اميدوار
ڪامياب ٿيو پر مان ڊي سي ٿي نه سگهيس
مشتاق انصاري
اليڪشن جا ڏينهن هيا. شهر ۾ هر طرف
گهما گهمي هئي. ڀتيون ۽ ٿنڀا، سياسي پارٽين جي جهنڊن ۽ نعرن سان ڀريل هيا، اميدوار
۽ سندن ڪارڪن ڏينهن رات ورڪ ڪرڻ ۾ مصروف هيا. سرڪاري ملازمن کي به رات جو دير تائين
پنهنجي آفيس ۾ ويهي ڪم ڪرڻو پيو پوي، اهو آچر جو ڏينهن هو مان پنهنجي گهر ۾ آرام سان
ويٺي چانهن پي رهيو هيس ۽ سوچي رهيو هيس ته پنهنجي شهر ۾ نوڪري ڪرڻ ۾ ڪيڏو ته آرام
۽ سڪون آهي. منهنجي لاءِ اها به چڱي ڳالهه هئي ته مان ڪنهن اهڙي پوسٽ تي نه هيس جنهن
جو اليڪشن جي ڪم جو گهڻو واسطو هجي.
ان وقت مان مختيارڪار زڪوات ۽ عشر
جهڙي سائيڊ پوسٽ تي ڪم ڪري رهيو هيس. اسانجي ضلع زڪوات ڪميٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر طفيل
احمد صديقي هو جيڪو پنهنجي ڊاڪٽري واري پيشي ۾ وڌيڪ مصروف هجڻ جي ڪري اسانجي آفيس کي
گهٽ ٽائيم ڏيندو هو. تنهنڪري اسانجي آفيس ۾ ايترو گهڻو ڪم ڪو نه هوندو هيو. آفيس ۾
هڪڙي ڊاڪٽر جي موجود هجڻ جي ڪري مونکي اها سهولت حاصل هئي ته جڏهن به مونکي ڪا تڪليف
ٿيندي هئي ته اتي آفيس ۾ ئي ويٺي مونکي علاج ملي ويندو هيو. ڪنهن ٻي ڊاڪٽر ڏي مونکي
پنڌ ڪرڻو نه پوندو هو. ٻيو ته اسانجي چيئرمين صاحب جي لاِڙڪاڻي جي ڪمشنر صاحب سان گهاٽي
دوستي هوندي هئي. جنهن جي ڪري روينيو کاتي وارا منهنجو گهڻو خيال ڪندا هيا ۽ ڪوشش ڪري
مونکي ڪنهن اهڙي اجائي سجائي ڪم ۾ نه ڦاسائيندا هئا. انهن ئي سوچن ۾ مان ويٺو هيس ته
ٽيليفون جي گهنٽي وڳي، هيلو ڪرڻ تي ٻي طرف کان ڊي سي صاحب جي پي اي جو آواز آيو. جنهن ٻڌايو ته مونکي ڊي سي صاحب گهرايو
آهي. مان پريشان ٿي ويس ته موڪل واري ڏينهن تي اسانجي زڪوات کاتي ۾ ڪهڙو اچي اهڙو ايمرجنسي
وارو ڪم پيو آهي جو ڊي سي صاحب هن وقت مونکي گهرايو آهي. جڏهن مان اتي پهتس ته ڊي سي
صاحب چيو ته :
”تنهنجي لاءِ حڪم ٿيو آهي ته تون
سڀاڻي ئي وڃي مختيارڪار جيڪب آباد جي چارج وٺ، لکت ۾ اهڙو آرڊر توکي ملي ويندو.“
اهو ٻڌي منهنجي سڄي خوشي ختم ٿي
وئي، پنهنجي شهر ۾ ڪيڏو نه مان آرام سان نوڪري ڪري رهيو هيس. جيڪب آباد وڃڻ جو مطلب
ته مونکي ڏينهن رات اتي اليڪشن جو ڪم ڪرڻو پوندو، جنهن خفي واري ڪم کان مان ڀڄان پيو
اهو ئي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. گهر پهچي پهريون ڪم مون اهو ڪيو جو ڊاڪٽر طفيل احمد صديقي
سان فون تي ڳالهايو. هن کي مون چيو ته :
”ڪمشنر صاحب توهان جو دوست آهي.
ان کي چئي منهنجي بدلي روڪرايو.مان جيڪب آباد وڃڻ نٿو گهران. هن مونکي دلاسو ڏيندي
چيو ته :-
”تون ڪنهن به قسم جي ڳڻتي نه ڪر،
دلجاءِ سان ويهي پنهنجي آفيس جو ڪم ڪر. ڪمشنر صاحب سان مان ڳالهائي ٿو ڇڏيان.“
ان کان پوءِ مان سڪون سان ويهي پنهنجي
آفيس جو ڪم ڪرڻ لڳس. اڃا ٻه ٽي ڏينهن مس گذريا هوندا ته هڪڙي ڏينهن ڪمشنر صاحب مون
سان سڌو سنئون ٽيليفون تي ڳالهايو ۽ چيائين ته :
”مٿان زور پئجي ويو آهي ته تون هڪدم
وڃي جيڪب آباد ۾ چارج وٺ. توهان سان باقي منهنجو واعدو آهي ته جيئن ئي اليڪشن پوري
ٿيندي ته توکي وري لاڙڪاڻي واپس گهرائيندس.“
ڪمشنر صاحب جي ڳالهائڻ کانپوءِ مان
جيڪب آباد وڃڻ جون تياريون شروع ڪيون. جيڪب آباد شهر منهنجي لاءِ ڪو نئون نه هو، اسان
اڳ ۾ به اتي رهي آيا هياسين. جڏهن بابا اتي مختيارڪار هوندو هو ته اسان جو اوڏانهن
گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. جنهن جاءِ ۾ بابا اتي رهندو هيو اها هئي ته تمام پراڻي انگريزن
جي زماني جي ٺهيل پر پوءِ به اڃا ڪجهه چڱي
حالت ۾ هئي، هڪڙي پاسي کان هيس وڏو هال ۽ ان جي ڀرسان ٻه وڏا ڪمرا ۽ ڪمرن جي ٻن طرفن
کان ورانڊو جنهن کي ڪاٺ جي ڄاري وارا دروازا لڳل هئا، ان کان پوءِ هيو کليل پڌر ۽ بائونڊري
وال. بائونڊري وال جي اندر ئي هو بورچيخانو ۽ ملازمن جي ويهڻ لاءِ هڪڙو ڪمرو. رهائش
واري ان جڳهه جي ڀرسان ئي هئي مختيارڪار آفيس، پهرين ڏينهن تي جڏهن بابا آفيس وڃي رهيو
هو ته مونکي به پاڻ سان گڏ وٺي ويو.هن پنهنجي عهدي جي اڃا چارج نه ورتي هئي، تنهن ڪري
آفيس ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي ڪرسي تي ويهڻ جي بجاءِ بابا مون سان گڏ پاسي ۾ رکيل
ڪرسي تي ويهي رهيو، بابا پنهنجي سڄي زندگي سادگيءَ ۾ گذاري پر ڊيوٽي جو ڏاڍو سخت هوندو
هيو. اسان ان نئين آفيس ۾ جڏهن وڃي ويٺاسين ته نائڪ اچي بابا کي چيو ته:
”سائين اوهان سان صوبيدار صاحب ملڻ
ٿو گهري.“
”هاڻي ڏسجانءِ صوبيدار اندر اچي
جڏهن اسان ٻن ڄڻن کي سائيڊ ۾ گڏ ويٺل ڏسندو ته منجهي پوندو ته سلوٽ ڪنهن کي ڪيان.“
ٿيو به ائين جڏهن صوبيدار اندر آيو
ته اسان ٻنهي کي ڏسي منجهي بيهي رهيو ۽ ڪجهه وقت هيڏي هوڏي ڏسڻ کانپوءِ هن مونکي سلوٽ
ڪيو. صوبيدار جي وڃڻ کانپوءِبابا مونکي چيو ته :
”ڏٺئه، دنيا صرف ڏيکاءُ جي آهي.
هن وقت جيڪڏهن مونکي به تو جهڙا سٺا ڪپڙا پهريل هجن ها ته پوءِ اهو سلوٽ مونکي ٿئي
ها.“
بابا جتي به بدلي ٿي ويندو هو ته
اتان جي ملازمن ۾ ڪو نه ڪو عجيب شخص ضرور نظر ايندو هو. هتي جيڪب آباد ۾ به اهڙو ئي
هڪڙو شخص اتان جو بورچي هو جيڪو ڏاڍو مزي جو ماڻهو هو. هن جي ڳالهائڻ جو اندازو ئي
اهڙو هيو جو اسانکي کل اچي ويندي هئي. هن جي ڊريس به عجيب هوندي هئي ڪڏهن هو پٽڪو پائيندو
هيو ته ڪڏهن ٽوپي، ڪڏهن سٿڻ قميص ته ڪڏهن پينٽ شرٽ، نالو ته هن جي الائي ڇا هيو پر
سڀ هن کي گڙنگ جي نالي سان سڏيندا هئا. هڪڙي ڏينهن اسان هن کان پڇو ته:
”تنهنجو نمونو ڏسي اسان کي سمجهه
۾ نٿو اچي ته تون آهين ڪير.“
هن هڪدم جواب ڏنو ته :
”ائين مان کار آهيان.“
اها ڳالهه اسان کي سمجهه ۾ نه آئي
اسان هن کان وري پڇيو ته:
”کار وري ڪيئن“؟
تنهن تي هن چيو ته :
”سائين منهنجي ماءُ پنجاپڻ آهي
۽ پيءُ سنڌي“
جڏهن به بابا سان ملڻ ڪو مهمان ايندو
هو ته اهو بورچي جدا جدا ماڻهن لاءِ جدا جدا قسم جون شيون کڻي ايندو هو. ڪنهن جي لاءِ
چانهن سان گڏ بسڪوٽ آڻيندو هو. ڪنهن جي لاءِ صرف چانهن ته ڪنهن کي وري رڳو پاڻي پياريندو
هو. بابا جڏهن هن کان پڇو ته مهمانن جي خدمت ڪرڻ جو هي ڪهڙو طريقو آهي ته هن جواب ڏنو
ته :
”سائين جڏهن به ڪو مهمان ايندو آهي
ته ان سان گڏ مان به اندر هليو ايندو آهيان. جنهن ماڻهو سان توهان سٺي نموني ڀاڪر پائي
ملندا آهيو ته انجي لاءِ مان چانهن سان گڏ بسڪوٽ به آڻيندو آهيان. جنهن سان رڳو هٿ
ملائيندا آهيو ته ان جي لاءِ خالي چانهن هوندي آهي ۽ جنهن کي توهان صرف ڪنڌ جي اشاري
سان سلام ڪندا آهيو ته ان کي مان رڳو پاڻي پياريندو آهيان.“
شام جي ٽائيم تي اسانکي بابا پاڻ
سان گڏ شهر گهمائڻ وٺي ويندو هو. اسان گهڻو ڪري اتان جي پريس ڪلب ۾ وڃي ويهندا هياسين.
جتي اڪثر ادبي گڏجاڻيون ٿينديون رهنديون هيون. شاعر غالب لطيف، عبدالڪريم گدائي، فتاح
عابد، غلام نبي سڌايو، بيدل مسرور ۽ بشير مورياڻي جهڙن سٺن اديبن سان اسانجي اتي ملاقات
ٿيندي رهندي هئي.
گهڻي عرصي گذرڻ کانپوءِ وري جڏهن
مان بدلي ٿي جيڪب آباد پهتس ته مونکي به رهڻ لاءِ اهائي ساڳي جڳهه ملي جنهن ۾ بابا
اڳ ۾ رهي چڪو هو. پر ڪافي وقت گذرڻ جي ڪري ۽ مرمت نه ٿيڻ جي ڪري انجي هن وقت ڏاڍي زبون
حالت ٿي چڪي هئي. ڀتيون ڇڻي رهيون هيون، ڇت ڪمزور ۽ فرش اکڙي چڪو هيو. ٻاهر پڌر ۾ صفائي
جي نه هجڻ جي ڪري اتي وڏا وڏا ڊڀ ڄمي ويا هيا، مٿي ڪوٺي جون ڀتيون به ڪمزور ٿي ويون
هيون ايتريون ڪمزور جون ٿورو ئي زور ڏيڻ سان ان جون سرون هيٺ پيون اچي ڪرن. انڪري مون
پنهنجي ٻارن کي مٿي ڪوٺي تي وڃڻ کان منع ڪري ڇڏي هئي.
هڪڙي ڏينهن اسان اندر پنهنجي ڪمري
۾ ويٺا هياسين ته ٻاهران ڌماڪي جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ۽ ان کانپوءِ بورچيءَ جي رڙين جو
آواز اچڻ لڳو. مان ڀڄندو ٻاهر نڪري ويس. ڏٺم ته ڪوٺي جي ڀت جو هڪڙو حصو هيٺ ڪري پيو
آهي. بورچي وائڙو لڳو پيو هيو.هن جڏهن مونکي ڏٺو ته چيائين ته:
سائين توهان جو پٽ صادقين مٿي چڙهي
ويو هيو. هاڻي اهو نظر نٿي اچي.“
منهنجو مٿو چڪرائڻ لڳو. دل منجهڻ
لڳي. پريشاني ۾ ڪجهه سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڇا ڪيان ۽ بي خياليءَ ۾ تڪڙو تڪڙو مٿي چڙهي
ويس. اتي صادقين ڀؤَ ۾ هڪڙي ڪنڊ ۾ لڪيو ويٺو هو. هنکي جڏهن صحيح سلامت ڏٺم تڏهن وڃي
مونکي دلجاءِ ٿي. اليڪشن جو سمورو ڪم ججن جي حوالي هيو. اسانکي صرف ان ڪم ۾ هنن جي
مدد ڪرڻي هئي. پر تنهن هوندي به ايترو ته اسان وٽ ڪم هو جو ڪڏهن ڪڏهن ته سڄي رات آفيس
۾ گذري ويندي هئي. ان وقت حڪومت جي طرف کان اهو اعلان ڪيو ويو هو ته ووٽ وجهڻ لاءِ
ماڻهو وٽ شناختي ڪارڊ جو هجڻ ضروري آهي. ان سان گڏ اهو به چيو ويو هو ته شناختي ڪارڊ
ٺهرائڻ واري فارم تي اتان جي مختيارڪار جي تصديق هجڻ ضروري آهي. ڪافي ماڻهن جا ان وقت
شناختي ڪارڊ ٺهيل نه هئا. انڪري آفيس ۾ هر وقت ماڻهن جي وڏي رش هوندي هئي. اليڪشن
۾ بيٺل اميد وارن جو به ماڻهن تي گهڻو زور هيو ته جلد ۾ جلد اهي پنهنجا شناختي ڪارڊ
ٺهرائن ته جيئن ڪو رهجي نه وڃي. ايترن گڏ ٿيل فارمن کي ٿوري وقت ۾ تصديق ڪرڻ منهنجي
لاءِ ڏاڍو ڏکيو ڪم هيو. خاص طور ان صورت ۾ جڏهن مان فارم وارن ماڻهن کي سڃاڻان ئي ڪو
نه پيو. انڪري مون پنهنجي سڀني تپيدارن کي گهرايو ۽ اهي سمورا فارم انهن جي حوالي ڪيا
ته جيئن هر ڪو وڃي انهن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪري فارمن تي اهڙو سڃاڻپ جو نوٽ هڻي مون ڏي
موڪلي. انهن کي مون اها به سختيءَ سان منع ڪري ڇڏي هئي ته سڃاڻپ جي انهيءَ عمل دوران
هو ڪنهن به ماڻهو جي اثر ۾ نه اچن. سڃاڻپ وارو اهو سلسلو ڏينهن رات هلندو رهيو. هڪڙا
فارم وڃن پيا ته ٻيا اچن پيا. انهن فارمن کي تصديق ڪرڻ وارو ڪم مان پنهنجي گهر ۾ ويهي
ڪري رهيو هيس ۽ تپيدار پنهنجي آفيس ۾ هيٺ تڏو وڃائي فارمن جي سڃاڻپ ڪندا مون ڏي گهر
موڪلي رهيا هئا.
رات ڪافي گذري چڪي هئي. ٿڪاوٽ جي
ڪري مونکي ننڊ اچي رهي هئي. ڪاغذن کي ويڙهي سيڙهي مون هڪڙي طرف ڪري رکيو. سڄي ڏينهن
جي ٿڪاوٽ جي ڪري مونکي گهري ننڊ اچي وئي. صبح جو به ڪجهه دير سان جاڳ ٿي. گهنٽي وڄائي
بورچيءَ کي چانهن لاءِ چيم. چانهن کڻي اچڻ بجاءِ هن عجب مان مونکي ڏٺو ۽ چوڻ لڳو ته:
”سائين ڇا توهان کي خبر آهي ته رات
ڇا ٿيو هيو.“
”نه مونکي ته ڪا به خبر ناهي.“
”ان وقت توهان آرام ۾ هيو“ مان توهان
کي ننڊ مان اٿارڻ مناسب نه سمجهو.“
”پر ٿيو ڇا هيو ڪجهه ته ٻڌاءِ“
”سائين تمام وڏي ڳالهه ٿي هئي.“
”وڏي ڳالهه به ڪهڙي“
”سائين رات جو جيئن اسان جا تپيدار
آفيس ۾ ويٺا فارمن تي لکي رهيا هيا ته ان وقت هنن ڏي هڪڙو ماڻهو آيو جنهن اچي هنن کي
چيو ته هتي ڪاٿي ٿا ويٺا اوندھ ۽ مڇرن ۾ ڪم ڪيو. هلو ته مان توهان کي پنهنجي هوٽل تي
ٿو وٺي هلان. اتي روشني به گهڻي آهي ۽ توهان کي چانهن به هر وقت پئي ملندي.“
”پوءِ ڇا ٿيو“
”ان ماڻهو جي چوڻ تي هي سڀ اوڏانهن
هليا ويا. بس پوءِ ته سائين جاڏي ڪاڏي ٽيليفونيون ٿي ويون ته فلاڻي هوٽل تي ڪوڙا شناختي
ڪارڊ ٿا پيا ٺهن. ان کانپوءِ هوٽل تي ڇاپو لڳو ۽ اسانجي ماڻهن کي کڻي جيل ۾ وڌو اٿائون.“
اها خبر منهنجي لاءِ ڏاڍي پريشان
ڪندڙ هئي. تڙ تڪڙ ۾ تيار ٿي آفيس پهتس پنهنجي اسسٽنٽ مختيارڪار کان سڄي حقيقت معلوم
ڪئي. جنهن ٻڌايو ته :
”اها خبر رات جو مٿي تائين وڃي پهتي
ته هتان جي هڪڙي هوٽل ۾ جعلي شناختي ڪارڊ ٺهي رهيا آهن. جنهن کانپوءِ اسانجي ايس ڊي
ايم صاحب کي ان معاملي جي جاچ ڪرڻ لاءِ چيو ويو. جنهن وڃي اتي ڏنو ته اسانجا ڪجهه ماڻهو
اتي ويٺا ڪم ڪري رهيا آهن. انڪري هن اتي موجود اسانجي سڀني ماڻهن کي جيل ۾ وڌو آهي.“
پنهنجي اسٽاف جي ماڻهن جي جيل ۾
پوڻ واري خبر منهنجي لاءِ نهايت ئي ڳڻتي جوڳي هئي. پهريان ته مون پنهنجي ڊي سي ۽ ايس
ڊي ايم کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسانجي ماڻهن ڪو به غلط ڪم نه ڪيو آهي. ان کانپوءِ
ڪمشنر صاحب به مون سان ٽيليفون تي ڳالهايو جنهن کي مون ٻڌايو ته:
”سر حقيقت اها آهي ته شناختي ڪارڊ
جا فارم مون پنهنجي وليج اسٽاف کي انڪري ڏنا هيا ته جيئن هو انهن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪري
سگهن ۽ پوءِ سڃاڻپ جو اهڙو نوٽ هڻي مون ڏي موڪلن ته جيئن فارمن تي تصديق ڪرڻ وقت مونکان
ڪا غلطي نه ٿي وڃي. سر هنن ڪو به غلط ڪم نه ڪيو آهي جيڪو ڪجهه هو ڪري رهيا هيا منهنجي
ئي چوڻ تي ڪري رهيا هيا. هنن کان اها غلطي
ضرور ٿي آهي جو پنهنجي آفيس ۾ ويهي ڪم ڪرڻ جي بجاءِ ان وقت هو هڪڙي خانگي جڳهه ۾ ويٺا
هئا.“
منهنجي ان وضاحت کانپوءِ وڃي ڪجهه
معاملو ٺيڪ ٿيو ۽ منهنجي اسٽاف جي ماڻهن کي جيل مان ڪڍيو ويو.
مونکي ته اڳ ۾ ئي ان تعلقي ۾ نوڪري
ڪرڻ ۾ مزو ڪو نه پئي آيو. ان معاملي ويتر مونکي دل برداشته ڪري ڇڏيو. مون چاهيو پئي
ته ڪنهن نموني اليڪشن جو ڪم پورو ٿئي ته مان لاڙڪاڻي واپس موٽي وڃان. انهي وچ ۾ اليڪشن
جي ڪم کانسواءِ مون شهر ۾ ٿيندڙ نه ڪنهن تقريب ۾ حصو ورتو ۽ نه ئي ڪنهن سان وڌيڪ ميل
جول ئي رکي سگهيم.
شهر جا ماڻهو جيڪي آفيس ۾ پنهنجي
ڪم ڪار سان ايندا هيا انهن سان ئي منهنجي ملاقات ٿيندي هئي. آفيس کان ٻاهر به جيڪڏهن
وڃڻ ٿيندو هو ته اهو به اليڪشن جي سلسلي ۾
هوندو هيو. ڪڏهن ڪا پولنگ اسٽيشن ڏسڻي هوندي هئي ته ڪڏهن ڪنهن مسئلي کي حل ڪرڻ
لاءِ وڃڻو پوندو هيو. اليڪشن ۾ جيڪي اميدوارن بيٺا هيا. انهن سان به ملاقات ٿيندي رهندي
هئي. مون ڏٺو ته اهي اميدوار پنهنجي تقريرن ۾ ماڻهن سان وڏا وڏا وعدا ڪري رهيا هيا
ته جيڪڏهن هو اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندا ته پوءِ عوام لاءِ روڊ ٺهرائيندا. گيس بجلي ڏيندا.
اسڪول ٺهرائيندا، ماڻهن کي روزگار ڏيندا مطلب ته سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. اهڙي طرح هو ماڻهن سان واعدا ته وڏا وڏا ڪندا آهن پر پوءِ
هميشه ٿيندو ائين آهي ته اليڪشن گذرڻ کانپوءِ
هو لڀندا ئي ناهن. مونسان به هڪڙي عوامي نمائندي اهڙي قسم جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته
:
”خانصاحب دعا ڪر ته مان اليڪشن
۾ ڪامياب ٿيان ته توکي جيڪب آباد جو ڊي سي ڪري رکندس.“
هن کي مون چيو ته :
”هن وقت مان مختيارڪار آهيان. ان
کانپوءِ مونکي ايس ڊي ايم ٿيڻو آهي. ان کانپوءِ وڃي مان ڊي سي ٿي سگهان ٿو.“
تنهن تي هن چيو ته :
”خانصاحب سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو، تون
رڳو دعا ڪر.“
پولنگ واري ڏينهن تي مان سڄو وقت
ايڊيشنل سيشن جج ۽ رٽرنگ آفيسر سان گڏ سندس آفيس ۾ ويٺو رهيس. جتي اسان ٻئي گڏجي اليڪشن
جي ڪم جي نگراني ڪندا رهياسين. ڪنهن به پولنگ اسٽيشن تي ڪو مسئلو پيدا پيو ٿئي ته ان کي حل ڪري پيا وٺئون يا ماڻهن جي شڪايتن کي
ويٺا پيا منهن ڏيئون شام جو رزلٽ اچڻ شروع ٿي ويو. جيڪي رات جو دير تائين جاري رهيون.
رات جو تقريبن 4 بجي تائين اليڪشن جو سڀ عملو واپس اسان وٽ پهچي ويو. پر هڪڙو ٻهراڙيءَ
جو پرزائيڊنگ آفيسر اڃا پٺتي پيو رهي. ان جي پولنگ اسٽيشن وارا به سڀ ماڻهو پهچي ويا
هيا جن ٻڌايو ته اهو پرزائيڊنگ آفيسر سويل ئي پاڻ سان گڏ ٿيلهو کڻي اتان واپس هليو
آيو هو. اسان سڀ پريشان ٿي وياسين ته اهو همراھ الائي ڪاڏي هليو ويو. ان کي ڪو کڻي
ويو يا پاڻ ئي ڪيڏانهن منهن ڏنائين. ان جي ڳولها ۾ ماڻهو روانا ڪياسين. گهڻي ڳولها
کانپوءِ نيٺ وڃي اهو همراھ هٿ آيو. خبر پئي ته هو پنهنجي گهر ۾ ڏاڍو آرام سان سمهيو
پيو هيو. جج صاحب جڏهن هن کان نه اچڻ جو سبب پڇيو ته هن جواب ڏنو ته:
”سائين مون سوچو ته رزلٽ ته توهان
اوئين صبح جو ٻڌائيندؤ؟ باقي مان تڪڙ ڇو ڪيان؟“
اليڪشن جي زرلٽ نڪتي ته ان ۾ اهو
اميدوار ڪامياب ٿيو جنهن مونکي ڊي سي ڪرائڻ جو واعدو ڪيو هو. پر ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ
هو ايترو ته پنهنجي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو. جو هن سان منهنجي ٻيهر ملاقات ئي نه ٿي سگهي
۽ مان بنا ڊي سي ٿيڻ جي لاڙڪاڻي اچي پهتس.
No comments:
Post a Comment