لاڙڪاڻي جون بازارون
طاهر مستوئي
لاڙڪاڻو شهر، بلا شبه انهن شهرن
منجھان آهي، جن جو شهري ٿيڻ، باعثِ افتخار آهي. ڇو ته هيءُ شهر، ڪلهوڙن جي دَور ۾ خوشحاليءَ
۽ فارغ الباليءَ جو مثال بڻيو ۽ پهاڪو جُڙيو: ’هجئي ناڻو
ته گھم لاڙڪاڻو.‘ ٽالپرن جي دَور ۾ هي شهر باغات، گلن ڦلن، نازِنين، ناز پرور
۽ صوفياڻي طبيعت رکندڙ ماڻهن جي ڪري ’لاڙڪاڻو؛ ساهه سيباڻو‘
سڏجڻ لڳو. انگريزن جي دَور ۾ هي شهر علم، ادب، تفريح، سٺي انتظام ۽ امن جي حوالي سان
’لاڙڪاڻو راڄ راڻو‘ ٿي پيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ، هن شهر جي ماڻهن، سياسي ۽ سماجي
اڳواڻي ڪري، لاڙڪاڻي کي حاڪماڻو ڪيو، جو وقت جا شهنشاهه ۽ حاڪم به هتي ڪَهي آيا. لاڙڪاڻي
لاءِ ”لاڙڪاڻو؛ ساهه سيباڻو“ ۽ ”لاڙڪاڻو؛ راڄ راڻو“ کان
سواءِ ٻيون چوڻيون پڻ مشهور ۽ مقبول ٿيون آهن، جھڙوڪ: ”هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو“،
”لاڙڪاڻو؛ شاعرن جو آکيرو“ ۽ ”لاڙڪاڻو؛ باغن ۽ خوشبوئن جو شهر“.

پراڻي وقت ۾ لاڙڪاڻي جا رهاڪو خريداري
لاءِ لاڙڪاڻي کان ٻاهر ڪراچي، حيدرآباد ۽ پاڪستان جي ٻين مختلف شهرن م ويندا هئا ۽
هن وقت لاڙڪاڻي ۾ ڪيتريون ئي بازارون ٺهي چُڪيون آهن. هر شيءَ لاءِ الڳ مارڪيٽس ٺاهيون
ويون آهن، جهڙوڪ اچار لاءِ اچار بازار جتي اچار جو هر قسم موجود هجي ٿو. مطلب ته هن
وقت لاڙڪاڻي ۾ هر شيءَ جي خريداري ڪري سگهجي ٿي پوءِ اها عيد جي خريداري هجي يا وري
شادي جي لاڙڪاڻي جي ماڻهن کي پنهنجي ئي شهر ۾ هر شيءَ مهيا ڪئي وئي آهي.
لاڙڪاڻي جي هڪ مشهور بازار ريشم
گلي ۾ هر وقت رونڪ هجي ٿي. پراڻي وقت ۾ لاڙڪاڻي جون ٻارهن بازارون تمام گهڻيون مشهور
هيون، لوهر بازار، ڪپڙي بازار، حلوائي بازار،
ٺاٺارڪي بازار ( هيئنر ان جاءِ تي ريشم گلي وجود ۾ اچي وئي آهي) صرافه بازار، چوڙي
گر بازار، صديق بازار، جائلس بازار، ڳڙ بازار، سبزي منڊي، ۽ سيئو بازار پر هن وقت شاهي
بازار، ريشم گلي، بندر روڊ، اصغر پلازه، گل فروش بازار جو وجود باقي اچي بچيو آهي جن
۾ اسان کي هر قسم جو سامان مهيا ڪيو وڃي ٿو.
ريشم گلي:
ريشم گلي مان ڪپڙو، زيور، بوٽ ۽
چپل، ڪاسميٽڪ جو سامان، شيشي جو سامان، برتن مطلب ته ضرورت جو هر سامان ملي وڃي ٿو
۽ هن بازار ۾ مردن کان وڌيڪ عورتون خريداري لاءِ اينديون آهن. عيد جي ڏينهن ۾ سندن
پير رکڻ جي جڳهه نه هوندي آهي، عورتن لاءِ عيد کان وڌيڪ خوشي جو ڏينهن شاپنگ وارو ڏينهن
هوندو آهي.
اصغر پلازه:
اصغر پلازه مان بجلي جو ٺهيل هر
سامان، موبائيل فون، ٽي وي جهڙيون شيون آرام سان ملي سگهن ٿيون. هن مارڪيٽ ۾ هر وقت
واپارين جي تمام گهڻي رش هجي ٿي جيڪي پنهنجي موبائيلن جو سودو ڪرڻ لاءِ هٿ ۾ ڪيتريون
ئي موبائيل فونو کڻي بيٺل هوندا آهن . اتي رهندڙ ڪجهه ماڻهن جو اهو ته هڪ ڪاروبار ٿي
چڪو آهي، هر روز هو هڪ موبائيل گهٽ قيمت تي وٺي ڪنهن نئين ايندڙ ماڻهو کي مهنگي اگهه
۾ واپرائن ٿا.
ڪمپيوٽر مارڪيٽ:
ڪجهه عرصو اڳ ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ ڪمپيوٽر
مارڪيٽ ۾ صرف 4 کان 5 ئي دڪان هوندا هئا پر هن وقت انهن جو تعداد تيزي سان وڌي رهيو
آهي، هن وقت تائين هن مارڪيٽ ۾ 5 جي جڳهه تي 25 دڪان ٿي چُڪا آهن. ۽ ڪمپيوٽر جي هر
ڪوالٽي پڻ لاڙڪاڻي شهر ۾ موجود آهي هاڻي لاڙڪاڻي جي شهرين کي شهر کان ٻاهر وڃڻ جي ضرورت
ناهي پوندي.
سبزي منڊي:
سبزي منڊي نالي سان ئي ماڻهو سمجهي
سگهي ٿو ته هن مارڪيٽ ۾ اسان کي ڪهڙي شيءَ ملي سگهي ٿي. هن بازار جي خاصيت اها آهي
ته هتي اسان کي هر سبزي ٻين جاين کان گهٽ اگهه تي ملن سگهن ٿيون. ڪيترائي ماڻهو صبح
جو وقت هتي تازي سبزي وٺڻ ايندا آهن پوءِ ڪير هڪ ڏينهن جي لاءِ وٺندو آهي ته ڪو هفتي
لاءِ وٺي ڇڏيندو آهي. گهٽين ۾ ايندڙ سبزي وارن جا اگهه مهنگا هجڻ ڪري ماڻهو سبزي منڊي
ڏانهن منهن ڪن ٿا. اسان وٽ ايندڙ سبزي وارا هن بازار مان ٽماٽا 60 رپيه ڪلو جي حساب
سان وٺندا ۽ گهٽين ۾ اچي انهن جو اگهه 80 کان 90 تائين ٻڌائين ٿا جنهن مان ماڻهو تنگ
ٿي سبزي منڊي ڏانهن رخ ڪن ٿا.
بندر روڊ:
بندر روڊ لاڙڪاڻي جي مرڪزي بازار
آهي جيڪا لوهر بازار کان شروع ۽ پاڪستاني چوڪ تي ختم ٿئي ٿي. هن سڄي بازار ۾ اصغر پلازه،
لوهر بازار، ريشم گلي، اچي وڃن ٿا يا کڻي چئجي ته بندر روڊ هنن سڀني بازارن جو ڳڙهه
آهي.
لاڙڪاڻي جي لاءِ چيو ويندو آهي ته
هجئي ناڻو ته گُهم لاڙڪاڻو انهي چوڻي کي نظر ۾ رکندي آءُ اهو ئي چوڻ چاهيندس ته اها
چوڻي جنهن جي به چيل آهي سؤ سيڪڙو سچ آهي ٻاهرين شهرن مان آيل هر شيءَ جو اگهه لاڙڪاڻي
پهچڻ تائين وڌي وڃي ٿو. جنهن جي ڪري لاڙڪاڻي ۾ ملندڙ هر شيءَ جو اگهه ماڻهن کي مهنگو
لڳندو آهي.
No comments:
Post a Comment