لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن!
جيڪا ھاڻي رونقون وڃائي ويٺي آھي
منير سومرو
هي اها جنڪشن ريلوي اسٽيشن هوندي
هئي، جتي روزانو هزارين ماڻهو پنهنجي ماڳن ڏانهن وڃڻ لاءِ ويٺل نظر ايندا هيا پر هاڻي
ماڻهن بجاءِ موالي ويٺل نظر ايندا يا وري رولو ڪتا گهمندي ڏٺا ويندا آهن. هن ريلوي
اسٽيشن تي هڪ خوبصورت اسپتال هوندي هئي جتي ريلوي جا ملازم علاج حاصل ڪندا هيا يا وري
ڪو مسافر اوچتو بيمار ٿئي ته ان کي فوري طبي امداد ڏيڻ لاءِ هن اسپتال ۾ آندو ويندو
هيو، پر هاڻي اها عمارت به کنڊر بڻجي وئي آهي۽ ريلوي ڪوارٽرن ۾ رهندڙ ملازم سخت پريشانين
سان منهن ڏئي رهيا آهن. هتي ڪم ڪندڙ ملازمن لاءِ ريلوي ڪالوني پڻ ٺهيل آهي، جنهن ڪالونيءَ
جي هر گهٽيءَ ۽ روڊ تي هاڻي تلائن جي صورت ۾ نالين جو گندو پاڻي بيٺل آهي ۽ گهرن اڳيان
گند ڪچري جا ڍير لڳل آهن.
لاڙڪاڻي شهر ۾ ويران ۽ کنڊرن جو
ڏيک ڏيندڙ ريلوي اسٽيشن جي عمارت هن وقت زبون حال ٿي چڪي آهي، اسٽيشن جي ڇت جا مختلف
هنڌن تان چاپڙ پڻ ڪري پيا آهن، جنهن سان اسٽيشن جي عمارت کي تمام وڏو خطرو پيدا ٿي
ويو آهي، جنهن ڪري اسٽيشن تي ڊيوٽي ڪندڙ توڙي سفر ڪرڻ لاءِ ايندڙ مسافرن کي پڻ خطرو
لاحق رهي ٿو. لاڙڪاڻي ڊويزن جي عوام کي سستو سفر مهيا ڪندڙ هن ريلوي اسٽيشن تان اڄڪلهه
مشڪل سان صرف 2 ٽرينون خوشحال خان خٽڪ ۽ بولان ميل گذرن ٿيون. جڏهن ته ڪجھه سال اڳ
هتان 8 ٽرينون گذرنديون هيون ۽ هيءَ ريلوي اسٽيشن تجارت جو وڏو مرڪز بڻيل هئي ۽ اسٽيشن
تي قائم کاڌي پيتي جا اسٽال، بوڪ اسٽال ۽ ٻيا مختلف قسمن جا اسٽال بند پيل نظر اچن
ٿا، اُهي صرف ان وقتن تي کوليا وڃن ٿا جڏهن 2 ٽرينون خوشحال خان خٽڪ ۽ بولان ميل گذرنديون
آهن، اهي به ڪلاڪن جا ڪلاڪ دير پهچن ٿيون، جن جي ٽائيم جي ڪا خبر نه هوندي آهي. ڪراچي
کان ايندڙ بولان ميل صبح جو 3 وڳي پهچي ٿي، جڏهن ته ڪوئيٽا کان ڪراچي ويندڙ بولان ميل
لاڙڪاڻي 9 وڳي رات جو اچي ٿي، جنهن سان ماڻهو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. مسافر
اسٽيشن تي ڊگهو انتظار ڪري ٿڪجي پون ٿا ۽ ٽرين اچڻ تي سمورا مسافر ڊوڙندا وڃي ٽرين
۾ جاءِ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته جيڪا ٽرين پهچي ٿي ان ۾ اڳ ئي سيٽون مختص
ٿيل هونديون آهن ۽ باقي ڪي ٿوريون سيٽون بچيل هونديون آهن، جيڪي لاڙڪاڻي مان سفر ڪندڙ
مسافرن جي لاءِ تمام گهٽ هونديون آهن، جنهن ڪري ڪيترائي مسافر ڏينهن توڙي رات جو پنهنجو
سفر بيهي ڪندا آهن، جيڪو انتهائي اذيتناڪ هوندو آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي دور حڪومت ۾ ڪيتريون
ئي ٽرينون لاڙڪاڻي کان ڪراچي ڏانهن هلنديون هيون، جن ۾ 2 ٽرينون شهيد شاهنواز ڀٽو ٽرين
۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ٽرين پڻ شامل هيون، انهيءَ سان گڏوگڏ سکر ۽ جيڪب آباد کان
ڪوٽڙي تائين پڻ ٽرينون هلنديون هيون، جن کي مالي خسارو ڄاڻائي بند ڪيو ويو. جڏهن ته
لاڙڪاڻي جي اسٽيشن تي سليپر جون بوگيون به بيٺل هونديون هيون، جن جي رزرويشن پڻ هتان
ئي ڪئي ويندي هئي، پر اها سهولت به کسي وئي آهي.
پنجاپ کان ڪراچي مکيه ريلوي لائن
تان ڪيتريون ئي ٽرينو ن هلايون وڃن ٿيون ۽ اتان جي ماڻهن کي ريلوي جون سفري سهولتون
هر وقت بهتر کان بهتر ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون پر افسوس جو سنڌ ٻين علائقن خاص
ڪري اتر سنڌ جي هن ريلوي ٽريڪ جيڪو ڪوئيٽا کان ڪراچي وڃي ٿو، جنهن ۾ اتر سنڌ سان لاڳاپيل
شهر به اچي وڃن ٿا، انهن لاءِ سهولتن جي اڻهوند آهي ۽ اهو چئي ريلوي جي وزارت ٽرينن
کي بند ڪيو ته اهو ٽريڪ نقصان ۾ وڃي ٿو، جنهن کي نٿو هلائي سگهجي.
لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن (ڪنهن زماني
۾) جنڪشن هوندي هئي، جيڪا هاڻي قمبر شهدادڪوٽ ڏانهن ويندڙ ٽريڪ بند هجڻ سبب اهو اعزاز
وڃائي ويٺي آهي. نه صرف اهو پر لاڙڪاڻي کان قمبر شهدادڪوٽ سميت جيڪب آباد تائين ايندڙ
ويندڙ ماڻهو ريلوي جي سفر کان محروم ٿي ويا آهن ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻي
فيصلو ٻڌايو هو ته قمبر شهدادڪوٽ ڏانهن ويندڙ ٽريڪ جي بحاليءَ جو ڪم شروع ڪيو وڃي
۽ ماڻهن کي سهولت فراهم ڪئي وڃي، پر عدالت جي اهڙي فيصلي کي به ريلوي انتظاميا نظرانداز
ڪري ڇڏيو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ڏانهن ويندڙ ٽريڪ هن وقت تائين ٻيهر بحال نه ٿي سگهيو آهي.
موجوده حڪومت نه صرف هتان هلندڙ ٽرينون بند ڪيون آهن پر هن اسٽيشن تي ڪم ڪندڙ قولي
پڻ بيروزگار بڻجي ويا آهن، جنهن جو ڪريڊٽ به نواز حڪومت ڏانهن وڃي ٿو، نه صرف قولي
پر اسٽيشن جي ٻن پليٽ فارمن تي 6 چانهه جا اسٽال لڳل هوندا هيا، انهن کي هلائيندڙ پڻ
بيروزگار بڻجي ويا آهن. جڏهن ته اسٽيشن ٻاهران قائم ريلوي باغ به مڪمل طور تي اجڙي
چڪا آهن. جڏهن ته ريلوي انتظاميا هڪ باغ هڪ واپاريءَ کي ڏنو آهي، جنهن اتي بار بي ڪيو
هوٽل جوڙيو آهي، جڏهن ته ريلوي جو ريسٽ هائوس پڻ هڪ واپاريءَ کي پٽي تي ڏنو ويو آهي،
جتي شادي هال ٺاهيو ويو آهي ۽ جتي ريلوي گودام ٺهيل آهن، اهي ويران بڻيل آهن. شهيد
محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت واري دور ۾ ڊراءِ پورٽ ٺاهيو ويو هيو، اهو ختم ڪري هاڻي
ريلوي انتظاميا اها زمين ڪجھه ماڻهن کي پٽي تي ڏني آهي، جتي نرسريون قائم ڪيون ويون
آهن.
لاڙڪاڻو ريلوي کاتي جي ملازمن لاءِ
قائم ريلوي ڪالونيءَ ۾ ڪيترن ئي مهينن کان نالين ۽ گٽرن جو گندو پاڻي گهرن آڏو بيٺل
آهي. ڪالونيءَ جي گهٽين ۽ گهرن اڳيان گند ڪچري جا ڍير لڳل آهن، ضلعي انتظاميا ۽ نساسڪ
انتظاميا جي لاپرواهيءَ سبب رهواسي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جنهن ڪري محلي ۾ بدبوءِ
۽ بيماريون ڦهلجي رهيون آهن، جڏهن ته مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آهي، جنهن ڪري رهواسين
جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. ڪجھه ماڻهن جي گهرن ۾ نالين جو گندو پاڻي ڪاهي پوي ٿو، جنهن
سبب رهواسي ڏينهن رات پاڻي ڪڍڻ ۾ پريشان هجن ٿا. گذريل ڪيترن ئي مهينن کان بيٺل گندي
پاڻيءَ سبب گهرن جون ڀتيون ڪري پيون آهن ۽ ڪيترن ئي گهرن جون ڀتيون اڄ به زبون بڻجي
ويون آهن. جڏهن ته بيٺل گندي پاڻيءَ ۾ مختلف قسم جا جيت آهن، جيڪي ڏينهن توڙي رات جو
گهرن ۾ ڪاهي پون ٿا، جنهن ڪري ملازم سخت پريشانين جو شڪار بڻجي ويا آهن پر ضلعي انتظاميه
جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري. حڪومت کي گهرجي ته ماڻهن جي سفري سهولتن لاءِ گهٽ ڪيل
ٽرينن کي ٻيهر هلايو وڃي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ريلوي ٽريڪ کي ٻيهر بحال ڪيو وڃي. ان سان
هتان جي ماڻهن ۾ نواز حڪومت لاءِ همدردي پيدا ٿيندي. جيڪڏهن وفاقي حڪومت اهو سمجهي
ٿي ته سنڌ خاص ڪري اتر واري پاسي جا ماڻهو کين ووٽ نٿا ڏين جنهن سبب انهن کي سهولتون
نه ڏيڻ جو سوچن ٿا ته پوءِ اها سندن مرضي پر ماڻهو اهو سوچڻ تي حق بجانب آهن ته موجوده
حڪومت صر ف پنجاب لاءِ آهي. جيڪڏهن لاهور يا راولپنڊي کان ڪراچي تائين ويندڙ ٽرينن
جي رستي تي سنڌ جا شهر نه هجن ها ته اپر سنڌ وارن کي به ٽرين جون سهولتون مشڪل سان
ملن ها. اپر سنڌ جي ماڻهن جي خوشقسمتي آهي جو کين ٽرينن جو بهترين ۽ آرامده ۽ ورلڊ
ڪلاس سهولتون انڪري ملن ٿيون جو ريلوي انتظاميه جي مجبوري آهي ته ٽرينون ڪراچي وڃڻ
لاءِ ٻيو ڪو رستو ناهي.
No comments:
Post a Comment