Wednesday, February 3, 2016

ڪڏهن ڪڏهن ٽيليفون تي هيلو هاءِ ٿيندي آهي - مشتاق انصاري

ڪڏهن ڪڏهن ٽيليفون تي هيلو هاءِ ٿيندي آهي
مشتاق انصاري
جڏهن مان مئٽرڪ ۾ پڙهندو هيس ته ان وقت منهنجو نالو گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخل هيو پر بابا جي نوڪري قمبر ۾ هجڻ جي ڪري مان پنهنجا ڪلاس وقتي طور هاءِ اسڪول قمبر ۾ اٽينڊ ڪندو هيس. ٻيا سڀ سبجيڪٽ ته ٺيڪ هيا پر ميٿ جو سبجيڪٽ مونکي سمجهه ۾ ئي نه ايندو هو. جڏهن ان جو پيرڊ هوندو هو ته مونکي اُٻاسيون اچڻ شروع ٿي وينديون هيون. اسانجي ڪلاس ۾ هڪڙو اهڙو شاگرد به هوندو هو جيڪو وري ميٿ ۾ سڀني کان هوشيار هوندو هو. استاد اڃا بورڊ تي سوال  لکي پورو مس ڪندو هو ته هي اڳ ۾ ان جو جواب لکي ڪاپي وڃي ميز تي رکندو هو. هن جي ذهانت کي ڏسي سڀ استاد کيس گهڻو ڀائيندا هئا ۽ شاگرد به کانئس گهڻو متاثر هوندا هيا. ڪنهن کي به ڪو سوال جيڪڏهن سمجهه ۾ نه ايندو هو ته استاد کان پڇڻ جي بجاءِ هر ڪو کانئس پڇندو هو. هو مونسان گڏ ساڳي ئي بينچ تي ويهندو هو. ڪجهه ڏينهن ۾ منهنجي ساڻس دوستي ٿي وئي. سندس نالو الهڏتو گوپانگ هو.


اسان ٻنهي جي دوستي ايتري گهري ٿي وئي جو اسڪول کانپوءِ به اسان پاڻ ۾ ملندا هياسين. هر روز شام جو هو مون وٽ ايندو هو ۽ اسان ٻئي گڏجي ڪنهن نه ڪنهن طرف گهمڻ نڪري ويندا هياسين. شهر ۾ اهڙي ڪا تفريح جهڙي جڳهه ڪونه هوندي هئي جتي ڪجهه وقت وڃي ويهي سگهجي. هڪڙو باغ هيو سو به توجهه نه هجڻ جي ڪري اجڙي چڪو هو انڪري اسان روڊ جو  ڪنارو ڏئي ڪچهري ڪندا شهر کان ٻاهر ريلوي ڦاٽڪ تائين نڪري ويندا هياسين. اسان جي گفتگو جو موضوع اسڪول جي پڙهائي متعلق ئي هوندو هو. پر هن جو مذهب سان گهڻو لڳاءُ هيو. روزي ۽ نماز جو به سخت پابند هيو. تنهن ڪري مونکي به هو هميشه اسلام جي باري ۾ ٻڌائيندو رهندو هيو ۽ ان سان گڏ نماز پڙهڻ جي به تلقين ڪندو رهندو هو. هڪڙي ڏينهن هن نمارجي باري ۾ مونکي تفصيل سان ٻڌائڻ شروع ڪيو ته:
”انسان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن عقيدي تي عمل ڪندو رهندو آهي ڪنهن به عقيدي کان بغير هن جي زندگي نامڪمل ۽ اڌوري هوندي آهي. اسلام اسان کي هڪ اهڙي عقيدي جي ترغيب ڏئي ٿو جنهن مطابق اسان کي اهو ٻڌايو ٿو وڃي ته  عبادت جي لائق الله تعاليٰ کانسواءِ ٻي ڪابه هستي ڪانهي. دنيا جي هر مذهب ۾ خدا کي ياد ڪرڻ جو حڪم ٿيل آهي پوءِ هر ڪو ان کي پنهنجي پنهنجي طريقي سان ٿو ياد ڪري ۽ ان جي عبادت ڪري. اهڙي طرح ان کي ياد ڪرڻ لاءِ اسلام ۾ ”حمد“ آهي، عيسائين وٽ ”دعا“ هندن وٽ ”ڀڄن“، يهودين وٽ ”زمزمه“ آهي ۽ انهيءَ فرض کي ادا ڪرڻ جي لاءِ هر ڪنهن وٽ پنهنجا پنهنجا وقت به مقرر ٿيل آهن. قرآن شريف جي روشني ۾ هر پيغمبر پنهنجي امت کي نماز  قائم ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪئي آهي. حضرت ابراهيم پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي نسل لاءِ هيءَ دعا گهري هئي.
”اي منهنجا پرودگار مونکي ۽ منهنجي نسل وارن کي صلوات قائم ڪرڻ وارو بڻاءِ“
حضرت موسيٰ کي الله تعاليٰ فرمايو ته:
”مونکي ياد ڪرڻ لاءِ صلوات قائم ڪر“
اهڙي طرح اسلام ۾ نماز جي وڏي اهميت آهي. قرآن شريف ۾ تقريبن هڪ سو دفعو نماز قائم ڪرڻ جي ذڪر ٿيل آهي. الله تعاليٰ هڪڙي هنڌ فرمائي ٿو ته:
”مون جن ۽ انسان پنهنجي عبادت لاءِ خلقيا آهن.“
ان مان ظاهر آهي ته اسان جو هن دنيا ۾ پيدا ٿيڻ ۽ هن زندگي گذارڻ جو مقصد ئي الله جي عبادت ڪرڻ آهي. پر پوءِ به اسان ان ڳالهه کي وساري ويٺاسين آهيون. جيڪڏهن اسان ايئن ڪيو ۽ پنهنجي خالق جي عبادت کان غافل رهيا ته پوءِ ايئن چئبو ته اسانجي سڄي زندگي اجائي ۽ بيڪار گذري وئي. هونءَ به ڏٺو وڃي ته اسان اسلام جي تعليمات کي بلڪل فراموش ڪري ڇڏيو آهي. نماز کي وساري اسان پنهنجي نفساني خواهشن جي ڪڍ لڳي پيا آهيون. نماز جي مفهوم کي جيڪڏهن ڪنهن چڱي طرح سمجهيو هو ته گذريل وقتن ۾ انهن هستين سمجهو هيو جن هڪڙي ننڍي جماعت مان پاڻ کي وڌائي وڏي طاقت بڻائي ڇڏيو ۽ دنيا جي نقشي کي ئي بدلائي ڇڏيو. پر جڏهن کان مسلمانن نماز کي نماز سمجهي ادا ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ ان مقدس عبادت کي رڳو هڪڙي رسم بڻائي ڇڏيو آهي تڏهن کان مسلمان پنهنجي حيثيت وڃائي چڪا آهن.
اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائڻ کانپوءِ الهڏتي مونکي چيو ته :
”اڄ اسان سج لٿي واري نماز جامع مسجد ۾ هلي گڏجي پڙهنداسين. تون ڏسجانءِ ته نماز پڙهڻ کانپوءِ توکي ڪيڏو نه سڪون ٿو ملي. نماز پڙهڻ مان ٻيا به گهڻائي فائدا آهن. هڪڙو ته ان جي ڪري اسانجا سماجي تعلقات وڌن ٿا. ماڻهو ۾ ڪردار جي پختگي، خوداعتمادي ۽ وقت جي پابندي ٿئي ٿي. جسماني صفائي سان گڏ اسانجو ذهن به هر وقت صاف ۽ پاڪ رهي ٿو.“
ان ڏينهن کانپوءِ پنهنجي ان دوست سان گڏجي مون باقاعده نماز پڙهڻ شروع ڪئي اسان ٻئي  اسڪول به گڏ ويندا هياسين. نماز به گڏ پڙهندا هياسين ۽ شام جو گهمڻ به گڏ ويندا هياسين. شهر ۾ ڪنهن به ماڻهو کي دعا گهرائڻي هوندي هئي يا پنهنجي وڏن کي ڪو ختمو ڏيارڻو هوندو هيو ته ان لاءِ به اسان ٻنهي کي هڪ مهل گڏ گهرائيندا هيا. ائين اسان ٻئي هميشه گڏ گهمندي نظر ايندا هياسين. جڏهن به اسانجي گهر جو دروازو کڙڪندو هو ته منهنجي گهر وارا بنا ڏسڻ جي اتان ئي چوندا هيا ته”
”آيو ٿي ملان“
منهنجو جڏهن مئٽرڪ جو امتحان شروع ٿيو ته پيپر ڏيڻ لاءِ مان روزانو لاڙڪاڻي ويندو هيس. انهن ڏينهن ۾ قمبر کان ريل هلندي هئي جيڪا وري شام جو لاڙڪاڻي کان واپس ٿيندي هئي، مان ان ۾ ايندو ويندو هيس. جنهن ڏينهن منهنجو آخري پرچو هيو ان ڏينهن مون سوچو ته قمبر واپس وڃڻ جي بجاءِ اهو ڏينهن مان لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ گذاريان، پيپر پوري ٿيڻ کانپوءِ مان پنهنجي مائٽن جي گهر ويس جتان وري شام جو ڪنهن دوست سان گڏ نڪري ويس. رات جي ماني کانپوءِ ان دوست مونکي اتي پاڻ وٽ ئي رهائي ڇڏيو. رات جو دير تائين جڏهن  مان پنهنجي گهر نه پهتس ته منهنجي گهر وارا ڏاڍا پريشان ٿي ويا. ان پريشاني ۾ بابا ان مهل ئي الهڏتي کي ساڻ ڪري مونکي ڳولهڻ لاءِ قمبر مان نڪتو، لاڙڪاڻي ۾ جڏهن مائٽن جي گهر به مان هنن کي نه مليس ته بابا ويتر پريشان ٿي ويو پوءِ جدا جدا هنڌن تي مونکي ڳولهيندا رهيا. ان وچ ۾ هڪڙو دفعو قمبر به ڏسڻ ويا هيا. سڄي رات مونکي ڳولهيندا رهيا. صبح جو سوير نيٺ اچي مونکي ان دوست وٽ ڳولهي ورتائين جتي مان ان وقت مزي سان ويٺو ماني کائي رهيو هيس. بابا جي ڪاوڙيل ۽ پريشان چهري تي جڏهن منهنجي نظر پئي تڏهن مونکي احساس ٿيو ته مونکان ڪيڏي وڏي غلطي ٿي آهي.
الهڏتو گوپانگ قمبر شهر جي علي خان محلي ۾ رهندو هيو. هن جو تعلق هڪڙي غريب گهراڻي سان هو. سندس والد سارين چڙڻ جي هڪڙي ڪارخاني ۾ مستري هيو. پنهنجي گهرو حالتن کي ڏسي هن کي افسوس ٿيندو هو ۽ چاهيندو هو ته ڪنهن نموني سان هو پنهنجي گهر وارن جو هٿ ونڍائي سگهي. تنهنڪري هن پڙهڻ سان پنهنجو شوق رکيو ۽ سخت محنت ڪرڻ لڳو، ڏينهن رات محنت ڪرڻ  لڳو، ڏينهن رات محنت ڪرڻ جي ڪري هو هميشه سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيندو آيو. مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ ايگريڪلچر ڪاليج ٽنڊو ڄام مان ايم ايس سي ڪيائين ۽ ان کانپوءِ هو پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ رومانيه روانو ٿي ويو. هي ان ديس ويو هو. جتان جي ورلڊ چيمپيئن ” ناديا ڪومنيچي“ مشهور هئي ۽ جتان جو پهلوان جارج زبسڪو هتي سنڌ ۾آيو هيو ۽ هتان جي پهلوان شير مير بحر سان هن جو ملهه جو مقابلو ٿيو هو. جنهن ۾ شير ميربحر هن کي ٻئي ملهون ماريون هيون.
رومانيه وڃڻ کانپوءِ به هن جي سوچ ۾ ڪو به فرق نه آيو هيو. ساڳي ئي نموني هو پابندي سان پنج ئي وقت نماز پڙهندو هو ۽ روزا رکندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو اتي عيد ميلادالنبي ﷺ۽ ٻيا مذهبي پروگرام به ڪرائيندو هو. اسان جو هڪٻئي سان حال احوال ٿيندو رهندو هو. هن جا خط ايندا رهندا هيا. جن مان اهو ظاهر ٿيندو هو ته هن کي به منهنجي خط جو انتظار رهندو هو. جيئن هڪڙي خط ۾ هن لکيو ته؛
”پرديس ۾ انسان صرف خطن جي ئي سهاري هوندو آهي يا ته انسان سئو سيڪڙو يوپين ٿي وڃي ته پوءِ ڪنهن جي حال احوال جي پرواھ ۽ نه ڪنهن سان ڪا شڪوه شڪايت ڪجي،  ڇو ته هتانجي ماڻهن کي ڪم ڪار گهڻا آهن پر ٽائيم ٿورو آهي. اسانجي پاڪستان ۾ ته انسان ان فڪر ۾ هوندو آهي ته وقت ڪئين گذارجي پر هتي انجي ابتڙ آهي ته وقت ڪيئن بچائجي.
۴ مارچ جو اهڙو ڏينهن آهي جو سنڌ جي شاگردن ظلم جي خلاف (ون يونٽ خلاف) ايوب خان جي حڪومت ۾ حقن جو  آواز اٿاريو هيو.  (جڏهن ۱۹۶۷ ۾ مسرور حسين حيدرآباد جو ڪمشنر هيو) ساڳي طرح ۴ مارچ ۱۹۷۷ع ۾ پاڻ کي وري دهرايو آهي جڏهن رات جو ۹.۳۰ وڳي هڪ وڏي زلزلي سڄي يورپ کي لوڏي ڇڏيو. زمين پهريان پينگهي وانگي اڳتي پوئتي  ۽ پوءِ هيٺ مٿي ٿيڻ لڳي. بس رڳو زمين تي جاين ڪرڻ ۽ انساني چيخن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. اٽڪل ۳۷ سيڪنڊن جو زلزلو هليو. مان پنج ماڙ تي رهندو آهيان زلزلي دوران سڀني شاگردن جي اها ئي ڪوشش هئي ته اڳ ۾ ڏاڪڻ تان هيٺ لهي کليل ميدان تي پهچن. بس حشر جي ميدان وارو منظر هيو. جيڪو شاگرد يا شاگردياڻي جنهن حالت ۾ هيو (گهڻا ته ان وقت غلسخاني ۾ هيا) فورن هيٺ وٺي ڀڳا ڏاڪڻ تي گهڻن ئي  شاگردن جا بوٽ ۽ چپلون رهجي ويون، زلزلي جي ڪري پاڻي جي بوائلرن جا نلڪا ڦاٽي پيا. پيٽرول جا ۳۰۰ کوهه بلڪل ئي ناڪارا ٿي ويا. ۹۰ هزار ماڻهو بي گهر ٿيا. ۲ هزار کن جاين ۾ دٻجي مري ويا. ۴۰ هزار زخمي ٿيا. روز ڪيترن جا لاش جاين مان نڪرندا رهيا. ڪي زنده به مليا“ هڪڙي ٻي خط ۾ هن پنهنجي پڙهائي جي سلسلي ۾ لکيو ته :
”ادا اوهان جو گهراڻو ته پڙهيل لکيل آهي. توکي ته ورثي ۾ انهن جي جدوجهد به مليل آهي. ليڪن مان ته هڪ اڻ پڙهيل خاندان سان تعلق رکندڙ آهيان ان ڪري مونکي ورثي ۾سواءِ پنهنجي محنت جي ٻيو ڪجهه به نه مليو آهي. سچ پڇين ته مون کي پڙهائي جو شوق به اوهان جي خاندان کي ڏسي ٿيو“
پي ايڇ ڊي ڪري اچڻ کانپوءِ هن کي پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل اسلام آباد ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي هو ڊائريڪٽر جي عهدي تائين پهتو. پنهنجي محنت سان هو ان عهدي تي پهتو ۽ قمبر شهر جي ننڍڙي محلي علي خان مان نڪري اسلام آباد جهڙي ڪشادي شهر ۾ مستقبل رهائش اختيار ڪئي. هاڻي هو رٽائرڊ آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن سان منهنجي ٽيليفون تي ”هيلو هاءِ“ ٿيندي آهي.

No comments:

Post a Comment