب جا وارث ۲۵۰۰ سال قبل مسيح ڌاري پنهنجا هنرمند سنڌو ماٿريءَ ۾ آندا، البته اهي شهرن جي اڏڻ جي هُنر کان وانجهيل ۽ اڻڄاڻ هئا. انهن مان ڪاريگرن، هنرمندن ۽ دستڪارن ٽامي جا اوزار، ٺِڪر جا ٿانوَ ۽ ڏاندن جي ڇِڪڻ جون گاڏيون ٺاهيون. وڌيڪ انهن ڪاريگرن مٽيءَ مان بَٺي ۾ پچايل سِرون ٺاهيون، ته جيئن برسات ۽ ٻوڏ کان بچاءُ ڪري سگهجي، ڇو ته ڪچي مٽيءَ جون ٺهيل سرون اهو ڪم نه پئي ڏئي سگهيون.

سنڌو نديءَ جي اولهه ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ ڪيترا ئي بندر ۽ پتڻ وجود ۾ آيا. جتي ٻيڙين جي آمد رفت شروع ٿي ۽ ايراني نار کان وڏا ٻيڙا جَجهي تعداد ۾ سامان کڻي ايندا هئا. ان سان گڏوگڏ اتان جا هُنرمند ماڻهو پڻ سنڌو ماٿريءَ ۾ داخل ٿيا. لڳ ڀڳ ۲۶۰۰ سال قبل مسيح ۾ هڪ معجزي وانگر موهن جو دڙو وجود ۾ آيو. ٻه ٽي صديون گذرڻ بعد هن ماڳ ڳوٺ کان ترقي ڪري شهر جي شڪل اختيار ڪئي ۽ وڏو واپاري مرڪز بڻيو.
موهن جي دڙي جي کوٽائي ۽ اتان مليل شين جي مشاهدي مان ظاهر ٿيو ته، اتي رهندڙ ماڻهن کي زندگي گذارڻ واسطي ڪافي شهري سهولتون ميسر هيون. جهڙوڪ؛ پڪا، مضبوط تعمير ٿيل گهر ۽ ڪجهه اهڙا گهر، جن ۾ اندر  Attached Bathroom يا غسل ۽ بيت الخلا جا ڪمرا پڻ ٺهيل هئا. تراشيل مٽيءَ جا ٿانوَ، گهرو استعمال جو ٽامي ۽ پِتل مان ٺهيل سامان وغيره.
سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ڪجهه گهٽ وڌاين سان خاص شيون سوين هزار سالن تائين محفوظ رکيون آهن. گهٽين ۾ زير تعمير ناليون ۽ ان جي ذريعي گندي پاڻيءَ جو نيڪال، قديم دور ۾ هڪ شاندر ايجاد هئي، جنهن مان حڪومتي ۽ خانگي صفائيءَ جي نظام جو هڪ اعليٰ مثال ملي ٿو. شاهوڪار ماڻهو مضبوط ۽ پڪين سرن جي گهرن ۾ رهندا هئا، جن کي گهٽين طرف کلندڙ دريون ڪو نه هيون پر گهر اندر ڪشادا ايوان هئا. جڏهن ته غريب ماڻهو ڪچين سرن جي ٺهيل گهرن ۾ رهائش رکندا هئا، جيڪي وڏين ديوارن ذريعي هڪ قطار ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هئا. انهن ماڻهن مختلف جانورن جي شڪل جا رانديڪا ٺاهي ٻاهرين ملڪن ڏانهن ڪمائيءَ لاءِ موڪليا.
موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان تراشيل ڀولڙي، ٻلين، اُڏامندڙ ڪبوترن، ڏاندن جي شڪل ۽ مِٽيءَ مان ٺهيل رانديڪا مليا آهن. بادشاهه پروهت King Priest ۽ ٻين امير ماڻهن جي پڪين جاين جي وچ ۾ هڪ وڏو تلاءُ تعمير ٿيل آهي، جتي ڀرپاسي ۾ رهندڙ غُسل ڪندا هئا ۽ ان تلاءَ جي پاڻيءَ جو نيڪال پڻ زيرِ زمين نالين جي ذريعي ڪيو ويو، جيئن اڄڪلهه فائيو اسٽار هوٽلن ۾ سوئيمنگ پول ٺهيل آهن. آثارِ قديمه جا ماهر ۽ تاريخدان ان ڳالهه ۾ يقين رکن ٿا ته، موهن جي دڙي جا رهندڙ ماڻهو عقيدي جي لحاظ کان ٻُڌ ڌَرم جا پوئلڳ ۽ دراوڙ هئا، جن جي مٿان سياسي ۽ مذهبي طور بادشاهه پروهت حاڪم مقرر هو، جنهن جي حڪومت سنڌو ماٿريءَ ۾ قائم هئي.
موهن جي دڙي مان هڪ عاليشان بادشاهه پروهت King Priest جو مجسمو مليو آهي، جنهن کي عُمده پوشاڪ ۽ زيور پهريل آهن، مٿو ڪوڙيل اٿس ۽ مُنهن تي هلڪي ڏاڙهي رکيل اٿس.
موهن جي دڙي جا ماڻهو لکي پڙهي سگهندا هئا. اهڙيون ڪجهه لکڻيون کوٽائيءَ ۾ مليون آهن. اُتي ڪي به مندر يا عبادتگاهن جي تعمير ٿيل جاين جا نشان نه مليا آهن ۽ نه ئي وري عاليشان طرز تعمير جا مقبرا مليا آهن. البته هڪ بلند مينار Stupa تعمير ٿيل آهي. لڳ ڀڳ ۳۰۰۰ سال قبل مسيح ۾ موهن جي دڙي ۾ بي گهر ۽ خانه بدوش (Nomads) ماڻهو، جن کي آريه (Aryans) ڄاتو وڃي ٿو، سي ايران جي مٿانهن علائقن کان ۽ حال سڏجندڙ ڏکڻ اوڀر يورپ کان سنڌو ماٿريءَ ۾ داخل ٿيا. انهن ماڻهن کي بظاهر شهري زندگيءَ جو ذوق ۽ ڄاڻ نه هئي، جن حملي آور ٿي، اڳ تعمير ٿيل مکيه مرڪزن کي برباد ڪري ڇڏيو. آرين اهڙن شهرن کي تباهه ڪيو، جن ۾ موهن جو دڙو ۽ هڙپا شامل آهن يا وري انهن شهرن تي قبضو ڪيو.

موهن جي دڙي جي آثارن جي کوٽائي ٿيڻ بعد اُتان مليل انساني هڏن ۽ انساني بوتن (Skeletons) مان ظاهر ٿئي ٿو ته، هي سنڌو ماٿريءَ جو ثقافتي ۽ واپاري مرڪز، فوجي حملي جي نتيجي ۾ تباهه ۽ برباد ڪيو ويو. اسان کي ان ڳالهه جو فخر حاصل آهي ته، اسين سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو ۵۰۰۰ هزار سال اڳ کان مهذب ۽ سڌريل قوم آهيون ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ تمدن جا وارث آهيون. هڪڙي ڏک جي ڳالهه اها آهي ته، هن وقت موهن جي دڙي جي تاريخي جاين ۽ ماڳن جي صحيح نموني سار سنڀال نٿي لڌي وڃي، خاص طور تي عيد ڏهاڙن تي يا ٻين موڪل وارن ڏينهن تي ايندڙ سياح هن تاريخي ورثي کي لتاڙي ۽ ميساري رهيا آهن، ان لاءِ حڪومت کي پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

No comments:

Post a Comment