ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جا
۱۸ سال
ريشمان چنه/لاڙڪاڻو
هي ان وقت جي ڳالهه آهي، جڏهن ۲۴
سيپٽمبر ۱۹۹۵ع جي ڏينهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو لاڙڪاڻي شهر
۾ ايف ايم ريڊيو جو افتتاح ڪيو، گهڻو ڪري لاڙڪاڻو شهر موهن جي دڙي جي ڪري پوري دنيا
۾ مشهور آهي پر شاعرن، اديبن دانشورن ۽ سياستدانن جو ڳڙهه به رهيو آهي، پوءِ اهڙي شهر ۾ هڪ نشرياتي اداري
جو هئڻ لازمي هو، جنهن جي ذريعي سندن پيغام ۽ ڏات کي عام ماڻهن تائين پهچايو وڃي، ۱۹۹۵ع ڌاري سنڌ ۾ فقط ٽي ريڊيو اسٽيشن ڪراچي، حيدرآباد
۽ خيرپور هيون، اڄ کان ارڙهن سال اڳ ۾ صرف ٽن ڪمرن واري عمارت ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي
جو قيام عمل ۾ آيو، هڪ ڪمري ۾ آفيس، ٻئي ڪمري ۾ اسٽوڊيو ۽ ٽيون ڪمرو انجنيئرنگ سيڪشن
حوالي هو. ۲۴ سيپٽمبر
۱۹۹۵ ۾ مشهور براڊڪاسٽر خواجا امداد علي کي اسٽيشن ڊائريڪٽر،
مشهور شاعر ڪوثر ٻرڙي ۽ مير احمد سومري کي پروڊيوسر طور ريڊيو لاڙڪاڻي تي مقرر ڪيو
ويو ۽ نور محمد خاصخيليءَ کي انائونسر طور موڪليو ويو هو ۽ انجنيئر نگ سيڪشن ۾ صرف
ٽي انجنيئر مقرر ڪيا ويا. شروعاتي دور ۾ ريڊيو لاڙڪاڻي وٽ وسيلا گهٽ ۽ مسئلا گهڻا هئا
پر همٿ، محنت ۽ شوق اڳيان ڪجهه به ناممڪن ناهي، جيئن ته ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي پنهنجي
نشريات جو آغاز ۲۴ سيپٽمبر
۱۹۹۵۾ ايف ايم اسٽيريو چينل وسيلي ڪيو هو، ريڊيو تي دلچسپ
۽ وڻندڙ پروگرام پيش ڪرڻ شروع ڪيا، منڍ وارن ڏينهن ۾ ئي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي پنهنجن
ٻڌندڙن کي پروگرامن ذريعي لطف اندوز ڪيو، اهو ئي سببب هو جو ريڊيو پنهنجي ٻڌندڙن جو
وسيع حلقو ٺاهي ورتو ۽ ٻڌندڙن ۾ بي پناهه مقبوليت ماڻي ورتي ۽ اهو دور سنهري ۽ اوج وارو دور هو، جنهن جو اندازو
ان ڳالهه مان لڳايو ويو ته، هزارن جي تعداد ۾ ٻڌندڙن پاران روزانو خط موصول ٿيڻ لڳا
۽ ٽيليفون ڪال جنهن ۾ گهڻو ڪري فرمائش تي ڪلام ٻڌڻ، پروگرامن کي ساراهڻ ۽ صلاح مشورا
شامل هوندا هئا، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي هر موقعي ۽ مهل سان پروگرام پيش ڪيا آهن، جنهن
۾ پنهنجي ٻڌندڙن کي تفريح، تعليم جي آگاهي ۽ معلومات سان گڏوگڏ ملڪي، غير ملڪي ۽ علاقائي
خبرن کان به آگاهه رکيو آهي، برسات جي تباهيءَ کان وٺي ٻوڏ سٽيلن جي مدد لاءِ فنڊ گڏ
ڪرڻ جهڙا فلاحي ڪم ڪيا، ريڊيو ذريعه ابلاغ جو بهترين ذريعو آهي، تفريح ۽ ڄاڻ جو نهايت
ئي سولو ۽ سستو طريقو آهي، جنهن جي ڪري هر طبقي جو ماڻهو پاڻ کي باخبر رکڻ لاءِ تازي
صورتحال کان آگاهه ٿئي ٿو، جيئن ته ۱۹۹۵ع
تي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو افتتاح ٿيو ۽ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ۱۰۰ ڪلو واٽ ٽرانسميٽر ڏيڻ جو
اعلان ڪيو هو ۽ هن وقت ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو صرف ۳ ڪلو واٽ ٽرانسميٽر وسيلي پنهنجي
نشريات ڏئي رهيو آهي، جنهن جي نشريات جو دائرو
محدود آهي، جيڪڏهن ۱۰۰ ڪلو واٽ واري ٽرانسميٽر جو جلد افتتاح ٿئي، ته يقينن
نشريات جو دائرو وسيع ٿي پوندو.
No comments:
Post a Comment