Saturday, August 29, 2015

مان جيڪڏهن بابا جي چوڻ تي عمل ڪيان ها ته شايد ايتري تڪليف نه اچي ها - مشتاق انصاري

مان جيڪڏهن بابا جي چوڻ تي عمل ڪيان ها ته شايد ايتري تڪليف نه اچي ها
مشتاق انصاري

وهم جو انسان جي زندگيءَ ۾ وڏو عمل دخل آهي. اهو هر وقت ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هن جي سامهون ايندو رهي ٿو. اها هڪڙي اهڙي ڪيفيت آهي جنهن جي ڪري انسان گهڻين ئي پريشانين جو شڪار ٿي وڃي ٿو. اسانجي روزه مره جي زندگيءَ ۾ ڪي اهڙا به ڏينهن ٿين ٿا، جن جي لاءِ چيو ٿو وڃي ته انهن مان ڪنهن خاص ڏينهن تي ماڻهو کي سفر نه ڪرڻ گهرجي نه ته وڏي نقصان ٿين جو انديشو آهي. انگن ۾ به ڪي اهڙا انگ ٿين ٿا جن کي نڀاڳ جي نشاني سمجهو ٿو وڃي.


مثلن 13 جو انگ بدقسمتي ۽ نحوست جي علامت سمجهيو ويندو آهي انڪري ئي گهڻن ملڪن جي عمارتن ۾ 13 منزل هوندي ئي ناهي. گهر جي ڀت تي  ڪانوءَ جي ٻولڻ کي سٺو سنوڻ سمجهيو ويندو آهي. مهمان جو اچڻ ڀاڳ جي نشاني ۽ ڪاري ٻليءَ جو رستو ڪٽڻ نڀاڳ جي نشاني هوندي آهي. هٿ جي تريءَ ۾ خارش ٿيڻ جي معنيٰ دولت ايندي ۽ پير جي تريءَ ۾ خارش جو مطلب هوندو آهي ته سفر تي وڃڻ. اهڙي طرح انسان پنهنجي ڀاڳ ۽ نڀاڳ جي باري ۾ اڪثر وهم جو شڪار هوندو آهي. پنهنجي نڀاڳ کي سڀاڳ بڻائڻ لاءِ هو جدا جدا ساٺ سنوڻ ڪندو رهندو آهي. انهن سڀني طريقن مان دعا جو سهارو سڀ کان وڌيڪ آهي.
اسانجي والد صاحب جي اها ڪوشش هوندي هئي ته اهڙين سڀني  وهمي ڳالهين کان اسان کي پري رکي. هو هميشه چوندو هو ته اسانکي ڪنهن به قسم جو وهم نه ڪرڻ گهرجي. ماڻهو جو پنهنجو ارادو رڳو پختو هجي ته پوءِ ڪابه ڳالهه هن کي پريشان نه ڪندي. نوڪري جو سلسلي ۾ هو جتي به بدلي ٿي ويندو هو ته اسان سڀني گهر ڀاتين کي به هميشه پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو. ڪن هنڌن تي ته اسانکي رهڻ جي لاءِ اهڙيون به جڳهيون ملنديون هيون جن جي لاءِ ماڻهن جي خيال هوندو هو ته ”اها جڳهه ڳوري آهي.“ ان جاءِ جي متعلق هو اسانکي عجيب عجيب ڪهاڻيون ٻڌائيندا هيا ته ” ان جاءِ ۾ اڳ ۾ جيڪو صاحب رهندو هيو، اهو جڏهن پهريان پهريان هت آيو هيو ته خوش چڱو ڀلو هيو. پر هت اچڻ کانپوءِ هو بيمار رهڻ لڳو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ هن جي گهر واري به فوت ٿي وئي.“ اهي ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ بابا هنن کي جواب ڏنو ته ” پوءِ ته مان ان جاءِ ۾ ضرور رهندس. ڏسان ته مونکي ڇا ٿو ٿئي! حقيقت ۾ اهو سڄو اسانجو پنهنجو وهم آهي ٻيو ڪجهه به ناهي. ماڻهو ته ڪٿي به هجي ۽ ڪهڙي به جڳهه ۾ رهي ته بيمار ته ٿي سگهي ٿو ۽ ٻيو ته زندگي ۽ موت صرف الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي.“
ٻاهران ڏسڻ سان ئي اسانکي اها جڳهه ڪنهن ڀوت بنگلي وانگر نظر آئي جيڪا ڪنهن پراڻي زماني جي ٺهيل هئي جنهن جي ڀتين مان هاڻي مٽي ڇڻي رهي هئي. ائين پئي لڳو ته ورهين کان ان جي مرمت وغيره ڪو نه ٿي آهي. جاءِ ۾ داخل ٿيڻ سان اسانکي سامهون هڪڙو وڏو هال نظر آيو جنهن جي ڇت ڪافي مٿي هئي ۽ گهڻن ئي هنڌن تان ٽٽي چڪي هئي. اسانجي اندر داخل ٿيڻ سان چمڙن جو هڪڙو ولر هال مان اڏامي ٻاهر نڪري ويو.
اها جڳهه وارھ شهر ۾ هئي انهن ڏينهن ۾ اتي بجلي اڃا نه آئي هئي جنهن جي ڪري رات ٿيندي ئي اها جڳهه وڌيڪ خوفائتي ٿي ويندي هئي. رات جو اڪثر مونکي ننڊ نه ايندي هئي عجيب عجيب خيال پيا ذهن ۾ ايندا هيا. هال جي اندران مونکي طرح طرح جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا هيا. هڪڙي رات ته اهي آواز گهرجي سڀني ڀاتين کي به ٻڌڻ ۾ آيا. اونهاري جا ڏانهن هيا اسان سڀ ٻاهر پڌر ۾ سمهيا پيا هياسين ته اوچتو ان رات جو هال جي اندران ڪجهه عجيب قسم جا آواز اچڻ لڳا. ائين پئي لڳو ته ڪنهن لوهي شيءَ سان زمين کي ڪو زور زور سان ڌڪ هڻي رهيو آهي. سڀئي خوف ۾ وٺجي ويا. اندر وڃڻ جي ڪنهن کي به همت ڪو نه پئي ٿي. گهر جي دروازي جي ٻاهران نائڪ ستل هيو جنهن کي بابا وڃي وٺي آيو. هال ۾ داخل ٿيڻ وقت نائڪ اڳيان هيو ۽ ان جي پٺيان بابا لالٽين کنيون پئي ويو. ان مهل مونکي سوچ آئي ته ايتري صاف آواز جي اچڻ کانپوءِ به جيڪڏهن اندر ڪجهه نظر نه آيو ته پوءِ پڪ ئي پڪ ائين سمجهبو ته جاءِ ڳوري آهي. نائڪ جڏهن هال ۾ اندر پهتو ته هن هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ بابا کي چوڻ لڳو ته : ” سائين ٻليءَ جي منڊي ۾ کير جو لوٽو ڦاسي پيو آهي.“ان کان پوءِ نائڪ ٻليءَ جي مٿان ڪپڙو وجهي هن جي منڊيءَ کي لوٽي مان آزاد ڪيو. لوٽي مان آزاد ٿيڻ کانوءِ ٻلي جا ايترا ته حواس گم ٿي ويا جو هن کي ٻاهر وڃڻ جو رستو ئي هٿ نه پئي آيو.
اسانجي شڪارپور واري ناناڻي گهر جي وچين منزل تي هڪڙو اهڙو ڪمرو هوندو هيو جنهن کي سدائين تالو لڳل هوندو هيو ان ڪمري لاءِ چيو ويندو هو ته ان ۾ ڪو فقير ٿو رهي. مٿي ڪوٺي تي وڃڻ لاءِ مان جڏهن اتان لنگهندو هُيس ته خوف جي ڪري اتان تڪڙو تڪڙو نڪري ويندو هيس ته متان فقير سائين نه اوچتو ڪمري مان ٻاهر نڪري اچي. بابا جڏهن به شڪارپور  ايندو هو ته ان ڪمريءَ ۾ اچي رهندو هيو. اهو ڏيکارڻ لاءِ ته ڪمري ۾ ڪجهه به ناهي فقير سائين واري ڳالهه صرف اسانجو وهم آهي.
انهن سڀني ڳالهين جي باوجود هڪڙي ڏينهن بابا پاڻ ئي مونسان اهڙي ڳالهه ڪئي هئي. مان سوچ ۾ پئجي ويس ته ماڻهو ڪيترو به کليل ذهن جو ڇو نه هجي پر تڏهن به ڪنهن نه ڪنهن وقت هو وهم ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿو. بابا جا خيال تبديل ٿي چڪا هيا. پهريان هو وهم نه ڪندو هو پر هاڻي هن جو چوڻ هيو ته وهم جو انسان سان گهاٽو رشتو آهي. اهو ازل کان هن سان گڏ آهي ۽ ابد تائين گڏ رهندو.
مون جڏهن بابا کان پنهنجي دوست سڪندر سان گڏ شهر وڃڻ جي اجازت گهري ته هن مونکي چيو ته
”پنهنجي ان دوست سان تون گهٽ ملندو ڪر. مونکي الائي ڇو هن جي لاءِ دل ۾ هڪڙو وهم ويهي ويو آهي ته توکي ڪڏهن ڪو نقصان نه پهچائي.“
سڪندر علي ڪڇي منهنجو ننڍي هوندي جو دوست هيو، کلڻو ڳالهائڻو ۽ ڏاڍي سٺي طبيعت جو مالڪ هيو سڄو ڏينهن مان هن سان گڏ هوندو هيس. ڪاليج ۾ به اسان گڏ پڙهندا هياسين. پڙهڻ ۾ به هو سڀني کان هوشيار هوندو هيو. خاص طور هن کي انگريزي لکڻ ۽ ڳالهائڻ جو گهڻو شوق هيو. ڪڏهن ڪڏهن ته هو انگريزي ۾ ڪو شعر به لکي کڻي اچي مونکي ٻڌائيندو هو. انهن ڏينهن ۾ ڪاليج جو ماحول ڏاڍو سٺو هوندو هو. رانديون ۽ فنڪشن ٿيندا رهندا هيا. پڙهائي ڏي به گهڻو ڌيان ڏنو ويندو هو.
استاد به ان وقت ڏاڍا سٺا ۽ پيار ڪندڙ هيا. سائين ولي محمد ڀٽي اسانکي انگريزي پڙهائيندو هو. هونءَ ته سائين تمام سٺو استاد هيو پر هن جي انگريزي ڳالهائڻ جو انداز ائين هيو ڄڻ سنڌي ٿو ڳالهائي. سائين عبدالڪريم سنديلو اسانکي سنڌي پڙهائيندو هيو هو ڏاڍو هوشيار ۽ ڄاڻو ماڻهو هيو، چوندو هو ته سنڌي زبان کي توهان سولو نه سمجهو، سنڌي ڏاڍي ڏکي اٿوَ، شاھ عبداللطيف  جو هڪڙو شعر پڙهي پوءِ  اسان کان ان جي معنيٰ پڇندو هو. شاھ سائين جي شعر کي سمجهڻ اسانجي لاءِ واقعي ڏاڍي ڏکي ڳالهه هئي.
ڪاليج مان نڪرڻ کانپوءِ ڪو ڪاڏي هليو ويو ته ڪو ڪاڏي پر سڪندر سان منهنجي ملاقات ٿيندي رهندي هئي، انڪري جو هو  اسانجي پاڙي ۾ رهندو هيو. هو روز شام جو مون وٽ ايندو هو ۽ اسان ٻئي گڏجي شهر گهمڻ نڪري ويندا هياسين يا وري اتي ئي پاڙي جي گهٽي ۾ بيهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري پيا ڪندا هياسين.  سياسي ڳالهه ڳالهه تي اسانجا ٽهڪ هوندا هيا.
هڪڙي ڏينهن صبح جو سويل هو مون وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو ته :
”اڄ اسان سڀني دوستن گڏجي شڪار جو پروگرام ٺاهيو آهي،  تون به اسان سان گڏجي هل.“
مون جڏهن بابا کان شڪار تي وڃڻ جي اجازت گهري ته هن انڪار ڪندي چيو ته :
”توکي ڪيترا دفعا چيو اٿم ته پنهنجي ان دوست سان گهٽ ملندو ڪر پر تون مڙين ئي ڪو نه ٿو.“
تنهن تي امڙ منهنجو طرف کڻندي بابا کي چيو ته:
”جيڪڏهن هي پنهنجي دوست سان گڏ ٻاهر وڃڻ گهري ٿو ته توهان هن کي ڇو ٿا منع ڪيو جوان ٻار آهن، هنن کي پنهنجي بري ڀلي جي خبر پوندي هوندي.“
بابا کيس جواب ڏنو ته:
”مون کي هن جي گهمڻ يا ٻاهر وڃڻ تي اعتراض ناهي. پر توکي ته خبر آهي ته سڪندر نالي واري شخص هميشه اسانجي خاندان کي نقصان پهچايو آهي. مونکي هن جو سڪندر سان وڃڻ ٺيڪ نه ٿو لڳي.“
امڙ جي ڪري مونکي شڪار تي وڃڻ جي اجازت ته ملي وئي پر بابا جون ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ مان به ٿورو فڪر ۾ پئجي ويس. سوچيم ته سڪندر نالي واري شخص اسان جي خاندان کي واقعي هميشه گهڻو نقصان پهچايو آهي.
گهران اجازت ملڻ کانپوءِ مان پنهنجي دوستن سان گڏ هڪ پراڻي وليز جيپ ۾ چڙهي شڪار جي لاءِ روانو ٿيس. مون سان گڏ هيو سڪندر ۽ ان جو ڀاءُ غلام حيدر، سڪندر پاڻ سان گڏ هڪڙي بندوق کنئين هئي جنهن کي هو صاف ڪندو پيو هلي. غلام حيدر جيپ هلائي رهيو هو. اسان عاقل روڊ ڏئي ڪجهه وقت کانپوءِ عاقل بند تي وڃي پهتاسين. اتي بند تي ئي هڪڙو همراھ اسانجو انتطار ڪري رهيو هئو،  جنهن هڪڙي ڪچي مَنَهُه ۾ ويهاريو ۽  پوءِ چانهه کڻي آيو. ڪجهه دير ۾ ٻيا دوست به اتي اچي پهتا ۽ پوءِ اسان اتان روانا ٿياسين. منهه کان ٻاهر نڪرڻ سان مونکان ڇرڪ نڪري ويو ڏسان ته ٻاهر وڏي تعداد ۾ ڪتا بيٺا آهن جن جا رسا سندن مالڪن جي هٿن ۾ هيا. مون سوچيو هيو ته اسان ڪنهن هلڪي ڦلڪي پکين جي شڪار تي وڃي رهيا آهيون پر هتي ته ڳالهه ئي ٻي هئي. ايترا ڪتا ڏسي مونکي خوف وٺي ويو. اهڙي قسم جي شڪار تي مان اڳ ڪڏهن به نه آيو هيس. ان وقت دل ۾ آيو ته مونکي سڪندر سان گڏ نه اچڻ کپندو هيو.
ڪجهه وقت درياءَ جو بند ڏئي هلڻ کانپوءِ اسان هيٺ ڪچي ۾ لهي وياسين. هڪڙي هنڌ پهچڻ کانپوءِ شڪارين جون ٽوليون ٺاهيون ويون. اسانجي ٽوليءَ ۾ شامل هيا سڪندر، غلام حيدر ۽ مان ان کانپوءِ هر ڪو پنهنجي پنهنجي ٽولي سان گڏ روانو ٿي ويو. اسان ٽنهي کي نه هيو ڪو شڪار جو تجربو ۽ نه ئي اها خبر پئي پوي ته هاڻي اسانکي ڪيڏانهن وڃڻو آهي. جيڏانهن ان وقت اسانجو منهن هيو اسان ان طرف روانا ٿياسين.
پنهنجي دل کي تسلي ڏيڻ خاطر مون ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ سڪندر کان پڇو ته:
”اڳ ۾ ڪڏهن تون هن قسم جي شڪار تي آيو آهي“
جواب ڏنائين ته :
”نه هي منهنجو پهريون دفعو آهي.“
مون پڇيو ته :
”اڳ ۾ ڪڏهن هي بندوق هلائي اٿئي.“
چيائين ته:
”نه“
مون پڇو ته:
”ڀلا پاڻ سان گڏ گهڻا ڪارتوس کنيا اٿئي“
چيائين ته :
”هڪ جيڪو هن بندوق ۾ پيوآهي.“
مون چيو ته:
”بس پوءِ اڄ الله اسان جو خير ڪندو.“
جنهن رستي تان اسان وڃي رهيا هياسين اهو ڏاڍو سوڙهو  ۽ ڏکيو هو. هر طرف کان ٻوڙا ۽ وڏا وڏا سر بيٺا هيا جن جي وچ مان لنگهڻ ڏاڍو ڏکيو هيو. گاھ جي وچ ۾ ڪٿي ڪٿي اهڙيون جڳهون به ٺهيل نظر آيون ڄڻ ڪهن پنهنجي لاءِ ٿوري دير ويهي آرام ڪرڻ لاءِ ٺاهيون هجن. سڪندر پنهنجو خيال پيش ڪيو ته ان جاءِ تي مرون اچي ويهندا هوندا.  ڪافي دير تائين اسان هلندا رهياسين. جنهن کانپوءِ هڪڙي کليل رستي تي اچي پهتاسين پر اهو ايترو سوڙهو هيو جو ان تي هڪ مهل هڪ ماڻهو هلي پيو سگهي. ٿوري کليل فضا هجڻ جي ڪري اسان ان کي غنيمنت سمجهو ۽ اتي بيهي شڪار جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. ٿوري دير ۾ پري کان ماڻهن جو گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو. ان سان گڏ ڪتن جا آواز ۽ ٽين کڙڪائڻ جا آواز اچڻ لڳا. اهي ماڻهو جانورن کي اسانجي طرف ڌڪيندا پيا اچن. ان مان ظاهر هيو ته مرون ڪهڙي به وقت اسانجي سامهون اچڻ وارو هيو. اسان وٽ صرف هڪڙو ڪارتوس هيو. اهو به جيڪڏهن گسي پيو ته پوءِ اسانجو ڇا ٿيندو؟ ڀڄڻ جو به ڪو رستو ئي ڪو نه هيو. اهو سوچي مان دل ۾ دعائون گهرڻ لڳم ته اڄ خير جو وقت گذري وڃي، وري اهڙو ڪم نه ڪندس. منهنجي دعا قبول پئي سڄي ڏينهن ۾ اسان کي ڪو به جانور نظر نه آيو.
ان کانپوءِ مون ڪڏهن به سڪندر سان گڏ شهر کان ٻاهر وڃڻ جو پروگرام نه ٺاهيو. هاڻي مونکي به وهم ويهجي ويو هو ته هن سان گڏ وڃڻ جي ڪري ڪو نه ڪو مسئلو پيدا ٿو ٿي پوي. هن جڏهن به ڪو پروگرام پئي ٺاهيو ته مون کيس انڪار پئي ڪيو. ڪافي عرصي کانپوءِ نيٺ هڪڙي ڏينهن هن مونکي چيو ته :
”مونکي چاچا سائين (منهنجو والد) سان ملڻو آهي. مونکي اوڏانهن وٺي هل.“
ان وقت بابا جي نوڪري جيڪب آباد ۾ هئي. مون گهڻو ئي لنوائڻ جي ڪئي پر هو ضد ڪري بيهي رهيو ۽ چوڻ لڳو ته :
”تو کي ته مان تنهنجي والد ڏي ٿو وٺي هلان. توکي ته ان ڳالهه ۾ خوش ٿيڻ گهرجي.“
مان هن سان گڏ وڃڻ لاءِ راضي ٿي ويس. مختصر تياري کانپوءِ  اسان منجهند واري ريل ۾ اوڏانهن روانا ٿياسين. اسان کي ڏسي بابا ڏاڍو خوش ٿيو. ماني کانپوءِ رات دير تائين اسان جي ڪچهري هلندي رهي. سڪندر ته هونءَ ئي گهڻو ڳالهائڻو هيو سڄو وقت صوفي ازم ۽ راڳ تي بحث ٿيندو رهيو. انهن ڏينهن ۾ سڪندر جو فقيرن ڏي گهڻو لاڙو هيو. ڪنهن مهل هن جي هٿ ۾ يڪتارو ۽ چپڙي هوندي هئي.  ڪنهن مهل  مٿي تي رلهي جي ٽُڪ واري ٽوپي، ڳچيءَ ۾ مڻين وارو هار ۽ ڪنهن مهل ٻنهي هٿن ۾ منڊيون هونديون هيس. منهنجو بابا آفيس هليو ويندو هيو ته اسان گهر ۾ ويهي ڪتابن جو مطالعو ڪندا هياسين.
سڪندر تيستائين اتي رهيو جيستائين هن بابا سان پوري طرح ڪچهري نه ڪئي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اسانجو واپسيءَ جو پروگرام ٺهيو. بابا کان موڪلائي اسان اسٽيشن تي پهتاسين ته هڪڙي ريل اڳ ۾ ئي لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ تيار هئي جيڪا شهدادڪوٽ جي قمبر واري رستي لاڙڪاڻي وڃڻي هئي. اسان ان ۾ چڙهي پياسين. گاڏي جڏهن اوستا محمد اسٽيشن تي پهتي ته سڪندر جي ذهن ۾ الائي ڪهڙي اچي ڳالهه ويٺي، هو گاڏي مان هيٺ لهي بيهي رهيو ۽ چوڻ لڳو ته هن کي هتي پنهنجي ڪنهن دوست سان ملڻو آهي. گهڻي سمجهائڻ جي باوجود به جڏهن هو ضد تان نه لٿو ته مجبورن  مونکي به هن جو ساٿ ڏيڻو پيو. اسٽيشن کان ٻاهر اچڻ کانپوءِ هن هڪڙي همراھ کان پنهنجي دوست جو ڏس پتو پڇو جنهن ٻڌايو ته اهو هتان کان ڪجهه پرڀرو ٿو رهي. اهو همراھ اسانکي ٽانگي تي اوستائين ڇڏڻ هليو. جتان جتان اسان گذرون پيا. اهو سڄو علائقو مونکي ويران نظر آيو. اهو سوچي مان پريشان ٿي ويس ته هڪڙي اڻ واقف ماڻهو جي چوڻ تي اسان هن سان گڏ الائي ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون. ڪجهه وقت کان پوءِ اسان کي ڪجهه گهر نظر  آيا. ان شخص ٻڌايو ته ”اهي ئي توهان جي دوست جا گهن آهن. اتي پهچڻ کانپوءِ هو اسان کان موڪلاڻي ڪري هليو ويو. اسان هڪڙي گهر جو دروازو کڙڪايوسين ته هڪڙو ننڍڙو ڇوڪرو نڪري آيو، جنهن کان سڪندر پنهنجي دوست جي متعلق پڇا ڪئي. ڇوڪري ٻڌايو ته اهو لاڙڪاڻي ويل آهي اڄ شام تائين واپس ايندو. اهو ٻڌڻ کانپوءِ اتي وڌيڪ ترسڻ اجايو هيو. پر پوءِ به سڪندر ضد ڪري بيهي رهيو ته هو پنهنجي دوست سان ملڻ کانسواءِ واپس نه ويندو. اسان انتظار ڪندا رهياسي سڄو ڏينهن گذري ويو. شام کان رات ٿي وئي. تڏهن به هو نه آيو. اونداھ ٿيڻ لڳي ته منهنجي پريشاني ۾ اضافو ٿيندو ويو ان وقت واپسي لاءِ به ڪا سواري ڪو نه هئي.
اسان کي سمهڻ لاءِ ٻاهر کليل ميدان تي کٽون وجهي ڏنائون اتي ڪنهن ڪنهن مهل مونکي پري کان ڪجهه ماڻهو رائيفل سان گهمندي نظر آيا. اهڙي ماحول ۾ منهنجي لاءِ رات گذارڻ ڏاڍي ڏکي هئي. سڪندر کي ته ان مهل ئي ننڊ اچي وئي. پر مان سڄي رات خوف ۾ ويٺي گذاري. هر طرف خاموشي ۽ اونده انڌوڪار هئي. ڪنهن  مهل پري کان ڪو فائرنگ جو اواز پئي آيو ته ڪنهن مهل گدڙن جو اونايون پيون ٻڌڻ ۾ اچن. اسان جي کٽن کان ٿورو مفاصلي تي ڪجهه پراڻيون قبرون به هيون جيڪي رات جي وقت ڏاڍيون خوفائتو منظر پيون پيش ڪن. اهڙي خوفائتي ماحول ۾ مون اڳ ۾ ڪڏهن به نه گذاريو هو ۽ نه ئي ڪڏهن گهر کان ٻاهر ايئن کليل ميدان ۾ رات گذاري وئي.
اهڙين ڳالهين جي ڪري ئي شايد بابا مونکي سڪندر سان ملڻ کان منع ڪندو هيو. هن جو وهم صحيح هيو. مان جيڪڏهن هن جي چوڻ تي عمل ڪيان ها ته شايد مونکي ايتري تڪليف نه اچي ها.


No comments:

Post a Comment